ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

پنهنجي پاران

منھنجي پيدائش لاڙڪاڻي جي لاھوري پاڙي ۾ ٿي، ان کان پوءِ قمبر شهر لڏي وياسين، مون پرائمري تعليم لاڙڪاڻي ۽ قمبر مان حاصل ڪئي، ڪجهه عرصو قمبر ۾ رھڻ کان پوءِ ڪراچي آياسين ۽ هينئرڪراچيءَ ۾ ئي رھائش آهي.
مون پنهنجي ڪھاڻين لکڻ جي شروعات تقريبن نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪئي، تڏهن مان اڃان چوٿين درجي ۾ پڙھندي ھئس.ان وقت ڪتابن پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق ھوندو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
تنھن زماني ۾ انٽرنيٽ يا موبائل فون وغيره ڪانه ھوندي ھئي سو گھڻو ڪري ماڻهن جو لاڙو ادب ۽ سياست طرف ھو، خاص طور تي پنهنجي سنڌ جي صورتحال به ڪجهه اھڙي قسم جي ھئي جنھن جي ڪري سنڌي ماڻهن جو جدوجهد ۽ مزاحمت ڪرڻ جو واحد ذريعو سياست ھئي. سو سياسي پارٽي جنهن جو اڳواڻ رسول بخش پليجو ھجي ته پوءِ اتي جدوجهد جي شروعات ئي علمي، ادبي ۽ فڪري بنياد تي ٿئي ٿي.
هي 1990ع واري دور جي ڳالهه آهي منهنجو وڏو ڀاءُ ارباب چانڊيو عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل هو، پوءِ هڪ ڏينهن قمبر ۾ مونکي ادي زاھده شيخ جي گهر وٺي ويو. هن اتي مون کي نامياري اديب ۽ سياستدان محترم رسول بخش پليجي صاحب سان ملايو، ان موقعي تي محبت ٻرڙي ، علي گل ميتلي، ڊاڪٽر نذير شيخ، ايوب شيخ، ادي زاھده، ادي رخسانه سميت ٻين ناميارين شخصيتن سان پڻ ملاقات ٿي.
ان ڏينهن اتي اجلاس ھلي رھيو ھو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بهترين ليڪچر پڻ ڏنو. ان پوري اجلاس ۾ مان ئي هڪ ٻارڙي ويٺي ھئس. اجلاس ۾ پليجي صاحب جي توجهه جو مرڪز ھئس، انڪري جو ادا ارباب منهنجو ذڪر پليجي صاحب سان اڳ ڪيو هو. ادا پليجي صاحب کي اهو به ٻڌايو هو ته آئون اڳ ڪيترائي ڪتاب پڙهي چڪي آهيان.
مونکي ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق ھو، ان شوق ۾ ادا ارباب اڃان به وڌاءُ ڪري لينن، نجم عباسي، امر جليل، خليل جبران، ۽ ٻين جا ڪتاب پڙھايا.
تنھن ڳالهه جي پليجي صاحب پڻ چڱن لفظن ۾ اظهار ڪندي چيو هو ته “تمام گهڻي خوشي آهي ته ارباب پاڻ سان گڏ پنھنجي گھر جي نياڻين جي به تربيت ادبي ۽ سياسي طريقي سان ڪري پيو.
ان موقعي تي پليجي صاحب مون کان پڇيو ته ڪھڙا ڪھڙا ڪتاب پڙھيا اٿئي، مون انھن ڪتابن جا نالا ٻڌايا جيڪي مون پڙھيا ته اتي ويٺلن پڻ تاڙيون وڄايون.
تنھن کان پوءِ مونکي اھا خبر ڪونه ھئي ته ڪو تاڙين جي خوشيءَ کان پوءِ مونکي پليجي صاحب جو جبل جيڏو اوچتو ڪو سوال اچي ڪڙڪندو. اڃان تاڙيون بند ئي ڪونه ٿيون جو پليجي صاحب پنهنجي فوجداري انداز سان چيو ته “ياسمين اٿي بيهه ۽ لينن جي ڪتاب تي تبصرو ڪر.”
سچ ته اھو ٻڌي منهنجو ساهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، پوري لڱن ۾ ڏڪڻي پئجي وئي، هڪ ته ايڏا وڏا ماڻهو ويٺا هئا ۽ ٻيو ان کان اڳ مون ڪڏهن ڪنهن اڳيان ڪتاب تي تبصرو ڪونه ڪيو هو سو منهنجو دماغ ڪم نه پيو ڪري ته ھاڻي ڇا ڪيان ۽ وري پليجي صاحب جي اڳيان ڪنهن جي به همت ڪونه ٿيندي هئي ته ڪجهه چوي، جيڪا ڳالهه مون ادا ارباب کان اڳ ۾ ٻڌي ھئي سو تنھن ڏينهن به ڏڪندڙ ٽنگن ۽ آواز سان مشڪل سان نڙيءَ مان آواز ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن سڀني جي پاڻ ڏانهن دلچسپي ۽ مسڪراهٽ وارو رويو ڏسي منهنجي ٽنگن جي رڦڻي ڪجهه جھڪي ٿي. ان ڪتاب تي ڇا ڳالهايون ھو، ياد ناهي، پر جڏهن تبصرو ڪري ويٺس ته تاڙين جو وسڪارو ٿي ويو.
پليجي صاحب چيو ويلڊن تنهن مان اندازو ٿيو ته مان سٺو تبصرو ڪيو.
ان وقت جذبات ۾ منھنجو منھن ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ نڙي سڪي خشڪ پر پليجي صاحب ۽ ٻين ويٺلن جي تعريف ٻڌڻ کان پوءِ اتساهه مليو.
ايئن منهنجو لکڻ، پڙهڻ ۽ ادب ڏانهن نئون لاڙو پيدا ٿيو. انهن ڏينهن ۾ روزاني اخبار پڙهڻ ۽ بي بي سي ريڊيو تي ابا سان گڏ رات جو ويھي خبرون ٻڌڻ ۽ انهن تي تبصرو ڪرڻ معمول بڻيل هوندو هو.
سجاڳ ٻارڙين سان نه سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن سان ڪم ڪرڻ تنهن دؤر ۾ قمبر ۽ لاڙڪاڻو عوامي تحريڪ لاءِ اول نمبر تي ھو.سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ ڪم اتي ٿيندو هو، ھر ھفتي اسٽڊي سرڪل ٿيندو هو، جنهن ۾ پنهنجي پڙھيل ڪتابن تي تبصرو ۽ عالمي ادب ۽ سياست تي ليڪچر ٿيندا هئا. تنهن دؤر ۾ ورلي ڪو ڏينهن خالي ھجي ھر ڏينهن شام ڌاري ڪٿي نه ڪٿي دؤرو رکيل ھوندو ھو موڪل واري ڏينهن وري لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا دؤرا ٿيندا هئا ۽ گڏجاڻيون به تمام گھڻيون ٿينديون رهنديون ھيون.
تڏهن مان پاڻ وٽ ٽن قسمن جون ڊائريون رکندي ھئس ھڪ ۾ ڪھاڻيون ۽ آرٽيڪل لکندي ھئس، ھڪ ۾ ڪتابن تي تبصرا ٽين ڊائري پارٽي جي حوالي پروگرامن جون تاريخون گيت نظم وغيره جيڪي مختلف اخبارن رسالن ۽ ڪتابن مان ڪڍي لکندي ھئس جيڪي زباني ياد پڻ ڪندي ھئس ۽ دنيا جي عظيم ليکارين ۽ ڏاھن جا قول پڻ لکندي ھئس.
منھنجي پھرين ڪھاڻي عوامي آواز جي سرتيون صفحي ۾ تقريبن 1995ع ۾ ڇپي. تنهن زماني ۾ ڪجهه عرصو ڪھاڻيون ۽ آرٽيڪل ڇپندا رھيا پوءِ منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي شادي ٿي فورن سال ۾ نياڻي ٿي ۽ ائين لکڻ ۽ ڇپائڻ وارو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ رڪجي ويو، جيڪي ڊائريون ھيون سي اڳتي هلي منھنجي ٻارڙن جي ھٿ لڳيون تن ڦاڙي راند روند ۾ وڃائي ڇڏيون جن ۾ ڪيترو ئي منهنجو تخيلقي مواد وڃائجي ويو.
ايئن ڪيترن سالن جي وقفي کان پوءِ وري مان لکڻ شروع ڪيو مختلف رسالن ۾ منهنجي شاعري ۽ ڪھاڻيون ڇپجنديون رهيون ۽ اخبارن ۾ آرٽيڪل پڻ شائع ٿيندا رهيا.
پنهنجي لکڻين متعلق ايترو چوندس ته:
جيستائين سوال آهي ته ڇا عورت اسان جي معاشري ۾ آزاد يا خود مختيار آهي؟
ته اتي منهنجو جواب آهي نه.... ان ڪري جو عورت، ڪٿي پيءُ جي عزت، ڪٿي ڀاءُ ۽ ڪٿي وري پٽ جي عزت ٿئي ٿي، ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ عورت جي پنهنجي عزت آهي ئي نه.
عورت کي جنھن جي نڪاح ۾ ٻڌو ٿو وڃي پوءِ ان تي اھو حڪم لاڳو ٿو ڪيو وڃي ته مرڻ گھڙيءَ تائين اھا ان مرد جي ملڪيت آهي.ان جي جسم جو مالڪ صرف اھو ئي واحد مرد آهي، جيڪڏھن ان ٿوري به ان حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ته ڪاري ٿيندي، جڏهن ته عورت مرد ٻئي انسان آهن، مرد شادي کان اڳ يا پوءِ جيڪو ڪجهه ڪري کيس اختيار آهي، پر ڇا عورت کي اهو اختيار سماج ڏنو آهي؟
جيڪڏهن شاديءَ رات به مرد کي لڳي ته عورت ڪنواري ناهي، پوءِ اھا ڪاري آهي، مرد ڇو ڪارو نٿو ٿئي ۽ مرد جيڪو جنهن عورت جي جسم سان پنهنجي نفس جي باهه اجهائي ٿو پوءِ به ان کي رنڊيءَ جو نالو ملي ٿو. درحقيقت چڪلو ته ھلندو ئي مردن جي اتي وڃڻ سان آهي پر بدنام وڃڻ واري کي نٿو ڪيو وڃي پر اتي رھندڙن کي ڪيو وڃي ٿو. ايئن پنهنجي سماج جا تمام گهڻا ابتا قانون آهن.
مون پنهنجي ڪھاڻين ذريعي سماجي بيحثي جي وَر چڙهيل ھر ان عورت جي احساسن کي زبان ڏيڻ ۽ مدي خارج سوچن، ريتن ۽ رسمن کي آئينو ڏيکارڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي.
پنهنجي ڪهاڻين ۾ عورتن جي احساسن تي قلم کڻڻ سان گڏ وگڏ ويجھن رشتن تي به لکيو اٿم، جتي ڪيئن ويجها رشتا گڏ ھوندي به سندن احساس مئل هجن ٿا.
ھتي ھڪ ڳالهه ضرور ڪندس ته اسان وٽ اديب ته کوڙ سارا آهن پر انهن مان اڪثر جي قول ۽ فعل ۾ فرق ڏٺو اٿم، انھن جي اندر خود پرستي ۽ نون ۽ اڀرندڙ اديبن لاءِ صرف تعصب مليو آهي.
.....پنهنجي ڪھاڻين جي ڪتاب “ڀانڊارو” جي باري ۾ سڀ کان اول اُن شخصيت جو نالو لکندس جنهن منهنجي سادي تخليقي ٺڪر جي ڀانڊاري ۾ مهاڳ وسيلي پنهنجي ڏات ۽ محبتن سان ڀريل رنگ چٽيا آهن. اھڙا رنگ جيڪي سادي آسمان تي انڊلٺ ڀريندي آهي، پر اُھي رنگ بارش جا محتاج ھوندا آھن جن جون بوندون پوندي ئي آسمان صاف چٽو ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ئي اھي خوبصورت رنگ اسان کي نظر ايندا آهن. ڪتاب بابت پنهنجن اڻ ملهين راين ۽ اتساهه ڏيڻ لاءِ ادا طارق قريشي جي نهايت ٿورائتي آهيان.
.....ادي فرزانه شاھين جنهن ادبي کيتر ۾ سدائين مون کي همٿايو آهي، پنهنجي اڻ ملهين گهڙين مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجي راءِ سان نوازيو تنهن تي سندن وڏا وڙ ۽ لک قرب.
.....ڊاڪٽر عابد مظهر جا پڻ لکين احسان، جن منهنجي تخيلقي پورهئي کي ساراهيندي اڳتي وڌڻ ۽ لکڻ لاءِ ھمٿايو آهي.
.....سامي ميمڻ جنهن کي پنهنجو روحاني پيءُ چوان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هو هميشه منهنجو محسن رهيو آهي ۽ ھر موقعي تي پاڻ سان گڏ کڻي ھليو آهي. سندن چواڻي ته:
“ويھڻ موتُ آهي ۽ اٿڻ زندگي.”
سندن جملي سدائين اتساهه بخشيو آهي.
.....مير عباس ٽالپر، جنهن ننڍي هوندي کان اڄ تائين ھڪ ڀاءُ ۽ پيءُ جو پيار ڏنو آهي، سندن هڪ هڪ لفظ ۾ حوصلو ۽ اڳتي وڌڻ جو دڳ مليو آهي.
..... جمشيد زھراڻيءَ جي ٿورائتي آهيان، جنهن سان ڄاڻ سڄاڻ ۾ ڪو وڌيڪ عرصو ته ناهي ٿيو پر ادا سان جڏهن به ملندا آهيون ته حوصلو ۽ محبتون ملنديون آهن. سدائين همٿائيندا رهندا آهن.
.....مرتضيٰ ناريجو نئين ٽهي جو بهترين ليکڪ آهي، هن ڪتاب بابت راءِ ڏيڻ تي سندس شڪر گذار آهيان.
.....۽ آخر ۾ ھن ڪتاب جي پبلشر، سنسارپبليڪيشنس ڪراچي جي سرواڻ اسلم کٽياڻ جا وڏا وڙ، جنهن منهنجي هن تخيلقي پورهئي کي خوبصورت گلدستي جيان سجائي اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.
ھن ڪتاب کان اڳ منهنجو هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي ۽ ھڪ گڏيل ڪھاڻين جو مجموعي جو پڻ حصو بڻيس. جڏهن ته مڪمل ڪھاڻين جو ھي پھريون مجموعو آهي، جيڪو توهان جي ھٿن ۾ آهي، ھاڻي توهان پڙھندڙن تي آهي ته منهنجو ھي ادبي پورهيو ڪيترو ساڀ پئي ٿو.

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت

[b] ياسمين چانڊيو[/b]