بي پرواهه ۽ بي ڊپو اديب [محمد عثمان ڏيپلائي]
هڪ ڏينهن صبح جو سوير ’عبرت‘ اخبار جي ذريعي خبر پيئي ته سنڌ جو مشهور اديب ۽ چوٽيءَ جو افسانه نگار محمد عثمان ڏيپلائي گذاري ويو. خبر پڙهندي شرط مون کي پنهنجي بيوسيءَ واري حالت تي روئڻ اچي ويو، جو آءٌ ڏيپلائيءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه ٿي سگهيس.
حقيقت ۾ ’قيد‘ نالو ئي پنهنجي مرضيءَ جي خاتمي جو آهي، جتي پنهنجي مرضيءَ سان انسان نه ملي سگهي ٿو، نه ڪيڏانهن اچي وڃي سگهي ٿو. ڪي ڪي موقعا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ شريڪ ٿيڻ جي خواهش هوندي آهي. انساني ذهن ۽ ضمير جي شعوري خواهشن ۽ قوتن جي ڇڪ هوندي آهي. ته انهن موقعن تي وڃڻ گهرجي، پر قيد ۽ بند جا سخت قانون، بيرحم دروازا ۽ زنجيرَ، پنهنجي سموري ڪٺورتا سان انساني ذهن ۽ ضمير جي خواهشن ۽ قوتن جي ڇِڪ کي چِٿي ۽ چيڀاٽي ڇڏيندا آهن. اُن وقت انسان جي سوچ صفا تخريب پسند ٿي پوندي آهي ۽ هر شيءِ ٽوڙڻ ۽ ڀورڻ لاءِ دل ۾ اُڌما اُٿندا آهن. اهڙيون گهڙيون جڏهن اينديون آهن، اُن وقت ماڻهو اِهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ته جنهن شخص جيل جا قاعدا ٺاهيا آهن، سو انساني رشتن ناتن جي سِڪ ۽ ڇِڪ کان قطعي محروم ۽ صفا بي حس هو.
اڄ انهن قاعدن قانونن جو شڪار ٿي، آءٌ سنڌ جي هن بهادر ۽ ذهين ماڻهوءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه ٿي سگهيس. منهنجي روح مان رڙ نڪتي: ”اي انسانيت جا ويرِيؤ! شل، اوهان جي پيڙهين تي ڪڏهن سج جي روشني نه پوي. اسان جا پيارا اسان کان ڪيترو پري هليا ويا هميشه لاءِ. اوهان اسان کي اها اجازت به نه ڏني، جو اسان پنهنجن پيارن جي چهري تي آيل آخري مُرڪ کي ڏسي سگهون.
مون کي خبر ناهي ته ڏيپلائيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي، پر هن جيڪو قرب، جيڪا پنهنجائپ ۽ جيڪو پيارُ مون کي ڏنو، تنهن مون کي سندس پرستار بنائي ڇڏيو. هو قلم جو ڌڻي هو ۽ آءٌ اڃا قلم جهلڻ ئي مس سِکيو هوس، پر هن پنهنجي دريا دليءَ سان سدائين منهنجي همت افزائي ڪئي، منهنجين آڏين ابتين لِيڪُن جي تعريف ڪئي.
هو عالمي ادب جي اُن سگهاري ۽ صحتمند تحريڪ جو سنڌ جهڙي نظر انداز ٿيل خطي ۾ دلير ميمبر هو، جنهن تحريڪ، سموريءَ دنيا ۾ سچائي، سونهن امن ۽ انسانيت دوستيءَ جي عظيم جدوجهد ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏيپلائي رڳو پنهنجي ضمير جو پوئلڳ هو. اُهو ضمير، هن جو منشور هو، هن جي سياست هو ۽ هن جي سياسي توڙي ادبي برادري هو. اهو ئي سبب آهي، جو منڍ کان وٺي، اسان کي، هن جي لکڻين ۾ ڪيئي لاها چاڙها ۽ ذهني ۽ فڪري تضاد نظر اچن ٿا. پر اُنهن تضادن ۽ عمر جي مختلف منزلن ۾ اختيار ڪيل، سندس لاڙن ۾ ڪنهن به ذهني ۽ فڪري بدديانتيءَ جو عنصر نه هو. اُن ڪري هن پنهنجي ضمير جي روشنيءَ ۾ هلندي، ڪڏهن به سرڪار يا سَرنديءَ وارن طبقن جو راضپو حاصل نه ڪيو. اُلٽو هن ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون، ذهني گهاءَ کاڌا، مالي قربانيون ڏنيون، جيل ياترائون ڪيون، اخبارون ۽ پريسون ضبط ڪرايون، پر پنهنجي اڇي اجري ضمير جي پيروي نه ڇڏي. اُها ضمير جي پوئلڳي ئي هئي، جنهن کي ٿر جي هڪ گمنام ڇوڪري مان، سنڌي ادب جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪايو ۽ عزت، شهرت ۽ حيثيت ڏيارائي. پر اُنهيءَ سڀ ڪجهه ملڻَ به سندس طبيعت ۾ مغروري، هٺ ۽ وڏماڻهپائي نه پيدا ڪئي ۽ هو پنهنجي سڀاءَ ۾ آخري گهڙيءَ تائين، ڏتڙيل، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي گهڻائيءَ جو، پاڻ کي فرد سمجهندو رهيو. انتهائي هٿ جو کُليل، بي پرواهه ۽ بيڊپو. اها سادگي، هن جي کاڌي ۽ لکڻ ۾ بنهه ظاهر هوندي هئي. جڏهن پريس تي ويٺل هوندو هو ته ٻاڪڙا هوٽل جي چانهن جي وٺ وٺان هوندي هئي. جڏهن مانيءَ جي مهل ٿيندي هئي، تڏهن گهران ماني گهرائڻ يا گهر وڃي ماني کائڻ يا ڪنهن چڱي چوکي هوٽل تي وڃي ماني کائڻ بدران پريس جي ٻاهران بيٺل گاڏي واري کان، انتهائي سڙيل، تيل ۾ ٻڏل ڀتُ، سير يا اڌ سير وٺي پاڻ به کائيندو هو ۽ اسان کي به ڏاڍي چاهَه سان کارائيندو هو. جيڪو ويٺل هوندو هو، تنهن کي به ضرور شريڪ ڪندو هو، پوءِ کڻي مولانا گرامي هجي يا ابوبڪر مگسي. رڳو جويو صاحب ۽ نياز همايوني سندس انهيءَ دعوت ۾ شريڪ نه ٿيندا هئا. گاڏن وارا به اهڙا هِري ويا هئا، جو مانيءَ جو وقت ٿيندو هو ته، پريس جي ٻاهران اچي ڀت جي هوڪي ڏيڻ سان گڏ ڏيپلائي صاحب جي هُوڪ واري انداز ۾ ضرور پڇا ڪندا هئا. ڪڏهن بدقسمتيءَ سان يا ويٺلن جي خوش قسمتيءَ سان ڀت وارو نه ايندو هو ته ’آفتاب پريس‘ جي ڀر وارين نهاريءَ جي هوٽلن تان راتوڪي نهاري ۽ مانيون گهرائي، ڏاڍي مزي سان کائيندو ۽ کارائيندو هو. اُهي هوٽل انتهائي سستا، هندستاني سستي نهاريءَ جا مرڪز هوندا هئا، جتي هفتي جا ست ئي ڏينهن نهاري ملندي رهندي هئي ۽ اسان جهڙا سُڃا ڀائي، سوا روپيي ۾ ڍوَ تي ماني کائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڏيپلائي صاحب کي اهو کاڌو کائيندي ڏسي ڪو ٽوڪيندو هو ته: ”اِن کاڌي سان بيمار ٿيندؤ.“ ته هڪدم جواب ڏيندو هو ته: ”آءٌ پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪو آهيان. هاڻي گريس مارڪن تي پيو جيئان. اها مارڪن ڏيڻ واري جي مرضي آهي ته ڪيتريون مارڪون ٿو ڏئي.“
لکڻ جي معاملي ۾ مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو ته ڏيپلائي صاحب پنو پين کڻي باقاعدي اهتمام سان لکڻ ويٺو هجي، جيئن عام اديب لکندا آهن. ڪرشن چندر جي باري ۾ مشهور آهي ته جيستائني شيفر پين ۽ آرٽ پيپر جو چمڪندڙ ڪاغذ ٽيبل تي موجود نه هوندو هو، اُن وقت تائين اردوءَ جو هي مشهور اديب لکي نه سگهندو هو. پر ڏيپلائيءَ لاءِ آءٌ چئي سگهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو ته لکڻ وقت ڍنگائتو قلم ۽ سالم ڪاغذ وٽس موجود هجن. گهڻو ڪري بال پين، پينسل يا ڀڳل ٽٽل پين سان اخبار يا ڪتاب جي حاشئي تي لکندو ويندو هو يا پروف نڪتل پني جي پُٺ تي ۽ ڇپائيءَ لاءِ پيل اخباري ڪاغذ مان ڪو ٽڪرو کڻي، هيٺ، مٿي، سڄي، کٻي لکندو ويندو هو ۽ اهڙا نشان هڻندو ويندو هو جيئن ڪمپوزنگ وقت ڪمپازيٽر سمجهي سگهن. اهڙي طريقي سان لکڻ کانپوءِ نظرثاني يا صفحن جا نمبر به پروف پڙهڻ وقت صحيح ڪندو هو. هونئن هڪ ڀيرو ڪا شيءِ لکي اُن ۾ وري درستي ڪرڻ يا ٻيو ڀيرو ٺاهي لکڻ، ڏيپلائيءَ جي طبيعت جي ئي خلاف هوندو هو. هن جو لکڻ لاءِ هر وقت موڊ هوندو هو. سائين
جي. ايم. سيد سندس باري ۾ بلڪل صحيح لکيو آهي ته: ”ڏيپلائيءَ لاءِ لکڻ ايترو ئي آسان آهي، جيترو هڪ تندرست ماڻهوءَ لاءِ پاڻي پيئڻ.“ مون ته ڪيترا ڀيرا سندس انهيءَ عادت جو مشاهدو ڪيو آهي.
پير ابراهيم جان سرهنديءَ جو [سائين جي. ايم. سيد جي خلاف لکيل] ڪتاب ’سنڌ سونهاري‘ پڙهيائين ته ويٺي ويٺي چيائين: ”دل ۾ اچي ٿو اهڙو جواب ڏيان، جو پيرن جون ست پيڙهيون پيون ياد ڪن“. مون چيو: ”ڪريو بسم الله!“. بس سائين، پوءِ ته اُن وقت ئي شروع ٿي ويو، ۽ ڪتاب [’شيخ المشائخ‘] ٻن هفتن جي اندر لکجي ۽ ڇپجي بازار ۾ اچي ويو. ڪمال اهو جو ڪتاب لکڻ وقت ڪنهن به ڪتاب مان مدد نه ورتائين. سندس حافظو غير معمولي هو. هر وقت سنڌي، اردو، فارسي، عربي، هنديءَ جي هزارين ڪتابن جا حوالا، شعر، لطيفا ۽ ٽوٽڪا ياد هوندا هئس، جيڪي لکڻ وقت، موقعي ۽ مهل سارو، ڏاڍيءَ مهارت سان ائين استعمال ڪندو ويندو هو، جيئن ڪائي سگهڙ عورت ڀرت ڀرڻ مهل گج ۾ ٽِڪون ٽاڪيندي ويندي آهي. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي به جهول يا گهٽ وڌائي نظر نه ايندي هئي. سندس افسانا ۽ ناول، سنڌي زبان ۾ فن ۽ تبليغ جي ميلاپ جو بهترين نمونو آهن، جن کي انداز ۽ اسلوب پنهنجو آهي، جيڪو پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڏاڍو سولو ۽ ڪاپي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هن پنهنجي انهيءَ انداز ۽ اسلوب سان سنڌ جي وڏن ڊِنگن کي ڍير ڪيو. شل نه هو ڪنهن جي پٺيان پوي. جنهن جي پٺيان پيو، اُن کي دليلن، ٽوڪن، چِٿرن سان عوام ۽ پڙهندڙن ۾ هڪ ٽَڪي جو ڪري پوءِ ساهي کڻندو هو. هن جا عنوان ۽ هئڊنگون به پنهنجي نوعيت جون هونديون هيون. هڪ ڀيري قربان بگٽيءَ جي خلاف مضمون لکيائين، جنهن جو عنوان ڏنائين: ”بگٽيءَ جون بي ايمانيون“ يا موسيٰ ڀُٽي جي خلاف مضمون جو عنوان سوچيائين: ”حافظ جون هٿوراڙيون عرف نابينا جو نادانيون.“
ڏيپلائيءَ کي ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق هوندو هو. روزانو پريس جي ڪنهن ماڻهوءَ هٿان سوا سؤ کن رُپين جا نوان ڪتاب ۽ رسالا گهرائيندو هو، جيڪي هر حالت ۾ پڙهندو هو، ۽ پڙهڻ کان پوءِ اُهي شيون سانڍي رکڻ، هن جي طبيعت جي خلاف هو. اِهو ئي سبب آهي، جو ايڏي ساري خريداريءَ جي باوجود وٽس ڪا خاص لائبرري يا ڍنگ سان پيل ڪتابن جو ذخيرو نه هو. هڪ ڀيري ٻن پهرن جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. مون چيو: ”آءٌ توهان جي گهر ماني کائڻ ته خوشيءَ سان ايندس، پر هڪڙو شرط آهي ته آءٌ توهان جي لائبرريءَ مان پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندس.“ خوشيءَ سان منظور ڪيائين. سندس گهر پهچي، مون لائبرريءَ جي ڳولا ڪئي، پر مون کي سمورو گهر ڏسڻ کان پوءِ به لائبرريءَ نالي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مختلف ڪمرن جي ڌار ڌار ڪنڊن ۾، کٽن تي يا ڪٻٽن جي اندر ڪي ڦاٽل رسالا ۽ ڪجهه ڪتاب نظر آيا. انهن ۾ هڪڙو ڪتاب مهاتما گانڌيءَ جي آتم ڪٿا جي ٻنهي جلدن جو سنڌي ترجمو مون کنيو. ٻيو ڪوبه ڪارائتو ڪتاب ڪونه هو. جڏهن مون مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، تڏهن چوڻ لڳو: ”سڀ ڪتاب ماڻهو کڻي ويا، ڪا شيءِ سانڍي رکڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ سِکيو ئي ڪونه آهيان.“
پئسو ڪيئن ڪمائجي، هر وقت کيس اها لوري لڳل هوندي هئي. هي ڪم ڪبو، ان مان هيترا پيسا ملندا. هن ڪتاب مان هيترو نفعو ملندو، فلاڻن کي فلاڻي، جماعت، پارٽي، ملڪ هيترا پئسا ڏين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ جي ٻن ڪارڪنن ۾ اختلاف پيدا ٿيو ته ڏيپلائيءَ جو تبصرو هودنو ته پئسن تي ٺهي نه سگهيا، نتيجي طور ڌار ٿي ويا. جيڪڏهن خبر پئجي ويس ته يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ۽ رجسٽرار ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن ته هڪدم چئي ڇڏيندو هو ته ’معاملو پئسن‘ جو آهي.
اِن سڀڪجهه هوندي به ڳالهه وري به اچي اُتي کٽي ته پئسو گڏ ڪرڻ، سانڍڻ يا سرمايه ڪاري ڪرڻ، جايون ٺهرائڻ، هن جي طبيعت جي ئي ابتڙ هو. پئسو آيو ناهي، ويو ناهي. اُن پئسي تي لعنت آهي، جيڪو ڏيپلائيءَ جي کيسي ۾ آرام ڪري. پريس تي ڇپائيءَ جو ڪم جيڪو ٿيندو هو، تنهن جا پئسا ڪمپازيٽر، اخبار جو ايڊيٽر، مشين مين ۽ ٻيو عملو کائي ويندو هو. مرحوم ڪڏهن به صحيح حساب ڪتاب نه ورتو ۽ نه ئي وري ڪنهن اشراف صحيح حساب ڪتاب ڏنو. سموري پريس ۽ اخبار اِن طريقي سان تباهه ٿي وئي. پڇاڙي عمر ۾ ته پريس مان رڪشا جو ڀاڙو به ڪونه نڪرندو هو. اِهو وري به شڪر ٿيو، جو اولاد کي پڙهائي ورتائين ۽ اولاد فرمانبردار ٿيو. جيتوڻيڪ هڪڙيءَ ڌيءَ کان سواءِ سندس ڪنهن به ٻار کي علمي يا ادبي دلچسپي يا شوق رتيءَ برابر نه رهيو آهي.•
1976ع ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت، ڏيپلائي صاحب کي ’شيخ المشائخ‘ ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو؛ ڇو ته اهو ڪتاب سرهندي پيرن جي خلاف هو ۽ اُن وقت جي صوبائي حڪومت جو سربراهه مسٽر جتوئي، [غلام مصطفيٰ جتوئي] سرهندي پيرن جو مريد هو. گرفتاريءَ کان پوءِ سنڌ جي هن عظيم اديب ۽ دانشور کي جيل جي ’سي‘ ڪلاس ۾ رکيو ويو. ڏيپلائيءَ جي گرفتاريءَ کان ترت پوءِ، آءٌ به ڏيپلائيءَ جي پريس تان گرفتار ٿيس. ڏيپلائي جلدي آزاد ٿي ويو، پر منهنجي قيد جي مدت وڇوڙي جي راتِ وانگر ڊگهي ٿيندي وئي. هڪ ڏينهن آءٌ سنڌ اسپيشل ٽربيونل ۾ ويٺو هوس پوليس جي پهري هيٺ شنوائيءَ جي انتظار ۾، ته ڏيپلائي صاحب اچي نِڪتو. ڏاڍي اُڪير ۽ محبت سان مليو. ڪجهه فروٽ آندو هئائين. ويٺي ويٺي سندس جيل ۾ رهڻ وارن ڏينهن جا احوال ٻڌائيندو رهيو. چيائين، ڪالهه جتوئيءَ سان مليو آهيان، ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٿي. جتوئيءَ چيو: ”ڏيپلائي صاحب! مون کي افسوس آهي جو منهنجي حڪومت ۾ توهان کي ڪجهه ڏينهن ’سي‘ ڪلاس ۾ رهڻو پيو، غلطي ٿي ويئي، اڳتي لاءِ اوهان کي ’بي‘ ڪلاس ملندو.“ ته مون هڪدم جواب ڏنو: ”جتوئي صاحب، اوهان فڪر نه ڪريو اسان کان اهڙي غلطي نه ٿيندي، اوهان کي هڪدم ’اي‘ ڪلاس ڏينداسون.“ جتوئيءَ حيران ٿيندي چيو: ”ڏيپلائي صاحب ڇا چئي رهيا آهيو؟“ وراڻيم: ”جيڪي ڪجهه اوهان چيو، اُن جو جواب ڏئي رهيو آهيان.“ اُتي جتوئيءَ کي احساس ٿيو ته پاڻ غلط ڳالهائي ويو آهي. پوءِ ڳالهه کي ٽوڪ ۾ ٽاري ڇڏيائين.
اهڙي جرئت ۽ حاضر جوابي وري ڪنهن دانشور ۾ هوندي؟ جيتوڻيڪ اهڙي ڳالهه پروٽوڪول جي خلاف هئي. پر پروٽوڪول جي پابندي ٻنهي طرفن کان ٿيڻ گهرجي ها. سنڌ جي جاگيردار جي اها ذهنيت رهي آهي ته، هو نه ڪنهن ٻئي انسان جي حيثيت ڏسندو آهي، نه وري عزت سڃاڻندو آهي. اهڙيءَ ذهنيت واري جاگيردار کي اهڙو ئي جواب ملڻ گهرجي، جهڙو ڏيپلائي صاحب ڏنو.
اڄ هو اسان ۾ نه رهيو آهي، مون کي سندس قبر جي به خبر ناهي ته ڪٿي آهي، پر سندس فڪر ۽ فن تي هڪ اهڙي ٽولي قبضو ڪيو آهي، جيڪو ادب ۽ فن کي مقصد ۽ معنيٰ ڏيڻ جو منڪر آهي، جيڪو اديب کي صفا غيرجانبدار بنائڻ جو حامي آهي؛ جنهن جو خيال آهي ته اديب کي ماڻهن ۽ ملڪي مسئلن کان ائين ٽهڻ گهرجي، جيئن ٻهراڙيءَ جي عورت، پنهنجي مڙس جي نالي وٺڻ کان ٽهندي آهي. اهڙو سُست ۽ ماڻهن کان ونءُ ويندڙ ٽولو، اڄ اهڙي انسان جي فڪر ۽ فن جو وارث بنيو آهي، جنهن انسان پنهنجي ڌرتي ۽ اُن جي فرزندن جي ڏکن ۽ سورن ۾ سدائين پاڻ کي سلهاڙيل سمجهيو ۽ اُن سلسلي ۾ ڪنهن به قربانيءَ کان ڪينَ ڪيٻايو.
سنڌ جي قومي تحريڪ سان سندس [ڏيپلائيءَ جي] لاڳاپي جو اُن کان وڌيڪ ڪهڙو ثبوت هوندو، جو سموريءَ سنڌ مان ڏيپلائي واحد اديب هو، جنهن محترم جي. ايم. سيد جي شخصيت تي ٿيندڙ حملن جو پنهنجي نالي سان مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو مؤقف ۽ نقطهء نظر وڏيءَ جرئت سان پيش ڪيو. اُن ريت هن سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي مڪمل طرفداريءَ جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو.
ڏيپلائيءَ سان 1978ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ شام ملهائي وئي. ان موقعي تي مون به تقرير ڪئي، جيڪا يادگيريءَ طور هتي ڏيئي رهيو آهيان:
”آءٌ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس. جڏهن ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتاب پڙهڻ سکيس ته مون کي ياد آهي، جيڪي ڪتاب پهرين پهرين منهنجي مطالعي هيٺ آيا، سي سنڌي زبان جي سدا بهار اديب ڏيپلائيءَ جا هئا، جن منهنجي ننڍڙي ذهن تي
پير پرستيءَ، وهم پرستي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي خلاف ابتدائي نقش چِٽيا ۽ منهنجي سوچ جي لاڙن کي سماج ۾ موجود هاڃيڪار قدرن جي خلاف بغاوت ڏانهن موڙيو. گويا آءٌ چئي سگهان ٿو ته: ”اول ارض مس جلدي ترابها“- [’اها پهرين زمين هئي، جنهن جي مٽيءَ منهنجي جسم کي ڇُهيو.‘]
وقت گذري ويو آهي. حالتن ۾ بي پناهه اُٿل پٿل آئي آهي. اُهي جايون ذري گهٽ ڊهي ويون آهن، جن ۾ ويهي مون ابتدائي سبق پڙهيا هئا، معصوم دور جون معصوم غلطيون ۽ مٺڙيون حرڪتون، گناهه ۽ ثواب جي تصور کان خالي ڪيترائي ٽهڪ ۽ ڳوڙها، نه معلوم ماضي، مرهيات جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ مينهن وساڙن وانگر مند ملهار جو انتظار ڪندا هوندا. پر ڏيپلائيءَ جي ڪتابن منهنجي ذهن تي جيڪي چٽ اُڀاريا هئا، سي اڄ به ائين ياد آهن، جيئن ڪنهن وينگس کي زندگيءَ جو پهرين پيار ۽ جوانيءَ سان ڀرپور چُمي ياد رهجي ويندي آهي.
اسڪولي دور ۾ جڏهن ڏيپلائيءَ جا ڪتاب مون پڙهيا هئا، تڏهن مون کي ڏيپلائيءَ جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه هئي. پر اڄ جڏهن آءٌ سنڌي زبان جي افسانوي ادب جي هماليه جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهيان، تڏهن مون کي اُن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي پوري ڄاڻ آهي ۽ آءٌ پاڻ کي خوشقسمت ٿو سمجهان ته ڏيپلائي به اُن ضلعي جو رهاڪو آهي، جنهن ضلعي جو آءٌ رهاڪو آهيان ۽ ضلعو ٿرپارڪر ئي آهي، جنهن جي واريءَ جي ذري ذري کي ڀٽائيءَ پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ آڻي لافاني بنائي ڇڏيو آهي. اهو ضلعو سنڌ جي سڀني ضلعن کان پکيڙ ۾ وڏو آهي ۽ ڏيپلائيءَ جيتري ڪاغذ تي لکيو آهي، سو جيڪڏهن گڏي پکيڙيو وڃي ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته اُن جي مجموعي پکيڙ ٿرپارڪر ضلعي جي پکيڙ کان وڌي ويندي. اوهان چئي سگهو ٿا ته ايتري ڪاغذ تي هڪ عريضي نويس به لکندو آهي. انهيءَ لاءِ اِهو عرض ڪندس ته عريضي نويس جو ڪاغذ ٽِشو پيپر واري حيثيت والاريندو آهي ۽ ڏيپلائيءَ، جيڪي ڪجهه، جيتري ڪاغذ تي گهرائيءَ سان، لکيو آهي، اُهو اوتري قدر اثرانداز ۽ انقلابي گيت کان وڌيڪ جذبو ۽ عملي اتساهه پيدا ڪندڙ ثابت ٿيو آهي. آءٌ هيءُ به دعويٰ سان ٿو چوان ته، سنڌي زبان جو ڪوبه افسانوي ادب تخليق ڪندڙ اديب، ڏيپلائيءَ کان وڌيڪ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو ڪونه ٿو وڃي ۽ نه پڙهيو وڃي ٿو. جڏهن به ڪو پڙهندڙ ڏيپلائيءَ جو ڪو ڪتاب وٺي ٿو، اُن وقت کيس پڪ هوندي آهي ته هن ڪتاب ۾ ضرور سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ لکيل ۽ چٽيءَ طرح ڪنهن مسئلي جي بامقصد طريقي سان اپٽار ڪيل هوندي. اهو ئي سبب آهي، جو ڏيپلائي، سنڌ ۾ اديب سان گڏ مذهبي مصلح ۽ سماجي انقلابيءَ جي حيثيت سان پڻ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
هر اديب، جن مسئلن ۽ مونجهارن تي لکندو آهي، تن مان ڪي مقامي نوعيت جا هوندا آهن ته ڪي عالمي-، ۽ عالمي مسئلا به مقامي مسئلن جي حوالي سان اُن اديب جي تخليقن جا موضوع بنبا آهن. اُنهيءَ حوالي جي روشنيءَ ۾ اسان چئي سگهون ٿا ته، ڏيپلائي هڪ عالمي اديب آهي. عالمي اديب جو ماڻ اهو هرگز ناهي ته هن جي شهرت پوريءَ دنيا ۾ هجي، پر عالمي اديب جو ماڻ اِهو هئڻ گهرجي ته هن سموري انسانذات جي ڏکن ۽ مونجهارن، اُنهن جي سببن ۽ اُنهن کي ختم ڪرڻ جي طريقن سان پاڻ کي ڪيتري قدر ڳنڍيو آهي. ۽ انهيءَ هيڪاندي ڏکايل انساني برادريءَ جو پاڻ کي ڪيتري قدر فرد سمجهيو آهي.آءٌ سمجهان ٿو جتي به پير پرستي، وهم پرستي آهي، جن به ملڪن ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن، خانن، چوڌرين، سيٺين ۽ سرمايه دارن جي ڏاڍ جو گهاڻو پنهنجي پوريءَ قوت سان ڦرندو ٿو رهي ۽ جيڪي به قومون پرماريت، سامراجيت ۽ قومي غلاميءَ جون شڪار آهن، ڏيپلائي، پنهنجي قلمي ۽ عملي جدوجهد کي اُنهن جي شاندار ۽ نيٺ سوڀ ماڻيندڙ جدوجهد سان ملائي، پاڻ کي اُن ڏکويل برادريءَ جو، پرجوش ميمبر ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان جي هن سگهاري ۽ نه ٿڪجندڙ اديب، جيڪو ادب تخليق ڪيو آهي، سو نه رڳو اڄوڪين حالتن ۾ سماجي شعور جي اوجر ۽ واڌاري جون ضرورتون پوريون ٿو ڪري، پر اُهو اڳتي لاءِ عوام جي سماجي شعور ۽ ڏاهپ جي اوسر جو ذريعو پڻ ثابت ٿيندو. اُهو شعور، جيڪو نيٺ هن ڪائنات جي مادي ۽ فڪري تهن ۾ ڀونچال پيدا ڪندو ۽ هن ڪچري سان ڀريل دوزخ تي هڪ خوبصورت ۽ سُهائيندڙ جنت تعمير ڪندو.
هڪ دوست چيو آهي ته ’ڏيپلائي اُن ڪري عظيم آهي، جو هن جو نالو لاهور ۾ ٺهيل مينارِ پاڪستان تي لڳل نالن جي لسٽ ۾ شامل آهي.‘ جيڪڏهن ڏيپلائيءَ جي عظمت رڳو اِها آهي ته پوءِ ڏيپلائيءَ تي وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، هلو، ته مينار پاڪستان تي سندس نالو ڏسي اچون ۽ ٿي سگهي ته، اُن جو فوٽو ڪڍي، ڏيپلائيءَ جي گهر جي در تي لڳائي ڇڏيون. اسان پنهنجن اديبن کي آخر ڪڏهن سرڪاري لسٽن کان ٻاهر سندن ڪم ۽ فن جي بنياد تي ڏسڻ جا هيراڪ بنباسين؟
هتي مون کي هڪ واقعو ٿو ياد اچي ته، هڪ ڀيري نيپولين يوناپارٽ، ڪنهن بادشاهه جي قبر تي ويو ته، قبر تي اُن بهادر بادشاهه جي تلوار رکي هئي. نيپولين اُها تلوار کڻي پنهنجي سيڪريٽريءَ کي ڏني ته کڻي هلي، پئرس جي عجائب گهر ۾ رکنداسون. سپاهيءَ حيران ٿيندي چيو ته: ”جيڪڏهن مون کي اهڙي تلوار ملي ها ته، آءٌ جيڪر، اها پاڻ کان جدا نه ڪريان ها، ڇو ته ماڻهو مون کي اُن تلوار جي ڪري عزت ڏين ها.“ اُن تي نيپولين چيو ته: ”مون وٽ منهنجي تلوار ناهي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو ته ماڻهو مون کي، منهنجي تلوار جي ڪري عزت ڏين ۽ آءٌ پنهنجي تلوار جي وسيلي سڃاتو وڃان.“
سو ڏيپلائي اُن قلم جي ڪري عظيم آهي، جنهن قلم، پيرپرستي، وهم پرستي، وڏيراشاهي ۽ سنڌ دشمنيءَ جي قلعن ۾ ڏار وڌا، نه اُن قلم جي ڪري، جنهن مينار پاڪستان تي سندس نالو لکيو.