اوهان جو خُون خوشبوءِ ٿي ايندو! [شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿي]
هاءِ پويان ڏينهن هِي اپريل جا!
اُها اپريل [2011ع] جي 21 تاريخ هئي، آءٌ حيدرآباد هئس. مون پروگرام ٺاهيو هو ته اڄوڪو ڏينهن دوستن سان ميل ملاقات ۾ صرف ڪبو. اُن سلسلي ۾ راجپوتانا اسپتال ۾ داخل پنهنجي دوست سڪندر سومري جي طبيعت پڇڻ ويس. راجپوتانا اسپتال ۾ سڪندر سومرو آءِ. سي. يو ۾ داخل هو ۽ هو ذري گهٽ نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ هو. کانئس رسمي طرح طبيعت پڇي رهيا هئاسين ته فون جي گهنٽي وڳي. فون ڪندڙ کي چيوسين ته اسين هينئر اسپتال جي آءِ. سي. يو ۾ سڪندر سومري جي طبيعت پُڇي رهيا آهيون، ڏهن منٽن کان پوءِ فون ڪريو. اسان کي اسپتال مان ٿي، آڪاش ملاح سان ملڻو هو ۽ پوءِ خاڪي جويي جي طبيعت پُڇڻي هئي. اسپتال کان جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين ته سرمد ميراڻيءَ جي فون تي منهنجي لاءِ ڪال آئي ته: ’سرائي قربان کهاوڙ، ساٿين سميت سانگهڙ ۾ شهيد ٿي ويو آهي.‘ فون ڪندڙ پنهنجو تعارف جيڪڏهن ڪرايو به، ته به آءٌ سمجهي نه سگهيس ۽ سَڪتي جي حالت ۾ اچي ويس.
بهرحال آڪاش ملاح ۽ خاڪي جويي کان ٿي، اسان نوابشاهه روانا ٿي وياسين-• ۽ مون کي ياد اچي رهيو هو ته سِرائي قربان هفتو کن اڳ مون وٽ آيو هو. رات رهي، صبح جو وڃڻ وقت پڇيو هئائين ته: ”حيدرآباد ڪڏهن ايندؤ؟“ مون کيس ٻڌايو هو ته ”20 تاريخ ايندس.“ چيائين ته: ”21 جي تاريخ پاڻ گڏ گذارينداسين. آءٌ توهان سان 20 جي شام جو رابطو ڪندس ۽ پوءِ منهنجي گهر ۾ هلي رهنداسين.“ مون ساڻس واعدو ڪيو هو، پر اُن رات هُن ڪوبه رابطو نه ڪيو. اُن وقت مون کي خبر نه هئي ته هو جنهن وقت موڪلائي رهيو هو، ته نه رڳو مون کان، پر پنهنجي گهر کان، ۽ سموريءَ سنڌ جي دوستن کان به موڪلائي رهيو هو. هو جنهن وقت مون وٽ آيو هو، اُن وقت ساڻس گڏ نور الله تنيو، شبير ملاح ۽ رياض لغاري به هئا. اُن رات هُن پيتو ڪونه. گهڻي زور ڀرڻ تي جواب ڏنائين ته ’مون پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي-‘ ۽ هُن سچ پچ هڪڙي انقلابيءَ جي زندگي گذارڻ شروع ڪري ڏني هئي. پر اُن رات واري ڪچهريءَ ۾ ’روپلو‘ موجود نه هو. پراڻن دوستن مان صرف نور الله ساڻس گڏ هو. نورالله کي آءٌ ’ڀائٽيو‘ سڏيندو هوس، ڇو ته هو منهنجي مرحوم دوست الطاف تُنيي جو ڀائٽيو هو ۽ ڪڏهن به سرائيءَ کان جدا نه ٿيندو هو، ۽ هينئر به ساڻس گڏ هو.
سرائي قربان سان منهنجي واقفيت ته اڳ جي هئي، پر پنهنجائپ 1995ع کان شروع ٿي، جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو هو ۽ روپلو ته لطيف سنگت، ۾ رهيو هو، پر اُن سان به لڳ ڀڳ اُنهيءَ دور ۾ ئي ويجهڙائپ ٿي هئي- ۽ پوءِ اها ويجهڙائپ وڌندي وڌندي، دوستي ۽ ڀائپيءَ ۾ بدلجي وئي ۽ ساڳي حالت روپلي ۽ نور الله جي به هئي. هو ٽيئي ڄڻا سنڌ جا سچا سپوت، بهادر ۽ سنڌ تي سر صدقو ڪرڻ وارا هئا. روپلي جي ته ايستائين به مون سان صحبت وڌي وئي هئي، جو هو مون کي ’ابو‘ ۽ منهنجي گهرواريءَ کي ’امان‘ سڏيندو هو. هڪ دفعي رات جي وقت فون ڪيائين. اُن وقت آءٌ ننڊ ۾ هوس، اُن ڪري منهنجي گهرواريءَ فون کنيو. اُن کي چيائين ته: ”بابا کي سمجهاءِ ته اسان کي وڙهڻ نه ٿو ڏئي-“ ته منهنجي گهر واريءَ کيس چيو ته: ”هو ته ٻارن کي به وڙهڻ نه ڏيندو آهي، توهان ته وڏا آهيو.“ اُن تي وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته: ”بابي تو کي وڙهڻ جي نمونن بابت ڪونه ٻڌايو آهي ڇا؟“ اِئين چئي فون رکي ڇڏيائين.
پوءِ هو ٻئي [سرائي ۽ روپلو] اڳتي هلي تنظيمي طرح مون کان الڳ ٿي ويا، پر ذاتي طرح نه. اِهو ئي سبب آهي، جو مون اُنهن کي ڪڏهن به پاڻ کان ڌار نه سمجهيو. مون جڏهن کانئن [جيئي سنڌ قومي محاذ کان] الڳ ٿيڻ جو سبب پڇيو هو ته، مون کي جواب ڏنو هئائون ته: ”توهان ڪنهن ماڻهوءَ جي نوٽ بُڪ تي مارٽن لوٿر ڪنگ جو هي قول نقل ڪيو هو ته: ’اُن ماڻهوءَ کي جيئڻ جو ڪوبه حق ڪونهي، جيڪو شاندار موت قبولڻ لاءِ تيار ناهي.‘ سو اسان اُنهيءَ شاندار موت لاءِ وڃي رهيا آهيون.“
مون کين چيو هو ته: ”عدم تشدد جي پيغمبر گانڌيءَ جو موتُ، شاندار موت نه هو ڇا؟“ اُن تي چيائون ته: ”بيشڪ شاندار موت هو، جو هو گوليءَ سان مُئو هو.“ مون چيو ته: ”ها، دنيا ۾ عدم تشدد جا پيغمبر حضرت مسيح، مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ گانڌيِ جِي، ٽيئي تشدد ذريعي ختم ڪيا ويا هئا، باقي رهيا غفار خان ۽ سائين جي. ايم. سيد- ته غفار خان جي قبر تي بم اڇلايا ويا هئا ۽ سائين جي. ايم. سيد جي مٿان ٽي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا هئا، جن مان هو بچي ويو هو- ۽ سنڌ سان ويڌن ته اِها آهي ته اُن جا هيروز سڀ شهيد آهن. مهاراجا ڏاهر کان وٺي هيمون ڪالاڻيءَ تائين، ۽ اُن کان اڳتي سورهيه بادشاهه تائين. آءٌ چاهيان ٿو ته توهان ’شهيد‘ ٿيڻ کان وڌيڪ اهميت ’فاتح‘ ٿيڻ کي ڏيو ته جيئن اسان جنهن مقصد لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اُهو مقصد حاصل ڪريون ۽ سنڌ جي سرزمين جي خوشحاليءَ جي سونهن، چند بنگلن مان ڪڍي، اُنهن وسندين ۾ پهچايون، جتي شادماني ۽ روشنيءَ جون اهڙيون باکون ڦُٽن، جو ماڻهن کي ماضيءَ جي اونداهين جو ڪوبه احساس نه رهي.“
هنن دوستن جو چوڻ هو ته: ”جيڪا قوم هيترين محنتن ۽ قربانين سان سجاڳ نه ٿي ٿئي، اُن کي ڪنهن نئين طريقي سان سجاڳ ڪرڻ گهرجي.“ مون کين چيو ته: ”اِهو تجربو به انقلابين ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.“ اِن سلسلي ۾ مون ايران جو مثال ڏنو، جتي ’مجاهدين خلق‘ ۽ ’فدايان خِلق‘ اِهو طريقو اختيار ڪيو هو، پر اڄ ايران ۾ اُنهن تنظيمن جو نالو نشان به ناهي ۽ ساڳيو طريقو هندستان ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين اختيار ڪيو هو، پر فتح جو تاجُ پوءِ به گانڌيِ جيءَ جي سِر تي پيل آهي.“
پر هُنن دوستن منهنجي ڳالهه کي هڪڙي ٿڪل پوڙهي جي ڳالهه ۽ دليل بازي سمجهي ٽاري ڇڏيو ۽ هليا ويا ۽ اڄ جڏهن سوچيان ٿو ته مون کي اياز ٿو ياد اچي ته:
هو جي ويراڳي وڃڻا ها،
جي ڪنهن جي مور نه مڃڻا ها،
روئڻ سان رهن ها جي سپرين،
مان نيڻين نير نه روڪيان ها!
هو هليا ويا، پر منهنجي دل مان نه! دل مان وڃي به ڪيئن سگهن ٿا!. جن تنظيمي طور ڌار ٿيڻ کانپوءِ به مون سان ذاتي ۽ قومي ناتا نه ٽوڙيا هئا، ۽ پڇاڙيءَ تائين سرزمينِ سنڌ کي سجدا ڪندي شهيد ٿي ويا. جن جو عشق ۽ ايمان، بلند ۽ مضبوط هوندو آهي، تن کي مضبوط دليلَ، پنهنجي آدرش کان هٽائي نه سگهندا آهن. هو هليا ويا ۽ هميشه لاءِ هليا ويا، پر سنڌ جي تاريخ ۽ ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده ۽ جاويد ٿي ويا.
اڄ منهنجي دل ڏاڍي غمگين آهي، ۽ آءٌ بيماريءَ جي بستري تي آهيان. اُن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هنن دوستن جو وڇوڙو به شامل آهي- ۽ مون جڏهن اها ڳالهه هڪڙي حُر فقيرَ سان ڪئي ته هُن مون کي چيو ته: ”اُهي دوست سانگهڙ ۾ شهيد ڪيا ويا هئا؟“ ته مون کيس چيو ”ها!“ هُن چيو ته: ”ڏاڍا بهادر انسان هئا ۽ اُنهيءَ سرزمين تي شهيد ٿيا هئا، جيڪا سورهيه بادشاهه جو مرڪز ۽ شهيدن جي سرزمين آهي“.
آءٌ جيڪڏهن صحت اجازت ڏني ته اُنهن مان هر هڪ تي الڳ الڳ مضمون لکي، ڪتابي صورت ۾ آڻيندس، ڇو ته اُهي سنڌ جي جديد تاريخ جا اهڙا سورما آهن، جن سن جي سرزمين مان فيض پرايو ۽ سورهيه بادشاهه جي سرزمين تي شهيد ٿي ويا.
آخر ۾ آءٌ هڪڙي فارسي شعر جو سنڌي مفهوم لکان ٿو ته:
”جنهن جي دل عشق جي جذبي سان آباد ٿي وئي،
اهو هرگز مري نه ٿو سگهي،
۽ سڄي دنيا جي تاريخ ۾ انهن جي دائم هجڻ جو نقشو،
سدائين لاءِ چِٽجي وڃي ٿو!“
-