انقلابي، قومپرست ۽ وطن دوست انسان [ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي]
حيدر بخش جتوئيءَ جو ذڪر ڪندي، مشهور اديب شورش ڪاشميريءَ لکيو آهي ته: ”جيل جي زندگيءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جهڙو بهادر ۽ شريف انسان مون تمام گهٽ ڏٺو آهي.“ شورش جي ملاقات، ڪامريڊ سان ڪراچي جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن ٻئي اُتي، ايوبي آمريت جي آخري دور ۾ گڏ هئا. ڪامريڊ لاءِ اِهو ڊگهو قيد، گهڻو ڪري آخري ڊگهو قيد ثابت ٿيو ۽ هو جڏهن ڪراچي جيل مان آزاد ٿي حيدرآباد پهتو، تڏهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو. اُنهيءَ استقبالي هجوم ۾ آءٌ به هڪ هوس. جتي مون، سنڌ جي هن عظيم ۽ لافاني انسان کي پهريون ڀيرو ڏٺو. جيل جي سختين سندس صحت کي جهوري وڌو هو. سندس ڳاڙهو رنگ پِيلو ٿي ويو هو. سندس جسم ٿڪل پئي لڳو. مچ جيل [بلوچستان] جي موسم سندس جسم جو رت ۽ ست چُوسي ڇڏيو هو. هو جهڙو موت جي دروازي تان موٽيو هو، پوءِ به هن جي هٿ ۾، ايوبي آمريت جي موتَ ۽ ون يونٽ جي خاتمي جو پروانو هو. سندس خوبصورت چهري تي سفيد گهاٽا شهپر، روايتي سنڌي جوڌي جا اهڃاڻ ڏيئي رهيا هئا، ته نگاهن ۾ وري آخري فتح جا ڪرڻا جَرڪي رهيا هئس. رڳو ايترو چيائين ته سڀ کان پهرين سنڌ جي آزاديءَ جي شهيد هوشوءَ جي قبر تي هلبو. هزارين ماڻهن جو هجوم ڪامريڊ جي اڳواڻيءَ ۾ هوشوءَ جي قبر ڏانهن راهي ٿيو. قبر تي هن رڳو ايترو چيو ته: ”هوشو! ڏس تنهنجا وارث جاڳيا آهن. هاڻي نئين دور جو ڪوبه نيپئر، سنڌ کي غلام رکي نه سگهندو...“ اُهو پهريون ڀيرو هو، جو مون ڪامريڊ کي جيل کان آزاد ٿي، سنڌ جي آزاديءَ جي شهيد هوشوءَ جي قبر تي سِيس نوائيندي ڏٺو.
ٻيو ڀيرو کيس ’بيسنت هال‘ ۾ هوشو-ڏينهن جي صدارت ڪندي ڏٺم. اُتي هن ڪيترائي شعر ٻڌايا، جن ۾ سندس گهر واريءَ تي ٺهيل شعر ’مصطفيٰ ماءُ‘ به هو... شعر پڙهڻ وقت سندس خوبصورت چهري تي سدا بهار معصوميت ۽ ڪڏهن به مات نه کائيندڙ مُرڪ هئي. هن هڪ انقلابيءَ جي ديانت، سچائيءَ ۽ پوري انقلابي اخلاق سان پنهنجي گهر واريءَ جي ساڻس گهاريل گهڙين جي پرلطف ڪيفيت جي ساراهه پئي ڪئي. ماڻهن جا ٽهڪ هئا، نعرا هئا، بي پناهه عقيدت هئي. سموري سنڌ جي سگهه، سياڻپ ۽ ساڃاهه سندس سامهون هئي. هن جي سامهون گلاب جي پنکڙين جهڙيون نازڪ ناريون هيون، لوهي لڱن وارا اڙٻنگ هاري هئا، دونهاٽيل جسمن وارا پورهيت هئا، ڦاسيءَ جي رَسين کي چُميون ڏيئي نعرا هڻندي موت جي مُنهن ۾ ويندڙ انقلابي
قوم پرست هئا؛ رڻن ۾ رت سان رابيل پوکيندڙ سنڌي ڪميونسٽ، اديب، دانشور ۽ شاعر هئا، پنهنجي شاعريءَ سان دوکي جي ديوارن ۾ ڏار وجهندڙ شيخ ايازُ هو، سدا بهار شاعري ۽ خوبصورت آواز سان سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي نئون شعور ۽ وجدان بخشيندڙ نياز همايوني هو، فنِ خِطابت کي پنهنجي حڪم تي هلائيندڙ ۽ ماڻهن جي دلين ۾ سنڌيت جا مچ مچائيندڙ حفيظ قريشي هو، سنڌي زبان جي سدا بهار جوڀن سان، سنڌ جي سرزمين تي، سونهن جا سلا پوکيندڙ، رسول بخش پليجو هو، پر سڀ ڪامريڊ جتوئيءَ جي عظيم جدوجهد ۽ بي پناهه فڪري پختگيءَ سامهون ٻارن وانگر ادب سان ويٺا هئا. حقيقي معنيٰ ۾ ڪامريڊ جي عظمت به اُنهيءَ جلسي ۾ چِلڪي ۽ چِمڪي پئي. ڪو به اهڙو ماڻهو اُتي موجود نه هو، جنهن جو سِيسُ سندس عظمت اڳيان جهڪيل نه هجي.
ون يونٽ جي خلاف سنڌي نوجوانن ’گاڏي کاتي چوڪ‘ ۾ بک هڙتال ڪئي، اُتي ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا، جيڪي بک هڙتالي شاگردن کي آفرين ڏيڻ ۽ گلن جا هار پارائڻ ايندا هئا. هڪ ڏينهن آءٌ به اُتان وڃي نڪتس. ماڻهو مختلف مسئلن تي شاگردن کان سوال پڇي رهيا هئا. ايتري ۾ ڪامريڊ جتوئي به اُتان اچي نڪتو. اها ساڳي معصوميت، مرڪ، سادگي ۽ شرافت.
سندس نرم چهرو، مرڪندڙ اکين ۾ محبت جي چمڪ، هي لازوال معصوميت وارو ماڻهو، بک هڙتالي شاگردن سان رِلي ملي هڪ ٿي ويو. شاگردن ۽ ٻين عام ماڻهن، کانئس پاڪستان ۾ اُن وقت هلندڙ، جمهوري جدوجهد جي باري ۾ عام طرح ۽ پيپلز پارٽيءَ جي متعلق، خاص ڪري انيڪ سوال پُڇيا. هن اِنتهائي ڌيرج سان، پاڪستان ۽ سنڌ جي باهمي توازن جي روشنيءَ ۾ جواب پئي ڏنا. پيپلز پارٽيءَ جي باري ۾ سندس رويو بنهه سخت هو. سندس چوڻ هو ته: ”اسان کان وڌيڪ ڪير جمهوريت پسند آهي ۽ ڪنهن اسان کان وڌيڪ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي؟ اسان اُن وقت سنڌ جي عوام ۽ اُن جي ذريعي سڀني قومن جي عوام لاءِ جمهوري حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، جڏهن اڄوڪي ليڊرشپ، ٻرن ۾ لڪي پئي هئي. اصلي مسئلو هي آهي ته انهن پارٽين وٽ قومي حقن لاءِ ڪابه گنجائش ناهي. جنهن پارٽي، جنهن تحريڪ، جنهن تنظيم جي پروگرام ۾ مظلوم قومن جي حقن لاءِ گنجائش نه هجي، اُنهن پارٽين، تحريڪن ۽ تنظيمن لاءِ حيدر جي دل ۽ دماغ ۾ ڪابه گنجائش ناهي. باقي جيستائين پيپلزپارٽيءَ جو سوال آهي ته ان جو ليڊر به کُهڙي ۽ قاضيءَ جي صف ۾ شامل آهي.
هي ڀٽا، هي کهڙا هي ميمڻ، هي قاضي،
ٿيا سنڌ وڪڻي وزارت ۾ راضي.
-۽ پيپلز پارٽي ئي آهي، جيڪا اهڙو ٿانءُ ثابت ٿيندي، جنهن ۾ چور ۽ ڀاڳئي، ڦريل ۽ ڦورو، ظالم ۽ مظلوم کي گڏ کارايو ويندو ۽ اُن جي ذريعي سنڌ کي رضاڪارانه طور، چؤکنڀو ٻڌي، پنجاب جي جهوليءَ ۾ اُڇلايو ويندو. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن وٽ سنڌ جو ڪوبه تصور ناهي ۽ جنهن وٽ سنڌ ناهي، اُن سان منهنجو واسطو نه آهي.“
اڄڪلهه حليم باغيءَ جو هڪ شعر پيو ڳايو وڃي:
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ،
پوءِ منهنجي تو کان دوري آ.
ڪامريڊ جي جيون ۽ نظريي جي صحيح عڪاسي، انهيءَ شعر کان وڌيڪ مختصر لفظن ۾ ٻي ڪا ٿي نه ٿي سگهي.
***
آءٌ ’زاهد پريس‘ تي نوڪري ڪندو هوس. مون پريس جي مالڪ مولانا محمد زاهد کي چيو ته: ”آءٌ ڪامريڊ جتوئيءَ جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيان ٿو، مون کي موڪل ڏني وڃي.“ اُتي هڪ ڪاتب ويٺو هو، جنهن چيو: ”دهرئي جي جنازي ۾ وڃي ڇا ڪندين؟“ مولانا زاهد ڪاوڙجي، ڪاتب کي چيو: ”بڪواس نه ڪر، جتوئيءَ سڄي حياتي پنهنجي قوم ۽ مظلوم ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مسلمان ٿي سگهي ٿو! حيدر بخش کان وڌيڪ پنهنجي قوم سان وفادار ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي. تون [آريسر] وڃي حيدربخش جي پوين رسمن ۾ شريڪ ٿي“... آءٌ جتوئيءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيس. گاڏي کاتي چوڪ [هاڻي حيدر چوڪ] مان سندس جنازو اُن جاءِ مان روانو ٿيو، جيڪا جاءِ اڌ صديءَ تائين سڄي سنڌ ۾ گونجندڙ ’هاري حقدار‘ جي نعري جو مرڪز رهي هئي، ۽ اُن جاءِ جو آڳر اُن وقت قومي جدوجهد جي بهادرانه ڪاررواين جو مورچو بنجي چڪو هو.•
مون کي خبر نه هئي ته سندس آخري آرام گاهه ٿيڻ جي
خوش نصيبي ڪهڙي سرزمين کي حاصل ٿيندي. مون غالباً محمد عمر شوري کان پڇيو ته: ”ڪامريڊ کي ڪٿي دفن ڪندا؟“ عمر مون کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ آءٌ ماٺ ميٺ ۾ جنازي سان هلندو رهيس.
سائين جي. ايم. سيد، خير بخش مري، اڪبر بگٽي ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو جنازي جي جلوس ۾ شريڪ هئا، جلوس سِڌو وڃي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي صدر دورازي ۾ داخل ٿيو. اُتي خبر پئي ته ڪامريڊ وصيعت ڪئي هئي ته: ’مون کي غلام شاهه جي مقبري جي احاطي ۾ دفن ڪجو.‘ جلوس اندر هليو ويو ۽ آءٌ مقبري جي مکيه دروازي جي سامهون بيهي رهيس. منهنجي سامهون ڪڏهن غلام شاهه جي تصوير اُڀري ٿي ته ڪڏهن حيدر بش جتوئيءَ جو روشن چهرو اُڀري آيو ٿي. غلام شاهه آزاد، آباد، پاڻ ڀري ۽ خوشحال سنڌ جو آخري حڪمران، ڀٽائيءَ جي عام [روايت مطابق] گُلان جو گُل؛ ۽ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي آجپي، آزادي ۽ پاڻ ڀلائيءَ لاءِ سڄي عمر وڙهندڙ.
مون پهريون ڀيرو حيدر بخش جتوئيءَ کي جنرل هوش محمد شهيد جي قبر تي سِيسُ نمائيندي ڏٺو هو، ۽ اڄ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀرسان دفن ٿيندي ڏٺو. هوشو، جنهن نعرو هنيو هو ته: ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون،“ اهو نعرو هڻندي ماترڀوميءَ تان ٻلهار ٿي ويو هو، اُن جي قبر تي سنڌ جو هي سرڪش، باغي، هٺيلو ۽ انقلابي، سِيسُ نمايو بيٺو هو. ٻنهي ۾ رڳو سنڌ مشترڪ هئي.
غلام شاهه، جنهن سنڌ جي آزادي ۽ آباديءَ لاءِ وڙهندي ڪڏهن به گهوڙي جي پُٺ تان هنو هيٺ نه لاٿو، اڄ اُن جي مقبري ۾، شاهي تخت ۽ تاج کي ٺوڪر سان اڏائيندڙ، هڪ انقلابي فقيرُ دفن ٿي رهيو هو. هڪ بادشاهه، ٻيو فقير، هڪ اڻ پڙهيل، ٻيو مارڪسي فلسفي جو عالم، هڪ جاگيردار نظام جو محافظ، ٻيو جاگيرداريءَ جو دشمن، هڪ پنهنجي چوڌاري امير ڪبيرَ رکندڙ ۽ ٻئي جي چوڌاري هميشه بکيا ڏکيا هاري. ايڏي تضاد هوندي به ٻنهي ۾ هڪ شيءِ گڏيل هئي، جا ٻنهي جو ورثو هئي، اها هئي ’سنڌ، سنڌي ماڻهن جي سنڌ.‘
حيدر بخش هن سرزمين تي سنڌ جي صدين جي پيڙيل هاريءَ جي دل جي فرياد کي پنهنجي قلم ۽ ذهني پورهئي سان منظم ڪري ’ويچاري‘ هاريءَ کي اُن لائق بنايو ته هو انگريزن جي پوکيل
وڏيرا شاهيءَ جي بڙ تي زوردار حملا ڪري ۽ شايد سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه عنايت شهيد کان پوءِ ’سنڌ هاري ڪميٽي‘ پهرين تنظيم هئي، جنهن جي جهنڊي هيٺ سنڌ جو هاري، پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ سکيو، جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پنهنجي تنظيم جي حڪم هيٺ مرڻ ۽ شهادت ماڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
’هاري حقدار تحريڪ‘ جي سلسلي ۾ جتي به هاري بغاوتون ٿيون، جتي به هارين جي هلچل هلي، جتي به هارين ڪارن قانونن تي سوڀون ماڻيون ۽ جتي به سنڌي هارين جو رت وهيو، اُتي حيدر بخش جتوئي پنهنجي پوريءَ قوت سان موجود رهيو. هارين جي سموري هلچل ۾ هن انتهائي انقلابي قوم پرست ۽ وطن دوست هجڻ جو اظهار ڪيو. مثال طور: (i) سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ گهڻو ڪري سڀ ميمبر سنڌي هئا.
(ii) هن ڪڏهن به ڪنهن آل پاڪستان پارٽيءَ يا تنظيم ۾ شموليت اختيار نه ڪئي. ويندي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مزدور ڪسان پارٽيءَ لاءِ کيس بار بار چيو ويو، پر هو اُنهن ۾ شامل نه ٿيو.
(iii) جيتريقدر مون کي معلوم آهي ته هو سي. پي [ڪميونسٽ پارٽي] جو ميمبر به نه هو، نه وري سي. پيءَ ۾ ايتري صلاحيت هئي، جو اها هيڏي پهاڙ جيڏي انسان، جنهن جي محنت جو ڦل سموري سنڌ ۾ هارين جي اٿاهه جماعت جي صورت ۾ پکڙيل هو، تنهن کي سنڀالي سگهي.
(iv) حيدربخش گهڻي ۾ گهڻو جيل، سختيون ۽ مصيبتون سنڌ جي قومي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي لاءِ ڀوڳيون.
(v) هو هميشه سنڌي زبان کي قومي زبان بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.
(vi) اهو حيدربخش جتوئي هو، جنهن سڀ کان پهرين ’جيئي سنڌ‘ جي نعري کي سياسي سطح تي مشهور ڪيو.
اُنهيءَ سموري قوم پرستي ۽ وطن دوستيءَ جو ئي نتيجو هو، جو هو عظيم انسان دوست هو. هن جي مشهور نظم ’شڪوه‘ ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظم ’شڪوه‘ ۾ اسان کي ٻنهي جي نقطهء نظر جو چٽو فرق نظر ايندو. اقبال جو ’شڪوه‘ رڳو مسلمان جي شڪايت ۽ فرياد تي ٻڌل آهي، جيڪا هُو خدا سان ڪري ٿو، پر ڪامريڊ جتوئيءَ جو شعر، سموري انسان ذات جي خدا سان بغاوت آميز شڪايت آهي.
ڪامريڊ ۽ سندس ساٿين جيڪي ڪجهه سنڌي عوام لاءِ پاڻ ارپيو، سو سنڌ جي تاريخ ۾ نه رڳو ياد رهندو، پر ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندو رهندو. آءٌ ڪامريڊ جو ذڪر هن روسي ’الوداعي گيت‘ تي ختم ٿو ڪريان:
اوهان تباهه ڪُن جنگ ۾ قتل ڪيا ويا،
ماڻهن جي آزادي ۽ باوقار جياپي خاطر،
اوهان پنهنجون حياتيون گهوريون ۽ قربان ڪيون،
اهو سڀ ڪجهه جيڪو اوهان کي پيارو هو.
اوهان رت ۽ ست چوسيندڙ جيل ڀوڳيا،
اوهان کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي.
۽ اوهان بنا پڇتاءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجڻ قبول ڪيو،
اُن ڪري جو اوهان اکيون بند ڪري نه سگهيا
پنهنجي ساٿين جي پيڙا کان.
اُن ڪري به ته
توهان کي يقين هو ته
انصاف جي طاقت، تلوار جي طاقت کان وڌيڪ آهي.
اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن،
توهان جي گهوريل حياتيءَ جو حساب ٿيندو.
اهو وقت پري ناهي جڏهن ظلم فنا ٿيندو،
۽ ماڻهو عظمت ۽ آزاديءَ لاءِ اُٿندا.
موڪلاڻي اي دوستو!
واٽ توهان جي روشن آهي.
اهو اسان جو وعدو آهي،
اسان آخر تائين وڙهنداسين،
آزاديءَ لاءِ خوشحاليءَ لاءِ!