آزادي ۽ انقلاب جو عاشق [قاسم پٿر]
مينديءَ رتا هٿڙا، ڪجل ڀنا نيڻ،
سڀني وڌا ويڻ، ته به ويندڙ ويندا ئي رهيا.
اڄ آءٌ آلين اکين ۽ مغموم جذبن سان پنهنجي هڪڙي دوست تي لکي رهيو آهيان، جنهن جي باري ۾ مون کي گمان به نه هو ته اسين جسماني طرح هڪٻئي جي اکين کان ايڏو اوجهل ٿي وينداسين، جو جيستائين هن ساهه جو سڳڙو ٽٽي تار تار ٿي نٿو وڃي، تيستائين هڪٻئي کي ڏسي نه سگهنداسين، ۽ منهنجو اُهو دوست هو، قاسم پٿر، جنهن مون سان ڪڏهن پنهنجي ڪنهن بيماريءَ جو ذڪر نه ڪيو. جيتوڻيڪ هو دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ هو پنهنجي صحت جو تمام گهڻو خيال به ڪندو هو. اُن سلسلي ۾ هن ڪافي عرصي کان گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ عمر وڌي وڃڻ جي باوجود هو ورزش به ڪندو هو، پر خبر ناهي ته دل جو هي روڳُ کيس سياسي رفيقن جي
بي وفائين ڪري لڳو هو يا ڪن اڻ ڇُريل سپنن جي ڪري، پر هُن اُن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي. منهنجي ڳوٺ عام طور تي ’موبلنڪ موبائل فون‘ ڪم نه ڪندو آهي، پر اُهو ڪهڙو بدنصيب ڏينهن هو، جو آءٌ بستري تي ويهي صبح واري چانهه پي رهيو هئس ته منهنجي موبائل جي گهنٽي وڳي. مون فون کڻي آن ڪيو ته سامهون پياري دوست علي نواز ٻُٽ جو آواز آيو ته ’قاسم گُذاري ويو‘. ظاهري ڳالهه آهي ته قاسم نالي ڪيترائي ڪارڪن سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ غلاميءَ جي هن ڪاريءَ رات ۾ پنهنجي رَت سان ڏيئا ٻاريو، آزاديءَ جي صبح جو انتظار ڪري رهيا آهن. اُن ڪري، مون علي نواز کان پڇيو: ’قاسم پٿر؟‘ چيائين: ”ها.“ مون اِئين سمجهيو ته اڄ منهنجي موبلنڪ فون ۾ شايد عزرائيل جو آواز قيد ٿي ويو آهي ۽ مون کان اوچتو رڙ نڪري وئي ته ’ڇا هو وڃڻو هو؟‘ هو جيڪو ماده پرست هو، جيڪو روح جي پرواز تي يقين نه رکندو هو، جيڪو انسانن جي جسم جي خاتمي جو سبب ڪنهن مشين جي پرزن جي خرابيءَ يا خاتمي وانگر سمجهندو هو، ڇا هن جي جسم جا پُرزا ايڏا ناڪاره بنجي ويا هئا، جو هو پنهنجي پيارين محفلن ۾ ٽهڪ ڏيڻ ختم ڪري چُڪو هو؟
موت ۽ زندگيءَ جي باري ۾ ماڻهن جا قول آهن: هڪڙي جو چوڻ آهي ته ”آءٌ زنده اُن ڪري آهيان، جو هلان ٿو“- ۽ ٻئي جو چوڻ آهي ته: ”آءٌ زندهه اُن ڪري آهيان، جو سوچيان ٿو.“ مون کي ٻيو قول صحيح لڳي ٿو ته زندگي وڻ ٻوٽي کان وٺي جانورن تائين هر جسم ۾ حرڪت ڪري ٿي، پر اُن کي حقيقي زندگي نه چئبو. ٻي زندگي اُها آهي، جا لولي لنگڙي ماڻهوءَ ۾ به سوچ کي متحرڪ رکي ٿي. اِهو ئي سبب آهي، جو ڪارل مارڪس جي وفات تي سندس پياري دوست اينگلس تقرير ڪندي چيو هو ته: ”اڄ جي هن گهڙيءَ دنيا جي تمام وڏي سوچيندڙ دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو-.“ يعني سوچ جو خاتمو ئي انسان جي زندگيءَ جو خاتمو آهي. ڪاش! علي نواز ٻُٽ مون کي اِهو چوي ها ته ”اڄ سنڌ جي آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ سوچيندڙَ دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي“. اهو ئي قاسم جو موت هو.
قاسم سان منهنجي رفاقت، مخالفانه طريقي سان ٿي. هو ’عوامي تحريڪ‘ ۾ هو ۽ آءٌ ’جيئي سنڌ‘ ۾. هو عوامي تحريڪ جي رسالي ’تحريڪ‘ جو ايڊيٽر هو ۽ آءٌ جيئي سنڌ جي رسالي ’پيغام‘ جو ايڊيٽر هئس. پوءِ به اسين رمضان جي مهيني ۾ جڏهن ڏينهن جو هوٽل تي ماني کائڻ ايندا هئاسين ته ڀاڪر پائي وڏا ٽهڪ ڏئي ملندا هئاسين: هو ماده پرست هو. ۽ آءٌ هڪ مسجد ۾ پيش امام. اُن وقت هو چوندو هو ته سنڌ کي تو جهڙي مُلي جي ضرورت آهي. هو اُن وقت سنڌ جي آزاديءَ جي علامت سائين جي. ايم. سيد جي خلاف هو، پليجي جا مضمون ڇاپيندو هو ۽ آءٌ پنهنجن لفظن جي تلواري گهاءَ سان پليجي جي واريءَ جي ڪوٽن کي ڪيرائيندو هئس- ۽ هڪڙو وقت آيو، جو هو پليجي کان الڳ ٿي ويو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي علامت جي. ايم. سيد جي فڪر کي پنهنجي اکين جو سُرمو بنايائين.
قاسم پٿر جون ٻه شيون آءٌ ڪڏهن وساري نه سگهندس:
هو بنيادي طرح راڄوڻي ماڻهو هو ۽ ٻيو ته سياست جو فنڪار هو. سياست سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کڻي ’سائنس‘ هجي، پر قاسم جهڙا ماڻهو اُن کي ’آرٽ‘ طور استعمال ڪندا هئا ۽ ٿيڻ به ائين گهرجي. هن پنهنجي راڄوڻي طبيعت ۽ لاڙي هيٺ سنڌ جي هڪ ٻئي جي مخالف ڌرين کي ’راڄوڻي اتحاد‘ جي نالي سان گڏ ڪيو، جنهن جو ڪو به صدر، ڪو به سيڪريٽري نه هو: ”بابا، پاڻ راڄ آهيون، گڏ آهيون ۽ ڳوٺ ۾ هلي سنڌي ماڻهن کي سمجهائينداسين ته ’پنجابيو! سنڌ خالي ڪريو، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ آزادي سنڌين جو حق آهي.‘ هن جي سادي سودي فارمولي اڳتي هلي ’سنڌ قومي اتحاد‘ کي جنم ڏنو. هن جو چوڻ هو ته سادا طريقا پيچيدين راهن مان نڪري، منزل تي پهچي ويندا آهن- ۽ هو زندگيءَ کان وٺي سياسي اصطلاحن تائين هميشه سادي ٻولي ۽ سادا طريقا استعمال ڪندو هو.
ٻيو سندس خيال هو ته فتح ننڍڙي مورچي کان شروع ڪجي ۽ وڏي مورچي تي ختم ڪجي، پر تڪڙيون فتحون ڪڏهن ڪڏهن وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻارن وانگر هونديون آهن، جيڪي جلدي مري ويندا آهن. اُن ڪري، پهرين ننڍڙي فتح کي مستحڪم ڪريو ۽ پوءِ وڏي فتح ڏانهن وڌو. هٽلر جي ناڪاميءَ جو سبب تڪڙيون سوڀون هيون ۽ اڳتي وڌڻ جي هٻڇ ۾ هن اُنهن سوڀن کي غير مستحڪم ڪري ڇڏيو هو.
هو شروع ۾ ماده پرست هو ۽ اُن نقطهء نظر سان هو سنڌ ۾ ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ جو حامي هو، پر پوءِ اسان جي ڪچهرين ۽ سائين جي. ايم. سيد جي محفلن کانپوءِ، هو سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار ٿي ويو، ۽ اُن سان گڏ راڄوڻين مصلحتن، محبتن، ڪچهرين ۽ معاشي خوشحالين جو عاشق بڻجي ويو. بهرحال هن جيڪا به زندگي گذاري، اُها آزاديءَ ۽ انقلاب جي عشق ۾ گُذاري، هن کي زندگيءَ ۾ بهترين دوستَ ۽ لازوال محبتون مليون، پر هُن کي شايد ئي ڪو بدترين دشمن مليو هجي! هي سنڌ جو واحد قوم پرست انقلابي هو، جيڪو هڪئي وقت پير پاڳاري، جي. ايم. سيد ۽ پليجي سان ’تون‘ ڪري ڳالهائيندو هو ۽ ’توهان‘ لفظ استعمال نه ڪندو هو. پاڳاري جهڙي شخصيت سان اُن حد تائين حُجائتو هو، جو هڪٻئي جي ڪُلهن تي هٿ هڻندا هئا ۽ هڪٻئي سان مذاق ڪندا هئا. باقي مون سان جيڪو سندس واسطو هو، اُهو ڪڏهن اختلافي رهيو سياسي طرح، پر ذاتي طرح هن مون سان ڪڏهن به ڀيرو نه ڀڳو ۽ هر عيد جي ٻئي ڏينهن، آءٌ پنهنجي غريباڻي اوطاق تي انتظار ۾ رهندو هئس ته قاسم پٿر جي اڳواڻيءَ ۾ ٺٽي جو قافلو ڪڏهن ٿو پُهچي.
بهرحال هي دَور دل وارن جو دَور نه رهيو آهي، پٿر دل ماڻهن جو دَور رهيو آهي، جتي سياست لفظن جا تير وسائڻ جا هنر ته سيکاري ٿي، پر گُل آڇڻ جي لاءِ اُن جي دامن ۾ ڪو گُل بچيو ئي ناهي. قاسم جهڙا ماڻهو هئا، جيڪي اُنهيءَ هُنر کان واقف ها، اُنهن جي وڃڻ سان مون کي اياز جو شعر ياد ٿو اچي:
دُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جِئين هاءِ ڙي جيئڙا!
(2)
هڪ هٿ ۾ وٽڙي، ٻئي هٿ ۾ ڪات،
سودو هاٿو هاٿ، قاسم ڪِج ڪلال سين!
قاسم پٿر تي ڪجهه ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان اڳ مون کي خليفي [نبي بخش لغاريءَ] جو اِهو بيت ياد ايندو آهي ۽ اُن مان استفادو وٺندو آهيان ته: قاسم جي رڳن ۾ سنڌ جو رتُ ۽ هٿ ۾ ڪاتُ هوندو هو، جنهن سان هو سنڌ جي دشمنن جي ڪنڌن جو لابارو ڪرڻ جو سوچيندو رهندو هو. هونئن به ’قاسم‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’قرب، الفت، ساڃاهه ۽ محبت.‘ اُنهن خوبين وارو ماڻهو ’پٿر‘ ڪيئن ٿيو؟ شايد دل ۽ دماغ جي اُنهن خوبين باوجود هن جو ارادو ’پٿر‘ هوندو هو.
قاسم جي سياست جا ٽي دور هئا: هڪ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ بيباڪ ۽ پٿر جهڙي ارادي وارو نوجوانُ، جيڪو اُن وقت ڪڪرن واري اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مون کي اِها خبر ناهي ته، ڪَڪرن واري اجرڪ جو ڪو فوٽو سندس گهر ڀاتين وٽ محفوظ آهي يا نه؟ ٻيو دَور هن جو هاري ورڪر ۽ ڪميونسٽ ڪارڪنَ جو دور هو. انهيءَ وقت هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ سندس اُنهن ڪهاڻين جو ڪتاب [’رَتُ ۽ غُلامي‘] به ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڪميونسٽ دوستن سان شڪايت واري ڪهاڻي ’ائين نه ماريو يار‘ به شامل آهي. اُن کانپوءِ هو جناب رسول بخش پليجي جي ’عوامي تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو، جتي هو پنهنجي تخليقي جوهرن سان پليجي صاحب سان نڀائي نه سگهيو، بلڪ اِئين چئجي ته پليجي هن کي برداشت نه ڪيو ۽ عين اُن وقت تي جڏهن هو ’لاڏيون لاڪ اَپ‘ ۾ هو ته، سندس دوستَ اڪبر شاهه جي هٿان، هن کي پارٽيءَ مان خارج ڪرڻ جو نوٽيس مليو ۽ مختلف راوين جي چوڻ مطابق قاسم چيو ته: ’مون کي زندگيءَ ۾ ايڏو صدمو نه پهتو، جو منهنجي يار اڪبر شاهه پنهنجي مبارڪ هٿن سان مون کي پارٽيءَ مان خارج ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو‘ - ۽ پوءِ اُهو ئي اڪبر شاهه، ’پليجي جي آپيشاهيءَ مان بيزار ٿي، پارٽي ڇڏي ويو- ۽ قاسم‘ لاڏيون جيل مان آدم هنڱوري سان گڏ ڪراچي سينٽر جيل پهتو، جتي جيل جي دستورَ مطابق نئين ايندڙ قيديءَ کي بند وارڊ ڪيو ويندو آهي. اِها جُٺ، قاسم سان به ٿي. اُن وقت سنڌ جو وزير اعليٰ مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي هو ۽ جيل سپريٽنڊنٽ مصطفيٰ جتوئيءَ جو منظور نظر آڪاش شيخ هو. هاڻي خبر ناهي اُهو ڪٿي آهي؟ قاسم جي جيل ۾ اچڻ وقت، آءٌ، ابراهيم منشي، مولا بخش لغاري ۽ ٻيا انيڪ جيئي سنڌ ۽ ڪميونسٽَ تحريڪ جا ڪارڪن موجود هئا، ۽ اُن سان گڏوگڏ حر تحريڪ جا اڳواڻ فقير تُرڪو مڱريو، فقير عبدالله مڱريو ۽ ٻيا به هئا. قاسم، اسان جي ڪوششن سان بند وارڊ مان نِڪتو ۽ اسان جي چوڪڙيءَ ۾ شامل ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ فاضل راهو، اسماعيل سوهو ۽ رسول بخش پليجو به اچي ڪڙڪيا. اُن کان اڳ ۾ انهيءَ وارڊ ۾، معراج محمد خان، جيڪو پ. پ. پ جو جادو جاڳائيندڙ مقرر هو، ۽ مسٽر امان الله گچڪي، جيڪو بلوچستان سان واسطو رکندو هو، اُهي به اُتي رهي چڪا هئا. بهرحال جيل جو اِهو عرصو مختصر ثابت ٿيو، ڇو ته قاسم ۽ فاضل جي صلاح تي اسان جيل ۾ بک هڙتال ڪئي، جنهن جي پليجي صاحب مخالفت ڪئي. فاضل وڏو بهادر انسان هو ۽ قاسم تجويزون ٺاهڻ جو ماهر هو. بهرحال اُها بک هڙتال ته اسان جي مطالبن جي ڪاميابيءَ سان ختم ٿي، پر قاسم کي ڪراچيءَ جي ٿڌين هوائن مان ڪڍي، لاڙڪاڻي جيل موڪليو ويو. مون کي هتي هڪ لطيفو ياد اچي ٿو ته ريڊيو تي هڪڙو ڪلام هلندو هو، جنهن جا ٻول هئا:
جانيئڙا موٽي آ، مون تو لاءِ لولو پڪو!
-اُن تي نذير عباسيءَ تنقيد ڪئي ته اِها ڪهڙي محبوبا آهي، جيڪا جانيءَ جي موٽڻ تي لولو ٿي پچائي، ڇيلو ڇو نه ٿي ڪُهي؟ اُن تي قاسم جواب ڏنو هو ته ”نذيرَ! هي شعر ٿر جي پسمنظر ۾ چيل آهي، جتي ڇيلو وڏي شيءِ ناهي، پر لولو وڏي شيءِ آهي ۽ تو ٿر شايد ڏٺو ئي ناهي. رڳو ’سرخ پرچم‘ پڙهي هت جيل ۾ پيو آهين.“
قاسم جي زندگيءَ جو آخري دَور، قومي آزادي ۽ سائين جي. ايم. سيد سان وابستگيءَ وارو دَور آهي. سائينءَ سان عقيدت هوندي به هو سندس جيئري ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شامل نه ٿيو ۽ سائينءَ جي وفات کان پوءِ ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شامل ٿيو. مون کانئس پڇيو ته: ”قاسم! آزاديءَ سان ايڏي موهه هجڻ باجود، سائينءَ جي زندگيءَ ۾ شامل نه ٿئين ۽ وفات کانپوءِ شامل ٿئين؟ جڏهن ته آءٌ به محاذ ڇڏي ’جيئي قومي محاذ‘ ۾ هليو ويو آهيان.“ هن مون کي جواب ڏنو ته: ”توهان جي دَور ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ جمهوريت نه هئي ۽ آءٌ ڪهڙي به دلڪش تحريڪ هجي، اُن کي بنا جمهوريت جي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان.“ پر اُهو ئي قاسم پٿر، سائين جي. ايم. سيد جي زندگيءَ ۾ ’سنڌ قومي اتحاد‘ جو مرڪزي خزانچي هو. هن پنهنجي ڏاهپ ۽ هنر سان سنڌ قومي اتحاد جي لاءِ هڪڙو بنگلو خريد ڪيو هو، پر اهو سيد غلام شاهه جي نالي خريد ڪيائين، جيڪو بنگلو اڳتي هلي ڪيترن دکدائڪ واقعن جو ڪارڻ بڻيو، ۽ نيٺ غلام شاهه، ڪاغذ وڃي رياض چانڊيي جي حوالي ڪيا!
بهرحال، قاسم جڏهن پليجي گروپ ۾ هو، اُن وقت هو ’تحريڪ‘ رسالي جو ايڊيٽر پڻ هو، جنهن ۾ سيد جي خلاف ڌڙا ڌڙ مضمون ڇپبا هئا. بقول ممتاز ڀُٽي جي، جيڪو اُن وقت سنڌ جو وزير اعليٰ هو ته اُهي مضمون ڏوڪڙن تي لکبا هئا؟ ۽ قاسم جي مزاحمت جي باوجود پليجو صاحب اُهي مضمون لکندو هو، ۽ موٽ ۾ آءٌ ’پيغام‘ رسالي جو ايڊيٽر هئس ۽ پليجي جي خلاف مضمون لکندو هوس، پر اُنهن مضمونن ۾ مون ڪڏهن به قاسم پٿر کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو ۽ حالت اِها هئي، جو رمضان شريف جي مهيني ۾ آءٌ جيتوڻيڪ مسجد شريف ۾ پيش امام هئس، پر آءٌ ۽ قاسم ڏينهن واري ماني ’سلطان هوٽل‘ تي گڏجي کائيندا هئاسين.
قاسم سادي ٻولي ڳالهائيندو هو . تمام وڏي ۽ پڙهيل لکيل هجڻ باوجود لاڙ جي عوامي ٻوليءَ ۾، ماڻهن کي سمجهائيندو هو. مثلاً: هو ’ماڻهوءَ‘ کي ’ماڙهو‘ سڏيندو هو- ۽ سنڌ جو شايد ئي ڪو قومي ورڪر هجي، جنهن جا جي. ايم. سيد سان لاڳاپا هجن ۽ حضرت پير سائين پاڳاري سان به دوستي هجي، دوستي به بي تڪلفيءَ جي حد تائين. مون کي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته، آءٌ قاسم پٿر ۽ ڪجهه دوستن سان گڏجي حضرت شاهه مردان شاهه پاڳاري سان ملڻ وياسين ته قاسم، پير صاحب کي چيو ته: ”سائين عمرو ڪري آيا، انگلنڊ مان به ٿي آيا، هاڻي منهنجو هڪ عرض آهي ته، راجسٿان مان به ٿي اچو، جتي توهان جا مريد تمام گهڻا آهن.“ اُن تي پير صاحب قاسم کي ڪلهي تي مُڪ هڻندي چيو ته: ”اڙي پٿر! هتي جون ايجنسيون ته منهنجي پٺيان آهن، هاڻي ’را‘ جي ايجنسي به منهنجي پٺيان لڳائڻ ٿو چاهين، جيڪا منهنجي مريدن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندي.“ بهرحال، قاسم جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ’راڄوڻي اتحاد‘ قائم ڪرائڻ هو، جنهن اڳتي هلي ’سنڌ قومي اتحاد‘ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ اُن جو مرڪزي خزانچي رهيو ۽ هڪڙي پئسي جي خيانت به سندس دور ۾ نه ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ قومي اتحاد ۾ جن ماڻهن جا فون استعمال ٿيا، اُنهن فونن جا بل به وصول ڪيا، ۽ هن وقت هڪ پي. پي. پي جو معتبر ماڻهو آهي، اُن پنهنجي مجبوريءَ جي ڪري الائي ڪيترا پئسا ورتا هئا.
قاسم جو شاعريءَ سان وڏو شوق ۽ چاهه هوندو هو، جيتوڻيڪ آءٌ به اياز جي شاعري پڙهندو هوس، پر هيءَ شعر مون کي قاسم ٻڌايو:
’ڪاري ڍنڍ، اڇيرا پک‘
-۽ مون اهو شعر سکر بار ۾ تقرير ڪرڻ وقت پڙهيو هو، جتي شيخ اياز به ويٺو هو. اياز چيو ته مون کي ته اِهو شعر وسري ويو هو، تو کي ڪنهن ٻڌايو، مون چيو ته: ’سائين، قاسم پٿرَ.‘ اياز چيو ته: ”جڏهن اوهين ٻئي گڏجي مون سان ملڻ آيا هئا، ان کانپوءِ قاسم سان منهنجي ملاقات نه ٿي سگهي آهي. خبر ناهي ته سنڌ ۾ ڪهڙا ذهين ماڻهو آهن، جن تي منهنجي شاعري، مُڪي [ڀرت] جي چِٽ جيان چٽيل آهي. آءٌ خوش آهيان ته منهنجو ورثو زيان نه ٿيندو.“
جيئن ته مون شروع ۾ قاسم جي ذڪر ۾ لکيو آهي ته هو مختلف پارٽين ۾ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو رهيو، اُن مان ڪو ماڻهو اِهو نه سمجهي ته هن کي پارٽيون تبديل ڪرڻ جو وڏيرن ۽ پيرن وانگر شوق هو. سڀ کان پهرين اِهو سمجهڻ گهرجي ته هڪڙا ماڻهو اقتدار جي ڪرسيءَ لاءِ پارٽيون تبديل ڪندا آهن. قاسم اُنهن مان هو، جن کي پنهنجا اصول ۽ نظريا هر شيءِ کان وڌيڪ پيارا ۽ مقدس هوندا آهن، ان ڪري هو ايم. آر. ڊي (تحريڪ) ۾ به باضابطا شامل نه ٿيو هو، پر پوءِ به ’ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻئي وانگر ڳرو‘، مصداق قاسم کي ايم. آر. ڊي ۾ ذري گهٽ ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو، جتي جيڪي وڏيرا ڪجهه ڏينهن اقتدار جي مزي ماڻڻ لاءِ آيا هئا ۽ پوءِ معافي ناما لکڻ جي تيار ڪرڻ لڳا، تن کي هو مختلف دليلن سان ريجهائي معافي وٺڻ کان روڪيندو رهيو. اُن جو هڪڙو مثال امير بخش جوڻيجو به آهي، جيڪو قاسم سان گڏ خيرپور ميرس جيل ۾ هو. اُن کي قاسم معافي وٺڻ نه ڏني. هُو ڪجهه عرصي کان پوءِ باعزت طريقي سان بري ٿيو ۽ قاسم جو سدائين احسانمند رهندو هو ته: ’تو منهنجي عزت بچائي، اُن ڪري تون منهنجو مرشد آهين.‘ اُنهيءَ سلسلي ۾ هن پنهنجي ڳوٺ خانپور ۾، قاسم جي پُرتڪلف دعوت به ڪئي، جنهن ۾ آءٌ، خالق جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر خادم لاکير به قاسم جا ساٿي هئاسين.
حقيقت ۾ قاسم کي دوست بنائڻ جو ڏاڍو فن هو. هو سياست جو تخليقڪار ۽ دوستي رکڻ جو فنڪار هو. ڪيڏانهن به وڃبو هو ته طئه ٿيل پروگرام کان سواءِ هن جو جتي به ڪو واقف هوندو هو ته اُن سان ضرور ملندو هو. اُن سلسلي ۾ مير دين محمد ٽالپر ۽ آءٌ کانئس ڏاڍي دوستانا بيزاري ظاهر ڪندا هئاسين. ڀلا جيڪو ماڻهو ورهين جا ورهيه جيلن ۾ رهيو، اُن جا ڪيترا نه جيل جا ساٿي ۽ سنگتي هوندا هئا، تن سڀني سان ملڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. اُنهن ملاقاتن جي سلسلي ۾ هڪڙو عجيب اتفاق ٿيو ته، ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان هن جو هڪ پراڻو ساٿي رهندو هو، قاسم ضد ڪيو ته اُنهيءَ سان ضرور ملبو. سندس ڳوٺ پهچڻ تي معلوم ٿيو ته، اُهو ٽي ورهيه اڳي گذاري ويو آهي- ۽ ڳوٺ وارا اهڙا سدورا هئا، جن قاسم جهڙي ماڻهوءَ، جيڪو مٽيءَ ۽ رُڪ سان ٺهيل هو، تنهن کي چانهه جي صلاح به نه ڪئي. اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ لطيفا آهن، جيڪي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر درڪار آهن. مرحوم ٿرپارڪر ۾ هن جا ٻه سٺا دوست هئا: ٻير موريءَ وارو محمد خاصخيلي ۽ ’شير سنڌ‘ جي ڳوٺ وارو مير دين محمد ٽالپر- ۽ اسان سنڌ جو گهڻو سفر، مير دين محمد جي ڪار تي ئي ڪيو، جنهن جي پيٽرول جو خرچ به مير صاحب ڀريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هوٽل تي چانهه پيئندا هئاسين ته قاسم چوندو هو ته ”ترسو، بل آءٌ ٿو ڏيان.“ اُن تي مير صاحب حجت واري ڪاوڙ جي انداز ۾ چوندو هوس ته: ”پيٽرول پمپ تي پئسا ڏيڻ کان ٻرو ٿو چڙهئي، باقي چانهه جا چار آنا ٿو ڏين.“ اُن تي قاسم چوندو هوس ته: ”اها تنهنجي عزت گهٽ آهي، جو اسان جهڙا ماڻهو توسان گڏ سفر ٿا ڪريون، نه ته وڏيرن جا سنڌ ۾ کرا ڀريا پيا آهن. حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجي دوستن جي ئي حلقي ۾ ئي سڃاپي ٿو. ڀلي سماج اَڏڻ لاءِ تو جهڙي وڏيري کان ڪار گهرون ٿا ته، ٻرو چڙهيو وڃئي!“
قاسم جي هڪ ٻي به خوبصورت عادت هئي ته هو دوستن کي مانيءَ ۾ طرح طرح جا طعام پيش ڪندو هو. هڪ دفعو مون حيران ٿي چيو ته: ”قاسم پاڻ غريب ماڻهو آهيون. هيترن ٻوڙن جو ڇو تڪلف ڪيئي؟“ ته کِلي جواب ڏيندو هو ته: ”اِهو سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي ته توهان گهر ۾ دال ججهي رڌيو، اُن مان ڪٽوري ڪٽوري سڄي پاڙي ۾ ورهايو، ظاهر ڳالهه آهي ته سڀني گهرن ۾ دال ته نه هوندي آهي ۽ نه وري ڪٽوري خالي موٽائيندا آهن، تنهنڪري ڪيترن قسمن جا ٻوڙ اچي گڏ ٿيندا آهن، سي آءٌ دوستن کي کارائيندو آهيان.“ افسوس، جو اِهو ورثو سنڌ مان موڪلائيندو پيو وڃي، خاص ڪري شهري زندگيءَ مان. هونئن به سنڌ ۾ شهر آهن ڪيترا، جتي ڳوٺاڻيون روايتون اڃا زندهه آهن!
هڪ دفعي ٿر جي سفر تي اسان گڏجي نڪتاسين. گهمندي گهمندي ڀالوا جي ڀٽ جي ڀرسان وڏي دڙي تي اسان جي مهماني محمد علي خاصخيليءَ ڪئي، پر هن طعام کان اڳ ۾ ڪلام جي فرمائش ڪئي، اُتي جيڪو قاسم ليڪچر ڏنو، سو مون کان اڄ ڏينهن تائين ناهي وسريو. هونئن ته ننگر پارڪر ۾ سماج سڌارڪ تنظيمون گهڻي وقت کان ڪارونجهر جبل جي پٿر ۽ سماجي ڪم ڪندڙ عورتن مان نفعو ۽ لذت وٺندا رهيا آهن. قاسم چيو ته: ”اسين سماج سڌارڪ ناهيون، پر اسين سماج تبديل ڪندڙ انسان آهيون. سماج سڌارڻ خيراتي ڪم آهي ۽ سماج تبديل ڪرڻ انقلابي ڪم آهي. ماڻهو چون ٿا ته سماج جي تبديليءَ جو مطلب پوري ڪائنات کي تبديل ڪرڻ آهي، پر رات ڏينهن، سج، چنڊ ۽ ستارا ته ساڳيا ئي رهندا. آءٌ چوان ٿو ته سماج تبديل ڪرڻ سان نه رڳو انسانن جون دليون، دماغ ۽ سوچون تبديل ٿينديون، پر اُنهن جا رنگ، روپ، اُنهن جي خيالن جي اُڏام، اُنهن جي محبتن جا مرڪز، اُنهن جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اُنهن جو مُشڪڻ مُرڪڻ، ٽهڪڻ ۽ ٻَهڪڻ به تبديل ٿيندو. زمين جي سونهن ۽ آسمان جي شفق کان پوءِ ستارن جي چمڪ، سج جو رنگ، روپ، چانڊوڪيءَ جون راتيون ۽ دسهڙي جا ڏينهن به تبديل ٿي ويندا آهن. بگي ڪهاڙي ۽ مورن جا ٽهوڪا به تبديل ٿي ويندا آهن، اسان جي منزل اها تبديلي آهي.
اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي!“
- ۽ حقيقت ۾ قاسم هو ئي سماج تبديل ڪندڙ، جاکوڙي ۽ هن سنڌ جي سينواريل سماج ۾ ڪنول جا گل پوکڻ ٿي چاهيا. اُهي گل هن پوکيا ته ضرور، پر نِکار کان اڳ ۾ ئي مُرجهائجي ويا. منهنجي نظر ۾ قاسم کي ماڻهو ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو سليقو ايندو هو. هن انهيءَ لاءِ ڪوششون به ڪيون. هو چوندو هو ته سنڌ جا ٻه پير پنهنجن جماعتين سميت متحد ٿي وڃن ته سنڌ جيسلمَير ۽ ڪاٺياواڙ تائين وسيع ٿي سگهي ٿي. انهن پيرن مان هڪ پير پاڳارو ۽ ٻيو مخدوم طالب الموليٰ. جيتوڻيڪ انهيءَ سوچ جي ڪيترا ماڻهو مخالفت ڪندا هئا. مون پاڻ اکين سان، پير پاڳاري سان سندس [قاسم جي] ويجهڙائپ ڏٺي هئي. باقي مخدوم صاحب سان قاسم جي ڪيتري ويجهڙائپ رهي، سا مون کي خبر ناهي. مخدوم صاحب سنڌي شاعريءَ جو باڪمال شاعر هو، ۽ قاسم کي به سنڌي شاعريءَ سان بي پناهه عشق هو. هو حاجي احمد ملاح جا عشقيه غزل ڪلاڪن تائين برزبان ٻڌائيندو هو. ٿي سگهي ٿو ته شاعريءَ جي ذوق جي ڪري مخدوم صاحب سان ويجهو رهيو هجي- ڇو ته شاعريءَ ۾ سُونهن آهي ۽ قاسم سُونهن ۽ سنڌ جو شيدائي هو. هن کي اياز جي انقلابي شاعريءَ کان وڌيڪ رومانٽڪ شاعري وڌيڪ پسند هوندي هئي ۽ چوندو هو ته: رومانس تي مذهبي بندش نه هجي ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪڏهوڪا ختم ٿي وڃن ها. ڀٽائيءَ جي سنڌ ۾ رومانيت هئي، انهيءَ رومانيت جي ڪري ڀٽائيءَ جي دور ۾، سنڌ ۾ سياسي جهيڙا ته ٿيندا هئا، پر قبائلي جهيڙا نه. شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول قبائلي جهيڙن جي ڪري شهيد نه ٿيا هئا، انهن جي شهادت جو سبب به سياسي هو، ان ڪري سنڌ کي اڄ به سياسي جهيڙي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. باقي فتح يا شڪست، راند ۽ جنگ جو حصو آهي. اُن ڪري هن کي سنڌ کي منظم تنظيمي ڍانچي ۾ آڻڻ جو وڏو فڪر هو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پليجو مون کي پارٽيءَ مان نه ڪڍي ها ۽ اترادي ۽ لاڙيءَ وارو فرق پيدا نه ڪري ها ته اڄ اسان ڪارونجهر جي چوٽيءَ، ڀالوا جي ڀٽ، ڀڳي ٽوڙي جي غارن ۽ راڄڙي ٻيلي جي وڻن ۾ هجون ها. انهيءَ تي مون پليجي صاحب کان پڇيو ڪنهن ڪچهريءَ ۾. مون ۽ پليجي ڏينهن جي وقت سندس نسيم نگر واري بنگلي جي لائبرريءَ ۾ پيتو پئي ته مختلف ڳالهين هلندي، سنڌ جي اتحاد جو ذڪر نِڪتو ته پليجي عادت موجب چيو ته: ’جيستائين تنهنجي قاسم سان ياري آهي ۽ قاسم نٿو مري، تيستائين سنڌ جو اتحاد ٿي نه ٿو سگهي.‘ خير اهڙيون ڳالهيون پليجي صاحب کان ٻڌڻ جو واقف هوس. پر اڄ قاسم هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، پر پليجو گڏ ٿيل سنڌين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڇا قاسم جيئرو هجي ها ته پير پاڳاري جي پڳدار پُٽ کي اِئين اڪيلو ڇڏي ها؟ هرگز نه. جيتوڻيڪ اڄ قاسم نه رهيو آهي ۽ الائي مون کي ڇو اياز جي هيءَ سٽ ياد اچي رهي آهي:
’واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي!‘
بهرحال سهڻي سنڌ اڏيندڙ، حُسن پرست قاسم، جيڪو سنڌ جي هر شيءِ ۾ سونهن ڏسڻ چاهيندو هو، هي سنڌ جي سرزمين ۽ سنڌ جو آسمان، هي سنڌ جا محبوبه جي اک ڀڃندڙ ستارا، ڪارونجهر ۽ ڀڳي ٽوڙي جي غارن کي پسند ڪندڙ، راڄڙي ٻيلي جو عاشق، اڄ نه رهيو آهي. حُسن اک ۾ هوندو آهي، نظارن ۽ جسمن ۾ گهٽ، اُن ڪري منهنجي نظر ۾ سنڌ لاءِ اهو وڙهي سگهي ٿو، جنهن جي اک ۾ سنڌ جو حسن سمائجي وڃي.
ميرپور بٺوري آءٌ اڄ به ويندو آهيان، پر اها قاسم جي اوطاق، اُهو پاڻيءَ جو تلاءُ، اُهو بئنسري وڄائيندڙ ازلي عاشق، جيڪو رات جي پوئين پهر بين وڄائيندو هو ته ميلن پري سندس محبوبه جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي، سي شيون نه رهيون آهن. ماڙي موجود آهي، پر عربيءَ ۾ چوندا آهن ته: ’مڪان جي عظمت مڪين سان قائم آهي.‘ ها! باقي ڪڏهن ڪڏهن سندس ٻارهي تي وڃڻ ٿيندو آهي ته الائجي ڇو سندس مزار تي [بيهندي] مون کان ٻن فارسي شعر جا هي مفهوم نه وسرندا آهن:
اسان جي صفن مان اهو ڀڄي وڃي،
جيڪو جهيڙاڪ نه آهي.
جيڪو ڪسجڻ لاءِ تيار نه آهي،
سو اسان جي قبيلي مان ناهي!
- ۽ ٻئي فارسي شعر جو مفهوم آهي:
’مري مٽيءَ ۾ ملي وياسين، پر اسان جي تربت جي خوشبوءِ
اهو ٿي ٻڌائي ته هتي ڪو مڙس ماڻهو پوريل ماڻهو آهي!‘
-