اِئين به وڃبو آهي ڇا؟ [ناصر مورائي]
هي اولڊ ڪئمپس ۾ سنڌ يونيورسٽي سينٽرل لائبريريءَ جي لائبريرين حافظ محمد پنهور جي بيٺڪ وارو ڪمرو آهي، آءٌ روپوشيءَ جي حالت ۾ اُن ڪمري ۾ ترسيل آهيان، ته اوچتو حافظ صاحب مون کي چوي ٿو: ”هڪ ماڻهو آيو آهي، جيڪو توسان ملڻ چاهي ٿو؟“ مون چيو ”توهان جو اُن تي اعتماد آهي؟“ حافظ چيو ته: ”منهنجو نه، پر سائين جي. ايم. سيد جو هن تي اعتبار آهي.“ مون چيو ته ”پوءِ مون کان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، وٺي اچوس!“
ٿوريءَ دير کان پوءِ در کُليو، منهنجي سامهون ڊگهي قد، خوبصورت مُهانڊي ۽ متناسب جسم وارو هڪ شخص بيٺو هو. هُن ويهندي شرط ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ۽ اُن ۾ اديبن جي ڪردار تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڳؤرو آواز، لهجي ۾ ڌيرج سان گڏ رواني، لفظن ۾ سنڌ جي ذڪر اچڻ تي ميٺاجُ ۽ ظالمن جي ذڪر اچڻ تي ڪِروڌ ۽ نفرت جا شعلا ڀڙڪڻ لڳا ٿي. هُو مون کي ڪڏهن شبنم لڳو، ڪڏهن شعلو ٿي ڀڙڪيو ٿي، ڪڏهن گلاب جي ٽاريءَ وانگر جَهلڪيو ٿي ۽ ڪڏهن بهار جي ڪڪرَ وانگر اُڀو ٿيو ٿي: ڄڻ ته هن جي رڳ ريشي ۾ موسمن جون سڀئي خوبصورتيون ۽ قهرمانيون شامل هيون، هُو انهن سڀني رنگن ۽ روپن سميت سنڌ ۽ سيد جو اڻٽٽ حصو لڳو پئي. آءٌ هن جي ڳالهين ۾ پنهنجو سمورو علمُ ۽ سموري خطابت وساري محو ٿي ويس. مون چاهيو ٿي ته آءٌ هن کي پنهنجي تازي جدوجهد ۽ نئين علم ذريعي شڪار ڪندس، پر آءٌ هن جي ماضيءَ جي ڳالهين ۽ جدوجهد جو ذڪر ٻُڌي خُود هن جو شڪار ٿي ويس ۽ اُهو شڪار ڪندڙ شخص هو ناصر مورائي، جيڪو بيروزگار هجڻ ڪري، ۽ ڀُٽي شاهيءَ جي عتاب هيٺ هجڻ ڪري دائمي طرح مون وانگر حافظ محمد پنهور جو مهمان بنجي ويو هو. اِها هئي هن ماڻهوءَ سان منهنجي پهرين ملاقات، جنهن نه رڳو مون کي هُن جو اسير بنائي ڇڏيو، پر هُو، حافظ محمد ۽ آءٌ ٽيئي هڪڙي پڃري جا قيدي ٿي وياسون. اُهو پڃرو، فڪري پڃرو هو، جنهن ۾ آزاديءَ جي اُڏام ۽ ڪيئي ڳڙکيون هيون، ۽ اُهو پڃرو هو سائين جي. ايم. سيد جي فڪر جو.
-۽ پوءِ اسان راتين جون راتيون، اُن ننڍڙي پڃري ۾ ويهي ڪچهريون ڪيون ۽ حافظ محمد، جيڪو ڪٽر ڪانگريسي، ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش شهيد جو پوئلڳ ۽ سيد کان سخت چِڙيل هوندو هو، اُن کي اِن منزل تي پهچايوسون، جو هُو پنهنجا ٻار وٺي وڃي سَن پهتو ۽ هاڻي مون کي ٻڌايو اٿس ته ’آءٌ آزاد سان به مليو هوس، نهروءَ سان به ڪچهري ڪئي هئم، پر جنهن طريقي سان سيدَ مُون سان ڪچهري ڪئي، سا ڪنهن سياستدان جي ڪچهري نه هئي.‘ ها، پوءِ اُهو دور ختم ٿي ويو، جو آءٌ گرفتار ٿي ويس، ناصر مورائي الائي ڪهڙين راهن جو راهي ٿي ويو ۽ حافظ محمد اُتيئي رهجي ويو.
منظر ٻيون:
منهنجي سامهون هڪ ڪارڊ پيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي، فلاڻي تاريخ تي اسٽيل ملز ڪراچيءَ ۾ ’يوم لطيف‘ ملهايو پيو وڃي، جنهن جي صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪندو ۽ چيف گيسٽ عبدالواحد آريسر هوندو، هيٺان دعوت ڏيندڙ جو نالو سيد ناصر علي شاهه لکيل هو. آءٌ سمجهي نه سگهيس ته سيد ناصر علي شاهه ڪير آهي؟ بهرحال، آءٌ مقرره وقت ۽ تاريخ تي اسٽيل ملز پهتس ته گيٽ جي ٻاهران ناصر مورائيءَ منهنجو استقبال ڪيو. مون چيو، ”سائين توهان؟“ چيائين، ”ها، آءٌ هينئر اسٽيل ملز جو آفيسر آهيان ۽ هي جلسو مون ئي ڪرايو آهي، پر آءٌ توکي ڪيئن ٿو وساري سگهان.“ مون چيو ته: ”توکي خبر آهي ته آءٌ جيل مان هاڻي نِڪتو آهيان، اڍائي سال قيد ۽ ڏهه ڦٽڪا کائي، تو مون کي ڪيئن گهُرايو آهي؟“ وڏو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو ته ”بُک ۾ حافظ محمد وٽ گڏ هوندا هئاسون ۽ هينئر سُک ۾ توکي ڪيئن وساريان، ’ايءُ وڙُ نه ويڙهيچن جو!‘“ بهرحال، ’لطيف ڊي‘ ۾ مون تقرير ڪئي، پر روايتي لهجي ۽ ڍنگ کان هٽي ڪري، جيئن منهنجي دوست جي نوڪريءَ تي اثر نه پوي، موڪلائڻ وقت چيائين ته: ”آريسر! تو مون کي مايوس ڪيو آهي، تو پنهنجيءَ زبان کي ڇُوٽ ڇو نه ڏني ۽ دل کي دماغ جي تابع ڇو ڪيئي؟“ مون چيو، ”ناصر! مون کي تنهنجي نوڪريءَ جو فڪر هو.“ چيائين: ”بادشاهه ماڻهو آهين، سنڌ جي معاملي ۾ آءٌ پنهنجي جانِ جو فڪر نه ڪندو آهيان ۽ تون سنڌ جي معاملي ۾ منهنجي نوڪريءَ جو فِڪر ڪرين ٿو! پنهنجو رشتو ۽ ناتو سنڌ جي حوالي سان آهي. اسان چئن ماڻهن: نياز همايونيءَ،
ناصر مورائي، عبدالواحد آريسر ۽ حافظ محمد پنهور اِهو وچن نه ڪيو هو ته سنڌ جي نجات جو اُهو تصور صحيح آهي، جيڪو جي. ايم. سيد ڏنو آهي؟ ته پوءِ اهڙيون رک رکاءَ جون ڳالهيون ڇا جي لاءِ؟ ۽ تو منهنجي ڪري اڄ جيڪو نرم لهجو اختيار ڪيو، تنهن مون کي دوستن جي سامهون ڏاڍو شرمسار ڪيو.“
منظر ٽيون:
زندگي وهندڙ ندي آهي ڇا؟ زندگي بدلجندڙ منظر آهي ڇا؟ زندگي فضائن جا رنگ روپ مٽجڻ جو نالو آهي ڇا؟ گهٽ ۾ گهٽ مون اِئين محسوس ڪيو آهي. هي ڪراچيءَ جي هڪ انتهائي مهانگي هوٽل آهي، اُن ۾ مون کي ليڪچر ڏيڻو آهي، سڄو هال، فئشن ايبل ماڻهن، دلڪش مُرڪن، خُوشبوءِ دار ٽهڪن سان ٽمٽار آهي ۽ آءٌ محفل جو گُڏو بنيل اسٽيج تي ويٺو آهيان. مختلف ماڻهن کي تقريرن لاءِ گهرايو پيو وڃي ۽ آخر ۾ منهنجي پارٽي دوست خليل انصاريءَ اعلان ڪيو ته هاڻي سنڌ جو جهونو اديب ناصر مورائي توهان سان مخاطب ٿيندو. ناصر اسٽيج تي آيو، ڏاڙهي رکيل هئس، خوبصورت چهري تي ڏاڙهي مون کي ڪڏهن ڪڏهن عورت جي چهري تي مُڇن وانگر لڳندي آهي. اهو ڪيڏو ڪريهه منظر هوندو آهي. پر ناصر جي ڏاڙهي، مذهبي ڏاڙهي نه هئي، جيڪا مُلان عمر ۽ سميع الحق جي چهري تي نظر ايندي آهي، پر هيءَ ڏاڙهي سنڌي ڏاڙهي هئي، جيڪا دريا خان ۽ اسماعيل شوري جي چهري تي هوندي هئي، يا عُمر مختيار فلم ۾ عمر مختيار جي چهري تي نظر ايندي آهي. هن اچڻ شرط سنڌ جي قومي تحريڪ جي حوالي سان اهو چيو ته: ”هي منهنجو دوست آريسر هاڻي مڪمل سياستدان ٿي ويو آهي، اُن ڪري حقيقتون بيان نه ڪندو، پر آءٌ سياستدانن جي مصلحتن کان آزاد آهيان، اُن ڪري ٻڌايان ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن محبوب قاتل ٿيندا آهن، ڀُٽو سنڌي قوم جو محبوب، پر قاتل هو. ڀُٽو نه صرف سنڌ جو قاتل هو، بنگال جو قاتل هو، بلوچستان جو قاتل هو ۽ پنجاب جو مڪمل ايجنٽ هو. اها ڳالهه، آريسر نه چئي سگهندو، ڇو ته هو سياستدان آهي ۽ سياستدان، سچاين کي مصلحتن تي قربان ڪندا آهن، پر آءٌ سياستدان ڪو نه آهيان، اُن ڪري اِهي ڳالهيون چوان ٿو، ڇو ته مون سَن جي اُنهن ڪونڊين جو پاڻي پيتو آهي، جن ۾ گلاب پوکيل هوندا هئا ۽ جن کي جي. ايم. سيد پاڻي ڏيندو هو.
جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ناصرَ کي عرض ڪيو ته: ”سائين، آءٌ اُهو ئي اديب آهيان، جنهن جي توهان تربيت ڪئي هئي، توهان هروڀرو مون کي مصلحت پسند سياستدان ڇو ٿا ڪري پيش ڪريو؟“ چيائين ته: ”نه، مون تنهنجي ڪجهه تقريرن مان محسوس ڪيو آهي ته تون ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي آڙ ۾ مصلحت پسندي ڪندو آهين.“ مون کيس چيو ته: ”اڄڪلهه سروس آهي؟“ چيائين، ”نه، سروس ختم ٿي وئي آهي، اڄڪلهه آءٌ پريس پيو هلايان. اسان زندگي اِن طريقي سان گذاري آهي، نه حاصل ڪرڻ جي خوشي، نه وڃڻ جو غم، پنهنجي محنت جي آڌار تي پنهنجو آشيانو پاڻ ٺاهيندا آهيون، ۽ اُهو جڏهن تباهه ٿي ويندو آهي ته وري به پنهنجي پرن مان آڳ ٺاهي، جوتِ جلائيندا آهيون. اسين جوڳيئڙا آهيون ۽ اسان جوڳيئڙن جي ذات، فنا ۽ بقا جي وچ ۾ هڪ سلسلي ۾ قائم رهندي آهي.“
منظر چوٿون:
هي ڪراچي پريس ڪلب آهي، جتي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو چيئرمئن بشير خان قريشي تقرير ڪري رهيو آهي ته: ”مسئلو هي آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي باري ۾ ڪيترا نظريا آهن ۽ تاريخي تاويلون آهن، پر مون وٽ هڪڙو ٺوس ثبوت آهي ته پاڪستان جي هڪڙي وزيراعظم فيروز خان نُون، پنهنجي آتم ڪهاڻي ’چشم ديد‘ ۾ لکيو آهي ته ڇا جي مسلم ليگ، ڇا جي ڪانگريس؟ ڇا جو گانڌي، ڇا جو جناح؟ ٻي جنگ عظيم ۾ اسان پنجابين، پنهنجي نوجوان فوجين جي ذريعي انگريزن کي فتح ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي، نتيجي طور هنن اسان کي پاڪستان ڏنو، اُن ڪري پاڪستان بنيادي طرح پنجابين جو آهي. اُهي جيڪو وڻينِ، سو نظام قائم ڪن، ٻئي ڪنهن کي مجال نه آهي، جو اُن باري ۾ ڪو اعتراض ڪري.“
اُتي بشير خان جي اِن ڳالهه جي پليجي سخت مخالفت ڪئي، پر ناصر مورائي اُٿي اچي بشير خان قريشيءَ جي پُٺي ٺپري ۽ سندس پيشانيءَ تي چُمي ڏئي چيو ته: ”تو سيد جي مقصد جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سندس نظريي جي روح کي پروڙي ورتو آهي.“
***
افسوس، اِن منهنجي پياري دوست سان ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي ڪا ملاقات نه ٿي سگهي ۽ مون کي ڪا خبر ئي نه هئي ته هُو ڪو بيمار به هو، پر قاضين جي اخبار جڏهن هڪ غلط فهمي پيدا ڪئي [يعني راشد مورائي وفات ڪري ويو] ته اُن وقت مُون ٽيليفون جي ذريعي رابطا ڪيا، مون کي خبر پئي ته گهڻو وڪامندڙ اخبار ڪيڏي نه بيخبر آهي! پر مون کي جيڏي خوشي سائين راشد مورائيءَ جي زندهه هجڻ جي ٿي، ايڏو ئي غم سائين ناصر مورائيءَ جي وڇوڙي جو ٿيو. هيءَ عمر، هيءَ وَهي وڃڻ جي ته نه هئي!
هو ته چوندو هو، ’پاڻ سنڌ لاءِ وڙهنداسين، گڏجي جيئنداسين، گڏجي مرنداسين.‘- پوءِ اِهو ڇو ٿيو، جو سنڌ اڃا غلام آهي ۽ هُو مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڇو هليو ويو؟
اي ناصر! اسين سنڌ جي آزاديءَ جا پانڌيئڙا، اِئين هڪٻئي کي ٻُڌائڻ کان سواءِ هليا وينداسون؟ اهو به نه سوچينداسون ته سنڌ جي آزاديءَ جو جهنڊو ڪنهن بهادر ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏئي وڃون ٿا يا نه؟ تون وڃڻو هُئين بنا ڪنهن بادل جي ڪوٺَ ۽ کِنوڻ جي کجڪار جي! ها، تون وڃڻو هئين، مٿي تي عظمت جو تاجُ سجائي، ڪنوارين جا ٽهڪ اڌورا ڇڏي ۽ نوجوانن جا گيت اڻپورا رُلائي! ها، تون وڃڻو هئين ڏِيارين جي ڏيئن جي جوتِ اُجهائي، ۽ ٻاجهرين جا سنگ نگهوسار ڪري! ها، توُن وڃڻو هُئين روهيڙن جي رنگن کي بيرنگ ڪري ۽ ڪنوارين جي اُرهن کي ڪومايل گل بنائي! ها، تون وڃڻو هُئين هند ۽ سنڌ جي قلم جي نِب ٽوڙي، اُن کي بي سَت ڪري! پر ڇا اِهو توکي مناسب هو؟ تو ته اُنهن ئي شين جي تابندگيءَ ۽ زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، پر اي منهنجا پرين! اِئين جنگاڻ اڌورو ڇڏبو آهي ۽ دوستن کي صفون درست ڪرڻ جي اطلاع کان سواءِ هليو وڃبو آهي؟ تون ته پرٿوي راج هُئين ۽ ڏاهر وانگر ماريو وئين زندگيءَ جي جنگاهه ۾، پر تو ڀاڳو ڀان وانگر دودي جي موت جو ڪوئي مرثيو لکي نه ڏنو؟ ها، تو جي. ايم. سيد جي وفات تي ڪجهه ئي نه لکيو! اها منهنجي توتي ميار نه آهي، ڇو ته آءٌ به اُن تي ڪجهه لکي نه سگهيو آهيان! اها ڏک جي اٿاهه ماٿريءَ ۾ سفر ڪرڻ جي شرڪت آهي. الوداع، اي منهنجا دوست، الوداع! تُون وئين، آءٌ اچڻ وارو آهيان، سنڌ ڪنهن جي حوالي ٿيندي، سو نه تو سوچيو، نه آءٌ سوچيان ٿو!.