ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا! [شمشير الحيدري]
اُن وقت آءٌ ادبي جيتامڙو هوس ۽ سنڌ جا اِهي چارئي شاعر ‘ڀڳي ٽوڙي’ ۽ ‘کيرٿر’ جبلن وانگر بلند ۽ ‘ڪارونجهر’ جي سُرمائي رنگ جهڙا دلڪش هئا، ۽ آءٌ سندن ويجهو وڃڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو هوس.
وقت هلندو رهيو، شعر ۽ ادب سان منهنجي وابستگي به روز بروز وڌندي رهي؛ پر مون کي ڪهڙي خبر ته هڪڙو وقت اهڙو ايندو، جو اُهي چارئي شاعر مون کي پنهنجو ’دوست‘ سمجهڻ لڳندا. اياز ته پنهنجن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مون کي ’پنهنجو دوست‘ لکي چڪو آهي. نياز جي ته آءٌ گهر جو ڀاتي ٿي ويس. ڊاڪٽر تنوير سان مختيار ملڪ وٽ ڪچهريون، منهنجي زندگيءَ جو نه وسرندڙ باب ٿي ويون آهن، ۽ اسان جو هي البيلو شاعر شمشير ته منهنجو هم جليس، هم نواله ۽ هم پياله ٿي ويو هو. اسان ڪيتريون ئي راتيون گاڏي کاتي ۾ هفتيوار ’هدايت‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شمشير جي ٺڪاڻي تي گذاريون هيون ۽ آءٌ جڏهن به ڪراچيءَ ويندو هوس ته رات جا پهريان پهر، شمشيرَ جي گهر، [D-29] پاڪستان ڪوارٽرس ۾ ڪچهري ڪندي گڏ گذاريندا هئاسين، جنهن ۾ هدايت بلوچ، فقير محمد لاشاري، خالق جوڻيجو به شريڪ هوندا هئا. شمشير جي هڪڙي عادت هوندي هئي ته ڪهڙي به ڳالهه ڪندو هو ته اُن کان اڳ ۾ چوندو هو ته ’ليڊي ايلزبيٿ جي زبان ۾ هيئن چئبو آهي:‘ حالانڪ پاڻ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هو، مون کيس هڪ دفعو چيو ته: ”سائين! توهان ڳالهايو ته سنڌيءَ ۾ ٿا ۽ حوالو وري ’ڪوئين ايلزبيٿ‘ جو ڏيو ٿا،“ ته اُن تي ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو ته ”ماڻهو چون ٿا ته ڏاهپ جون پاڙون انگريزي ادب مان ڦُٽي نِڪرن ٿيون ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته ايلزبيٿ جي زبان انگريزي ئي آهي.“
مون سوچيو هو ته آءٌ پنهنجن اُنهن پسنديده شاعرن تي، جن مان آءٌ اياز کي سنڌي شاعريءَ جو سِج، نيازَ کي چوڏهينءَ جو چنڊ، ته تنوير ۽ شمشير کي قطب تارا سڏيندو هوس، هڪ ڪتاب لکندس. اهو ڪتاب مون سندن زندگيءَ ۾ ئي ساڻن ڪچهريون ڪري لکڻ چاهيو ٿي، ۽ اُنهيءَ سلسلي ۾ آءٌ ڊاڪٽر مير عالم مريءَ کان تنوير جو گڏيل ڪتاب [’تنويرچئي‘] به کڻي ويو هوس، پر اُها منهنجي بدقسمتي چئجي ته آءٌ سياسي ورڪر جي الزام ۾ ادبي دنيا سان پورو ناتو نه جوڙي سگهيس. ڪڏهن جيل ۾ ته ڪڏهن ريل ۾ هوندو هئس، ۽ ايترو وقت ئي نه ملندو هو، جو آءٌ ايڏن قدآور ماڻهن سان ڪو وقت گذاري سگهان. ٻيو ته اُنهن چئني شاعرن ۾ مون هڪڙي خوبي ڏٺي ته هنن ڪڏهن به پنهنجي چاهيندڙن کي اِهو نه چيو هو ته اسان جيڪو شعر چيو آهي، اوهين ٻُڌو، ڇو ته هو پنهنجي ذاتِ ۽ ڏاتِ ۾ مست هئا ۽ هنن کي پنهنجي ’واهه واهه‘ ڪرائڻ يا ’مڪرر مڪرر‘ چوائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، اُن ڪري سندن ڇپيل شيون ئي پڙهي سگهبيون هيون.
هڪ دفعو جيل ۾ مون عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ کي هنن شاعرن جي اُنهيءَ عادت جي خبر ڏني ته منشيءَ چيو ته: ”يار! اهي عجيب شاعر آهن، جو ’واهه واهه‘ کان ايڏو پري ٿا ڀڄن. اسين جڏهن شاعريءَ ۾ اڳتي پئي وڌياسين ته ’شاهه ڪريم بس اسٽاپ‘ تي واٽ ويندڙن کي سڏي، پنهنجن پئسن سان چانهه پياري، شاعري ٻڌائيندا هئاسين.“ ممڪن آهي ته منشيءَ مون سان ڀوڳ ڪيو هجي، پر اسان ڪافي وقت جيل ۾ گڏ رهياسين ته اسان ڏٺو ته منشي صاحب جيڪو نئون شعر ٺاهيندو هو، اُهو وارڊ جي ساٿين کي ضرور ٻڌائيندو هو.
ٻئي طرف اسان جو دوست، شمشير ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسان سان ويٺو ڪچهري ڪندو هو، ته اُهو محسوس ئي نه ٿيندو هو ته هيءُ ڪو شاعر آهي، بلڪ محسوس ٿيندو هو ته هُو اديب ۽ مفڪر آهي. هڪ دفعي مون کيس مجبور ڪيو ته اڄ عزيز آباد [ڪراچيءَ] ۾، خالق جوڻيجي جي جاءِ تي هلو ۽ اُتي ٻه ٽي اردو ڳالهائيندڙ دوستَ به ايندا، توهان کان ڪنهن شعر جي فرمائش نه ڪنداسين، اسان کي رڳو توهان جواهر لال نهروءَ تي جيڪو مرثيو لکيو آهي، اُهو ٻڌائجو. پوءِ اسان جي اُها رات ’واهه واهه‘ ۽ ’ڪيا بات هي‘ جي تعريفي جملن سان ختم ٿي هئي. مون کي افسوس آهي ته آءٌ هي مضمون سفر ۾ هلندي لکي رهيو آهيان ۽ مون وٽ نه ڪتاب موجود آهي ۽ نه ئي شمشير جي ڪا ٻي ڇپيل شاعري آهي، نه ته اُنهيءَ مرثئي مان شمشير جي تخليقي قوت، بهادري ۽ نهروءَ جي سياسي بصيرت تي هن جو نقطه نظر ضرور پيش ڪريان ها.
شمشير صحافت به ڪئي ۽ هن جو صحافت وارو شاندار دور ’مهراڻ‘ اخبار جي ايڊيٽريءَ وارو آهي، ۽ شايد اِها گهڻن کي خبر نه هجي ته ’مهراڻ‘ ۾ ’ڦلتروءَ جي ڪالم‘ جي حوالي سان اُها اخبار پنهنجي قيمت کان چؤڻي اگهه تي بلئڪ تي وڪرو ٿيندي هئي، پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري شمشير اِها ايڊيٽري ڇڏي ڏني، حالانڪ پير سائين پاڳاري، شمشير کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻ وقت شمشير جا، سڀ شرط قبول ڪيا هئا، جن مان هڪڙو اهو هو ته ’آءٌ ڪڏهن به جُتي لاهي اوهان سان ملڻ ڪونه ايندس.‘، ’پير صاحب کيس جواب ڏنو هو ته: ’مريدن کان سواءِ مون سان جُتي لاهي ڪوبه ملڻ نه ايندو آهي.‘ شمشير ٻيو شرطه اِهو رکيو هو ته: ’آءٌ ڪڏهن به توهان لاءِ حضرت ۽ قبله وغيره نه لکندس. صرف پير پاڳارو لکندس.‘ پير صاحب اهو شرط به قبول ڪندي، کلندي چيو هو ته: ’توهان ۾ ماڻهن ڏاڍيون غلط فهميون وجهي ڇڏيون آهن. ’آءٌ جيڪي آهيان، سوئي آهيان. مون کي ستائش ۽ صِلي جي ضرورت ناهي.‘ بهرحال آءٌ سمجهان ٿو ته اها ايڊيٽري، پير صاحب جي ڪن ويجهن ماڻهن، شمشير کان ڇڏرائي هئي.
شمشير جي شاعري هونئن ته سڄي لاجواب آهي، خاص ڪري هُن آزاد نظم کي جيڪو اوج ۽ عروج وٺرايو، تنهن جو ته ڪو مٽ ئي ناهي، پر هن جا غزل به ڪمال جا آهن. هڪ غزل جون ڪي سٽون مثال طور پيش ڪريان ٿو:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نِهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪِناري ويو.
اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو زماني ۾،
هڪڙِي دل سا به ڪٿ وِساري ويو.
بهرحال آءٌ انتهائي شرمندو آهيان، جو مون دوستن سان جيڪو وچن ڪيو هو، سو پاري نه سگهيس ۽ شمشير به اسان کان موڪلائي ويو.
آخر ۾ آءٌ شمشير متعلق هڪ واقعو لکي، پنهنجي هن پياري ۽ ٻاجهاري دوست جي همت کي داد ٿو ڏيان:
’آءٌ 22 مارچ 1993ع تي ملٽريءَ جي ٽارچر سيل مان آزاد ٿيس، ۽ پنهنجي ٺڪاڻي تي پُهچندي مون پهريون فون پي ٽي.وي تي شمشيرَ کي ڪيو ته هُن بي انتها خوشيءَ مان مون کي چيو ته ’آريسر صاحب! ڪٿان پيو ڳالهائين؟‘ مون چيو: ’سائين! آءٌ ٻاهر اچي ويو آهيان-‘ ته هن هڪدم چيو: ’اڇا ننڍي جيل کان وڏي جيل ۾ اچي وئين، هاڻي روزو مون وٽ اچي کول.‘ آءٌ هڪ دوست سان گڏ پاڪستان ڪواٽرس تي شمشير جي گهر ويس ته هن افطاريءَ جو انتظام ڪري ڇڏيو هو، يڪدم فقير محمد لاشاريءَ کي فون ڪيائين ته ’حافظ صاحب اچي ويو آهي. غريب خاني تي ويٺو آهي، تون جلد پهچ. اُن تي مون کيس چيو ته: ’مون کي هتي ڇڏڻ وقت تاڪيد ڪئي وئي آهي ته اڄ پريس وارن سان نه ملجانءِ.‘ اُن تي فوراً ملڪ ايلزبيٿ جي ٻوليءَ ۾ هڪڙي شاندار گارِ ڏئي، هن چيو ته ’انهن جي مخالفت ۾ هيترو برداشت ڪري آيو آهين، باقي هي برداشت نه ڪندين؟- ۽ پوءِ فقير محمد به اچي ويو ۽ ٻئي ڏينهن هن ’جاڳو‘ ۾ نه رڳو هڪ خبر هلائي، پر هڪڙو شاندار مضمون به لکيائين ته ’شعور ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي‘. بهرحال شمشير جون ايتريون ته شاندار ۽ لطيفن سان ڀرپور يادگيريون مون وٽ آهن، جي زندگيءَ ۽ وقت ساٿ ڏنو ته هن قطب تاري جي يادگيريءَ جون چڻنگون پنهنجي وس آهر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندس. پر مون کي ڏاڍي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته آءٌ پنهنجن اُنهن چئني دوستن ۽ پيارن شاعرن جي آخري رسمن ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيس.
جيڪي ازل ۽ ادب جا پيغمبر هوندا آهن، اُنهن جون آخري رسمون به ٿينديون آهن ڇا؟ هو ته ڪائنات جا گِرهَه هئا ۽ گِرهَه ڪڏهن به زمين دوز ٿي نه سگهندا آهن. اُهي ته سدائين ماڻهن جي هانوَ ۾ هُرندا آهن، اُن ڪري جيڪا شيءِ انسان، تاريخ ۽ سماج جي هانوَ ۾ صدين تائين هُرندي آهي، اُها شاعري آهي. اُها شاعري اسان وٽ زنده آهي ۽ سڀاڻي سنڌ جا جوڌا، جدوجهد جي ميدانَ ۾ لهندا ته اسان اُنهن جي شاعري، سندن کيسن ۾ وجهي، اُنهن کيسن جي سلامتيءَ جي دعا گهرنداسين.
***
[هتي شمشير الحيدريءَ جو نهروءَ تي لکيل نظم ڏجي ٿو.]
ڌرتيءَ جو هڪ راج دُلارو ...
سورج منڊليءَ ۾ اڄ ڏاڍي ڌُوم مچي وئي آهي،
ڪِرڻو ڪِرڻو رنگ رليءَ ۾ ڦوليو نٿو سمائي.
ڪايا ڇايا مست مگن ٿي ڇم ڇم ڦيريون پائي،
نيل گگن جو هر ڪو ڀاتي، خوش ٿي جُهومي ڳائي.
هر پاسي گهنگهور گهٽائون رلمل راند رچائن،
سَرهائيءَ جو، واڌائيءَ جو پل پل نادُ وڄائن.
پلڪ پلڪ تي بجلي چِمڪِي ڦهلائي پرڪاش،
جڳمڳ جڳمڳ چهڪي ٻهڪي اُجيارو آڪاش.
تارا ڪتيون، چنڊ نکيتر، هر هر پائن فالَ،
ڀاڳ ڀلارو ڄاڻي پنهنجو، ڳائن جهولي لال.
سُرڳ سڄي جون سُندريون گڏ ٿي، سهسين ڪن سينگار،
هر ڪا سجنِي سينڌ سجائي، هر ڪا چاهي پيارُ.
جهرمر جهرمر تارن جا سڀ ديپ جلائي ڇڏيو،
انت ڏياريءَ جهڙي پڳ پڳ جوت جڳائي ڇڏيو.
انڊلٺ جا سڀ رنگَ پکيڙي، دنگ سجائي ڇڏيو،
هوليءَ جهڙي رنگ برنگي موج مچائي ڇڏيو.
سورج منڊلي ۾ هڪڙو نئون چنڊُ اُڀرڻو آهي،
ڌرتيءَ جو هڪ راج دلارو سانجهيءَ اچڻو آهي.
-