ماڻهو موتيءَ داڻو [محمد قاسم آريسر]
محمد قاسم آريسر هڪ عام ماڻهو هو، هن ۾ فرشتن واري ڪابه خصلت نه هئي، پر عام انسانن واريون سڀئي خوبيون ۽ خاميون منجهس موجود هيون. هن هڪ انسان واري ڀرپور زندگي گذاري. اهڙي زندگي، جنهن ۾ گناهه جي لذت، ثواب جو فخرُ، درد جي پيڙا ۽ خوشيءَ جي مهڪ هُئي. اِها ئي انسان جي حقيقي زندگي آهي، جنهن ۾ لذت جي چاشني ۽ ڏک جا پاڇا گڏوگڏ هلندا هلن.
آءٌ ۽ محمد قاسم، زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهياسين. جيتوڻيڪ هو مون کان اسڪول ۾ اڳ داخل ٿيو هو ۽ هن کي استاد عبدالغفور ڳوٺ ’ڪاڪ‘ مان زوريءَ پڙهڻ لاءِ صاڀي وٺي ويو هو، ڇو ته استاد عبدالغفور جي شادي به اُن ئي ڳوٺ مان ٿيل هئي ۽ آءٌ به اسڪول ۾ داخل استاد عبدالغفور جي ئي مهربانيءَ سان ٿيو هئس، پر فرق اِهو هو ته هُن [قاسم] کي استاد عبدالغفور زوريءَ پڙهائڻ لاءِ وٺي ويو هو ۽ آءٌ زوريءَ استاد سان چنبڙي اسڪول ۾ داخل ٿيو هئس.
اسڪول جي دَور جون مون کي ٻه ٽي ڳالهيون ياد آهن: جنهن دور ۾ آءٌ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخل ٿيس، اُن وقت قاسم ٽئين يا چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو، ۽ مون کي ياد آهي ته اُن وقت اسان جو هيڊ ماستر محمد ڇُٽل ڪنڀر هو، جيڪو پوءِ نيشنل بُڪ فائونڊيشن اسلام آباد ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي پهتو هو ۽ انهيءَ دوران مون سان ملڻ کان لنوائيندو هو. بس، اسڪولي دور ۾ مون کي صبح جي ٿيندڙ اسيمبلي ياد آهي، ۽ اها شايد صاڀي اسڪول جي واحد خوبي هئي، جو اُن جي اسيمبليءَ ۾ حفيظ جالنڌريءَ جو قومي ترانو نه پڙهيو ويندو هو، پر اُن جي بدران نواب ولي محمد لغاريءَ جو صوفيانه ڪلام پڙهيو ويندو هو. اهو ڪلام محمد قاسم آريسرُ ۽ فقير ڀليڏنو ساند ترنم سان گڏجي پڙهندا هئا. اُهو ڪلام مون کي هينئر پوريءَ ريت ياد نه آهي، ڪنهن وقت ۾ منهنجو حافظو قهر جو هوندو هو، پر جڏهن گهٽجڻ شروع ٿيو ته مون سائين جي. ايم. سيد سان اُن جي شڪايت ڪئي ته پاڻ مون کي عجيب فلسفيانه جواب ڏنائون ته: ’ويسر قدرت جي نعمت آهي، جيڪڏهن ويسر نه هجي ته انسان جي زندگيءَ ۾ ايڏيون غلطيون ۽ سنگين واقعا ٿين ٿا، جو انسانَ جو زنده رهڻ به مشڪل ٿي پوي‘. پر اڄ سائين جسماني طرح موجود هجي ها ته آءٌ ساڻس اها شڪايت ضرور ڪريان ها ته ڪا ڪا ويسر نعمت نه، پر زحمت هوندي آهي ۽ انهيءَ زحمت جي ڪري مون کان نواب صاحب جو ڪلام وسري ويو آهي، پر اُن جو ’مطلع‘ اڃا به ياد آهي:
جوڙي قلب بيت ربي، انسانَ ۾ سمايو،
ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سِر نمايو.
-۽ آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ’مطلع‘ وارو مڪمل ڪلام سنڌ کي ٻڌايو ويندو ته پاڪستان جهڙي متعصب مذهبي رياستَ ۾ سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ هڪڙو اهڙو به اسڪول هو، جنهن ۾ ’پاڪ سرزمين شاد باد، ڪشورِ حسين شاد باد‘ جي بدران ’جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو‘ پڙهيو ويندو هو. اهي پڙهڻ وارا محمد قاسم آريسر ۽ فقير ڀليڏنو اڄ ٻئي هن دنيا ۾ موجود نه رهيا آهن.
-اسڪول جي دور جو هڪ ٻيو واقعو مون کي ياد اچي ٿو ته پرائمري اسڪول جو ساليانو امتحان هو ۽ بيٽ آفيسر مسٽر غلام حسين لغاريءَ امتحان وٺڻ لاءِ آيل هو. [اُن وقت جا امتحان به امتحان هوندا هئا، جن تي الڳ لکڻ جي ضرورت آهي] غلام حسين لغاري صاحب زباني امتحان پئي ورتو ۽ سڀني شاگردن کي قطار ۾ بيهاري ’جنرل ناليج‘ [عام معلومات] بابت سُوال پئي پڇيائين. هُن صاحب پُڇيو ته ’نورجهان جي مڙس جو نالو ڇا هو؟‘ ڪنهن شاگرد چيو، ’علي قلي بيگ‘، ته صاحب چيو ته ’نه.‘ وري ٻئي کان پڇيائين؛ ته اُن نالو ٻُڌايو ’جهانگير‘، ته صاحب وري چيو ’نه‘. ائين سڀني کي ناپاس ڪندو ويو. جڏهن منهنجو وارو آيو ۽ صاحب مون کان به ساڳيو سوال ڪيو ته مون کانئس سوال پُڇيو ته: ”اڳئين جو يا پوئين جو؟“ جڏهن مون ٻنهي سوالن جا جواب صحيح ڏنا ته صاحب مون کي چيو ته ’تون فل پاس آهين ۽ هليو وڃ-‘ ۽ هو سڄي اسڪول ۾ مون کي پهريون نمبر ڏئي ويو. اُن تي قاسم مون تي ناراض ٿيو ته تو منهنجو نمبر ڦٽائي ڇڏيو؛ ڇو ته اُن کان اڳ هميشه محمد قاسم ئي پهريون نمبر کڻندو هو. اُن دفعي سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر اچڻ تي ڪيترائي رنگين ۽ سنگين داستان پيدا ٿيا، پر هن [قاسم] جي ناراضگي ڪجهه وقت کانپوءِ ختم ٿي وئي. پڙهائيءَ واري انهيءَ سموري عرصي دوران پاڻ کي ذهين سمجهندڙ شاگردن ۽ منهنجي وچ ۾ سدائين رَقابت هلندي رهي.
-ٽيون واقعو مون کي ياد آهي ته اسڪول ۾ وچينءَ جي نماز کانپوءِ راند جا مقابلا ٿيندا هئا، اُن ۾ والي بال، ونجهوٽي ۽ ملهه خاص رانديون هيون. آءٌ به ملهه واري مقابلي ۾ حصو وٺندو هوس. هڪڙي ڏينهن آءٌ ۽ رمضان سمون [جيڪو هاڻي ڪٿي پيش امام آهي] ملهه وڙهي رهيا هئاسين ته مون ڪِرندي ڪِرندي رمضان کي دسي وڌو ته قاسم چيو: ’هي ته ڪو جي. ايم. سيد آهي.‘ اُن وقت مون جي. ايم. سيد جو نالو ئي نه ٻڌو هو، پر قاسمُ، فقير محمد رمضان جي صحبت ۾ ويهندو هو، ۽ فقير محمد رمضان ’وري‘ سنڌ جي گهڻن سياستدانن سان گڏ سائين جي. ايم. سيد جو به واسطيدار هو. اُن ڪري سائين جي. ايم. سيد جي خاصيتن ۽ خوبين سميت کيس نالو ياد هو، ڇو ته فقير صاحب وٽ هميشه اهل علم ۽ اخلاقي قدرن جا عظيم ماڻهو ايندا رهندا هئا، جن ۾ مولانا احمد ملاح، مولا رباني صاحب ته مون کي خاص طرح ياد آهن. جڏهن محمد قاسم کان مون پهريون دفعو اهو نالو [جي. ايم. سيد] ٻڌو هو ته مون کي اياز جي لفظن ۾ اِهو پتو نه هو ته: ’تاريخ ڪڏهن مون کي هن ماڻهوءَ جي پيرن ۾ اُڇلائيندي!‘
بهرحال اسڪولي دور ختم ٿيو، ۽ پکي پنهنجن واهيرن ڏانهن وري ويا، جيتوڻيڪ اُن وقت ۾ مڊل اسڪول جي برانچ صاڀي مان ختم ٿي چڪي هئي، اُن ڪري آءٌ وڌيڪ تعليم لاءِ مدرسي ڀينڊي شريف هليو ويس. اُن وچ ۾ قاسم ۽ منهنجو ڪوبه رابطو ڪونه رهيو.
-اوچتو هڪ ڏينهن قاسم آريسرُ حيدرآباد ۾ مون وٽ اچي نِڪتو ۽ اچڻ جو مقصد بيان ڪندي چيائين ته: ’کنڊ جي راشن بندي آهي، منهنجي ڀاءُ جي شادي آهي، حيدرآباد ۾ اوهان جا واسطيدار آفيسر آهن، مون کي کنڊ جي لاءِ پرمٽ وٺي ڏيو.‘ بهرحال، منهنجي شاگرد جو ڀاءُ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ هو، مون اُن کان کيس پرمٽ وٺي ڏني. کيس کنڊ مِلي يا نه مِلي، اها مون کي خبر ناهي، ڇو ته آءٌ اُن شاديءَ ۾ شريڪ ئي نه ٿيو هئس. شايد کيس کنڊ نه مِلي هئي، اُن ڪري ئي هن ڇور ۾ اڳتي هلي کنڊ جو ڊيپو کوليو هو، پر آءٌ نٿو سمجهان ته ايئن هجي، ڇو ته ان وقت پيپلز پارٽي پنهنجي جيالن کي کنڊ جا ڊيپو ڏنا پئي.
پر اُنهيءَ سموري عرصي دوران اسان جي ويجهڙائپ ڪڏهن به قائم نه ٿي سگهي، ويتر تلخي وڌي وئي. ٿيو هيئن جو ممتاز ڀُٽي صاحب جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ سائين جي. ايم. سيد جي طرفان حڪم ٿيو ته اوهين ٿر جي علائقن جو دورو ڪريو. آءٌ ۽ رئيس علڻ خان ٿيٻو انهيءَ سلسلي ۾ ڇور پهتاسين. رمضان جو مهينو هو ۽ اسان کي اُڃ ڏاڍي لڳي هئي. مون کي خبر هئي ته قاسم ڪٿي آهي، کيس ڳولي لڌم ۽ چيم ته: ’اسان ٻه ڄڻا آهيون ۽ روپوش به آهيون، اُڃ ڏاڍي لڳي آهي، پاڻي پيار‘، مون کي پاڻي پيارڻ کان ٺپ جواب ڏنائين ۽ چيائين ته اوهين ’ڀُٽي جا دشمن آهيو.‘ محمد قاسم ڀُٽي جو تمام وڏو شيدائي هو.
آءٌ هتي اِهو اعتراف ڪندو هلان ته ڀُٽي صاحب کان آءٌ چند ڏينهن کان وڌيڪ ڪڏهن به متاثر نه رهيو آهيان، پر قاسم پيپلو نه، پر جيالو هو. هن برادري ۽ ذات سڀ ڪُجهه کي نظرانداز ڪري، اسان کي پاڻي پيارڻ کان انڪار ڪيو هو. بهرحال اُتي ڇور ۾ ئي هڪ ڪوٽڙيءَ جو مهاجر، نالو ته محمد تقي هئس، پر ذات الائي سيد هئس يا ٻي ڪا. [ظاهر ڳالهه آهي ته تقي سيد ئي ٿيندو، پر اهو ضروري به ناهي] تَنهن جو علڻ خان کي اُتي گهمندي ڏٺو، ته يڪدم ڊوڙندو آيو. اسان کي وٺي سندس ڪوارٽر تي ويو ۽ هن اسان جي جيڪا خدمت ۽ اسان سان جيڪو تعاون ڪيو، اُن لاءِ آءٌ شڪريي جا لفظ نٿو بيان ڪري سگهان. مون کي خبر ناهي ته تقي صاحب زنده به آهي يا علڻ خان واري راهه وٺي ويو هليو. بس آءٌ فارسيءَ جي هن شعر جو مفهوم لکان ٿو، جيڪو مولانا آزاد، هر خط لکندڙ کي جواب ۾ لکندو هو ته:
”اُهي جيڪي وفا جي پيالي سان مست آهن،
کين منهنجا سلام پهچائجو، جتي به هجن!
-بهرحال انهيءَ تلخي وارو عرصو هلندو ئي رهيو ۽ هن پوءِ معذرت به ڪئي، اڳتي هلي آهستي آهستي مون تي هن جون خوبيون کُلڻ لڳيون ته هو بي انتها لاڳاپا رکندڙ ماڻهو هو ۽ انهن لاڳاپن کي نڀائڻ جو فن ۽ هنر به ڄاڻندو هو. هٿ جو انتهائي ڪُشادو هو، نه رڳو هٿ جو، پر دل جو به ڪُشادو هو. مون کي هن جي هڪ عادت تي ڏاڍي چڙ هوندي هئي ته گاڏي پيٽرول سان فل آهي، ڪنهن غريب غربي جي ڳالهه ته ڇڏيو، پر جي ڪنهن پئسي واري به چيس ته گاڏي کپي، ته ايئن نه چوندو هو ته پيٽرول ڀرائجو. چاٻي ڪڍي ڏيندو هو ۽ چوندو هو: ’تيل جي ٽينڪي فل آهي.‘
-اُن کان سواءِ هن جي دوست نوازي به غضب جي هُئي. هن جا ڪي دوست اهڙا به هوندا هئا، جيڪي مون کي ٺُپ نه وڻندا هئا، جن ۾ نه پيئڻ جي فضيلت هوندي هئي، نه ڳالهائڻ جي، پوءِ به مون کي ڇِڪي اُنهن وٽ وِهاريندو هو ۽ آءٌ هِن جي ڪري اُنهن احمقن جون ڳالهيون برداشت ڪندو هئس. اِهو اُن ڪري ته آءٌ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندو هئس، هُو به اُن ڪري گهرائيندو هو ته مُنهنجون ڳالهيون سمجهن، پر اُهي آسمان مِستيءَ ۾ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا. پوءِ به آءٌ هِن جي ڪري اُهي تلخيون برداشت ڪندو هئس.
-اسان جي ويجهڙائپ تڏهن وڌي، جڏهن 1993ع ۾ آءٌ آرمي ٽارچر سيل مان آزاد ٿي گهر پهتس، جتي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو آيا، اُتي محمد قاسم به آيو هو. ٿوري گهڻي ڪچهريءَ کان پوءِ مون چيو ته: ”وهسڪي کپي“! ته مون کي چيائين ”پئي آهي ڏيندس ڪونه“. مون چيو ”ڇو؟“ ته چيائين: ”هيترا ڏينهن بنا وهسڪيءَ جي رهي آيو آهين ته اڄ به رهه“- ۽ مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو کيس گار ڏِئي چيو: ”ايترا ڏينهن ته هُنن وٽ هئس، اڄ ته تو وٽ آهيان، تون به منهنجي لاءِ اُهو آهين ڇا“؟ ته يڪدم بوتل گهرايائين ۽ منهنجي گهر ئي پيئڻ شروع ڪيوسين. ٻئي ڏينهن عيد هئي، عيد کانپوءِ ملڻ جو پروگرام اسان اوطاق جي بجاءِ قاسم جي گهر ٺاهي ڇڏيو هو.
-بهرحال هن ۾ جيڪي خوبيون هيون. اُهي انسانن واريون سڀ خوبيون هيون، هو جي ڪنهن کي گار يا بُجو به ڏيندو هو ته اهڙي پنهنجائپ سان، جو سامهون وارو خوش ٿي ويندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ مون کي هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي ته اسان جي ڳوٺ جي بلڪل ئي ڀرسان سندس هاري ويٺل هئا. هڪ ڏينهن خبر پئي، [اتفاق سان اُن ڏينهن آءٌ ڳوٺ هئس، ۽ محمد قاسم به ڳوٺ هو،] ته اهي هاري سڀ رَنين آهرين ڊاٽسن ۾ چڙهي هليا ويا. آءٌ ويس، کيس ٻڌايم ته چيائين: ”ويا هليا، هاڻي ڇا ڪنداسين!“
-اهڙيون ڪيتريون خاصيتون ۽ خوبيون، هن ماڻهوءَ ۾ هيون، انهيءَ ڪري آءٌ هن کي ’موتي داڻو‘ سڏيان ٿو، ۽ ’موتي‘ بهرحال ’موتي‘ ئي هوندو آهي، اُهو نادر شاهه جي تاج ۾ هجي يا ڪنهن ٿري عورت جي گج تي سجيل هجي!
مون شروعات ۾ لکيو آهي ته ڪنهن شعبي ۾ ماهر هجڻ انسان جي عظمت ناهي، پر اُهي ڪي گُڻ ۽ خاصيتون آهن، جن سان هڪ عام ماڻهو به عظيم انسان ٿي سگهي ٿو ۽ اُهي گُڻ آهن: اهي سموريون سچايون، ۽ چڱايون، جن سان انسان ذات جي خدمت ۽ ڀلائي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اُنهن ۾ ٻئي انسان کي پاڻ جهڙو ۽ برابر وارو درجو ڏيڻ، ڪنهن کي دوکو نه ڏيڻ، ڪنهن کي نه آزارڻ، ۽ جيترا به مادي ۽ روحاني وسيلا وٽس آهن، تن ۾ ٻين ماڻهن کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪنهن جو مَٺو نه گهرڻ، ۽ ڪنهن کي ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
جيتريقدر محمد قاسم سان منهنجي ويجهڙائپ رهي ته مون اِنهن خاصيتن سان کيس ٽُمٽار ڏٺو. هن ڪنهن کان به بدلو نه ورتو ۽ نه ڪنهن کي هيڻو ڪرڻ لاءِ آزاريو. هن ۾ وڏي خوبي اِها هئي ته هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان کِلي ملندو هو ۽ کِلي موڪلائيندو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسان جي سموري ڳوٺ ۾ هر ماڻهوءَ جي باري ۾ مون کي ڪانه ڪا شڪايت ضرور ملندي رهي آهي، پر محمد قاسم واحد ماڻهو هو، جنهن جي باري ۾ مون کي ڪڏهن به ڪابه شڪايت نه ملي. اُن جو سبب اِهو نه هو ته هو ڪو مادي طرح بنهه وڏو ماڻهو هو، جو ماڻهو سندس شڪايت ڪندي ڊڄندا هجن، هو مادي طرح ته عام ماڻهو هو، ڀلا پنجاهه ايڪڙ زمين جو مالڪ به ڪو وڏيرو ٿيندو آهي ۽ اها به ناري جي ٽيل جي زمين! اُن کان وڌيڪ مادي طرح خوشحال ته ٽنڊي الهيار ضلعي جي پندرهن ايڪڙن جو هاري آهي، جيڪو وڌيڪ پئسو ڪمائي ٿو. پر هن [قاسم] جو جيڪو مان ۽ مرتبو نه رڳو ڳوٺ، پر سڄي تر ۾ هو، سو سندس انساني خوبين ۽ خصلتن جي ڪري هو.
هن جي دوستي، زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان هئي. اُن ۾ راڄائتا، ملهه، سمگلر، چور، ڌاڙيل سڀ اچي ٿي ويا، پر هن ڪڏهن به چور يا ڌاڙيل دوستن کان پنهنجي مخالفن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪرائي، ۽ نه ئي وري پاڻ ڪڏهن ٿر جي بارڊر تان ٿيندڙ سمگلنگ ۾ حصيدار ٿيو. مون کي محمود خان اچڪزئيءَ هڪ دفعي ٻڌايو هو ته سمگلنگ صرف ’ٽيڪس چوري‘ آهي ۽ پاڪستان جا سمورا سياستدان ۽ صنعتڪار سڀ ’ٽيڪس چور‘ آهن ۽ اسان پٺاڻ، معاشري ۾ اُن پٺاڻ کي بيوقوف سمجهندا آهيون، جيڪو سمگلنگ نه ٿو ڪري. محمود خان جي اُن ڳالهه تي سوچيندي، مون هڪ دفعي محمد قاسم کي چيو ته ’يار هيڏا سمگلر تُنهنجا دوست آهن، اُنهن جي ذريعي تون گهڻو ڪجهه ڪمائي سگهين ٿو. آءٌ ذاتي طرح امرڪوٽ جي ٻن سياستدانن کي سڃاڻان، جن پاڻ مون سان اعتراف ڪيو هو ته اِهو سڀ ڪجهه اسان ’بلئڪ‘ جي پئسن مان ڪمايو آهي،‘ ته هن مون کي جواب ڏنو ته ”يار پاڻ کان اِها ’بلئڪ‘ نه ٿيندي [واضح ڪندو هلان ته هتي اسان وٽ ٿر ۾ سمگلنگ کي ’بلئڪ‘ چيو ويندو آهي] ڇو ته اها ’بلئڪ‘ ڪن حساس ادارن جي ڀڙوت کانسواءِ ٿي نه سگهندي آهي، نتيجي ۾ ماڻهو اُنهن ادارن وٽ جُرئت سان ڳالهائي نه سگهندو آهي“. اُن سلسلي ۾ هن مون کي هڪڙو مثال ڏنو ته ”ضياءَ جي مارشل لا جي دؤر ۾ ڇور جو هڪڙو وڏو سيٺ مون وٽ آيو ته مون کي مارشل لا اٽارنيءَ وارن سڀاڻي ڪنهن ڪم لاءِ گهرايو آهي، آءٌ ويندي ڊڄان ٿو، تون مون سان گڏجي هل. آءٌ ٻئي ڏينهن مارشل لا اٽارنيءَ جي ميجر وٽ ويس. مالڪ به گڏ هو، پر هو ميجر جي ڪمري ۾ هلڻ کان انڪار ڪري ٻاهر ويهي رهيو. مون ميجر سان ڳالهايو ته ميجر مون کي چيو ته مون جنهن کي گهرايو، اُهو ڪٿي آهي؟ مون چيو ٻاهر ويٺو آهي. ميجر چيو ڇو ڪونه ٿو اچي؟ مون چيو ڊڄي ٿو. ميجر کِلي چيو، ڊڄندو اُهو آهي، جنهن جي اندر ۾ چور هوندو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته نوجوان! تو جنهن صفائيءَ سان ڳالهايو آهي، اُن مان مون کي لڳي ٿو ته تنهنجو اندر صاف آهي، ڇو ته بهادريءَ سان اهو ئي ڳالهائيندو آهي، جيڪو من جو ميرو نه هوندو آهي. تون وڃ ۽ سيٺ کي چوينسِ ته ”وڃ! مون توکي معاف ڪيو.“ پوءِ ميجر کِلي چوڻ لڳو ته ”سيٺ کي چئو ماني ته کارائي، ڪڏهن اِن طرح اسان جي دوستي پڪي ٿي ويندي“.
اِن سلسلي ۾ هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪندو هلان ته مون وٽ جيپ هئي، جيڪا مختلف حادثن ڪري ڏاڍي ڪمزور پوزيشن ۾ ٿي وئي هئي. مون وٽ ايتري سگهه نه هئي ته آءٌ اُن کي ٺهرائي سگهان. اُن ڪري قاسم مون کي چيو ته اها جيپ فلاڻي ماڻهوءَ کي وڪڻي ڇڏ- ۽ پوءِ اها ڏاڍي سستي اگهه ۾ وڪڻي ڇڏيم. جيپ جيئن ته سڄيءَ سنڌ ۾ هليل هئي، اُن ڪري سڀئي آفيسر ۽ پوليسِ اُن جي نمبر کان واقف هئا. هن صاحب انهيءَ جيپ تي بلئڪ شروع ڪئي ۽ سال اڌ ۾ ايترو ڪمائي ورتائين، جو مهانگي گاڏي ۽ زمين مقاطعي تي کڻڻ شروع ڪيائين.
پر مون کي حيرت اُن وقت ٿي ته سندس [قاسم جي] آخري بيماريءَ ۾ آءٌ گهڻو ڪري سمورو وقت ساڻس گڏ هئس، پر اُهو ’صاحب‘ کيس پُڇڻ به ڪونه آيو ۽ نه ئي محمد قاسم اُنهيءَ تي ڪڏهن ناراض ٿيو.
اِهي ئي خوبيون آهن، جنهن ڪري آءٌ کيس سنڌ جو ’موتي داڻو‘ سمجهان ٿو ۽ مون کي تنوير جو هي شعر ذهن تي پيو اچي ته:
هــرڪو ماڻـهـو مـوتـي داڻـو،
هـرڪـا دل هيـرن کـاڻ،
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻڄاڻ!
***
[صاڀي اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ تراني جي بدران نواب ولي محمد لغاريءَ جي جيڪا ’ڪافي‘ پڙهي ويندي هئي، سا هيٺ ڏجي ٿي:]
جوڙي قلب بيت ربي انسان ۾ سمايو،
ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو.
آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لِڪائي،
مَچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو.
ڏئي حُسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو،
سُوريءَ جو ڪيئين اشارو، سِر عاشقن سنڀايو.
اصلؤن هو سِر حقاني، لاريب لامڪاني،
منجهه رمز ’لَن تراني‘، وري طُور ڪنهن جلايو.
’ولي محمد‘ سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج،
پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو.
[ڪافي: سُرتلنگ]
-