ڳالھايل ٻوليءَ ۾ ڳاڙهيون ڳالھيون
سندس لکيل خط بہ انھن فردن سان ڳالھہ ٻولھہ وانگر آهن. زيب سنڌي، نصير مرزا ۽ صادق فقير ڏانھن لکيل خطن مان صادق فقير وارو خط صادق جي لاڏاڻي کان پوءِ، پھرين ورسيءَ تي لکيل آهي جيڪو دل کي ڇھندڙ آهي. امر ساهڙ جي جنھن دؤر ۾ ادبي اوسر ٿي آهي اهو خطن واري ڏي وٺ جو دؤر هو اڃا اليڪٽراني ڏي وٺ ڪر نہ کنيو هو، نہ ئي سماجي ميڊيا ميدان تي لٿل هو. اهڙي دؤر ۾ اهي خط نياپا، سارون سنڀارون يادگيري جي ڏوري کي نوبنو ڪندا هئا. مھراڻي کان مريءَ تائين سفرنامو ''دعوہ اڪيڊميءَ '' جي تربيتي پروگرام تي وڃڻ دوران لکيل آهي جنھن ۾ سفر جون حالتون، ادب جي اوک ڊوک ۽ اڪيڊميءَ جي ماحول جو احوال اُپٽاريل آهي. ريڊئي مٺي جي سالگره بابت لکيل تاثر ۽ ڪھاڻي ٽڪي جو ماستر بہ پڙهڻ وٽان آهن.
مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ امر ساهڙ جن موضوعن کي کنيو آهي سي عوامي اهميت جا عنوان آهن جيئن ؛ بيڪار کان بيگار ڀلي، تعليم کي تريون، ڪميونزم جا مخالف ۽ جاگيرداراڻي جمھوريت جا محافظ، ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي، ڀوتارڪي سماج مان نجات وغيرہ.
خاڪا نگاري بہ خوبصورت صنف آهي جنھن وسيلي نہ رڳو مذڪور شخصيت بابت پڙهندڙن کي ڄاڻ ملي ٿي پر تاريخ، سماجيات ۽ انساني تعلق ۽ همعصر حالتن جي جهلڪ بہ خاڪن ۾ نظر اچي ٿي. امر ساهڙ، بخشڻ مھراڻوي، ڪوثر ٻُرڙي، سائينداد ساند، حليم باغي، مائي ڀاڳي، حسن درس، چمن ٿري، ڀارو مل امراڻي، ڀڳڙي مل ناچيز، اصغر جتوئي، عبدالروف جمالي، امين ارباب، صوبدار قاسمي اوٺي، امر راءِ سنگهہ راجپوت، ساگر خاصخيلي بابت خاڪا لکيا آهن تہ طالب ساهڙ ۽ آمن وڪيئي بابت بہ شاندار خاڪا چٽيا اٿس. انھن سمورن خاڪن ۾ اهائي سدا ملوڪ ڳالھايل نج ٻولي استعمال ڪندي هن انھن شخصن سان پنھنجي تعلق کي بہ ظاهر ڪيو آهي تہ انھن جي فن ۽ ڪلا جو ذڪر بہ ڪيو اٿس. اهي سڀئي ڏات ڌڻي فرد آهن جن پنھنجي ڪلاونت پورهئي سان سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلا کيتر ۾ پنھنجي پنھنجي پوک ڪئي آهي.
سمورين لکتن ۾ ڳالھايل ٻوليءَ سان گڏ ڳالھايل نالن جو بہ احوال ملي ٿو. مثال طور احمد وڪيئي کي ماڻھو پيار مان ڪيئن ''آمن'' ڪوٺين ٿا. حقيقت ۾ لسانياتي وصف ۾ اها تصغير تعريفي آهي. سنڌي اها ٻهڳڻ ٻولي آهي جنھن ۾ تصغير تعريفي بہ ملي ٿي تہ تصغير تضحيڪي پڻ. ڪوثر ٻُرڙي جو ڳوٺ ''ڄاڃي ٻُرڙو'' ۽ صوبدار اوٺي جو ڳوٺ ''روجهتل '' ڪيڏا نہ خوبصورت نالا آهن. ان ريت ٻيا بہ ڪافي من موهن نالا آهن جيڪي سنڌي سماج جي ذوق جي نشاندهي ڪن ٿا.
امر ساهڙ جون ساھہ ۾ سانڍڻ جهڙيون هي لکتون سنڌي نثر ۾ خوبصورت واڌارو ثابت ٿينديون ۽ پڙهندڙن پاران پڻ انھن کي مانائتي موٽ ملندي. دُعا آهي تہ ٿاڌات جي ٿھريل پُٺي جو هي شاعر سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيندي، دل کي ڇھندڙ شاعري ۽ ڳالھايل ٻوليءَ ۾ نثر لکندو رهي. فطرت پسند فرد جو فطرت سان ڪلام هلندو رهي ۽ روح رچندو رهي.. آمين
نوراحمد جنجهي
جنجهي هائوس، مٺي، ٿر پارڪر
6 مارچ 2022ع