مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

''روجهه تل جو راڻو ھڪڙو اھلِ دل ۽ اھلِ ظرف ماڻھو''

اسان جو هڪڙو صفا دل جو درويش صِفت دوست آهي، جنھن کي جيڪو ماڻھو ٻانھن مان جهلي چوندو سائين ! ٿورو هيڏانھن اچ ! تہ همراھہ ان پويان اکيون پوري هليو ويندو پر انھيءَ کان ايترو پڇڻ بہ گوارا ڪونہ ڪندو تہ '' ٻيلي ! جنت ۾ ٿو هلين يا دوزخ ۾'' پتو تڏهن پوندو جڏهن سائين سُٿڻ جا ٻئي پانچا گپ مان ڀري واپس ورندو، پر پوءِ بہ کيس ڪَنا نہ ڪو جَنا ــ جيسين ڪو ٻيو کيس چوندو تہ، سائين ! هيءَ گپ مان ڪانچ ڪيئن ڀري اٿئو ؟'' تڏهن هميشھو جيان هڪڙو ٽھڪ ڏيئي پانچا مٿي ڪري چوندو، ''اڙي ! ها يار ! او هُن فلاڻي همراھہ جو اُٺ، گهوڙو، گڏھہ، گابو گم ٿي ويو آهي، سو ان سان بيٺي پاسي تي سماچار ڪيم تہ ڪا تيز گاڏي لنگهي تنھن ڪم لاھي ڇڏيا''.(نئين ڪوٽ جي خواجا چونڪ تي گاڏين ۽ گپ جو سدائين سڪار لڳو پيو ھوندو آھي )
جيڪڏهن ڪنھن ڪاڄَ، ڪنھن ادبي سماجي پروگرام ۾ سائين اوهان کي ملي ۽ ٻِٽا ڀاڪر وجهي سڀ کان پھرين هڪڙي سيلفيءَ جي گذارش ڪري تہ پڪ سمجهو اهو ئي اسان ۽ اوهان جو قلندر دوست سائين صوبدار قاسمي اوٺو آهي. رڳو اهو ئي نہ پر، سندس مشھور تَڪيي ڪلام مان بہ ماڻھو کيس سُڃاڻي وڃن ٿا، ڇو تہ توهان ڪھڙو بہ قصو کڻو، ڪھڙي بہ ڪٿا شروع ڪيو، سائين جا ڪن اوهان جي ڳالھہ ۾ هوندا ۽ اکيون ڪنھن آڙيڪاب عُقاب وانگي ڪنھن ٻي ڄاڻوءَ سڃاڻوءَ کي تاڙينديون هونديون ۽ اوهان يَخي هڻي، هڻي جڏهن سندس ردعمل پڇندئو تہ فقط هلڪو ٽھڪ ڏيئي، ''ٻُڌ، ٻُڌ''چئي پاڻ اوهان جي اکين کان اوجهل ٿي ويندو. پوءِ جيڪڏھن اوهان کي سندس تلاش هجي تہ وڃي ڪنھن ڪُنڊ، پاسي ۾ ڏسو، ڪنھن چور ڪنھن چَڪار، ڪنھن پيريءَ ڪنھن ڀاڳيئي يا ڪنھن پٽيل کي پٽيون پڙهائيندي نظر ايندو. ۽ جي اوهان هجت مان هٿ جهلي چوندس تہ ٻيلي! منھنجي مسئلي جو ڪو حل ڪو حساب ؟ تہ سائين وري بہ وڏو ٽھڪ ڏيئي اهو چئي هٿ ڇِنائي هليو ويندو تہ ها ــ ها ــ ها ــ اڙي يار! ٻُڌ، ٻُڌ تہ سھي ! ۽ پوءِ وري ڪنھن ٻي جي ٻانھن جَهلي هليو ويندو. اهڙين پارين ڪو ڪَرڙوٽ مُڙس، ڊگهي قد، سنھي هانٺيءَ ملوڪ مھانڊن سان ڪو شخص ڏسو تہ اهو ئي اٿئو اڌورو ليکڪ ۽ پورو سوشل ۽ راجنيتي راڻو سائين صوبدار قاسمي اوٺوــ
منھنجي ڦوھ جوانيءَ جا جَر ڏيئن جھڙا ڏينھن هيا ۽ سنڌڙي انبن جي شھر ۾ نوان نوان نينھن هيا ــ ساڻس پھرين ملاقات ميرپور خاص جي درٻار حال ۾ ''جشن ٿرپاڪر'' ۾ ٿي ھئي( تڏھن سائين جابہ ونگ وريل ھئا)،جتي بلاول اوٺي، ''ٿر امر'' نظم پڙهي منھنجي ڌيان جي دهليز تي ڌرڻو هنيو هو. شايد اها لڳيءَ جي لگار هئي ورنا ! انھي آنڀوءَ جھڙي ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ شاعريءَ ٻائريءَ جي پاڻ کي ڪا ئي ڪل ڪانہ هئي.
۽ پوءِ ڪمپريھينسو هاسٽل ۾ آئون پنھنجي دوست ڀاري خان چاري سان ملڻ ويندو هئس تہ سائين صوبدار سان بہ مُکا ميلو ضرور ٿيندو هو. ملندو ھو تہ مُلن جيئن ڪا نہ ڪا نصيحت ضرور ڪندو ھو ۽ اهڙين نصيحتن کان منھنجا وڃن ڪَن. پر پوءِ بہ سندس نصيحت جي نُڪتي اکيون پوري ڳڙڪائي ويندو هئس. منھنجي خيال ۾ سائين مان اها نصيحت واري عادت اڃان بہ ويئي ڪانھي جتي ملندو چوندو، ابا ! مرڻي اچين نڪو پرڻي اچين صفا گهر -گهيٽلو ٿي ويو آهين ٻاھر نڪرئين نٿو سوشل ناهين وغيرہ وغيرہ.. پر هڪڙي ڳالھہ آئون ڀيرِ تي ڏونڪو هڻي ڪري سگهان ٿو تہ آهي صفا اندر جو اڇو اجرو ۽ صفا معصوم انسان! ان ڪري آئون سندس ڳالھيون هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻي ڪَن مان ڪڍيو ڇڏيان ۽ هُونئن بہ پَراين ٽيڪرن تي ماڻھو ليفٽ رائيٽ تہ ڪونہ ڪندو نہ ! بھرحال مخلص ماڻھو آهي سو نيڪ صلاحون ڏي ٿو تہ مَنَ ڪو مون جھڙو ٿيئي يا مون جيئن ڪري. پر خلق خدا جي چوڻ تي ئي ڪانہ ٿي هلي سا ڪٿي ٿي اسان جي هن قلندر دوست جي چوڻ ٿي عمل ڪري !
خير سائين تعليم کاتي ۾ تپيدار (بيٽ آفيسر) هو تہ تڏهن بہ اسڪول ۾ گِهڙندي ئي چاڪ کڻي بورڊ تي لکڻ شروع ٿيندو هو تہ ڪلاڪ ڇُٽو. مَجال آهي جو ڪنھن ماستر کي وچم ڳالھائڻ ڏي. نصيحت اها ئي تہ هِيئن پڙهايو هُونئن پڙهايو، پگهار حلال ڪريو هِنن معصومن تي رحم ڪريو. ماسترن تي اثر ٿيئي نہ ٿيئي پر سائين پاڻ واقعي پنھنجي دؤر جو هڪ بھترين ۽ آدرشي استاد ۽ آفيسر ٿي رهيو آهي. مون سندس صالح ۽ فرمانبردار شاگردن جَي ساڻس حسن سلوڪ مان ئي اهو اندازو لڳايو آهي. تعليم کاتي جا تپيدار ماسترن کان منٿليون وٺي پنھنجا ۽ ڪامورن جا وارا نيار ڪندا هئا تڏهن بہ مون هن فقير ۾ اهڙي خامي يا بِدعت ڪانہ ڏٺي. جيئن کيس مون ڏٺو آھي تہ ھو ھڪڙو فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر يا هيڊ ماستر ٿي رهيو آهي. پر جي ڪن مال جي واپاري ماسترن، ڊرائيورن، ڪنڊيڪٽرن ۽ صحافي ماسترن کيس ڪي ''اوڍاڻيون'' ڏنيون آھن تہ انھن ماسترن جي ڪرم ڌرم تي! باقي پنھنجي پاران کيس ڪلين چٽ مليل آھي.
2008ع جو زمانو هو تعليم کاتي جي ڪامورن سائين سان گڏ مون کي ۽ سائين خان محمد سومري کي امتحان ڪاميٽيءَ جا ميمبر مقرر ڪري موڪليو مھراڻي يوسيءَ جي پرائمري اسڪولن جا امتحان وٺڻ لاءِ اسان ٽنھي وٽ اُٺ نڪو گهوڙو، روڊ رستا ٿر جا گهڻو ڪري ڪچا، فيصلو اهو ڪيوسين تہ پوري يوسيءَ جي اسڪولن جا امتحان پيرين پيادل هلي وٺنداسين، ڪنھن بہ استاد کان نہ ڪو گاڏي وٺبي نہ ئي ڪو ڪرايو. پورو مھراڻو پيرين پنڌ ڪڍيوسين، ڪجهہ ماڻھو ٺٺوليون بہ ڪندا هئا، خاص طور تي ان وقت جو ايس ڊي او سليمان سومرو فون ڪري چوندو هو ''مئا تُور کان کري ويندا ڪا گاڏي کڻو مفت خور ماستر ونگار وَهي ويندا'' (سائين پنھنجي تجربي جي آڌار تي اها ڳالھہ ڪندو هو ) پر اسان جي اها ئي نا کي نَوَ ڪوٽ انھن امتحانن دوران تلخ تجربا بہ ٿيا- اسڪولن جي حالت قابلِ رحم ۽ ٻارڙن جي گهڻائي معياري تعليم کان محروم. پوري يوسيءَ ۾ ميويواري، جانجهڻ ميگهواڙ، پڌريو سومرا، طيب ساهڙ ۽ ڪجهہ ٻين اسڪولن جا محترم استاد محنتي نظر آيا باقي ڪاريءَ وارا ڪک ھئا! مون هڪ ٻن وزٽ بوڪن ۾ جيئن ڏٺو تيئن نوٽ هنيا پر سائين صوبدار اعتراض ڪيو تہ آئون ئي بيٽ آفيسر آهيان ماستر نڀاڳا پڙهائين نہ ٿا، مڃين بہ نہ ٿا پر ڇَنڊا مون تي پوندا پيشيون منھنجون ٿينديون، سو مڙئي هٿ هلڪو رکو. تنھن ڪري مون رڳو ٻارڙن کان امتحان ورتا ۽ رزلٽن تي اکيون پوري صحيح ڪري ٿي ڇڏي. باقي ڪو بہ نوٽ هڻڻ تان هٿ کنيم.
سائين صوبدار جو جنم 1960ع ڌاري ( اسڪول جي رڪارڊ ۾ ماسترن پنھنجي اسڪول جي داخلا وڌائڻ لاءِ سندس عمر کي اوساري ڏيئي ڏھاڪو سال وڏو ڏيکاريو آھي پر حقيقي عمر گهٽ اٿس) پنھجي ئي اباڻي ڳوٺ روجهہ تل جي مشھوور پيري ( جنھن کي ٿر جو شاھہ پنجو بہ چون) قبول اوٺي جي گهر ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري پنج درجا خانور اوٺي مان، مئٽرڪ نبي سرروڊ مان، انٽر ڊگري ڪاليج مٺي مان، بي ايڊ ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جڏھن تہ پي ٽي سي ايليمينٽري ڪاليج ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين، شروع ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو بعد ۾ ترقي ڪري ايڇ ايس ٽي، هيڊ ماستر ۽ بيٽ آفيسر پڻ رھيو. ۽ 2016 ۾ 60 سال پورا ڪري رٽائر ٿيو.
سائين جا پنج ڀائر ۽ پنج ڀينرون آهن ڀائرن مان هڪڙو ڀاءُ فيضو پيري آهي.سائين شادي شده آهي پر اولاد جھڙيءَ نعمت کان محروم آهي ۽ اولاد جي اها کوٽ سندس اندر کي اڏوهيءَ وانگر کائي رهي آهي. پر سائين پنھنجن ڀائٽن کي ئي سڳو اولاد سمجهي پيار سان پالي رهيو آهي. سندس پيري والد قبول اوٺي هڪ دفعي ٻڌايو تہ منھنجي پٽ صوبدار کي وڏي ماتا نڪتي هئي، منھنجو ٻچڙو پويَن پساهن ۾ هو،اوچتو راڄي جوڻيجي اچي سڏ ڪيو، ﷲ جا اسم ڏنائين،'' ٻيلي! خدا جي واسطي مون سان گڏجي هل منھنجي اٺِ چور ڪاهي ويا آهن''، سو مون پنھنجو پُٽ پَٽيءَ تي ڇڏيو ۽ رکي ٽُوال ڪُلھي تي راڄي ڀيڙو روانو ٿي ويس. پورو مھينو رولڙي کان پوءِ درياھہ جي ٻي پار کان اُٺِ هٿ ڪري ڪاهي آيس ۽ خدا جي ڪرڻي اهڙي جو صوبدار چڱو ڀلو اَٺَڪور ٿي ويو پر ماتا جا نشان مُنھن تي رهجي ويس..
سائين صوبدار راجنيتي جي لحاظ کان لائق ۽ مخلص ماڻھو آهي، جيڏانھن ڇڪيوس پيرين پيادو ھليو ھلندو پرڪنڌ ڪونہ ڪڍائيندو، وڏي ڳالھہ تہ بنا ذات پات ۽ مذھبي مت ڀيد جي سڀني سان چار چڱا پير ڀريل اٿس، ڪنھن اڙيل جو آڌار ٿيڻ ڪنھن جي ڏُکيءَ ويل ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيڻ سندس شانائتو گُڻ آهي، گهڻ سَھُو اھڙو جو ڀلي پيا ساڻس مزاق ڪريو پر پيو مُرڪندو، مجال آھي جو لوڻي ۾ ٽِسور وجهي. اهي تہ سندس هئا شخصي ۽ سماجي زندگيءَ جا ڪجهہ پھلو، پر سندس سڀ کان سُندر پھلو ليکڪ ۽ اديب هئڻ وارو اٿس. ڪافي عرصي کان سندس تحريرون، ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون اٿس جن ۾ چٻراٽو، ڪالي خان، وچن، امداد جو آسرو، پڪو ارادو، حاضري، ٻاجُهو ۽ ڪيترائي تاريخي مضمون ۽ مقالا بہ لکيا اٿس، جيتوڻيڪ سندس ڪھاڻي اڃان پنڌ ۾ آهي پر اها مقامي ڪردارن ۽ ٻولي جي حوالي سان بھترين چئي سگهجي ٿي جيڪا سندس ذاتي مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ آهي.
سائين سنڌي ادبي سنگت نئين ڪوٽ جي بانيڪارن مان هڪ آهي، جتي آئون، اياز رضوي، اشوڪ شرما ۽ ٻيا دوست گڏجي ڪم ڪندا هئاسين، اهو اوڻيھہ سئو ٻيانوي وارو زمانو هو. پاڻ ضلع ميرپورخاص ۽ ٿر ضلعي جو رابطا سيڪريٽري بہ رهيو، جيتوڻيڪ آئون ادبي سنگت مان ڏهاڪو سالن کان پري آهيان پر پاڻ هن وقت بہ نئين ڪو ٽ شاخ سان سان سلھاڙيل آھي، نہ ڪا لالچ نڪا لوڀ نڪو ڪنھن عهدي جي بک نہ ئي نالي يا ناڻي ڪمائڻ جي کيس ڪا ڳڻتي يا ڳاراڻو. ھن جي جيون جي ڪل پُونجي عزتون ۽ محبتون ونڊڻ ۽ ورھائڻ ئي آھي.
منھنجي خيال ۾ سائين صوبدار جيترو وقت راڄن ڀاڳن کي ڏي ٿو ان مان اڌ جيترو وقت بہ لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏي ها تہ مھراڻي جو هڪ لاڏلو ليکاري هجي ها، هڪڙي نرالي نثر نويس طور سڄي سنڌ ۾ سُڃاتو وڃي ها، پر کيس شايد دلي سڪون خلقِ- خدا جي خدمت مان ئي وڌيڪ ملي ٿو.ان ڪري ادب واري پاسي مڙئي گهٽ دلچسپي اٿس، پوءِ بہ جيڪو ڪجهہ بہ لکيو اٿس سو ساراھہ لائق آھي.
سياسي طور تي اربابن جو پڪو ماڻھو آهي سو انھن سان ئي اٺ ئي پھر اُٿي ۽ وهي ٿو، اربابن سان تعلق جي ڪري بيٽ آفيسري بہ وڃائي ويٺو، پر اربابن سان تعلق ۾ تِر جيترو بہ فرق ڪونہ آيس ۽ سچ اهو آهي تہ هيءُ هڪڙو نج ٿريو محبتي ۽ مخلص ماڻھو آهي، جنھن جي دل ۾ ڪنھن جي لاءِ بہ ميرُ ڪونھي منھنجي خيال ۾ هن قحط الرجال دؤر ۾ اوهان کي جيڪڏهن ڪو سنجيدہ، سادگي پسند، انسان دوست، خدا ترس، نيڪ دل ۽ ايماندار ماڻھو ڳولڻو هجي تہ هليا وڃو خانور ڀرسان ڳوٺ روجهہ تلَ ۾ جتي سندس ٻاجهارين ٻانھن ۾ اوهان کي ڳائي گيھہ جھڙو خلوص، پلر پاڻي جھڙو پيار ۽ پڪل پيروئن جھڙي پنھنجائپ ملندي، جيڪا هن پنھنجي والد مرحوم قبول اوٺي کان ئي ورثي ۾ ورتي آهي.
درويش صفت ۽ شريف النفس هن ماڻھوءَ ڪُلفت ڪَٺي ڪرڻ بدران رڳو محبتون ئي ميڙيون آهن.
وڏو عهدو، وڏي ڪرسي ۽ بي شمار دولت وڏا ماڻھو پيدا ناھي ڪندي، پر اهلِ دل ۽ اهلِ ظرف ماڻھو ئي وڏا ماڻھو هوندا آهن، ۽ روجهہ تل ڳوٺ جي خوش نصيبي آھي جو کيس فقير تن من انسان ۽ وڏو ماڻھو مليو آهي. پنھنجي علمي ادبي ۽ سماجي ڪردار ۽ قد ڪاٺ جي ڪري ھو واقعي بنھہ وڏو ماڻھو آھي. منھنجو انھي عظيم امڙ کي سرخ سلام آهي جنھن سائين صوبدار جھڙي صالحَ ۽ سَپوُٽ پُٽ کي جنم ڏنو آهي. منھنجون ساڻس حُجتون بہ آهن تہ بي پناھہ محبتون بہ آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ويجها هوندي بہ ڏور ٿي ويندا آهيون، تہ ھڪ ٻئي کي ڏوراپا بہ ڏيندا آھيون. ھونئن ڀلي اسان جا مزاج هڪٻئي کان مختلف هجن پر ٽيھن چاليھن سالن جي سفر تي ڦھليل هيءُ رشتو ڪو ڪچو ڌاڳو ڪونھي جيڪو جُداين جي جهولن لڳڻ سان ڇڄي پئي.پر آئون اڪيلائي جي دنيا جو اڪيلائي پسند ماڻھو ۽ هو ماڻھن سان ملي جهومي پوندڙ ماڻھو، ماڻھن سان سماجي رابطا قائم ڪرڻ ۽ انھن کي نڀائڻ جو هنر هن کي خوب اچي ٿو، ايترو ادبي طور تي بہ سرگرم ڪونھي جيترو سوشل ۽ پوليٽيڪل ايڪٽو آهي، اها ئي سندس ڪِرتِ آهي، نڪو مال ميڙڻ جي حوس نڪين ڪا ٻي ڇتڪتائي جيڪا کيس پريشان ڪري، پر پوءِ بہ اندر ۾ اڪيلو آهي، پاڻ ان ڳالھہ جو کڻي برملا اظھار نہ بہ ڪري پر سندس اداس اکڙيون چغلي هڻي ڏينديون آهن، تہ ڪا محرومي ڪا مايوسي آهي جيڪا سندس من جي ديوار کي ڪلر وانگر کائي کوکلو ڪري رهي آهي، ۽ هو پنھنجي انھي درد کي اظھارڻ گهري ٿو دل جو بار هلڪو ڪرڻ گهري ٿو، قلم ۽ ڪاغذ جو ڪنڌ نٿو مليسُ تہ ماڻھن جي ميڙ ۾،ڪنھن ڪچهريءَ ۾ حال منھنجا پُڇي، منھنجا ڳوڙها اگهي، ڪو تہ اهڙو هُجي کي ڳوليندو وتي ٿو، ۽ غمن کي گناھن جيئن لوڪان لڪائي بہ مُرڪندو رھي ٿو.
تم اتنا جو مُسکرا ر ہے هو،
کيا غم ہے جسے چھپا رہے هو.