ٿري سماج جو تبديل ٿيندڙ مزاج
مثال طور اڳي ڪنھن کي نانگ ڏنگي وجهندو هو تہ چوندا هئا تہ ابا! فلاڻو ''ڪَکيو'' آهي، جيڪڏهن ڪنھن جو مُئل ٻار ڄمندو هو تہ چئبو هو تہ فلاڻي جو ''ٿڌو'' ٻار ڄائو آهي. جيڪڏهن ڪنھن جا گهر ٻرندا هئا تہ چوندا هئا فلاڻي جو گهر ''ٺريو'' آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو وفات ڪري ويو تہ چوندا هئا تہ ادا! فلاڻو لاڏاڻو ڪري ويو آهي يا ''وري'' ويو آهي. ڪنھن وٽ عُذر خواهي ڪرڻي هُوندي هئي تہ چوندا هئا تہ فلاڻي جي گهران ''بيھڪ'' ڏيئي ٿا اچون يا فلاڻي جي ''ڪَکين'' ٿا وڃون. ڪو جيڪڏهن ڌيءَ جي شادي ڪندو هو تہ چوندو هو تہ ادا ڌيءَ ''اُٿيارڻي'' اٿم. ڪنھن عورت کي مرد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسندا هئا تہ چوندا هئا ''پير ڏِٺا'' آهن. ڪنھن وٽ ڪنھن شيءَ شغل لاءِ وڃبو هو تہ جيڪڏهن وٽس هَڪي نہ هوندي هئي تہ بہ ناشُڪري ڪرڻ بجاءِ چوندو هو تہ ''جَجهو'' آهي.
مطلب تہ اُنھي دؤر ۾ ماڻھو گهٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود لفظن جو ۽ رشتن جو تقدس ڄاڻندا هئا، لفظن جي صحيح ۽ مُناسب استعمال کان واقف هئا. اهو ئي ڪارڻ هو جو اُهي ڪُسنجا، گُٿا ۽ اڻ وڻندڙ لفظ چئي ڪنھن جي عزتِ نفس مَجروح ڪرڻ بجاءِ لفظن کي رومال ۾ ويڙهي اهڙي تہ شائستگيءَ سان ادا ڪندا هئا جو ٻڌڻ وارو اُنھن لفظن جي ايذائيندڙ ڪيفيت يا تلخيءَ کي محسوس ئي نہ ڪري سگهندو هو. اِهو ڏانءُ، اهو هنر ۽ اهو فن، هنن پنھنجي تھذيب ۽ تمدن مان سکيو هو. اهي پنھنجي وڏڙن جي شاندار روايتن جا رکوالا هئا، اهي انھن انسان دوست عادتن جا امين هئا. اهي پنھنجي سماجي ۽ ثقافتي ريتن، رسمن جا پاسدار هئا. اڳي هڪٻئي جي هَڪل تي حاضر ٿبو هو، ڪُلھي ڪانڌي ٿبو هو، ڏک، سک ۾ شريڪ ٿيڻ، اوکيءَ ويل اَڀري، سَڀري جي سار لھڻ، ڄڻ تہ انھن ماڻھن لاءِ عبادت هُئي، پر اڄوڪي ٿر جي نقشي تي هڪ نظر ڌريو هڪ نِگاھہ وجهو، حيرت سان گڏ افسوس بہ ٿيندو تہ موجودہ ٿر جو نئون تعارف نھايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.
هاڻوڪي ٿر جي نئين نقشي کي ڏسي، ٻُڌي هر اهل دل انسان درد محسوس ڪري ٿو. توڻي جو ٿر تمام گهڻي مادي ترقي ڪئي آهي ۽ تمام گهڻي تبديلي بہ آئي آهي، بي شُمار وسيلا بہ پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ڪميونيڪيشن انقلاب ذريعي موجودہ ٿر سڄي دنيا سان ڳنڍجي چُڪو آهي. پر منجهس کوٽ آهي تہ اڳوڻيءَ انسان دوستيءَ جي، مُھذب پڻي ۽ ماڻھپي جي. ٿر جي نئين نقشي، جتي سندس فطري سونھن ۽ حُسناڪين کي مُتاثر ڪيو آهي، اُتي سماجي جوڙجڪ، سماجي رشتن ۽ رابطن جي لازوال قدرن کي بہ ڪافي ڌَڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو موجودہ ٿر زَر جي زور تي، دولت جي چَمڪ ڌمڪَ پويان پنھنجن سمورن شاندار ثقافتي روَين تان پاڻي ڦيري رهيو آهي. ذاتي مفادن ۽ اَنائن خاطر عاليشان اِنساني آدرشن کي پُٺي ڏيئي رهيو آهي. مھمان نوازي محبت ۽ محب وطني جي گُڻن بجاءِ منجهنس مختلف ''مافيائون'' جنم وٺي رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هيڏيون ساريون سھولتون هوندي بہ موجودہ ٿر جو نقشو ميرانجهڙو نظر اچي ٿو. ان جا رنگ ٻوڏار ۽ اوپرا لڳن ٿا ۽ مٿس اوپن ئي ڪو نہ ٿا ۽ اهي ٿر جي ماحول ۽ مزاج سان ميچ ڪو نہ ٿا ڪن ٿر جي سُڃاڻپ ۾ ڪو نکار پيدا ڪو نہ ٿا ڪن. ائين ڇو آهي؟ اهو سوال ٿر جي سمورن سنجيدہ حلقن، باشعور ۽ با ضمير ماڻھن اڳيان رکون ٿا تہ اُهي ٻڌائين تہ هن تبديلي پٺيان واقعي دؤر جديد جي ڪا تقاضا آهي يا اُن ڪانگ وارو قصو تہ ڪونھي جنھن هَنج پکيءَ جي هَلڻي سکڻ جي شوق ۾ پنھنجي چال بہ وساري ڇڏي.