سانگها ڍنڍ ۽ ساگر جو سَنجوڳ....!!
تازو اقبال رند بہ موجودہ دؤر جي شاعريءَ بابت هيئن فرمايو آهي تہ ''اڄوڪي شاعريءَ جي گهڻائي فضول آهي. سنڌ جو سھڻو شاعر مظهر لغاري چوندو آهي تہ ماڻھو جنھن پَد جي شاعريءَ ڪري ٿو، ڪوشش ڪري اُن کان بھتر لکي، نہ تہ بہ ساڳي پَدَ تي ئي ٽِڪي بيھي تہ سندس لاءِ سُٺو آهي. ورنه! اجايو گند ڪرڻ کان بھتر آهي تہ شاعريءَ مان ئي هٿ ڪڍي وڃي تہ جيئن سندس اڳوڻو اميج برقرار رهي سگهي''.
هِنن ٽنھي دوستن جي بي رِيا راين جي روشنيءَ ۾ اوهان پاڻ ٻُڌايو تہ اڄڪلھہ سنڌي شاعريءَ سان ڪھڙي ويڌن جاري آهي؟ ۽ هيءُ رات جي پيٽ ۾ شاعر ٿيڻ جو ناياب نُسخو ڪٿان هٿ چڙهيو آهي. هنن همراهن کي؟ چَون ٿا تہ اها سڀ بچي شال ڀٽاري فيس بُڪ جي ڀلائي آهي. جنھن تي اچي جيڪو ڪجهہ اوڳاڇيو يا اُلٽي ڪريو بنا بُوءِ ۽ بانس جي سڀڪجهہ اگهجي ويندو. ڪنھن جي ڦِٽي آهي جو اُن تي ڪير آڱر کڻي يا اُن مان ڪو عيب ڪڍي! هُونئن بہ فيس بڪ طارق اشرف جي سھڻي، تاج بلوچ جو سوجهرو يا شمشير جي دؤر جو مھراڻ رسالو تہ آهي ڪونه، جو اُنھن جا آڙيڪاپ ايڊيٽر غير معياري مواد مان مکڻ مان نڪتل وار وانگر عيب ڪڍي. ايڊيٽنگ ڪري ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ڇاپيندا يا معيار جي پٽڙي تان لٿل مواد کي لفافي ۾ بند ڪري شاعر يا ليکڪ کي اهو چئي واپس ڪندا هئا تہ، ''اوهان کي اڃان محنت جي ضرورت آهي، ڪنھن سُٺي شاعر/اديب کان سِکيا وٺي مواد اصلاح ڪرائي پوءِ موڪليو''. پر هيءُ جديد ترين جھان ئي اؤر آهي. جتي ڪنھن کي بہ ڪا جهَل پل ڪانھي. سڀڪا پرينءَ کي پسي سگهي ٿي. ڪا روڪ، ڪا ٽوڪ ڪانھي. جنھن کي وڻي جتان ۽ جنھن جي بہ شاعريءَ جون ٻانھون ٻُٽيون ڪري، ڪالر ڪُئن جئين ڪُتري پانچا ۽ کيسا خالي ڪري، اُبداڻ مان اڳٺ ڪڍي، پنھنجي شاعريءَ جي سُٿڻ ۽ قميص تيار ڪري سگهي ٿو. ۽ پوءِ اُن کي ڪنھن نظم جي نالي ۾ فيس بُڪ تي رکي پنھنجن پاساڪڙن کان واھہ واھہ جا وزَم وٺي همراھہ ڌرتيءَ کان سئو فوٽ مٿي اُڏامڻ جي ريھرسل ڪري سگهي ٿو. ڪو بہ انڪم ٽيڪس آفيسر پُڇا ڪا نہ ڪندو. اڃان بہ جيڪڏهن ڪنھن کي ''عظيم'' ''مھان'' ۽ الائي ڇا مان ڇا ٿيئڻ جو جُنون آهي تہ ڪنھن صحافيءَ کي منت ميڙ وارو ميسيج ڪري، ڪنھن فيس بُڪيءَ فرينڊ اديب يا اديبا کي پٽڪو پلاند وجهي پنھنجي سدابھار شاعر هئڻ جون سنَدُون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اڃان بہ جي ڪنھن کي سستي شھرت جو سَرگهير ستائي تہ ڪنھن ادبي ڪنھن سماجي، تنظيم جي اڳواڻ جي آءُ ڀڳت ڪري ساڻس ڪا ''شام'' يا سندس ڪتاب جي مھورت جو پروگرام رکرائي مُلڪان مُلڪ مشھوور ٿي سگهجي ٿو. اِها بہ فيس بُڪ جي ئي ڀلائي آهي جو اُن تي جيڪي بہ سنڌي سٻاجها براجمان آهن، اُنھن مان 80 سيڪڙو اهڙا شاعر سڳورا آهن، جيڪي آڙڪ گُوار وانگر اُڀڙيا آهن ۽ سڀئي وري سڏرائين پاڻ کي سنڌ جا سُريلا ۽ سگهارا شاعر. اِها ٻي ڳالھہ آهي جو کين اِها خبر ڪانھي تہ ''سبب'' گهڻن حرفي لفظن کي ٿو چئجي يا ''سبب خفيف'' ۽ ''سبب ثقيل'' ۾ ڪھڙا اکر مُتحرڪ ۽ ڪھڙا اکر ساڪن آهن؟ وَتدَ ڇا آهي؟ وتَد مجموع ۽ وَتَد مفروق ڇا آهن؟ پر پوءِ بہ ڏيکائي اهڙي ڏيندا ڄڻ همراھہ بحر وزن جي موجد خليل بِن احمد بحري جا بابا ۽ سنڌي عروض جي مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جا بہ اُستاد آهن. پاڻ وٽ ٿر ۾ ڪُجهہ مھينا اڳ ۾ ثقافت کاتي پاران رکرايل هڪڙي مُشاعريءَ ۾ تقريبن 200 شاعرن جي لسٽ لڳي هُئي. هاڻ اِها ڳجهارت ميلي جي مُنتظمينن کان ڪير ڀڃائي تہ واقعي ٿر ۾ ٿوري عرصي اندر ايترا شاعر اُڀري آيا آهن؟ يا ميلي جي مھابي سڀني کي شاعرن جو نالو ڏيئي کين ''سياسي سوس'' چٽائي باقي ''مال'' لالي خلاص ڪيو آهي. هِتي پاڻ وٽ اظھار جي آزادي هُجي نہ هُجي پر دنيا ۾ ڪنھن کي لِکڻ، ڳالھائڻ ۽ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪرڻ جو حق حاصل آهي. کين اُن حق کان اسان مان ڪو بہ محروم ڪري نٿو سگهي. سو ڀلي سڀئي لکن جيڪي وَڻين سو لِکن پاڻ کي ڪو اعتراض ڪونھي. پر پاڻ چوڻ اهو ٿا چاهيون تہ هر شيءَ جو هڪڙو ماڻ، ماپو ۽ ڪو معيار ضرور مُقرر هُوندو آهي. هر صنف جي هڪڙي ڪرائيٽ ايريا ٿيندي آهي، ڪي اصول ڪي لوازمات بہ لاڳو ٿين ٿا. جن کي فالو ڪرڻ فرض آهي. هن دؤر ۾ جڏهن نئين ڪويتا بہ لکي پيئي وڃي تڏهن بہ فن ۽ فڪر ٻئي ڪنھن ڪويتا ڪنھن رچنا کي سگهارو بنائڻ جو واحد وسيلو آهي. بلڪل ائين جئين ڏات ڏانءُ بنا اڌوري آهي ۽ ڏان ڏات بنا اڌورو آهي. موجودہ دؤر جي مايوس ڪُن صورتحال باوجود، آئون اهو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا بہ هٻڪ محسوس ڪو نہ ٿو ڪريان تہ، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نئين ٽھي جا ڪافي شاعر انتھائي لازوال لکن ٿا، جئين روحل ڪالرو، مُنور هاليپوٽو، عزيز گل، اياز رضوي، اشرف پلي، حاجي ساند، ديدار شاھہ، فراق هاليپوٽو ۽ کوڙ سارا ٻيا. جن کان آئون پاڻ انسپائيريشن وٺندو آهيان. مونکي اهو لکندي يا چوندي فخر محسوس ٿو ٿئي تہ ٿوري عرصي ۾ ٿر ۾ ڪجهہ نوجوان ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ ڏاڍي پُختي شاعريءَ پيا ڪن. جئين بنھہ تازو نثار بلوچ، مشتاق جنجهي يا معصوم سُوندرائي جن جا نڪور نظم سندن شاندار شاعراڻي آئندي جي گواهي ڏيئي سگهن ٿا. سو اسان جيڪا شيءَ دل کي وَڻي ٿي اُن بابت پنھنجي ڀرپور راءِ ڏيڻ ۾ ڪڏهن ڪنجوسائي ناهيون ڪندا. بلڪِ اهڙن شاعر دوستن جي دل سان همت افزائي ڪندا آهيون ۽ اهو اسان پنھنجو اخلاقي فرض ٿا سمجهون. توڻي جو فيس بُڪ تي ڪيترائي حقيقي تخليقي شاعر بہ پڙهڻ لاءِ مِلن ٿا، جن جي شاعريءَ مان حِظ حاصل ٿئي ٿو. پر هتي مسئلو اُن گهڻائي جو آهي، جيڪا نٿي ڪتاب پڙهي ۽ نہ ئي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر کي سمجهي ٿي. بس ڪٿي ڪا چڱيرڙي شيءَ پڙهي ناهي اُن جو الٿو ٿيو ناهي. پوءِ فيس بُڪ تي رکي چوندا تہ سينيئر جو نيئرن کي پڙهن نٿا، بابا! دانھون ڪري تہ ڪنھنجو ڌيان ڪو نہ ڇڪرائبو. جيڪڏهن شاعريءَ ۾ دم هوندو تہ ماڻھو پاڻھي موٽ ڏيندا. اسان ۽ اوهان جو ڪم آهي پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ لکڻ باقي نبيرا پاڻھي پيا نسل ڪندا. سو محنت تہ پاڻ کان پُڄي ڪا نہ ٿي باقي ڪانگهارا ڏُک ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو. خير ڪو زمانو هوجو ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شاعريءَ پڙهبي هُئي. اُتي ويٺل اُستاد شاعر ۽ نقاد کُلي ۽ ڇتي تنقيد ڪري اُن شاعريءَ جي اسم کي يا خود اُنھي شاعر کي گهڙي رچي راس ڪري ڇڏيندا هُئا. اُهي ئي شاعر جن رت ولوڙي ڀت ڪيو سي تاريخ ۾ پنھنجا اڻ مٽ اُهڃاڻ ڇڏي ويا ۽ اُهي هر دؤر جا شاعر هئا، آهن ۽ آئيندو بہ اُنھن کي عزت ۽ اهميت ڏيندو رهندو. ڪو ماڻھو ڪمال جي درجي تي تڏهن ئي پُڄي ٿو جڏهن هُو رياضت ڪري رچي ريٽو ٿئي ٿو. پوءِ ڪو بہ زمانو انھيءَ آرٽسٽ کي پُٺي ڏيئي يا اکيون پوري اِگنور ڪري نٿو سگهي. پري ڪو نہ ٿا وڃون رُڳو ٿر ۾ ئي ٿا نظر گهمايون. سائينداد ساند ويٺو آهي، جنھن کي ٿر جو جُون ايليا چئي سگهجي ٿو. ڇو تہ هُن جي حسين شاعريءَ ۾ جيڪا سادگيءَ جي سُونھن ۽ درد جي دلڪشي آهي، اها ئي کيس ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. اِهو ان ڪري جو هيءُ تنقيد جي بٺيءَ مان پچي نڪتل شاعر آهي.
اڄوڪي دؤر جي فيس بُڪي شاعرن تي جائز ٽيڪا ٽپڻي ڪري ڏسو ڄڻ ڪنھن ککر جي ماناري ۾ کڙو لڳو. ادبي ۽ اصلاحي تنقيد کي ذاتي حملو سمجهي اوهان جا آنڊا ۽ اوجهريون ڪڍي ڪُتن کي کارائي ڇڏيندا. هيءَ سموري صورتحال سنڌي سماج جي سَهل پسنديءَ ۽ شارٽ ڪٽ وارن مجموعي رَوين جي عڪاسي ڪري ٿي. اڳي ائين هو تہ اسان ڪنھن رسالي جي ايڊيٽر کي ڪا شيءَ رواني ڪري پوءِ ويھي انتظار ڪندا هئاسون. پوءِ جيڪڏهن اها لکڻي ڇپجي ويئي تہ ڀلا ڀاڳ ڀائيندا هئاسين. پر جي ايڊيٽر جي اختلافي نوٽ سان گڏ واپس آئي تہ مڇرجڻ بدران ٻيھر اُنھي کي سنواري سُڌاري پوءِ موڪليندا هئاسين. اصل ۾ شاعري عُمر ڀر جي رياضت جو ئي نالو آهي. شاعريءَ ڪا واندن جي وندر ڪونھي. هيءُ هڪڙو سنجيدہ ۽ پاڻ ارپڻ وارو علمي عمل آهي. جنھن تاريخ جي تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا جي سنجيدہ سماجن ۾ شاعريءَ کي ٻين علمن جيتري ئي اهميت مليل آهي. بلڪ ڪٿي، ڪٿي تہ شاعريءَ کي اعليٰ رُتبو مليل آهي ۽ اِها دنيا جي ڪيترن ئي علمي ادبي تحريڪن جي اڳواڻي وارو رول بہ ادا ڪندي رهي آهي. پر اسان هن اهم تخليقي ڪم کي تاش جي پتن جئين رڳو ذهني عياشيءَ خاطر ئي ڪيون ٿا. اِهو هِن دؤر جو شاعريءَ سان وڏو الميو آهي. پر پوءِ بہ نااُميدي ناهي، ڇو تہ جنھن مِٽيءَ جي خمير مان ساگر خاصخيلي جنم وٺي سگهي ٿو، اُها مٽي ڪڏهن بہ سُنڍ ٿي نٿي سگهي. اصل ۾ مونکي ڳالھائڻو ساگر خاصيخيلي جي ئي شاعريءَ تي هو، پر جڏهن بہ شاعريءَ جو ذڪر ٿو ڇڙي تہ پوءِ هِن دؤر جي فيس بُڪي شاعريءَ جنھن تنجڻ تپائي ڏنا آهن. اُن خلاف اُٻڙاس ڪڍڻ بنا ماڻھو رهي نٿو سگهي. فيس بُڪ ڪا پليد جڳھہ ناهي، بلڪ هيءَ هڪ اهڙو سگهاڙو پليٽ فارم آهي جتان ماڻھو گهڻو ڪجهہ حاصل بہ ڪري سگهي ٿو تہ گهڻو ڪجهہ وڃائي وِلھو بہ ٿي سگهي ٿو. فيس بُڪ جي ئي معرفت اسان پنھنجي پسنديده شاعرن سان سَنمُک ٿيون ٿا. پر اسان وٽ اُن جو استعمال بنھہ بُرو ٿي رهيو آهي. هڪ ٻي جا پٽڪا لاهڻ، پنھنجي اوگهڙ ڏيھہ کي ڏيکارڻ جھڙا عمل اسان فيس بُڪ تي ئي ڪري رهيا آهيون. ابراهيم جويو چوي ٿو تہ ''پنھنجا ميرا ڪپڙا روڊ تي ڌُوئڻ بدران گهر ۾ ئي ڌوئجن تہ بھتر آهي''. سو اسان پنھنجا پاروٿا ۽ پگهريل مھانڊا بہ وڃي فيس بُڪ تي ڌوئينداسين تہ جڳ تہ کلندو نه! پر خير هر ڪنھن جي مرضي جيڪو وڻي، جتي وڻي وڃي ڪري. پاڻ کي وڻي ٿي اها ڳالھہ تہ ساگر خاصخيلي انھن خوش نصيب شاعرن مان آهي، جن شاعريءَ کي واقعي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ شاعريءَ جي علم جو اندر جي اکين سان اڀياس ڪيو آهي. رياض ڪيو آهي، مسلسل محنت ۽ مشق ڪرڻ کانپوءِ ئي سندس شاعريءَ ۾ فني توڻي فڪري پُختگي آئي آهي. هيءُ لَين مان لٺ جهوري شاعر ناهي ٿيو، بلڪه محنت ۽ مُحبت جي آميزش ئي هن جي ڪلا کي جلا بخشي آهي. سندس شاعراڻي قد ڪاٺ بابت آئون ڪا بہ فَتوا نہ ڏيندس. هِن جي شاعريءَ خود پنھنجو پَدَ پاڻ ڏيکاريندي. سندس شاعريءَ جو ڪنيواس سانگها ڍنڍ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر وانگي وسيع آهي. سندس شاعريءَ جي ڦڳڻ ڦولار ۾ روهيڙن جا رنگ بہ آهن، تہ ڄارين جي ٽارين ۾ ٽِنڊريل رتڙا ۽ سيڙهڪا پيرون بہ آهن. ڪارونجهر جي ڪور تي نچندڙ نيلا، ناسي موريا بہ آهن، تہ ننگر ۾ سوڍن جي ترارن جا تجلا ۽ روپلي جي سرفروشيءَ جا فسانا بہ آهن. سانگها ڍنڍ جي سرير ۽ پاري ننگر جي پَڊن جو جڏهن پاڻ ۾ سنجوگ ٿئي ٿو تڏهن ساگر خاصخيليءَ جھڙو سُريلو شاعر سنڌي شاعريءَ جي سرزمين تي ڦلاريل ڦوڳ جئين ڦُٽي پئي ٿو. ننگر جي ناسي ڏونگر جا نظارا، مورن جي کيڙوئن جا منظر، هتي جا تاريخي حوالا، ڀٽياڻي ۽ ساردڙي جي ندين جي جوانيءَ جھڙي رواني ۽ هتان جون هڙئي حسناڪيون ساگر جي شاعريءَ جو سرمايو ۽ زندگي آهن. اسان جو هي اربيلو شاعر مون وانگر مِٺن پيشابن جو مريض ضرور آهي، پر ڪلراٺيل ذهنن وانگر حِرص ۽ حسد جي بيماري کان بچيل آهي. وڏي ڳالھہ اها بہ آهي تہ هِن قحط الرجال دؤر ۾ بہ هي دوست پنھنجو ايمان ۽ ضمير ائين سلامت رکيو اچي جيئن هِن مٽيءَ جي مارئي پنھنجو سيلُ ۽ سَتُ سلامت رکيو هو. اها ڪا معمولي ڳالھہ ڪونھي، ڇو تہ اڄوڪي دؤر ۾ اڪثر ماڻھو پنھنجو قلم ائين ڪيش ڪرائيندا آهن، جيئن اين-جي-اوز وارا ڏڪاريل ٿرين جي غربت ڪيش ڪرائيندا آهن.
ڪُجهہ سالون اڳ مون ڪنھن ادبي مئگزين ۾ ساگر جون ڪي سُندر ڪويتائون پڙهيون هيون. سُٺي شاعر جي اها ئي خوبي آهي تہ هُن جي لکڻي پاڻھي ڌيان ڇڪائيندي آهي ۽ ائين ئي ٿيو ساگر جي تخليق کي پڙهڻ کانپوءِ لڳو، هيءَ دوست ايترو سوبر ۽ پُختو شاعر ٿر جو تہ ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو اُن وقت تائين ٿر ۾ جيڪي ٻہ ٽي شاعر هُئا، انھن کي مون پڙهيو بہ هو ۽ سُڃاتو بہ ٿي. پر ساگر سان نہ ڪڏهن مُکا ميلو ٿيو هو نہ ئي مون کيس ڪٿي پڙهيو هو. اُن ڪري آئون سمجهندو هئس تہ هيءَ شاعر دوست شايد سنڌجي ڪنھن ٻي خطي جو رهاڪُو آهي. پر هڪ ڏينھن اوچتو مٺيءَ ريڊيو تان سندس انٽرويو ٻڌم تہ منھنجي حيرت جي حد نہ رهي تہ مار! هِيءُ تہ منھنجي ئي مٽيءَ جو محبوب شاعر آهي ۽ پوءِ هڪ دفعي مٺي ۾ کيس روبرو ڏٺم. هڏَن، مُٺ هاٺي، شوگر سندس جسم تان ماس ائين روڙي ڇڏيو هو، جيئن ٿر واسي سياري ۾ ڪَنڊين مان پَن روڙي رُڳو ڪاٺيون ڇڏيندا آهن. منھنجو خيال هو تہ اڄڪلھہ جي شاعرن وانگر هِن جي ڪنڌ ۾ بہ مڳيءَ جي ڪلي کُتل هوندي ۽ هُو ڪنھن ڪاٽن جي وڳي ۾ ڪاري عينڪ اکين تي پائي ڪو ڪتاب هٿ ۾ کڻي هلندڙ هوندو. پر اسان جو هي صفا سادو ۽ سٻاجهو شاعر دوست انھي تصوراتي اميج جي بلڪل اُبتڙ نڪتو. نہ منجهس اجائي شاعراڻي آڪڙ نہ ئي ڪپڙي لٽي ۾ ڪا نمائش جي جهلڪ، ويراواھہ جي پُراڻن پڊن وانگر اُداس ۽ معصوم چهرو، مگر نهٺائي ۽ نِوڙت جو مجسمو لڳو. ٿر ۽ ننگر جي مٽيءَ جھڙو مزاج، ٿور ڳالھائو، وضعدار شخصيت ۾ ايترو پُر وقار ۽ پُر اعتماد لڳو جو پھرينءَ نظر ۾ ئي مٿس بيحد پيار اچي ويو. اُهي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، اُن گهڙيءَ پل جي مختصر ملاقات کانپوءِ اسان هڪٻئي سان وري اڄ سنمُک ٿيا آهيون. رهي ڳالھہ سندس شاعريءَ جي تہ، منھنجي نظرن مان ساگر جي هيستائين جيڪا بہ شاعريءَ گذري آهي، اُن آڌار آئون ايئن تہ ڪو نہ چوندس تہ هيءُ ڪو ٿر جو امداد حُسيني آهي. پير ائين ضرور چوندس تہ ساگر ٿر جو اُهو شاعر آهي جنھن ذاتي واسطن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪري يا ٺُونٺيون هڻي پنھنجو شاعراڻو قد ڪاٺ ناهي وڌايو پر مسلسل محنت سان ئي مڃتا ماڻي آهي. ڇا اها ڳالھہ ڪنھن اعتراف کان گهٽ آهي تہ اسان جي هن سٻاجهي شاعر بنا ڪنھن دعويٰ ۽ دُهل وڄائڻ جي ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي مُحبت ۽ عزت ماڻي آهي، جنھن لاءِ مون پارا سَڌڙيا شاعر صديون سڪندا آهن. منھنجي انھيءَ ڳالھہ جي تصديق، مارئيءَ جي هِن ماڳ تي ساڻس ملھائجندڙ اڄوڪي هيءَ شام آهي. جديد سنڌي شاعريءَ خاص ڪري ٿر ۾ خليل ڪنڀار، چمن آر ٿري، امر رائسنگهہ راجپوت ۽ ڀارُو مل سميت جيڪي بہ چند نظم جا شاعر سگهاري سُڃاڻپ رکن ٿا، اُنھن ۾ ساگر جو پنھنجو لھجو ۽ انداز آهي. اهو ئي سبب آهي جو هيءُ سانورو شاعر ٿوري وقت ۾ چڱي خاصي مڃتا ماڻي چُڪو آهي. منھنجي گواهي جيڪڏهن قابل قبول هجي تہ آئون دعويٰ سان چوان ٿو تہ ساگر جيڪڏهن ڪنھن خوش فهمي ۾ مبتلا ٿيڻ بدران ائين ئي سُونھن، سادگي ۽ سچائيءَ جي چيچ جهلي قلم جي ڦار سان ڪاغذ جي ٻنيءُ ۾ شاعريءَ جا چرمڪي وڻ پوکيندو رهيو تہ هڪ ڏينھن سَڏونت ۽ سارنگا جو هيءُ پاڙيسري شاعر ائين ئي امر ٿي ويندو جئين مائي ڀاڳيءَ جي معرفت چرمڪي لوڪ گيت لازوال ٿي ويو آهي.
ڪي ڪي علائقا ماڻھن کي سڃاڻپ ڏيندا آهن تہ ڪي وري خود ماڻھو علائقن جي سُڃاڻپ بڻجي ويندا آهن. هن کان اڳي ويراواھہ يا پاري ننگر سانگها ڍنڍ ۽ سڏونت سارنگا جي نالي ۽ حوالي سان ڄاتا سڃاتا ويا ٿي. پر هاڻ هن علائقي جي سڃاڻپ جو هڪڙو حَسين حوالو ساگر خاصخيلي بہ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ننگر گهمڻ وارن مان اڪثر ادبي، سياسي ۽ سماجي لڏي جا ماڻھو هن جي اڱڻ تان ڀيرو هرگز ناهن ڀڃندا. ساگر هڪ بھترين شاعر هئڻ سان گڏ هڪڙو مخلص مھمان نواز ۽ تڏي جو خان انسان آهي. آئون اها بہ دعويٰ ڪريان ٿو تہ ساگر جي شاعريءَ ۾ نہ رُڳو دم آهي پر اها سنڌي شاعريءَ جي گڍيءَ ڀِٽ تي پنھنجو جوڳو پلاٽ والارڻ جي سگهہ بہ رکي ٿي. مونکي اُميد آهي تہ اسان جو هيءُ سانورو شاعر دوست نہ رڳو قلم جي حرمت کي برقرار رکندو، پر پنھنجيءَ شاعريءَ وسيلي هن ڌرتيءَ جي حقن جي وڪالت بہ ڪندو رهندو.