بيڪار کان بيگار ڀلي آهي.
ســدا آهــي سـاھہ کـي، ڳڀي جي ڳولا،
ڍؤ بنا ڍولا! ناهي ساڃاھہ سُونھن جي.
سُونھن جي شناخت ۽ سُڃاڻپ بہ تڏهن ئي ٿِئي ٿِي، جڏهن ماڻھوءَ جي پيٽ ۾ ڪا شيءَ هُوندي، ورنہ آنڊن جي شور و شُغل ۾ ڪوئي آواز ٻُڌڻ ۾ ناهي ايندو، تڏهن ئي تہ چون ٿا تہ اَنَ بنا ايمان ڪونھي ۽ ايئن بہ چوندا آهن تہ ''پہلے طعام پھر کلام'' شايد اهڙي ئي ڪنھن ڪيفيت جي عڪاسي ساحر لڌيانويءَ هئين بيان ڪئي آهي تہ؛
نور سرمایہ سے ہے روئے تمدن کی جلا،
ہم جہاں ہمیں وہاں تھذیب نہیں پل سکتی
مفلسی جس لُطافت کو مٹا دیتی ہے۔
بھوک آداب کے سانچوں میں نہیں ڈھل سکتی۔
بلڪل اِهو ڌنئوري ڏينھن جھڙو سچ آهي تہ ڪنھن انگ اُگهاڙي ۽ پيٽ بُکي انسان تہ ڇا حيوان کي بہ اوهان تھذيب و تمدن جي ڪارب ۾ قيد ڪري نٿا سگهو. ماڻھوءَ جي مُهذپَڻي کي پرکڻو هُجي تہ اُن کي ڪجهہ ڏينھن اُڃيو ۽ بُکيو رکي پوءِ ڪنھن سَت رڇيءَ دعوت تي آندو وڃي، اَڇا ڪارا پاڻھي پڌرا ٿِي پوندا. بحر ڪيف بيروزگاري ۽ بُک رُڳو هِن پاڻ واري ''ڪشورِ حَسين'' جي ڪمزوري ڪانھي ڪا، هيءُ تہ هڪڙو عالمگير مسئلو آهي، جنھن هَڻي سڄيءَ دُنيا جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ پُوري دُنيا کي وڌندڙ بُک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جي مسئلي مُنجهائي وڌو آهي، پر فرق فقط اهو آهي تہ اسان بيروزگاريءَ کي ڪا بيماري سمجهي ذهني مريض ٿي پيا آهيون. جڏهن تہ دُنيا اُنھي مسئلي کي حياتيءَ جو هڪڙو عام رواجي مسئلو سمجهي منھن ڏيئي رهي آهي. هُونئن جي سچ پُڇو تہ بيروزگاري خود ڪو مسئلو آهي ئي ڪو نه! بس هڪڙو رويو، هڪڙي سوچ آهي جيڪا اسان پاڻ تي هروڀرون حاوي ڪري ڇڏي آهي تہ اسان بيروزگار آهيون معنيٰ ڪنھن موذي مرض ۾ مُبتلا ٿِي ويا آهيون، جنھن جو ڪو علاج ئي ڪونھي، زندگيءَ جي مسئلن ڏانھن اسان جي اهڙي روش اسان جي ذهني پَسماندگيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي، اسان ۾ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ۽ همت ڪانھي، اُن ڪري اسان فرار جا بھانا ڳوليون ٿا. فارين ڪنٽريز جي سُڌريل سماج ۾ ائين نٿو ٿئي، ڇو جو اُتي ماڻھو رُڳو سرڪاري نوڪرين تي نٿا ڀاڙين، بلڪ ٻاهرين ملڪن ۾ گهڻو ڪري ماڻھو ڪَن ئي ذاتي ڪاروبار ٿا. يا نجن ۽ خانگي ادارن ۾ ئي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو اُنھن ادارن ۾ پگهارون ۽ ٻيون سھولتون سرڪاري ادارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پُرڪشش هونديون آهن. پر ايترو ضرور آهي تہ اُتي ڪنھن رئيس، ڪنھن وزير، ڪنھن وڏيري جي چٺيءَ چپاٽيءَ يا فون ڪالز تي ڪا سروس ڪا نٿي ملي ۽ نہ ئي ڪنھن وزير جي واٺي جي مُٺ گرم ڪرڻ تي ڪا نوڪري ملي ٿي ۽ اُتي ائين بہ ڪونھي جئين ٿر ۾ ڪم ڪندڙ NGOs جي ڪُت خلق پلجي تہ ٿرين جي نالي ''پِنَ'' تي ٿِي پر اُنھن NGOs ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھو وري ٻاهريان ''امپورٽيڊ'' ٿي ايندا آهن، يعني NGOs جي انچارجن جا ڪاڪا، ماما، ماسات، سؤٽ مطلب تي ڪي ناناڻڪيءَ نُک مان ڪي ڏاڏاڻڪي ڏيھہ مان، ۽ ٿر جي نوجوانن لئه ڪول اٿارٽي کان وٺي NGOs تائين سڀني ادارن جا دروازا ايئن بند آهن جيئن گهوسٽ اسڪولن ۽ اسپتالن جا در عوام ۽ اسٽوڊنٽس لئه بند آهن.
خير دنيا ۾ ايئن ڪونھي اُتي اهڙي قسم جو تصور بہ نٿو ڪري سگهجي. اهي ''اضافي لياقتون'' پاڻ واري سماج جوئي شيوو آهن. دنيا ۾ ماڻھو هر قسم جو ڪم اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي ئي حاصل ڪن ٿا ۽ هر ڪم کي اهميت ڏين ٿا. وڏي ڳالھہ تہ اُنھن وٽ ڪم ۽ وقت جو قدر آهي. اُهي پنھنجي فالتو وقت کي بہ سھي نموني استعمال ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اُنھن کي جيڪڏهن ڪا گهڙي فُرصت جي ملي تہ اِها بہ پڙهڻ يا گهمڻ ۾ سجائي ڪندا پر اسان وانگر سڄو ڏينھن ڪنھن ٻاڪڙا هوٽل تي واندو ويھي مکيون ڪو نہ ماريندا.تڏهن ئي تہ بوريت يا بيروزگاري نالي جو انھن وٽ ڪو تصور ئي ڪونھي. پر پاڻ ماڻھن وٽ وري قصو ئي اُبتڙ آهي. همراھہ مَري، جُهري مئٽرڪ پاس ڪئي تہ ڄڻ ڇيڙو ڪري ڇڏيائين. پوءِ نہ ڪندو ڪو ڪم ڪار ۽ نہ ئي وري ڪو کيس ويچار. سڄو ڏينھن سنگت سان ڪندو آواراگيون، لٿي جي نہ ڪا اُڀري جي، آڌيءَ جو لڪي لوڙهو ٽپي گهر ۾ ايئن گهِڙندو ڄڻ ڪو ڪاٽڪو چور. ماني مِلي نہ ملي موبائيل ضرور هوندس جنھن تان ڪنھن نہ ڪنھن پرائيءَ نياڻيءَ جا مِسڊ ڪالز سان تنجڻ تپائيندو پوءِ ڀل تہ اديءَ کي ڪنان نڪو جنان پر ادو عشق ۾ انڌو هوندو. نيٺ بيزار ٿي ڳُرن واري ائين سُمھي رهندو ڄڻ پُٽ سڄي رات پاڻيءَ جي واري تي هو يا ڍڳيون چاري هاڻ اچي لٺ رکي سُتو آهي، اڳئين جو ڇڪي رلي لاهي اُٿاري چئبس تہ ''ابا! اُٿي ڏينھن ڪَپار تي آيو آهي، ڪنھن جيب، ڪنھن جڻاٿ، ڪنھن ڪاٺيءَ، ڪنھن ڪُڙلي جي ''ڪر'' تہ اُٺ جيڏي اوٻاسي ڏيئي لُنڊي بلا جئين بدن وَٽي چوندو ''آئون ڌِڪا کائي کائي ٿڪو آهيان، نوڪري تہ ڪا ملي ڪا نہ ٿِي باقي آئون هيترو پڙهيل آهيان ڪا مزدوري ڪئين ڪريان؟'' معنيٰ تہ مزدوري يا پورهيو ڪا ڪچي گار آهي. جنھن کان اسان جو نئون نسل ائين وَئون ٿو وڃي جيئن بلدياتي چونڊن کان اسان جا بچن شال حڪمران وَئون ويندا آهن. اڌ عُمر ڳري ويندي سرڪاري نوڪريءَ جي آسري ۾ اڇا اچي ويندا، ڪرڪيٽ جي ٽيم جيترا ٻار پيدا ڪندا، قرض جا ڪَوڙ چڙهي ويندا، پر مجال آهي جو ڪک جهوري ٻيڻو ڪن. ڪمائڻ جو چئبو تہ ٻرو چڙهي ويندو، باقي ڪنھن وانديءَ بيٺڪ تي ويھي سڄو ڏينھن تاش کيڏڻ ۽ پوءِ اُتان ئي ڪنھن سماج دُشمن جھڙي دوست جي وَرُ چڙهي ويندو ۽ پوءِ نہ رهندو گهر جو نہ ئي گهاٽ جو! جيڪڏهن حال ڀائي بڻجي احوال اوربس تہ ''ٻچا! هي حال ڇو ڪيا اٿئي؟'' تہ مُنھن ماکنڊي قبرستان جھڙو ڪري چوندو ''يار! بيروزگار آهيان'' بيروزگاري نہ ٿي ڄڻ ڪا لا دوا بيماري آهي، جيڪا کيس ڪنھن وبا جيئن وڪوڙي ويئي آهي، جنھن جيئري رهڻ جا سڀئي رستا ائين ڪٽي ڇڏيا آهن، جيئن واپڊا وارا عيد، ڏياري ۽ هوليءَ تي کين خرچي نہ ڪرائيندڙ ''ڪنجوسن'' جي لائين ڪٽي ڇڏيندا آهن. پر جيڪڏهن پُٺيءَ تي هٿ ڦيري پاٻوھہ مان پُڇبس تہ ''پُٽ! پڻھين ڪھڙو ڪامورو هو، جنھن لُنڊيون لتاڙي مال چاري، تغاريون کڻي هِيءُ هيڏو سارو عيال پاليو، نپايو ۽ پوءِ پرڻائي گهرين، تڙين جو ڌڻي ڪيو آهي، اوهان کي بہ خدا تعاليٰ هٿ پير ڏنا آهن، اکيون ڏنيون آهن، دماغ ڏنو آهي، ڪُجهہ اُنھن کي بہ هَنڍايو، خرچ ڪريو ۽ کپايو، اڳيان اُنھن جو بہ پُڇاڻو ٿيندو. هيڏي ساري سھڻي سُندر ۽ صحتمند جسم هئڻ باوجود اوهان پاڻ کي بيوس ۽ هيڻا ڇو ٿا ڀانيو؟ پر نيت کوٽي عُذر گهڻا، سو ڀلي پيو سڄو ڏينھن سيراهون ڏي پر سُڌرڻ بجاءِ ساڳيون ڳن ساڳيءَ ڪھاڙي ۾.
اڄوڪي نسل جي اِها وڏي ڪمزوري آهي جو اُهو چاهي ٿو تہ پڙهڻ بدران ڪاپي ڪري پاس ٿيان، محنت بجاءِ مُفت ۾ مال هٿ ڪريان، ڪم ڪار ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ بدران رُڳو پٽيلي ڪيان، ڪا ذميواري ڪا پابندي پاڻ تي نہ کڻان، معنيٰ پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، ڪنھن سياسي ''جيڪ'' ذريعي ڪو ''چيڪ'' حاصل ڪيان، ''شارٽ ڪٽ'' طريقي سان رات جي پيٽ ۾ راڄ ڌڻي بڻجي رَعيت جا ميت بہ وڪڻي وياج تي ڏئي ڇڏيان. نام نھاد نيتائن جئين جنتا جي جيئڻ ۽ مرڻ جا هڙئي حق ۽ واسطا حاصل ڪري وٺان. اڄوڪي نئين ٽھيءَ مان گهڻا ئي چوري، چڪاري، چغلخوري، گلا ۽ ٻي دُنيا جھان جي هر بُرائي پنھنجو جائز حق سمجهي حاصل ڪرڻ گهُري ٿي. پر محنت مزدوري کي مھڻو سمجهي ٿِي، ڌنڌي ڌاڙيءَ کي عيب سمجهي ٿي، ڌنار، وڇار بيھڻ کي گهٽتائي سمجهي ٿي ۽ ڇاتي ٺوڪي چوي ٿي تہ ''آئون فلاڻي جھان خان جو پوٽو، فلاڻي رئيس جو ڏوهٽو، فلاڻي اُتمذات جو شھزادو پورهيو ڪئين ڪريان! ماڻھو ڇا چوندا؟ مَرسون مَرسون پر ڊپ ڪِنھين چرسون. يعني چُرندا چار آڱر ڪونہ ڪک جهوري ٻيڻو ڪونہ ڪندا، باقي پنھنجي نِڪمائي ۽ نام نھاد نسلي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ سوين دليل پيش ڪندا آهن. اها خوشفهمي، اها خود فريبي ۽ احساس بَرتري اسان جي هڪ پُوريءَ پيڙهيءَ جي ذهنن کي ڪلر جيئن کائي کوکلو ڪري رهي آهي. هِيءَ هڪڙي بيمار سوچ آهي، جيڪا اسان جي نئين نسل جا دماغ سِم وانگر ناڪاره ۽ نڪما ڪري رهي آهي. سرڪاري نوڪري ڪا ضروري ڪونھي، خانگي نوڪريون بہ کوڙ پيون آهن، ڌنڌا ڌاڙي هِتي بہ کُٽا ڪونھي، ڪا مانڊڻي هڻي، ڪا هوٽل کولي، ڪنھن دُڪان تي بيھي، ڪنھن گاڏيءَ تي ڪم ڪري، ڪٿي ڌراڙ بيھي، ٻہ ٽي ڏوڪڙ ڪمائي بہ ماڻھو پنھنجن پيرن تي بيھي سگهي ٿو، ۽ هِن بيروزگاريءَ واري ڀوت مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن ماڻھوءَ کي واندڪائي جو وقت ئي نہ مِلندو تہ پوءِ بوريت يا بيزاريءَ جو سوال ئي پيدا ڪو نٿو ٿِئي. ضرورت اِن ڳالھہ جي آهي تہ نہ رڳو نئين نسل کي محنت مزدوري ڪري پنھنجو قيمتي وقت سَجايو ڪرڻ گهرجي بلڪ کين عِلم ۽ هُنر خاص طور تي جديد ٽيڪنالاجيءَ جو علم حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪو هِن دؤر جي اهم ضرورت آهي. ماڻھوءَ وٽ جيڪڏهن هٿ جي وِڄا آهي ۽ جديد علم آهي تہ اُهو ماڻھو دليلن سان دنيا فتح ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ماڻھو وٽ عِلم، هُنر ۽ محنت جو جذبو ناهي تہ اِهو ڄڻ تہ هٿين خالي ۽ سُڃو آهي. پوءِ ڀل تہ وٽس مائٽاڻي ڇڏيل لکن جي ملڪيت ڇو نہ هُجي. پر علم، هُنر ۽ محنت کانسواءِ انسان جي پنھنجي هستي ڪا معنيٰ ڪا نہ ٿي رکي، هِن جو پنھنجو وجود ڄڻ تہ ڌرتيءَ تي بوجهہ آهي، ڄڻ تہ اُن ماڻھوءَ هِن جھان ۾ اجائي گهوئي کاڌي آهي. وقت جي تقاضا آهي تہ اسان ۽ اوهان وٽ نہ رُڳو ديني ۽ دُنوي عِلم هجي پر حياتي گهارڻ جا گُر بہ اچڻ گهُرجن، جئيڻ جا ڊولائتا ڍنگ ۽ سِيبتا، سليقا بہ ايندا هُجن. پر اِهو سڀڪجهہ پاڻ مُرادو ڪنھن جادوءَ جي ڇڙيءَ سان اسان وٽ پاڻھي هلي ڪو نہ ايندو. اُن لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا، رت وِلوڙي ڀت ڪرڻو پوندو. باقي هٿ، هٿ تي ڌري ويھڻ ۽ اجايا خيالي پُلاءُ پچائڻ سان ماڻھو ذهني مريض تہ ٿي سگهي ٿو پر ڪا هڙ حاصل ڪري نٿو سگهي. بوريت يا بيزاري جو واحد حل اِهو آهي تہ ماڻھو پاڻکي مصروف رکي، بيڪار کان بيگار ڀلي آهي، واندو ويھي پنھنجي ذهن ۾ اجاين ويچارن جا اوڏاڻا اُٺ وڙڪائڻ بدران پنھنجي جسم توڻي ذهن کي تعميري ڪمن ۽ سوچن ۾ رُڌل رکڻ سان اوهان پاڻ محسوس ڪندا تہ بيروزگار هُئڻ باوجود اسان وٽ وقت ڪنھن سان ويھي ڪجهہ لمحا ڪچهري ڪرڻ جيترو بہ ڪونہ آهي.