مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

جاڳن ٿا مقتل ۽ زيب!!

خيرپور رياست جي اَجهور ۾ کجين ۾ ڪَڪوريل ڏُنگن جا ڏهاڙا هُيا، اُنھي سَمئي، سنڌ جي تاريخي شھر خيرپور جي هڪڙي پاڙي ۾ ستئين سيپٽمبر 1957 جي هڪڙي سُرمئي شام ويلا چاچي عبدالستار جي اڱڻ تي هڪڙي سانوري نينگر اکيون اُپٽيون هُيون، جنھن جي ڇٺيءَ جي رات مائيٽن نالو مُحمد خان رکيو هو، پر کين اها ڪل ئي ڪا نہ هُئي تہ اڄوڪو هي ''محمد خان شيخ'' سڀاڻي سنڌ جو ناميارو اديب ''زيب سنڌي'' ٿي اُڀرندو.!!
زيب جنم تہ خيرپور ۾ ئي ورتو هو، پر سندس ڪَچڙي خواب جھڙي ٻالڪپڻ جا ڏينھن پنھنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي جي گلين ۾ ئي پاڻ جيڏن سان رانديون رمندي گُذريا هئا ۽ ساڳي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ ڪاٺ جي بئنچن تي ويھي ميٽ لڳل ڦرهيءَ تي اُڪريل الف – ب جا اکر ۽ اُچار بہ سکيا هُئائين، ۽ اهڙيءَ ريت هُو علم جي اُڃ اجهائيندو M.A سنڌي ادب تائين اچي پھتو. پڙهڻ جي پياس سندس سَرير ۾ علم لاءِ اهڙي تہ اُڪنڊ ۽ اُنس پيدا ڪيو، جو هُو مُرڳو ڪتابن جو ڪيڙو ٿي پيو، ۽ مُسلسل مُطالعي ۽ مشاهدي منجهس تخليق پڻي جا گُڻائتا گُر پيدا ڪري وڌا، جن جي ڪري ئي ''محمد خان'' مان ''زيب سنڌيءَ'' جو جنم ستر واري ڏهاڪي ڌاري نکري نروار ٿيو، ۽ اُن جي پُڄاڻان اڄ تائين هو ادب جي آسمان تي ڪنھن سانجهيءَ جي روشن ستاري جئين جَرڪندو رهي ٿو.
هُن ۾ نثر توڻي نظم ٻنھي سان نڀائڻ جي سگهہ تہ شروع کان ئي هُئي پر هُن پنھنجي ادبي سفر جو آغاز هڪ ڪھاڻيءَ لکڻ سان ڪيو، جيڪا رهبر ڊائجسٽ ۾ 75-1974ع ڌاري ڇپي هُئي. اُن منجهس اهڙو تہ اُتساھہ پيدا ڪيو جو سندس اهو ساهتي سفر اڄ تائين بنا ڪنھن وِٿيءَ ۽ ويسانھينءَ جي روان ۽ دوان آهي.
هُو جنھن کي ڦُوھہ جوانيءَ ۾ عشق جي لگار لڳي هُئي، تنھن سندس وجود کي ولوڙي، ڳوهي، اُن مان هڪڙي نھايت ئي خوبصورت شاعر کي گهڙي رچي راس ڪيو ۽ هُن جي جهُڙالن نيڻن جي پلڪن کان پري هڪڙي اڻڄاتل اُپسرا مَن ۾ موجود هُوندي بہ ڏسڻ کان ڏور هُئي، جنھن جي اهڙي بي رُخيءَ واري روش تي سندس دل جي ڌڙڪن جي ترجماني سندس ئي هِي سِٽون ڪن ٿيون.

هُن جي گهر کان منھنجي گهر تائين،
فاصلا ڏاڍا هُيا، همسفر تائين.

عشق جي اوٽي تي پير رکڻ پُڄاڻان ئي هُن انسان دوستيءَ جو امرت اندر ۾ اوتيو هو، ۽ سنڌ دوستيءَ جي سُتي پيتي هئي. اُهي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، هُو هاڻ مجازي عاشق تہ الاءِ آهي بہ يا نه؟! پر سچو سنڌ دوست ۽ انسان دوست اديب '' عاشق'' هُو اڄ بہ اوس آهي.
هُن ادبي دنيا ۾ اچي هڪڙي بھترين پبلشر جي حيثيت سان ''سڳنڌ'' پبليڪشن پاران ٽيھارو کن معياري ادبي ڪتاب پُڻ ڇپرايا، جيڪي سنڌ جي نامور شاعرن ۽ اديبن جا هُئا، جن ۾ امر جليل، شيخ اياز ۽ ذوالفقار راشدي قابلِ ذڪر آهن. اُن کانسواءِ بہ هُو ڪافي عرصو عبرت مئگزين، سنڌو، هزار داستان ۽ ٻين انيڪ رسالن سان وابسطه رهي چُڪو آهي.
1988ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروڊيوسر جُوائن تہ ڪيائين، پر سندس آزاد فطرت واري عادت هئڻ ڪري ريڊيو جا ''سرڪاري شڪنجا'' ڪو گهڻو عرصو کيس قيد ڪري ڪو نہ سگهيا، اهو ئي سبب آهي جو هُو هڪ سال جي عرصي اندر ئي ريڊيو جي رعناين کي الوداع چئي وڃي ليڪچرار ٿيو، جتي اڄ سوڌو علم ۽ ادب جي وڏ ڦڙي جھڙي ونڊ، پنھنجي علم جي اُڃايل کوڙ سارن کُٿابين ۾ وَنڊي ۽ وِرڇي رهيو آهي. پر ريڊيو جو مائيڪ جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ سندس سُڃاڻپ جو ڪارڻ بڻيو هو، ۽ سندس پُراثر آواز ۽ انداز جا انيڪ عاشق پيدا ڪيا هئائين، اُنھي تان ماروئڙن سان مُخاطب ٿيڻ واسطي هُو ٻيھر ريڊيو جي مائيڪ تي موٽي آيو، ۽ اهڙي ريت هُو گذريل ستن سالن کان حيدرآباد ريڊيو جي پروگرامن سُڳنڌ ۽ صُبح مھراڻ جي ڪمپئيرنگ ڪري رهيو آهي. ڪمپيئرنگ تہ هُو اسٽيج ۽ ٽي وي تي بہ ڪري ٿو پر ريڊيائي لهرن جي لامن تي لڏندڙ آواز رستي سُندر سماعتن سان اهڙا تہ اٽوٽ روحاني رشتا ڳنڍيل اٿس جو اُنھن واسطن جي ولين کي ڪو بہ وقتي ''واچوڙو'' ڇنڻ يا اِهي ريشمي تاڪُين جھڙا رابطا منقطع ڪرڻ کان قطعي قاصر آهن.
هُو ڪو روايتي ڪمپيئر ڪونھي، پر هُو هڪ باشعور فرد هُئڻ ناتي هڪڙو آدرشي ڪمپيئر پُڻ آهي. جنھن پنھنجن پروگرامن جي توسط سان ڪيئي نيون روايتون پُڻ قائم ڪيون آهن. هُو هڪڙو باضمير ليکڪ ۽ بيباڪ ڪمپيئر آهي، هُن ڪنھن بہ هڪڙي ڪلاڪ جي پروگرام ڪرڻ ڪاڻ ڪنھن پروڊيوسر جي خوشامند ناهي ڪئي. ۽ نہ ئي وري ريڊيو تي پير پختا ڪرڻ ڪاڻ هُن ڪنھن ڪاموري جي ''ڪُرنش'' ڪئي آهي. هُو انھيءَ خوددار طبيعت سبب ئي ڪيترن ريساڙن کي الاهي اجرو بہ لڳندو آهي، ۽ هِن پاران سڀني کي ''سڀڪجهہ'' سِڌو سنئون چئي ڏيڻ واري سچ سُڻڻ جي سگهہ نہ هئڻ ڪري ڪي ڄامڙا کيس ''مٿي ڦريو'' بہ سمجهندا آهن.
پر هُو ڌرتيءَ ۽ عوام سان ڪميٽيڊ هڪڙو نظرياتي ماڻھو آهي، سو ڪنھن بہ ايري خيري کي کنگهندو ئي ناهي. هُو پنھنجي نظريي سان عملي طرح سُورنھن آنا سچو پچو شخص آهي، جيڪو جو ڪجهہ بہ لکي ٿو، اُنھي تي عمل ڪري ڏيکارڻ جي منجهس سئو فيصد صلاحيت موجود آهي.
اِهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي بورڊ بچايو تحريڪ هُجي يا ريڊيو تان سنڌي پروگرامن جي خاتمي خلاف احتجاج هُجي، ڪينجهر رسالي تي بندش خلاف ريلي هُجي يا ڪاپي ڪلچر خلاف جنگ هُجي، پر هُو سدائين سرگرم رهيو آهي. هُو هڪ علم، ادب دوست ۽ بيباڪ انسان هُئڻ ڪري پنھنجي لاءِ پاڻ ئي مُشڪلاتون پيدا ڪرڻ کان بہ نٿو ڪيٻائي جنھن جو مثال قاسم آباد ڪاليج وارو واقعو آهي، جتي ڪاپي ڪلچر مافيا سان مھاڏو اٽڪائڻ جي نتيجي ۾ مٿس اُنھن علم دشمنن طرفان خوني حملو پڻ ڪيو ويو هو، پر هُو اهڙيون حرڪتون ڪرڻ وارن کي ڀٽائي جي هن بيت سان مُخاطب ٿيندي للڪاري ٿو تہ؛
ڀڳو آئون نہ چوان، ماريو تہ وِسھان،
ڪانڌ مُنھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونھان،
تہ پُڻ لڄَ مَران، جي هونس پُٺ ۾.
(شاھہ)

هُو ريڊيو حيدرآباد جي مقبول پروگرام سُڳنڌ ۾ ڪافي سالن کان هڪ نج ادبي سکيا جو سلسلو ''ڏيئا، ڏيئا لاٽ اسان'' پُڻ ڪري رهيو آهي. جنھن جي توسط سان هِن هيل تائين ڪيترائي نئين ٽھي جا نمائنده شاعر ۽ ليکڪ سنڌي ادب جي دنيا ۾ دريافت ڪيا آهن. جن ۾ عبدالحميد آس ٻٻر، رجب ٻُگهيو، فضا غزل، سنڌيا شاھہ، سنڌ، علي ڀاءُ، راز شاهاڻي، شفيع احمداڻي، حاجي ساند، محرم لغاري، رجب علي مجبور ۽ ٻيا انيڪ اُهي جيڪي هن وقت ادبي دنيا ۾ تمام تيزيءَ سان اُڀري رهيا آهن تن جي تربيت جو سهرو بہ سندس ئي سر تي سونھي ٿو.
سچ تہ سندس اِهو ڪارنامو واقعي واکاڻ لائق آهي، جو هُن نہ رڳو نون ليکڪن کي موقعا مُيسر ڪري ڏنا آهن. پر ساڳي وقت سندن همت افزائي ۽ رهنمائي بہ روح سان ڪئي آهي، جنھن جي ڪري ئي اُڀرندڙ اديبن ۾ اڃان اڳتي وڌڻ ۽ بھتر کان بھتر لکڻ جو حوصلو ۽ اُتساھہ پيدا ٿئي ٿو. سندس سُڄاڻ ليکڪ ۽ سنجيدہ ڪمپيئر هُئڻ جو اِهو بہ ثبوت آهي تہ هُن ڪڏهن بہ پنھنجي پروگرامن ۾ بازاري شاعريءَ جي ڪيسٽي ڪلامن کي شامل ناهي ڪيو. پر ڪلاسيڪل ڪلامن ۽ معياري شاعريءَ کي سدائين ترجيح ڏيندو آهي، اِها ئي اُها انفراديت آهي جيڪا ڪمپيئرن جي ''قافلي'' مان سندس ڌار سُڃاڻپ جو ڪارڻ بڻي آهي.
هُو جيڪو هِن دؤر جو هڪ ناميارو ڪھاڻيڪار آهي، تنھن جي ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آهن، ۽ هڪڙو ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي. اُن کانسواءِ بہ هُو ٻارنھن ترتيب ڏنل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو خالق آهي، جيڪي پُڻ ڇپيل اٿس، ۽ سندس سُندر شاعريءَ جو هڪڙو مجموعو ''رُت بدلجي ٿي'' پُڻ آئوٽ ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. نہ رڳو اِهو پر هُو ساڳي وقت هڪڙو انتھائي سگهارو ڊراما رائيٽر پُڻ آهي، جنھن '' وڃايل ٻار'' کان وٺي هيل تائين ڏهاڪو کن سنڌي، اردو ڊراما بہ لکيا آهن، تہ ٽي سيريلون ''سمنڊ جون سرحدون''، '' گهر ڀاتي'' ۽ سنڌيءَ ۾ ''جانشين'' اردو ۾ بہ تحرير ڪيون اٿس. جن جي کيس ڏسندڙن وٽان مناسب موٽ بہ ملندي رهي ٿي ۽ مڃتا طور ڪافي ايوارڊ بہ کيس ملي چُڪا آهن، پر پوءِ بہ هُو پاڻ کي ڪجهہ بہ نٿو سمجهي، گهڻو ڪُجهہ هوندي بہ پاڻ کي ''ڪجهہ'' بہ نہ سمجهڻ ۾ ئي تہ عظمت لڪل هوندي آهي. پوءِ بہ ڪي ماڻھو، هِن تي اها ٽيڪا ٽپڻي (شايد جئليسي سبب) ڪن ٿا تہ هُو ''پاڻ پڏائي'' تمام گهڻو ٿو ۽ منجهس ''مان پَڻو'' بہ ڪجهہ ضرورت کان زياده آهي، ۽ ڪن کي وري هِن پاران صفا اُگهاڙو سچ آکڻ اصل ڪو نہ آئِڙي.
بھرحال هُو چند خامين جي باوجود کوڙ خوبين وارو هڪ کاهوڙي انسان آهي، جيڪو عزت ڏيندڙ، احترام ڪندڙ ۽ پيار ونڊيندڙ هڪڙو اهڙو زنده دل انسان آهي، جنھن جي حساس دل، ڌرتيءَ جي ٿر جھڙي اُجري اندر ۾ نفرت نالي ڪو بہ ٿوهر ڦٽل ڪونھي. هُو جيڪو سبيتو ۽ سٻاجهو سرجڻھار آهي، اُنھي جي آدرشي ڪردار گهٽ ۾ گهٽ مون پارن اٻوجهن جي زندگيءَ تي تہ تمام گهرا اثر ڇڏيا آهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو مُنھنجي ساڻس سالن کان شناسائي اڄ بہ اڳي کان اڳري آهي ۽ هُن جي سڀاويڪ شاعراڻن گُڻن جي گواهي سندس هِيءُ غزل بہ ڏيڻ گهُري ٿو؛
رات جو پويون پل ۽ زيب،
جاڳن ٿا مقتل ۽ زيب،

ٻئي تنھنجي ڳولھا ۾ آهن،
آوارا بادل ۽ زيب،

درد ٻنھي جو ساڳيو هو،
هڪڙي هُئي ڪويَل ۽ زيب.

پايل جو آواز اچي ٿو،
چانڊوڪي، جهنگل ۽ زيب،

آڌي تائين جاڳن ٿا ٻئي،
هڪڙي هُو هوٽل ۽ زيب.