مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

ڳالھايل ٻوليءَ ۾ ڳاڙهيون ڳالھيون

مھراڻو ٿر جو مھندار ڀاڱو آهي جنھن جون تليون، اڻاٺو پاڻي، وسيع سيمون ۽ محبت ڪندڙ ماڻھو ان جي سُڃاڻپ آهن. مھراڻي نالي جي نسبت ڪن ليکڪن ''مھراڻ '' نديءَ سان ڏني آهي تہ ڪن وري ٻي ڪا ڳالھہ ڪئي آهي پر لفظ مھراڻي تي نظر وجهجي ٿي تہ اهو ٻن لفظن ''موهر'' ۽ ''آڻو'' جو ميلاپ نظراچي ٿو. موهر يا مھر جي معنى آهي ''اڳ وارو'' يا ''اڳ ۾ '' ۽ ''آڻو'' لفظ ''آئڻ '' مان نڪتل آهي جنھن جي معنى ''اچڻ'' آهي. مھراڻو اهڙو علائقو آهي جيڪو ڪنھن نياري ڀون سطح واري ڌرتيءَ کان اڳ اچي ٿو. سنڌوءَ جي پيچ واري مٽيھاڻي ڌرتيءَ کان اڳ ايندڙ ''مھراڻو'' جنھن جي جھڙي مٽي زرخير آهي تھڙا ماڻھو بہ محبتي ۽ مڻيادار آهن. ٿاڌات مھراڻي ۾ واقع نھڙين جي ساهڙ نُک جي رهاڪن جي چند ڳوٺن مان هڪ آهي جن ۾ ٻيا ڳوٺ جھڙوڪ، نبيسر، تل، سانگهار، ويئري، واهر ۽ اُنڙو آهن. ٿاڌات جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ جتي پنھنجي دؤر جو ناميارو عالم مولوي نصير الدين پيدا ٿيو، کُليل ذهن رکندڙ روشن خيال پروفيسر عزيز مھراڻوي پيدا ٿيو تتي غلام قادر ساهڙ بہ اک کولي ۽ پنھنجي شاعراڻي ڪلا وسيلي سنڌ ۾ ''امر ساهڙ'' جي نالي سان سُڃاڻپ حاصل ڪئي. سندس ڏات جي آبياريءَ ۾ جتي مھراڻي جي ڪُشادين ماٿرين جو اولڙو آهي اُتي هن ڀاڱي جي فطرت سان پيار ڪندڙ ٻوليءَ جا محبت موتي پڻ چمڪن ٿا. امر ساهڙ پنھنجي شاعريءَ ۾ عشق، سماج ۽ سماج جي مسئلن کي، سھڻي ٻوليءَ ۾ ڳايو آهي جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ ۾ همعصر اثرن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي پر سندس لھجو مھراڻي جي مٽيءَ مان اُڀري ٿو ۽ مھراڻي جو ميٺاڄ سڀني کان سرس ۽ سوايو نظر اچي ٿو. امر ساهڙ نہ رڳو شاعري ڪئي آهي پر هن خوبصورت نثر پڻ لکيو آهي. ڪڏهن ڪالمن جي صورت ۾ تہ ڪڏهن خاڪن جي روپ ۾ تہ ڪڏهن ڀيٽا جي شڪل ۾ اهڙي نثرکي هن ڪيئن لکيو اها تہ کيس خبر هوندي پر سندس هن مجموعي ۾ جيڪا ڳالھہ سڀني لکتن ۾ گڏيل نظراچي ٿي اهو آهي پيار جنھن غلام قادر کي امر ساهڙ بڻايو ۽ انھي پيار امر ساهڙ کي من موهت ٻوليءَ ۾ لکڻ جو گُر سيکاريو. امر ساهڙ جي نثر تي جتي مھراڻي جي رهڻي ڪھڻيءَ جو اثر آهي تتي سندس لکڻيءَ مان ريڊيو جھڙي ماس ميڊيا جي وسيلي جي جهلڪ بہ نظر اچي ٿي. هو ريڊيو جي دنيا سان گهري لاڳاپي ۾ رهيو آهي. سندس دوستن جو بہ ڳچ حلقو صدا جي سيم سان سلھاڙيل آهي. هن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ مختلف ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا آهن. امر ساهڙ جنھن جي لکت ڳالھايل ٻولي جو ڳوڙهو ڳٽڪو آهي جنھن مان ماڻھوءَ جو نج ۽ اجهل اظھار نظر اچي ٿو. سندس لکڻ ۾ ڪا مصنوعيت ناهي. صنعتن جي ڪا ليپا پوٿي ٿيل ناهي. هو جيئن سوچي ٿو ايئن ئي اظھاري ٿو. سندس لکڻين جو مُکيه گڻ اهوئي آهي جيتوڻيڪ ريڊئي ۽ ريڊيائي دنيا کي ويجهو هجڻ جي ڪري سندس لکت ۾ اهي اثر بہ موجود آهن. قادرالڪلام سان هم ڪلامي ۾ هن آسودو، ولات، ڏينھڪ، پاهون، سڄر، اجهور، ڪزاني، پڊ، پھون، پھرو، ڪسو، واٽين پنڌين، لولي لوڻ نہ لڀڻ، هٿ پير هڻڻ، پٽ پڪل هجڻ، کٿي جي اُڻاڻيءَ ۾ وڃڻ، مير جي اُٺ کي اُلھي چوڻ، ناني رڌڻ واري ڏهٽي کائڻ واري، لڏ ڇڊي ڪرڻ، ٺري مان ٺٺ ڪرڻ، پٺ ڏاڍي هجڻ، وار ونگو نہ ٿيڻ، ڏنو پٽ ڇُٽي جو، ڪک جهوري ٻيڻو ڪرڻ، تنجڻ تپائڻ، اک ڪاڻي ڪرڻ پر ڏِس ڪاڻي نہ ڪرڻ، ٽارو ڪرڻ جھڙا لفظ، ترڪيبون ۽ اصطلاح ڪم آندا آهن جيڪي ٻوليءَ جا اهڙا ملوڪ ڳھہ ڳٽا آهن جن جي گهڙت ۾ انيڪ پيڙهين جو رت ست شامل آهي تڏهن انھن کي اهڙي معناداري ملي آهي. ڪابہ تخليق جيترو حسين هوندي اوتروئي ان جي جٽاداري پڪي آهي. هن مضمون جي مٿي ڏنل لفظن، ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي ڏسبو تہ انھن ۾ لسانياتي ميٺاڄ پنھنجي جاءِ تي پر ان سان گڏوگڏ هڪ وڏو پس منظر پڻ نظر ايندو. سنڌي ٻوليءَ جو اُچارڻ جو پنھنجو سرشتو آهي جيڪو جڏهن ٻين ٻولين سان ڏي وٺ ۾ اچي ٿو دنيا جي ڪنھن بہ سُڌريل ٻوليءَ جيئن ان ۾ پنھنجي مخرج مطابق ڦيرگهير ڪري ٿو. ولايت بدلجي ولات ٿيڻ ۽ عنايت بدلجي عنات ٿيڻ ان جو چٽو مثال آهن. ڏينھنڪ جھڙي ترڪيب جنھن جو مطلب هڪ ڏينھن ۾ آهي، سا ٻوليءَ جي سينڌ جو سندور آهي. واٽين پنڌين مھراڻي جي نج ترڪيب آهي. ايئن سھڻي ٻوليءَ ۾ اظھار ڪندي امر ساهڙ پنھنجي اندر جي اڻ تڻ کي بہ ونڊي ورڇي ٿو، ديس جي درد بابت بہ اوري ٿو تہ مھراڻي کي ڪا راضي شاه بادشاه جي پٽ پڪل آهي جو اُتي جون مٽيھاڻيون ڏاڍيون زمينون بہ ڪلرکاڌل زمينون لڳن ٿيون. ٻج ڀاڻ جو وياج تي وٺڻ، ڀاڙن جو وڌيل هجڻ، اهڙين حالتن ۾ ارباب الھجڙئي جي اٺور پٽ جو ناظم ٿيڻ کيس اميد جو اهڃاڻ لڳي ٿو تہ من هو علائقي مان چوري چڪاريءَ کي بند ڪرائي ۽ ناسيٽن کي نڪ ۾ ناڪلي وجهي. بلالاڻي جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ منٺار اوٺي جو بہ ذڪر ڪري ٿو جيڪو اوٺي مان بدلجي هٽائي ٿيو آهي. ٿرجي ٿوهرن، ڳاڱيال، ٻوهن، اڪن، ٻائورين، ڪونڀٽن، مرٽن، موراڙين، کپن جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ عرب شڪارين پاران تلور مارڻ کي بہ ساٿ سميت نرواري ٿو. 2001 ع ۾ آيل مھا ڀُون ڪنپ جو ذڪر بہ سندس هن ڪلام ۾ ملي ٿو ۽ نيٺ هو سڀني موضوعن کي ڇيڙيندو وڏيءَ ورهانڊ تي اچي پھچي ٿو ۽ ’’سو ديس مسافر منھنجو ڙي‘‘ ڪتاب جو ذڪر ڪري ٿو ۽ جوڳي رمتا ڀلا جھڙي ٻول سان ليک کي کُٽائي ٿو نہ تہ هي دردن جو داستانو پورو ٿيڻو ئي ناهي.
سندس لکيل خط بہ انھن فردن سان ڳالھہ ٻولھہ وانگر آهن. زيب سنڌي، نصير مرزا ۽ صادق فقير ڏانھن لکيل خطن مان صادق فقير وارو خط صادق جي لاڏاڻي کان پوءِ، پھرين ورسيءَ تي لکيل آهي جيڪو دل کي ڇھندڙ آهي. امر ساهڙ جي جنھن دؤر ۾ ادبي اوسر ٿي آهي اهو خطن واري ڏي وٺ جو دؤر هو اڃا اليڪٽراني ڏي وٺ ڪر نہ کنيو هو، نہ ئي سماجي ميڊيا ميدان تي لٿل هو. اهڙي دؤر ۾ اهي خط نياپا، سارون سنڀارون يادگيري جي ڏوري کي نوبنو ڪندا هئا. مھراڻي کان مريءَ تائين سفرنامو ''دعوہ اڪيڊميءَ '' جي تربيتي پروگرام تي وڃڻ دوران لکيل آهي جنھن ۾ سفر جون حالتون، ادب جي اوک ڊوک ۽ اڪيڊميءَ جي ماحول جو احوال اُپٽاريل آهي. ريڊئي مٺي جي سالگره بابت لکيل تاثر ۽ ڪھاڻي ٽڪي جو ماستر بہ پڙهڻ وٽان آهن.
مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ امر ساهڙ جن موضوعن کي کنيو آهي سي عوامي اهميت جا عنوان آهن جيئن ؛ بيڪار کان بيگار ڀلي، تعليم کي تريون، ڪميونزم جا مخالف ۽ جاگيرداراڻي جمھوريت جا محافظ، ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي، ڀوتارڪي سماج مان نجات وغيرہ.
خاڪا نگاري بہ خوبصورت صنف آهي جنھن وسيلي نہ رڳو مذڪور شخصيت بابت پڙهندڙن کي ڄاڻ ملي ٿي پر تاريخ، سماجيات ۽ انساني تعلق ۽ همعصر حالتن جي جهلڪ بہ خاڪن ۾ نظر اچي ٿي. امر ساهڙ، بخشڻ مھراڻوي، ڪوثر ٻُرڙي، سائينداد ساند، حليم باغي، مائي ڀاڳي، حسن درس، چمن ٿري، ڀارو مل امراڻي، ڀڳڙي مل ناچيز، اصغر جتوئي، عبدالروف جمالي، امين ارباب، صوبدار قاسمي اوٺي، امر راءِ سنگهہ راجپوت، ساگر خاصخيلي بابت خاڪا لکيا آهن تہ طالب ساهڙ ۽ آمن وڪيئي بابت بہ شاندار خاڪا چٽيا اٿس. انھن سمورن خاڪن ۾ اهائي سدا ملوڪ ڳالھايل نج ٻولي استعمال ڪندي هن انھن شخصن سان پنھنجي تعلق کي بہ ظاهر ڪيو آهي تہ انھن جي فن ۽ ڪلا جو ذڪر بہ ڪيو اٿس. اهي سڀئي ڏات ڌڻي فرد آهن جن پنھنجي ڪلاونت پورهئي سان سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلا کيتر ۾ پنھنجي پنھنجي پوک ڪئي آهي.
سمورين لکتن ۾ ڳالھايل ٻوليءَ سان گڏ ڳالھايل نالن جو بہ احوال ملي ٿو. مثال طور احمد وڪيئي کي ماڻھو پيار مان ڪيئن ''آمن'' ڪوٺين ٿا. حقيقت ۾ لسانياتي وصف ۾ اها تصغير تعريفي آهي. سنڌي اها ٻهڳڻ ٻولي آهي جنھن ۾ تصغير تعريفي بہ ملي ٿي تہ تصغير تضحيڪي پڻ. ڪوثر ٻُرڙي جو ڳوٺ ''ڄاڃي ٻُرڙو'' ۽ صوبدار اوٺي جو ڳوٺ ''روجهتل '' ڪيڏا نہ خوبصورت نالا آهن. ان ريت ٻيا بہ ڪافي من موهن نالا آهن جيڪي سنڌي سماج جي ذوق جي نشاندهي ڪن ٿا.
امر ساهڙ جون ساھہ ۾ سانڍڻ جهڙيون هي لکتون سنڌي نثر ۾ خوبصورت واڌارو ثابت ٿينديون ۽ پڙهندڙن پاران پڻ انھن کي مانائتي موٽ ملندي. دُعا آهي تہ ٿاڌات جي ٿھريل پُٺي جو هي شاعر سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيندي، دل کي ڇھندڙ شاعري ۽ ڳالھايل ٻوليءَ ۾ نثر لکندو رهي. فطرت پسند فرد جو فطرت سان ڪلام هلندو رهي ۽ روح رچندو رهي.. آمين

نوراحمد جنجهي
جنجهي هائوس، مٺي، ٿر پارڪر
6 مارچ 2022ع