آواز ننگر جو شھزادو امين ارباب'
امين دوستين کي ڌوتين وانگر بدلائيندڙن مان ھرگز ڪونھي. ھِن جون جنھن سان بہ ڪي حُجتون ۽ محتون آھن تہ اُھي پُر خُلوص پنھنجائپ تي ٻڌل ۽ پائيدار آھن. ھِن وٽ دوستيءَ ۾ ڪا بہ سياسي، نسلي يا مذھبي تفريق ڪانھي. ڪوبہ متُ - ڀيدُ ڪونھي، ھن جي دوستي ڪنھن بہ سوشل اسٽيٽس جي محتاج ڪونھي. دوستن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ انھن جي اوکيءَ سوکيءَ مھل ۾ سار لھڻ ھن جو وڙ آھي ۽ دوستن کي آڌي اسُرُ فون ڪري ياد ڪرڻ بہ ھِن جي فطرت ۾ شامل آھي. مون کي ياد آھي حيدرآباد شھر جو اھو ڏينھن، جنھن ڏينھن منھنجو لَختِ- جڳر مون کان جُدا ٿيو ھو تہ ان جي ڳولا ۾ حيدرآباد جي روڊن، گهٽين، گهرن ۽ درن تي مون سان گڏ سڄو ڏينھن امين منھنجو ٻانھن- ٻيلي ۽ ٻَرُ ٿي ڀٽڪيو ھو. محشر جھڙي انھي ڏينھن ۾ ھِن جي ڏڍ ڏيڻ ۽ ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ھلڻ واري وڙ کي آئون تا عمر وساري نہ سگهندس.
امين ارباب ڪپري موري لڳ گهاٽن وڻن جي ويڙھن، انبن، ڪيلن جي باغن ۽ سرسبز کيتن جي جهڳٽي ۾ نھڙين جي اُنھي اڪيلي ڳوٺ ۾ 3 جولاءِ تي، سائين علي محمد نھڙيي جي گهر ۾ جنم ورتو آھي، جتي وَسندڙ مينھن ۾ نھڙين جي اوطاق جي ڪچيءَ لانڍيءَ ۾ جڏھن ارباب امير حسن رات ٽِڪيو ھو، تڏھن ڀرپاسي جا سندس سنگتي ھاليپوٽا کيس ڪوٺڻ آيا ھئا ته'' ھِتي پُسي ويندين اسان جي اطاق ۾ ھلي رات رھَ''. پر ارباب امير حسن کين اِھو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ھو تہ '' پنھنجن ٻچن کي ھن برسات ۾ اڪيلو ھِنن جهوپڙين ۾َ ڇڏي آئون ھلي اوھان جي بنگلن ۾ آرامي ٿيان؟ اھو مون کان قطعي ڪونہ پُڄندو آئون پنھنجن ماڻھُن سان گڏ ئي رھندس''.
امين ارباب سنڌ جو شايد پھريون ليکڪ/صحافي آھي، جنھن پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان انٽر، لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل بي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم.اي سوشالاجي جي روائتي تعليم پوري ڪرڻ کانپواءِ صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنس ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي آھي. امين ارباب پنھنجي ڪيريئر جو آغاز عبرت اخبار جي ايڊيٽر شپ سان ڪيو، ڪجهہ وقت زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ايڍھاڪ ليڪچرار طور بہ رھيو، سينيٽ اسلام آباد ۾ ايڊيٽر آف ڊبيٽ جي عارضي عهدي تي بہ رھيو. سنڌ حڪومت جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ او ايس ڊي طور بہ ڪم ڪيائين.انھي کانسواءِ اسٽيٽ لائف انشورنش ۾ بطور آفيسر ڪجهہ وقت ڪم ڪيائين، ۽ ھن وقت حيدرآ باد ۾ سُئي سدرن گيس ڪمپني ۾ ھڪڙي فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رھيو آھي.
ھڪڙي بھترين براڊ ڪاسٽر ھئڻ ڪري امين مھراڻ ٽي وي تي پڻ ڪافي سالن تائين نيوزڪاسٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو آھي، اتي ئي واقعاتي ڊاڪيومينٽريز ۽ ٻيا فيچر پيش ڪري وڏو نالو ڪمايائين. امين آواز جي دنيا جو ھڪڙو صاحبِ-اسلوب براڊڪاسٽر آھي جنھن ڪري اڌ سنڌ جا نوان آواز سندس نقل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اھائي تہ ھڪڙي ڪامياب ڪمپيئر جي مڃتا آھي جو ماڻھو اُنھيءَ جي چُونڊيل چارن تي ھلن ٿا ۽ اُنھيءَ جي آواز ۽ انداز ۾ پنھنجو پاڻ کي ڳولين ٿا.
امين ارباب جي باري ۾ ماڻھُن جي مرضي جيڪا بہ راءِ قائم ڪن ۽ جيڪو وڻين سو چَون، پر منھنجي نظر ۾ ھُو ھڪڙو اندر جو اڇو اُجرو انسان ۽ مُحِبِ- وطن ماڙھُو آھي. ٿر جي اربابن سان سندس خانداني ۽ ذاتي واسطا ھُئڻ ڪري ادبي وڏيرن جي اڪثر ڪري اوڇيءَ روش جو شڪار بہ رھيو آھي. ۽ اُھي اِبِنِ-وقت ادبي وڏيرا جيڪي شيطان سياستدانن ۽ ڪرپٽ ترين ڪامورن جا بوٽ پالش ڪري ناجائز فائدا وٺي پنھنجا پيٽَ ساوا ڪري رھيا آھن.اُھي ميرَن ھٿن وارا مُجرم مُجيري بہ ھِن اڇي اجري فقير جي خلاف فتوائون صادر ڪري رھيا آهن ـ ۽ مٿس اجاين الزامن جون آڱريون اُڀيون ڪري رھيا آھن.
پر ھيءُ بقول ڀٽائي جي؛ ھُو چَونئي تون م چَئو واتان ورائي تي عمل ڪندي ورندي ڏيڻ بدران پنھنجيءَ ڏات جي جَرڪندڙ ڏيئن سان ڏيھہ ۾ ڏينھن آڻڻ لاء رتي برابر ئي سھي پر پنھنجي پتيءَ جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. عيبن کان آجو تہ ھن دنيا ۾ ڪو بہ ماڻھو ڪونھي، پر ھِن ھوا کان بہ ھلڪي ماڻھو منجهہ خامين کان وڌيڪ خوبيون آھن. ھُو صحافت جي گورک ڌنڌي ۾ آيو تہ رات جي پيٽ ۾ سڄي سنڌ ۾ مشھور ٿي ويو، اخباري ڪالم لکيائين تہ منفرد انداز ۽ اسلوب سبب گهڻن کان گوءِ کڻي ويو، ادبي دنيا ۾ آيو تہ اتي بہ پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪيائين. ريڊيو حيدرآباد جي مائيڪ تان سندس سُريلو آواز سنڌ جي فضائن ۾ ڦھليو تہ ھزارين پرستار پيدا ڪيائين. جيڪي اڄ بہ ريڊيو ڪن سان لڳائي ھم-تن گوش ٿي سندس مَڌرُ آواز ڪَنائيندا آھن.
سندس آواز ۾ قدرتي طور ايڏو درد، ايڏي پيڙا ڄڻ ڪوئِل پئي ڪوڪي ڄڻ ڪونجَ پئي ڪُرلائي. ايئن لڳندو آھي ڄڻ ڪنھن سندس نازڪ دل نِپوڙي پوء ڇڪي آڻي مائيڪ تي ويھاريو آھي. جتي ھُو درد جي درياھ سان ٻُڌندڙن جي دلين جون ٻنيون ۽ ٻيلا ٻوڙي رھيو آھي. ۽ ھِن جي اھا بہ اضافي خوبي آھي جو ھُو سنڌ جي ڪنھن بہ ھاڃي ۽ حادثي تي ايئن پروگرام ڪري ھليو ويندو آھي، جو ڪنھن کي ڪَل ئي ڪانہ پوندي آھي تہ ھُو چَئي ڇا ويو آھي ؟ انھي ڏات ۽ ڏانوَ سان امين ڪيئي اڻ ڪھيون ۽ سَلڻ نہ جهڙيون ڳالھيون بہ ڪري ويندو آھي.
توڻي جو ڪنھن زماني ۾ ڪي ''سازشي عناصر'' ھِن جي ڳرھڻ جهڙين ڳالھڙين خلاف بہ شڪايتون پنھنجي آقائن تائين پھچائيندا ھئا، پر ھِن فقير تن من انسان کي اھڙين حَرڪتن تي نہ تہ ڪا حيرت ٿيندي ھُئي ۽ نہ ئي وري ڪا کيس ڳڻ ڳوت- ھِن کي اُنھي ڳالھہ جي بہ ڪا اونَ ڪا نہ ھُئي تہ ڪي'' ڪُپتيا ڪمپيئر'' ريڊيي تي '' پنھنجا پير پُختا ''ڪرڻ خاطر ٻين جا ''پير ڇڪڻ ۾ پُورا آھن ''۽ ھن سميت کوڙ باصلاحت نوجوانن جي حقن تي ڌنئوري ڏينھن ڌاڙا ھڻي رھيا آھن. ريڊيو ھن جي روح جي وندر ۽ وِروُنھن آھي، جتان ھُو پنھنجن ماڻھن سان مخاطب ٿي دل جو بار ھلڪو ڪندو آھي.
ھن جي سريرَ ۽ ساھُ ۾ ھاڻ تہ ھيءَ جند جھڙي سنڌ ئي سمائجي چُڪي آھي پر ھِن جي روحَ جو رَمتو جوڳي اُنھي سنڌ کي ڳوليندو رھي ٿو جتان ھِن جو ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڏُڪارن ۾ ڏُلي رڻ ڪڇَ کي پارُ ڪري لابارو ڪرڻ لاءِ لاڙ ايندا ھُئا، پر اوچتي ورھاڱي جي ورُ چڙھي وڃڻ ڪري ھِتي ئي رھجي ويا. ۽ سرحد جي ھُن پار رھجي ويل سندن وجود جي وڇوڙي جو درد ھِنن جي ڄڻ تہ ڪُل ميڙي چُونڊي ھُئي، جيڪا ھِنن مرڻ گهڙيءَ تائين مَنَ جي سِڻڪَ ۾ سونَن ڳَهن وانگر سنڀالي رکي ھُئي. ۽ جڏھن اُنھن اکيون پوريون تڏھن وطن کان دوريءَ جو اھو دادلو درد پنھنجي پوٽي امين ارباب کي ئي ڏاجَ ۾ ڏيئي ويا. امين جي اندر جي اڪيلائي ۽ اُڻتڻ کي پڙھڻ کانپوءِ ئي پتو پوندو آھي تہ کيس ڪنھن ٻئي ديس مان جلاوطن ڪري ھِتي آندو ويو آھي، ڇاڪاڻ جو سندس وجود جو اڌ ڀاڱو گجرات جي ڏاڏاڻڪي ڳوٺ'' ڏاوري'' ۾ ئي رھجي ويو آھي.
امين جي اُنھي درد کي سندس پڙھندڙن توڻي ٻڌندڙن سدائين پنھنجو درد ڪري محسوس ڪيو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس سُڃاڻپ سنڌ جون سيمائون اُڪري انڊيا جي علائقن ۽ اڄڪلھہ انٽرنيٽ وسيلي جتي، جتي بہ دنيا ۾ سنڌي موجود آھن اوستائين پھچي چُڪي آھي.امين ڀاڳوند ليکڪ/ڪمپيئر آھي جنھن سان بي لوث محبت ڪندڙن جو ھڪڙو وسيع حلقو آھي. جيڪي نہ رڳو سندس پروگرامن جا عُشاق آھن پر سندس ڇپيل ڪتابن کي بہ '' لائف سيونگ ڊرگس '' وانگر ڳولي ھٿ ڪندا آھن.
ھِن جي'' حَلقهء احباب'' ۾ ڪيئي استاد ڪامورا سماجي اڳواڻ ساڄا، کاٻا،ترقي پسند، روشن خيال قوم پرست وفاق پرست سياستدان صحافي اديب دانشور شاعر براڊ ڪاسٽر، صوفي، فقير فُقرا امير غريب ۽ اسان جھڙا اٻوجهہ بہ شامل آھن.
آواز جي دنيا جو ھي اڪيلو پنڇي آھي، جنھن جي آواز ۾ نہ رڳو سنڌ پر ھند جو درد بہ ڦٿڪي رھيو آھي. ھُو نہ رڳو نثر جي ناسي وڳن تي خوبصورت خيالن جي کارڪ ڇڊي ڄاڻي ٿو، پر شاعريءَ جي سِتار کي جڏھن ڇيڙي ٿو تڏھن سندس ٻولَ ٿر-ٻاٻيھي جي اُڃَ اُساٽَ ۽ اُلڪو بڻجي انساني احساسن جي ٿر مٿان ڪڪر بانورا بڻجي برسن ٿا. ڪير آھي جنھن جيجي زرينا بلوچ جي آواز ۾ ھي ٻول؛'' جھڙي تنھنجي ٻولي آ'' ٻُڌي ٻئي ھٿ مٿي تي ڏيئي ٿڌو ساھُ نہ ڀريو ھوندو؟ توڻي جو ھِن شاعري ڪا ايتري گهڻي ڪانھي ڪئي پر جيڪي بہ ٿورا ڪَڻا ٿالھيءَ ۾ وڌا اٿس انھي شاعريءَ ۾'' شاعري'' ضرور موجود آھي. جيتوڻيڪ ھيل تائين سندس شاعريءَ جو هڪڙو ئي ڪتاب شايع ٿيل آھي ''ڌرتي منھنجي سرتي'' پر سندس اڻ ڇپيل شاعري بہ ڪافي تعداد ۾ موجود آھي. ان کان علاه سندس شاندار ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ''در کليو ئي رھيو'' ۽ مھراڻ ٽي وي تي پيش ڪيل سندس ڊاڪيومينٽريز جو ڪتاب '' لڙيو پي لاڙ تان سورج'' تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چُڪو آھي، ۽ سندس ايندڙ ڪتاب ''آئون ريڊيو ۽ آواز'' آھي.
لاڙي مزاج رکندڙ ھن صوفي منش شاعر، بي باڪ صحافي ۽ ڪمپيئر کي قدرت نہ رڳو بي پناھ عزت ۽ شھرت جي دولت سان نوازيو آھي، پر سٻاجهي سڀاءُ، سادگي نِوڙت، نِهٺائي اخلاق ۽ اخلاص جو مُجسمو پڻ بڻايو آھي.
دل جي درياھ ھن اھلِ-دل انسان سان جيڪو بہ شخص ھڪ ڀيرو سَنمُک ٿيو ھوندو، اھو ساڻس ٻيھر ملڻ لاءِ ماندو ضرور ٿيو ھوندو، اھا ھن جي خلوص جي خوشبوءِ آھي جيڪا ماڻھوءَ کي ڇڪي آڻي ھن جي وجود مان واسُ وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ھن سان بي پناھ پيار ڪندڙن جو ھڪڙو سنڌي وڏو سمنڊ موجزن آھي، جيڪو ھن سان ملڻ لاء ماندو آھي، بي چين ۽ بي قرار آھي. جنھن کي نہ تہ ڪنھن بہ ويزا جي ضرورت آھي ۽ نہ ئي سيمائن جون سينائون اُنھي کي روڪي سگهن ٿيون.
ايئن بہ ڪونھي تہ ھن رڳو محبتن کي ئي ماڻيو آھي پر ھن تہ پنھنجن پيارن دوستن توڻي پرستارن جي پيار کي ساھُ جي سُونگيءَ ۾ سدائين ايئن سنڀالي رکيو آھي جيئن ڪا عورت مائيٽن کان ڏيجَ ۾ مليل سَچي سونَ جي بُوليءَ کي سنڀالي رکندي آھي. لاڙي روايتن جي امينَ ۽ محبتن جي ھِن سفير ماڻھوءَ نہ ڪڏھن دوستين جي تقدس کي ميرو ٿيڻ ڏنو آھي ۽ نہ ئي ڪڏھن مقدس رشتن جي ڀَرمن کي ڀورا ٿيڻ ڏنو آھي.
لاڙ جي رتڙن چانورن، لِيار پيروئن ۽ سَرينھن ڦولار جي سُڳنڌ جھڙي دل جي ھن امير ماڻھوءَ جو وجود، اسان پارن اڀرن لاءِ ڪنھن بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جھڙو آھي. جتي جڏھن بہ زماني جي ٿُوھَرَ- ڪَنڊن جھڙيءَ اوڇيءَ روش جو شڪار ٿي روحَ رتوڇاڻ ڪري موٽي ٿا اچون تڏھن ھِن وٽ ئي مَرھم - پَٽي ملي ٿي ۽ ھِتي ئي ڪي پل قرار جا ماڻيون ٿا.
ڪپري موري ۽ قاسم آباد جي وچ ۾ ھِن جي پيرن جا پنڌ ۽ رَمتي جوڳيءَ جھڙي روحَ جون رولاڪيون ڏسي، پَسي لڳندو آھي تہ ھِن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي، جنھن جو ھڪڙو ڀاڱو کُليل اڱڻن، اوتارن ۽ گهرن واري ڳوٺ جي ڳلين ۽ ٻنين جي آزاد فضائن ۾ اڏامي رھيو آھي، ۽ ٻيو ڀاڱو سوڙھيءَ دل وارن شھرن جي فليٽن ۾ مُقيد ٿي رھجي ويو آھي. بقول شاعر جي:
ایک پیارا سا گائوں جس میں پیپل کی چھائوں،
چھائوں ميں آشياں تھا ايک چھوٹا سا مکاں تھا،
چھوڑ کر گائوں کو،اُس گَهني چھائوں کو،
شھر کے ہو گئے ہیں، بهيڑ ميں کهو گئے ہیں۔
شھر جي ڀيڙ ۾ وڃائجي ويل امين ارباب جو جڏھن مَنُ ھُجومن ۾ ھُوندي بہ ھيڪل وياڪل ٿيندو آھي، تڏھن کيس دلڪش منظر جھڙي ڳوٺ جي سِڪَ سَتائيندي آھي تہ ھو اکيون پير ڪري ھليو ويندو آھي، اُنھي ڳوٺ جي ڳلين سان ملڻ، جتي ھن ھڪجيڏن سان گڏجي اِٽي ڏَڪَر ۽ بلور راند رَمي ھُئي، جتي لِڪي لِڪي باغن مان کٽيون، مٺيون انبڙيون پَٽي کاڌيون ھُيون. جتي دوستن سان گڏ نصير واھ ۾ وھنجندي ھن کي اُٻيڙَ پاڻيءَ کان ڀَئو ٿيندو ھو تہ ھُو اُنھي واھَ جي ڪَپرن تي ويھي دوستن کي تار پاڻيءَ ۾ ترندو ڏسي دل ئي دل ۾ اُنھن سان ڀيڙو پاڻ کي ڀِڄندي محسوس ڪندو ھو.
امين ارباب پنجن ڀائُرن ۽ چَئن ڀينرُن جو چاڳيلو ڀاءُ آھي، جنھن کان گذريل سال سندس عالم ۽ اڪابر والد سائين علي محمد نھڙيي جو سرسبز سايو تہ ھٽي ويو آھي، پر سندس دُعائن جو در (جيجل) اڃان کُليل آھي. جتان ھو آشيرواد وٺي جيون جو سفر سڦل ڪري رھيو آھي. امين جي شادي پنھنجيءَ سڳيءَ سَئوٽِ سان ٿيل آھي، جنھن مان کين ٻہ گلڙن جھڙا شھزادا مشتاق علي (زيبسٽ ۾ پڙھندڙ) ۽ ستين ڪلاس ۾ پڙھندڙ وقاس علي سندن اکين جا ٺار آھن.
ڪنھن زماني ۾ گولاڙچي مان صوبائي تڪ تي اليڪشن ۾ بيھڻ کان پوءِ اربابن جي ئي اصرار تي وڌ ڊرا ڪندڙ امين ارباب صحافت ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري نہ رڳو ايراني صدر رفسنجاني جي دعوت تي ايران جو دورو ڪيو ھو، پر ايران پاران بھترين جرنلسٽ جو ايوارڊ بہ ماڻيو تہ لطيف ايوارڊ سميت کوڙ ٻيا ايوارڊ ۽ تعريفي سَندون پڻ حاصل ڪيائين. پر بقول امين ارباب جي تہ؛'' مون لاءِ سڀ کان وڏو نوبل پرائيز منھنجي ماڻھُن جون بي لوث محبتون آھن.''
ھوائن جي شھر حيدرآباد جي رستن تي امين ڪنھن زماني ۾ ڪوثر ٻُرڙي سان گڏ ''ھوا کوري'' ڪندو ھو ۽ اڄڪلھہ اڪثر ڪري عباس کوسي ۽ ظفر منگيءَ سان گڏ واڌو واھ کان پڪوڙا چونڪ تائين پَسار ڪندو آھي، يا حيدرآباد ڪلب ۾ ئي سرد شامون ۽ گرم ڏينھن گهاريندو آھي. قسطن ۾ ورتل ڪار وڏي پٽ مشتاق عليءَ جي حوالي ھُئڻ ڪري، پيادل پنڌ گهمدڙ يا ڪنھن رڪشي ۾ آفيس ويندڙ ھن فقير جي من ۾ ڪنھن لاءِ بہ ڪا ٻيائي ڪانھي ھر ڪنھن سان ھٿ- جوڙ ڪندڙ ھي فقير جڏھن بہ خلق جي رَوَين ۾ خنجر ڏسندو آھي تڏھن سندس ڪيفيت نور محمد سومري جي ھن شعر جھڙي ٿي پوندي آھي ؛
خنجر کڻي ھٿن ۾ ھلن ٿا اھلِ وطن ھِتي،
دل ٿي چوي شھر مان ماڻھو ڀَڄي وڃي-
۽ جڏھن ھُو شھر جي شور مان بيزار ٿي ڀَڄي واھُونديءَ جي وِلھہ ۾ وھنتل ڳوٺ جي ڳلين ۾ ڪي پل قرار جا ماڻڻ ايندو آھي تڏھن سندس ڳوٺ کيس ڳلَ-ڳراٺي پائي چَوندو آھي ؛
دھوپ نفرت کی جان لیوا ہے،
آپ چھاؤں میں کیوں نہیں آتے؟
اب تو سڑکیں بھی صاف سُتھری ہیں،
آپ گاؤں میں کیوں نہیں آتے...؟