قسطن ۾ جيئندڙ شاعر جي پروفائيل جا رف پنا
مون امر جي اندر ۾ اڪثر ڪري هڪڙي بي جپي ۽ بي چين شخص کي سنڌوءَ جي لهرن جيئن لُڇِندي ڏٺو آهي. خبر ناهي تہ کيس ڪنھن جي ڳولا آهي؟ نہ ڄاڻ ڪنھن جي تلاش کيس تڙ، تڙ تي ترسائي ٿي ۽ ڪنھن بابُو بيکاريءَ وانگر بن بن ۾ ڀٽڪائي ٿي. مونکي ڪل ڪانھي تہ هن جي اها ڪھڙي هير آهي، جنھن جي جُستجو ۾ منھنجو هي دلبر دوست رانجهو بڻجڻ چاهي ٿو. آئون فقط ايترو ڄاڻان ٿو تہ ھي جڏھن بہ جوانيءَ جي جڙي گهوڙي تي سوار ٿي شوق جو شڪار ڪرڻ بجاءِ ڪنھن ھارايل شڪاريءِ وانگر ھٿين خالي موٽندو آھي تڏھن مون کيس مُحسن ڪڪڙائيءَ جي غزل جون ھي سٽون گُنگُنائيندي ڏٺو آھي تہ:
مون کي تہ ھِت ھڪ حور بہ نہ ملي،
ڪيئن چوان تہ منھنجو بہ خدا آھي؟
موٽ ۾ آئون سندس اهڙين ٻاراڻين'' شوقيا شرارتن'' تي مُرڪي چوندو آهيان.
وقت اچھا بھی آئے گا ناصر،
غم نہ کر زندگی پڑی ہے ابھی
امر جون خواهشون بہ عجيب و غريب سندس سپنا بہ بنھہ سادا سٻاجها، بلڪل معصوم ٻارن جي معصوم خواهشن جهڙا، جيڪي رُڳو هڪ روپيو خرچي ملڻ تي بہ خوش ٿيو وڃن. هونئن تہ مون امر کي هميشھو اداس، هيڪل، وياڪل ۽ سدائين سانتيڪو ڏٺو آهي. پر پنھنجي اندر ۾ ڪڙاڻ اوتڻ کان پوءِ سندس ٽھڪ ٽانڊاڻن جيئن ٽڙي پوندا اٿس، ۽ جڏهن خماريل نيڻن سان کلندو آهي، تڏهن حياتيءَ جي حُسناڪ هُئڻ ۾ ويساه وڌي ويندو آهي. ڪڏهن، ڪڏهن سوم رس جي سَرس سُرڪ ڀرڻ کانپوءِ ''ٺڪراڻي ٺِڳ''' بہ ڏيکاريندو آهي. پر جڏهن آئون جهڻڪيندو آهيانس تہ پوءِ مُرڪي ماٺ ٿي ويندو آهي.
منھنجي هن درويش دل دوست جي اندر جو آئينو شيشي جي گلاس کان بہ ڪورو ۽ پاڻيءَ جي پُونئري کان بہ نازڪ ونفيس آهي. اھوئي سبب آھي جو پنھنجن توڻي پراون جي ڏُکن تي ڏري پوندڙ امر رائسنگهہ راجپوت کي مون ڪيئي ڀيرا اوڇنگارون ڏيئي روئندي ڏٺوآهي. پوءِ اهو بشير قريشي جي شھادت واري سانحي جو لقاءُ هجي يا ڪنھن ٽرئجيڪل فلم جو ڪو دکدائڪ سين هجي. يا امرتا پريتم جي ڪنھن اداس ناول جو اداس منظر هجي، مگر هن جو اندر هر هاڃي تي شيشي جي برتن جيئن ٽڙڪي پوندو آهي. پيئڻ کان پوءِ ائين نيڻن مان نير هاريندي ۽ زارو قطار روئندي مون هڪ سندم دوست سلمان خواجا کي ڏٺو ۽ ٻيو امر راءِ سنگهہ راجپوت کي. امر راءِ سنگهہ راجپوت جي نريڙي ڍنڍ جھڙن نيرن نيڻن ۾ الائي ڪيترا ڪنوارا خواب خود ڪشي ڪري چڪا آهن، بظاهر موهن جي دڙي جيئن ماٺ رهندڙ هن جي من جي سنڌي وڏي سمنڊ ۾ سدائين جُوار ڀاٽا جھڙي هلچل متل هوندي آهي. امرکي اڪثر ڪري اها شڪايت آهي تہ ساڻس ڪا سانولي ڇوڪري پيار ڇو نٿي ڪري؟ پر کيس ڪير سمجهائي تہ ميان! پاڻ وٽ پيار پئسن تي ئي ملندو آھي، ڇو تہ ھتي محبت ھُوند وارن جي ھٿ جي مَرِ آھي، جيڪي ماڻھن جون مجبوريون خريد ڪندا آھن.
امر سان وقت وڏيون بي واجبيون ڪيون آهن پنھنجن توڻي پراون جي بيوفاين ۽ بي رخين ئي کيس پيئڻ ۽ جيئڻ تي مجبور ڪيو آهي. زندگيءَ ھن سان تمام گهڻا اوڇا مذاق ڪيا آھن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هي دوست اذيتن ۽ عذابن جي درد کي دارون بڻائي پنھنجي اندر ۾ اوتي رهيو آهي. پنھنجي اندر ۾ اڪيلائي جي ديڳ دمَ تي رکي هن پاڻ کي معتبر سمجهندڙ ''سفيد ڪالر'' سماج ۾ حاصلاتن جي حمام مان پنھنجا پانڌ پُسائڻ بنا حياتيءَ جا هڙئي مذاق ۽ مسخريون بنا ڳيت ڏيڻ جي گڙڪائڻ ڪا آسان ڳالھہ ڪونھي، پر اسان جي هن درويش دل دوست واقعي ائين ڪري ڏيکاريو آهي. ننڍيءَ وهيءَ ۾ عمر کان ٻيڻا. ٽيڻا غم پُٺارڪن ۾ ٻڌي زندگيءَ جي ذلالتن کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ بدران هڪ ئي تِڪ ۾ ڏوڪي ڏيکاريو اٿس. ۽ زندگيءَ جي سموري ڪڙاڻ اندر ۾ اوتي اٿس. زماني مان مليل تلخين جي زهر کي سگريٽن جي دونھن ۾ اڏائيندڙ هن دلبر دوست کي مون ڪيئي ڀيرا سستي سگريٽ جيئن سڙڻ ۽ پاڻيءِ جيئن پيئڻ کان روڪيو ۽ ٽوڪيو ھوندو، پر مجال جو مُڙي! مڃڻ بدران مون کي لاجواب ڪرڻ لاءِ وٽس ھي جواب سدائين ھَڪيو تڪيو ھوندو آھي تہ: '' مجهے پینے کا شوق نہیں میں پیتا ہوں غم بھلانے کے لیئے''. يا وري ھيءُ شعر چئي مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو آھي تہ: ''ہاں میں پیتا ہوں مگر شراب پیتا ہوں، کسی مفلس کا خون نہیں پیتا'.
دوستن جي ڏنل دلفريب دوکن ۽ پنھنجن پاران مليل ٽوھ جھڙن ڪڙن ويڻن جي ويھہ کيس ڪيئي دفعا حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻ لاءِ هُشيون ڏنيون، پر ڳل- ڳراٺي پائي واري ويھارڻ ۽ سندس دردن سان دوستي رکڻ وارن هر ڀيري آڱر مان جهلي اڪيلائي جي اونھي ڪُن مان اُڪاري جيون جي اوٽي تي موٽائي آندو آهي. امر کوڙ ساريون خطائون بہ ڪيون هونديون، تہ غلطيون ۽ گُستاخيون پڻ، ڇاڪاڻ جو هي هڪڙو جيئرو جاڳندو انسان آهي، جيڪو انساني گڻن. اوگڻن، عادتن ۽ عِلتن کي تہ اون ڪري ٿو پر کيس ڪنھن فرشتي بنجڻ جو قطعي شوق ڪونھي. هن ڀوڳيو بہ بنھہ گهڻو آهي پنھنجي قد، ڪاٺ ۽ وُسعت کان وڌيڪ ستم ظريفيون سَٺيون آهن. ۽ ڪيل اڻ ڪيل ڏوهن جي قيمت ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ ئي اذيتون ۽ عذاب ڀوڳي ادا ڪئي آهي. حُسناڪ جواني جا هڙئي پل گُوندر ۾ گهاريندڙ امر راءِ سنگهہ راجپوت جي اوگڻڻ تي آڱر اُڀي اهو شخص ڪري جنھن حياتيءَ ۾ هڪ بہ گناھُ نہ ڪيو هُجي. امر جي خامي چئو يا خوبي، پر هِي ڪندو هميشھو ائين آهي. جيئن سندس دل چوندي آهي. ۽ دل جي چوڻ تي ڌڪ بہ کائيندو آهي ۽ پوءِ پڇتائيندو بہ آهي. پر مُڙندو مور ناهي. پوءِ ڀلي تہ انھي شوق خاطر سڀِ ڪجهہ داءُ تي لڳائڻو پئجي وڃي. جڏهن آئون کيس اهڙيون حرڪتون ڪرڻ تي جهليندو آهيان، تڏھن چوندو آهي تہ '' امر! جيڪڏهن زندگيءَ جا تلخ تجربا حاصل ڪرڻ کان روڪيندين تہ پوءِ مون کي زندگيءَ جي اصل حقيقت ڪيئن سمجهہ ۾ ايندي؟ ۽ آئون زندگيءَ جي لذتن ۽ ذلتن مان ڪيئن لطف اندوز ٿي سگهندس؟.''
امر راءِ سنگهہ راجپوت 6 جون 1987 تي ڏيپلي شھر کان ڏهاڪو ميل ڏکڻ طرف پنھنجي ڏاڏاڻڪي ڳوٺ ڍونڍيي ۾ محترم ڪارو جي وجئي سنگهہ جي گهر ۾ اک کولي پرائمري جا پنج درجا پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اٺين درجي تائين تعليم رام سنگهہ سوڍي جي ڳوٺ آروکيءَ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر تائين بدين ۾ پڙهيو. سيراڻي ۾ رهندي هن جيڪي مشاهدا ڪيا منظر ڏٺا، اهي سندس دل جي ديوار تي اڄ بہ جيئن جو تيئن آويزان آهن،. سيراڻي جو شھر، نريڙي ڍنڍ جا نرمل نظارا، بديڻي جا تاريخي ماڳ، مڪان لا ڙ جا ليار پيرون، رتڙا چانورا، سارين، جي سر سراهٽ، سُڳداسي ۽ سورج مکي جي کيٽن جي خوشبو مَڪ جي مهڪ ۽ اتان جي مارو ماڻھن جي محبوبيت امر جي اندر واري ڪلاڪار کي ڊسڪور ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا. ٻي طرف ٿر جي سُڪارن جي سُونھن، ڏڪارن جا ڏيل ڏاريندڙ ڏيک جڏهن سندس هينئين ۾ حل ٿيا تہ هن قلم ۽ ڪاغذ سان پنھنجو رشتو جوڙي ورتو. اُهي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن قلم ۽ ڪاغذ جو تعلق نہ ٽُٽُو آهي نہ ئي ٿڪو يا جهڪو ٿيو آهي.
امر ڪرنٽ افيئر تي ڪالم توڻي ٿر جي بُک ۽ ڏک تي بي باڪيءَ سان آرٽيڪل لکي اخبارن ۾ ڇپرائيندو رهي ٿو. ٿري عورت جي اذيتن کان وٺي سنڌ ڌرتيءَ ۾ ٿيندڙ هر انياءُ تي امر پنھنجي قلم ذريعي قومي فرض سمجهي قرض چُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. زندگيءَ جي هر موضوع تي هن دوست قلم کنيو آهي. مذهبي جنونيت کان وئي سماجي بُراين خلاف بغاوت جو بلند بانگ اعلان ڪرڻ کان ڪڏهن بہ ڪيٻايو ڪو نہ اٿس. البت ائين ضرور آهي تہ گهڻي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي هَٻڇ ۾ مواد جي معيار تي مِڙئي ڌيان گهٽ ڏيندو آهي. جُنون جي حد تائين پنھنجن خواهشن سان سچو هئڻ ڪري معاشي طورتي تمام گهڻو لوڙيو اٿس. اهوئي سبب آهي جو صاحبِ حيثيت نہ هئڻ باوجود هر سال صاحبٍِ ڪتاب ٿيڻ جو شوق پورو ڪري ٿو. جيڪڏھن سڄڻ ٿي صلاح ڏبيس تہ: ''ابا! تڪڙ ڪرڻ بجاءِ مواد جي معيار تي ڌيان ڏي نہ تہ سنڌ جا نقاد ڇوڏا لاهي ڇڏيندئي''...تہ وڏو ٽھڪ ڏيئي چوندو '' امر! لوڪ مُنھن موڪ آھي، ماڻھن جا وات ۽ کوهن جا مُنھن بند ڪونہ ڪبا، جنھن کي جيڪو وڻي اوڪي ڍڳُ ڪري پاڻ کي پرواھ ڪانھي.''
2010 ۾ نديم سميجي ۽ ٻيءَ سنگت سان گڏجي اسان ڪجلاسر مئگزين ڪڍندا ھُئاسين. تڏھن رسالي لئي پھتل شاندار جديد سنڌي نظمن کي پڙھي مون ارادو ڪيو ھو تہ، جديد سنڌي نظمن جو ڪتاب آڻجي، ان لاءِ سڄي سنڌ مان خط لکي مئسيج ڪري مواد گهرايم، جيڪو 500 پيجن جو ٿيو اھو ڪمپوز بہ ٿيو ۽ انھي ڪتاب جا مون 4-5 پروف بہ ڏٺا.( پوءِ اھو ڪتاب ڪيڏانھن ويو،ان بابت تفصيلي ذڪر ڪنھن ٻي دفعي ڪبو ) خير ان ئي عرصي دوران امر رائسنگهہ راجپوت مون کي مئسيج ڪري چيو ته'' مون کي بہ نظمن جي ڪتاب ۾ شامل ڪر'' مون کيس سَندي شاعري اُماڻڻ لئي عرض ڪيو ۽ ھِن پنھنجي شاعريءَ جي ھڪڙي ڪاپي مون کي موڪلي ڏني. جنھن مان ڪجهہ نظم مون اصلاح ڪري نہ رڳو نظمن جي ڪتاب( چوڌاري چمڪاٽ اسان) ۾ شامل ڪيا پر ساڳي وقت ڪجهہ سٽون لکي عبرت مئگزين ۾ ھڪ شاعر طور کيس متعارف پڻ ڪرايو.
اھو سوچي تہ؛ ڪنھن نئين لکندڙ دوست جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي سندس رھنمائي ڪجي، پوءِ جيڪڏھن منجهس ھوندا ڪي ڪڻا تہ پاڻھي پاڻ مڃرائيندو. ۽ پوءِ ٿيو بہ ايئن ئي، جيئن مون لکيو/ چيو ايئن ئي ھِن نوجوان شاعر دوست ٿوري عرصي اندر نثر توڻي نظم ۾ واھ جو پاڻ ملھايو آھي. ھيسيتائين سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب (ديس جي ڳل تي ڳوڙھا ۽ چونئري مٿان چنڊ) ۽ نثر جا 4-5 ڪتاب ( ٿر تي ٿڌو چنڊ، منھنجو صحرا سُڏڪي ٿو، سوڍا چتر سُڄاڻ لڙڪن سان لڙڪن سان لبريز خط ۽ ڍولا مارو ڍٽ )شايع ٿي چڪا آھن. سندس نظم تہ نئوخيز نينگرين جي نيڻ- نھار جھڙا آھن ئي، پر سندس نظماڻي نثر جي ڇا ڳالھہ ڪجي! ايترو خوبصورت نثر ٿو لکي جو مٿس بي پناھ پيار بہ اچي ٿو، تہ خارَ بہ اچن ٿا، خار ان ڪري ٿا اچن جو دل چوي ٿي تہ سندس ڏات ۽ ڏانوَ کي کاٽ ھڻي کڻي وڃي پاڻ وٽ ھٿيڪو ڪري رکي ڇڏيان تہ جيئن ھھڙو حسين نثر آئون بہ لکي سگهان..…!!
امر رائسنگهہ راجپوت ۽ منھنجي وچ ۾ سالن کان مور جي مقدس کنڀن جھڙو اِخلاص ۽ احترام جو رشتو جُڙيل آھي، جنھن کي وقت جي ڪا بہ وير مِٽائي ناھي سگهي، فاصلا، رنج رساما ۽ ڪيئي ٻيا ڪارڻ اسان جي انھي تعلق جي تند کي ڇني ناھن سگهيا. سمنڊ جي ڇُڙواڳ ڇولين جيئن ڇڄون ٿا ڇڊا ٿيون ٿا ۽ وري ملي ھڪ ٿي وڃون ٿا تہ لڳي ٿو ڄڻ اسان جدا ٿيا ئي ناھيون، ھِن جي شاعري توڻي نثر جي فڪري پھلوئن يا فني ڪَچاين تي سڀ کان وڌيڪ آئون ئي تنقيد ڪندو آھيان، پر جو ڪجهہ چوڻو ھوندو اٿم اُھو روبرو ئي چوندو آھيان. پر مجال آھي جو انھي تي ارھو ٿيئي يا لوڻي ۾ ٽِسور وجهي. بلڪ وڏا ٽھڪ ڏيئي منھنجي ڇتيءَ تنقيد کي اينجواءِ ڪندو آھي. ۽ اڪيلائي ۾ ويھي جڏھن ويچاريندو آھي، تڏھن پاڻ ئي مڃيندو آھي تہ ھا يار تون واقعي سھي صلاح ڏني آھي.
امر جي خوبين کي في الحال پاسي واري کيسي ۾ رکي، آئون سندس ڪجهہ خاميون بيان ڪندس تہ هيءُ ھڪ اھڙو پڙھيو لکيو بيروزگار نوجوان آھي، جنھن سرڪاري نوڪريءَ پٺيان ھلي، ھلي جواني ۽ جُتيون ٻئي ڳاري ڇڏيون، پر وريو سَريو ڪجهہ ڪونھي، ٻي ڳالھہ تہ ٻين وانگي دُڪانداري يا ڪٿي مُنشيگري ھِن کان قطعي ڪانہ ٿي پُڄي، ڇاڪاڻ جو پنجن مان پنڌرھن ڪرڻ يا باسن ۽ ڀوتارن جي بوٽ پالش ڪرڻ سندس شاعراڻي مزاج جي خلاف آھي. باقي منافق ماڻھُن جي دلفريب دلاسن تي جهٽ پٽ اعتبار ڪري وٺندو آھي ۽ پوءِ جڏھن اتان مايوسي پلئي پوندي اٿس تہ پوءِ ڏاڍو پڇائيندو آھي. ٻي اھا خامي اٿس جو ھر ڪنھن ۾ اجايون اميدون رکندو آھي، ۽ پوءِ نااميد ٿيندو آھي تہ واعدن تان ويساھُ ۽ انسانيت مان ايمان ئي کڄي ويندو اٿس. ڇاڪاڻ جو ساڻس وڏيون ويساھ گهاتيو ٿيون آھِن.منھنجو بہ ساڻس سدائين جهيڙو انھن ئي ڳالھين تي ھوندو آھي، تہ ھُو وڏيرن جي واٺن سان اجايون اُميدون وابَستا ڪري پنھنجي قيمتي وقت ۽ تخليقي صلاحتن جو اجايو ذيان ڪري رھيو آھي.
ھِن کان ڪڏھن مالي امداد ۽ نوڪري جو لالي پاپ ڏيئي ووٽ ورتا ويا تہ ڪڏھن ڪنھن ٻي ليکي تي ونگارون ورتيون ويون. آئون چوندو آھيانس تہ امر! تون ھڪ ٿريو سو بہ ھٿين خالي، تو کي سياسي، سماجي،ثقافتي ۽ ڪنھن بہ علمي ادبي اداري پاران نہ تہ ڪا مالي مدد ملندي ۽ نہ ئي ڪا نوڪري. ڇو تہ ھُنن کي درٻاري دُھلارين جي ضرورت آھي، ڪنھن باضمير ليکڪ جي ڪا ضرورت ڪانھي.
ٽن معصوم پُٽڙن جي پيءَ ۽ ستن خوبصورت ڪتابن جي خالق، امر رائسنگهہ راجپوت بيروزگاري جي دربدري واري عذاب کي بہ ڏاڍو ڀوڳيو آھي. پر ڇا ڪجي جو سنڌ ۾ ڪو بہ شيخ اياز موجود ڪونھي جيڪو ڪنھن ڏات ڌڻيءَ کي ڏھاڪو ھزارن واري ئي سھي، پرڪا نوڪرڙي ڏيئي جيئري ئي مرڻ کان بچائي سگهي. باقي اقربا پَروري ۽ ڪرپشن جي ڪوڙھ ۾ گِرت ٿيل سنڌ سرڪار مان ڪا اُميد رکڻ ئي اجائي آھي. بھرحال حياتيءَ جا ٽيھہ ٻٽيھہ قيمتي سال ڪُتري امر ھاڻ عمر جي ان حصي ۾ پھتو آھي، جتان جواني موٽ کائيندي آھي. ۽ ان کان اڳي جو عُمر واريءَ جيئن سندس زندگيءَ جي ھٿن مان کِسڪي وڃي، کيس ٽپتائي ماڻھُن جي تِرڪتالي ٽِڪساٽن مان نجات حاصل ڪري پنھنجن پيرن تي بيھڻ لئي اپڻي گهوٽڻي پونديس.ڪٿي ايئن نہ ٿيئي جو اسان جو ھِيءُ حسين ليکڪ بہ ڪوڙن ليکن جي آسري ساغر صديقيءَ ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ وانگر گمِ-دؤران جي غُفائن ۾ گُم ٿي وڃي..…!!!