مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

روشنيءَ جھڙو نثري سفر

پنھنجي ھمعصر ادبي سٿ جي تخليقي سفر تي اظھار جا اکر اُڪلڻ کان اڳي آئون ٻہ ڳالھيون اوڻيھہ سئو ايڪانوي کان شروع ٿيندڙ ڏھاڪي ۽ ان دؤر جي ٿر خطي بابت ڪرڻ چاھيندس، تہ جيئن اُن زماني مان جنم وٺندڙ ھڪ قلمڪار روح ۽ اُن جي فڪري اوسر کي سمجهي سگهجي. ڇو جو نوي جي ڏھاڪي کان لڳاتار ٽِن ڏھاڪن ۾ پنھنجي ھُئڻ جو احساس ۽ خُوشبوءَ جاڳائڻ سولو ڪم ناھي. بليڊ جي ڌار تي بيھڻ ۽ ھلڻ جھڙي ھي يقينن وارتا آھي. ھر ڏھاڪي ۾ سماجي ۽ شعوري ڌارا تبديل ٿيئي ٿي اِھا حقيقت بہ آھي. پنھنجي وابستگيءَ کي واڳي انڊلٺ جيئن نروار ۽ آشڪار ٿيڻ نہ ٿڪجڻ بنا شڪ جي داد لائق ڪردار آھي.
اڄ جڏھن اسان ڪنھن سُواريءَ ۾ سَنبري مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ڏي اُسھون ٿا تہ خوبصورت ڪُشادي ڊگهي رستي جي سيني تي سانجهيءَ کانپوءِ ھيڊ لائٽس جي روشنيءَ ۾ رنگين چلڪڻيون جَرڪندي احساس ڏيارين ٿيون تہ سفر دلربا آھي. پر سچ پُڇو تہ نوي جي ڏھاڪي ۾ ٿر جو سفر ايئن ڪونہ ھو، ٿر جو سڄو خطو واريءَ ۾ واٽن جو وڇاڻو ھو. وُٺو تہ ٿر نہ تہ بر، لوڪ چوڻي غلط نٿي لڳي. اُٺن تي مُسافرين جو دؤر اڃان زندھ ھو. اڪثر ڳوٺ ويڙھا، ڍاڻيون، ۽ وانڍيا رات جو اوندھان ھوندا ھئا، پر چور جي جُرئت کي تالو لڳل ھو. تتل ڏينھن۾ لُوءِ پچائيندي ھُئي پر سج لٿي کانپوءِ رڳو خاموشي پَسار ڪندي ھُئي. جنھن سان ڪٿي ڪٿي چَڙا ٽَليون ۽ مَٽرَ پيا احوال اوريندا ھئا. نانگ جا ڪَکيل دربدريءَ جي سفر جو داستان ٿيندا ھئا. سُڃ ۽ صحرا پاڻ ۾ گهڻو ڳالھائي ٿڪبا بہ ڪونہ ھئا.
پر اِھو بہ سچ آھي تہ جئين فطرت جي ماءُ ھنج مان اوڀڙ جو عمل نٿو رُڪجي ايئن ئي ٿر ۾ مورن جا ٽھوڪا وقت جا مُحتاج نہ ھئا، ۽ روھيڙا رُت ۾ ٽِڙي پنھنجي زندھ روايت تان دستبردار ٿيڻ سکيا ئي ڪونہ ھئا. ساڳي ريت اُن رُڃ ۽ اُڃ ۾ بہ ادب جي اوسر لاءِ ڪا تڙپ بہ تاڙو ھُئي. ٿر ٻاٻيھو ٿي مرڻ جو شاعراڻو روح ريگستاني وڻن ۾ واڪا ڪندڙ ھو.
نوي جي اُنھي ڏھاڪي ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امر جليل جي تہ سحر انگيزي ھُئي ئي، پر نون آوازن ۾ مظھر لغاريءَ جي شاعريءَ جي بہ گُونج ھئي. اُن ئي خُوبرو دؤر ۾ اسان جي پياري سَيبتي ٻھڳڻي شاعر امر ساھڙ بہ شروعاتي وِکون کنيون ھُيون. اُنھن وِکن ثابت قدميءَ ۽ عشق سان جيڪو ادب جي ٽِن ڏھاڪن تائين عاليشان سفر طئي ڪيو، اِھو بنا شڪ جي قابلِ داد بہ آھي تہ معتبر بہ آھي. آئون ايئن بہ چوندس تہ ٽي ڏھاڪا ننڍي ڳالھہ ناھن. وقت ۽ حالتون انسان کي ھڪجھڙو نٿيون ڇڏين. ھر ڏھاڪي ۾ وقت جي تقاظا الڳ ھجي ٿي، ھر ڏھاڪي ۾ سماج ۽ ذھن تبديل ٿين ٿا. اھڙي صورتحال ۾ قلم سان، ادب سان لڳاتار محبت واري واسطيگيري زندگيءَ جي وڏي حاصلات ۽ اھم ڪردار نگاري آھي.
امر ساھڙ شاعريءَ ۾ تہ پنھنجا دلڪش اڻ مِٽ نشان ڇڏيا ئي آھن، پر ھِن جي بانوري مُنفرد نثر بہ خوشبوءَ جھڙو سفر ڪري پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آھي. ھِن ڪتاب کان اڳ بہ امر ساھڙ جي نثري لکڻين جو ڪتاب پنھنجي ھڳاءُ جو ڀرپور تاثر اُڀاري چُڪو آھي ۽ ھاڻ سندس ھيءُ نئون ڪتاب بہ نئين واس سان نروار ٿيو آھي.
نثر ۾ امر ساھڙ افسانوي نہ پر غير افسانوي نثر جي جيڪا چُونڊ ڪئي آھي اِھا ھِن جي مزاج جو آرس آھي. شروع کان ئي ھِن جي پسنديدہ صنف خط ھئا، جيڪي ھِن تمام گهڻا لکيا.اِھو پنھنجي ھمعصر ادبي ساٿين سان نہ رڳو بھترين رابطي جو سھڻو ذريعو ھو، پر اندر جي بارش کي ڪاغذن جي زمينن تي وسائڻ جو وجد بہ ھو. اِھو وجد روح ھو. ھاڻ تہ زمانو بہ بدلجي ويو آھي. نئين صدي نئين زماني جو پنھنجو مزاج آھي. تيز رفتار سائنسي زماني ادبي لاڙن جو طرف ئي بدلائي ڇڏيو آھي. خط جي ادبي صنف ئي ھاڻ ڄڻ تہ مري چُڪي آھي. ھن صنف جي جيئندڙ زماني جا مسافر اُن صنف جي اھميت کي ڪڏھن بہ وساري نٿا سگهن.
ھِن ڪتاب ۾ ڪي خط آھن، ڪن شاعر دوستن جي سُندر شاعريءَ تي وڻندڙ سيبتا تاثر آھن، ڪجهہ وقتائتا مضمون آھن، ٿر جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ ڪي لکڻيون آھن، ڪي احساسن سان رڱيل ڪالم آھن. ھي سڀ دلچسپ لکڻيون پر اُثر ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. اِنھن تحريرن ۾ وطن سان محبت جا جاڳندڙ جذبا آھن. دل جون ڳالھيون آھن، ۽ باذوق ادبي نِھار جي ڇانءَ آھي. توجھہ کي تاءُ محسوس ڪرائيندڙ لکڻي ''قادر الڪلام سان ھم ڪلامي'' سچ تہ سون سريکي لکڻي آھي. جنھن ۾ تڙپ جو طنبورو تُڻڪي ٿو. اِھا ھڪ دؤر جي رڳو اُڃايل يادگيري ناھي، پر ھڪ تڙپندڙ سچ بہ آھي. ھِن قسم جون لکڻيون من جي پاتال ۾ پھرين آرس موڙينديون آھن پوءِ ڪاغذن تي اينديون آھن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ ماڻھوءَ ۾ زمانا جاڳندا آھن. ڪا تلخ شاھدي وقت جي عدالت ۾ رڪارڊ ٿيڻ چاھيندي آھي، جيڪا پنھنجا لفظ پاڻ مُرتب ڪندي آھي.
ھِن ڪتاب ۾ زيب سنڌي، نصير مرزا سميت ٻين اديبن کي لکيل جيڪي بہ خط آھن، اُھي حُسناڪ بہ آھن تہ ٻرندڙ ڏيئا بہ آھن. اُھي پنھنجن اکين ۾ ڳاڙھا ڳوڙھا رکندڙ آھن. ڪجهہ خط ڏاڍا گهرا ۽ پر اُثر آھن. اُھي سڀ ھڪ شاعر جي خودڪلامي آھن. امر ساھڙ ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو سٻاجهو، سادو سيبتو انسان آھي. ھِن جي خطن ۾ بہ اِھائي سيبتائي رچيل آھي، جيڪا دل کي ڇُھي وٺي ٿي. اھڙي طرح ھِن ادب سان تعلق رکندڙ دوستن تي پروفائيل ۽ خاڪي نما ڏاڍيون موھڻيون لکڻيون رچيون آھن. اِھا ھڪ يگاني وابستگي آھي جو پنھنجن سٺن ادبي ساٿين ۽ ڏات ڌڻين کي نہ رڳو ياد رکجي پر انھن جي فن فڪر جي دلبريءَ کي بہ عالم آڏو آشڪار ڪجي. اِھا ھڪ ادبي تاريخ سھيڙڻ جي لاجواب جُستجو چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
ھِن ڪتاب ۾ امر ساھڙ جا ڪارائتا ڪالم بہ توجھہ ڇڪائيندڙآھن، جن جا موضوع بہ ڏاڍا سگهارا آھن. ''تعليم کي تَريون'' ''بيڪار کان بيگار ڀلي آھي'' ''ڪميونزم جا مخالف جاگيرداراڻي جمھوريت جا مُحافظ'' '' پليز! مائي ڀاڳي کي ڊسٽرب نہ ڪريو'' '' ٿر جتي جيئڻ جنجال ٿي پيو آھي'' ۽ ٻيا سنجيدہ ڪالم امر ساھڙ جي فن فڪر جو سھڻو مثال آھن. ھِنن ڪالمن ۾ ڪڙيون ڳالھيون بہ آھن، تہ نرالا سوال بہ آھن. ھڪ سٺي ذميوار ڏات ڌڻيءَ طور امر ساھڙ پنھنجو بھترين ڪردار ادا ڪيو آھي. ھِن سماج آڏو حقيقتن کي چٽو ڪري سامھون رکڻ وارو رستو ورتو آھي. ھِن جي اظھار ۾ بي باڪي جي مَھَڪ آھي جيڪا کيس مُنفرد لِکاري ثابت ڪري ٿي. ھُو سچ سان گڏ بيھندڙ ليکڪ آھي، ھِن جي سِٽَ سِٽَ ساھُ کڻندڙ آھي. مجموعي طور تي ھي نھايت ئي زيبائتو ڪتاب آھي، جنھن کي ويساھُ آھي تہ آجيان ۽ پسنديدگيءَ جا ڀاڪر ضرور ملندا.
ايوب کوسو
جهڏو
22 جنوري 2022ع