مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

پنھنجي پاران

مجموعي طور تي مُنھنجي ھِن چوٿين ڪتاب ۽ نثر جي ٻي ڪتاب ۾ اوڻيھہ سئو نوي واري ڏھاڪي کان وٺي ٻہ ھزار ايڪويھہ تائين جي ٽن ڏھاڪن تي ڦھليل طويل عرصي دوران مختلف موقعن تي، مختلف موضوعن تي ۽ مختلف ڪيفيتن ۾ لکيل منھنجون جيڪي بہ تحريرون شامل آھن، اِھي مون نہ ڪنھن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ لکيون آھن، ۽ نہ ئي ڪنھن جي فرمائش تي لکيون آھن. بلڪ اھي لکڻيون منھنجي من اندر جو آواز آھن - جن ۾ ڌرتيءَ ۽ دل وارن سان پيار جي اقرار جو اظھار بہ آھي، تہ غاصبن، فطرت دشمن، عوام دشمن ۽ استحصالي طبقن تي ڦِٽڪار ۽ انڪار جو اظھار بہ آھي.
توڻي جو مون نثر لکڻ جو آغاز تہ ٿر ۾ آيل اوڻويھہ سئو ستياسي واري ڪاري ڏڪار کان ڪيو. پر ساڳي سال ريڊيي پاڪستان جي نئين طِرزِ نشريات بہ مون کي خط لکڻ لاءِ اتساھيو ۽ ائين ئي مون رابطن جي اُنھي ريشمي دؤر ۾ سنڌي ادب جي روشن ستارن سنڌ جي محبوب و مقبول شاعرن /اديبن کي ادبي خط لکڻ شروع ڪيا. خطن جو اِھو خوبصورت سلسلو ايستائين جاري رھيو، جيسيس تائين موبائيل فونز ۽ پوءِ انٽرنيٽ اچي خطن جي جاءِ والاري.
مون تمام گهڻا ۽ مسلسل خط پنھنجن ھمعصر شاعر/ اديب دوستن سميت کوڙ سارن ڏات ڌڻين کي خط لکيا- پر افسوس اھو اٿم جو مون پنھنجي لکيل ڪنھن بہ خط جي ڦوٽو ڪاپي پاڻ وٽ سنڀالي ڪانہ رکي. ۽ نہ ئي وري اِنھن دوستن وٽ منھنجا لکيل اُھي خط محفوظ آھن-
اِھوئي ڪارڻ آھي، جو مون جن بہ دوستن کان پنھنجن لکيل خطن جون ڦوٽو ڪاپيون گهريون، اُنھن مان سواءِ رئوف جماليءَ جي،ٻين سڀني چيو تہ؛ '' ٻہ ھزار ڏھ ۽ يارھن وارين ٻوڏن ۾ پُسي يا لُڙھي ويا''- ۽ ھي جيڪي چار پنج خط ھن ڪتاب ۾ شامل آھن، اِھي بہ مون وٽ اُن ڪري محفوظ آھن، جو اھي خط اُن ئي دؤر ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ھُئڻ ڪري بچي ويا آھن.
بھر ڪيف؛ جو ڪجهہ بہ ھَڙ ۾ ھُيو سو حاضر آھي. مُنھنجي ھِن ڪتاب ''اسان کان پيار لکرايو'' ۾ خط بہ آھن، تہ خاڪا بہ، تاثر بہ آھن، تہ مضمون ۽ اڀياس پڻ، ڪھاڻي بہ آھي، تہ سفرنامو پڻ- مُنھنجن ھنن نثري تحريرن ۾ ڪيترو تخليقپڻو آھي، ۽ ڪيترو آئون اظھار جي ھِنن گهاڙيٽن سان نڀائي سگهيو آھيان، انھي جو فيصلو مُنھنجا لائق پڙھندڙ ئي ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ جو اِھي ئي مُنھنجن تحريرن جا ڪرادار آھن،اِھي ئي مُنھنجن تحريرن جا مالڪ ۽ نقاد پڻ آھن. باقي مون وٽ مُنھنجو قلم توڻي ضمير ٻئي عوام ۽ ڌرتيءَ جي امانت آھن. ۽ امانت ۾ خيانت ماءُ تي گار برابر سمجهان ٿو- بس دعا ڪجو تہ مُنھنجو پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پورھيت عوام سان عشق سلامت رھي، ايمان سلامت رھي ۽ ضمير زندھ رھي -
آئون بيحد ٿورائتو آھيان، سنڌ جي محبوب شاعر ۽ مُنھنجي ھمعصر شاعر دوست مُحترم ايوب کوسي، روحل واءِ جي راڻي سنڌ جھڙي سھڻي شاعر مُحترم حاجي ساند، سنڌي ٻوليءَ جي ٻھڳڻي شاعر/ اديب ۽ اسڪالر سائين نوراحمد جنجهيءَ، نفيس مِزاج واري ماڻھوءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاجهاري اديب، پياري دليپ ڪوٺاريءَ ۽ منھنجيءَ دل کي بنھہ ويجهو رھندڙ حَسين ليکڪ ۽ شاعر دوست محترم امر رائسنگهہ راجپوت جن جو. جن پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجهہ گهڙيون ڪڍي مُنھنجي ھِن ڪتاب تي پنھجا انمول رايا/ تاثر ۽ تحريرون لکي ڏيڻ جي عنايت ڪئي آھي. ٿورا تہ سنڌ جي خوبصورت شاعر، سھڻي آرٽسٽ سائين اي آر آزاد جا بہ ڳڻڻ کان ڳورا آھن، جنھن پيار ۽ پاٻوھَ مان مُنھنجي ھِن ڪتاب جي ٽائيٽل جو حسَين اسڪيچ ٺاھي ڏنو ۽ انيڪ احسان سھڻي آرٽسٽ محبوب رضا راھوءَ جا، جنھن ھن ڪتاب جي خوبصورت ڪئليگرافي ڪئي آھي.
مشڪور آھيان محبوب دوست ۽ ڪمپوزر پياري مُڪيش ھميراڻيءَ جو، جنھن دلي لگن ۽ جذبي سان ھيءُ ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو- مھرباني نورچشم نظير ساھڙ، ۽ سندم صالح ڀاڻيجي آصف عزيز مھراڻويءَ جي، جن جو ڪنھن نہ ڪنھن طرح ھن ڪتاب کي تڪميل تائين پھچائڻ ۾ سھڪاري ھٿ ساڻ رھيو آھي- وڏا وڙ ڪنول پبليڪيشن جي روح روان ۽ سنڌ جي دلربا شاعر دوست سعيد سومري جا، جنھن ھِن ڪتاب کي سَنواري، سينگاري اوھان سڄڻن جي حُسناڪ ھٿن تائين پھچايو آھي.

امر ساھڙ