جي جيون تون ۾ سنڌ نہ آ......
پرائمري جا پنج درجا پنھنجي ڳوٺ مان پاس ڪري هُو انگريزي پڙهڻ لاءِ عُمرڪوٽ ۾ آيو، جتي اچي هِن پنھنجي حياتيءَ جو پھريون شعر پڙهيو روحاني پيشوائن جي راڄواڙن ۽ پيراڻين گادين جي پيرُوڪارن جي هُجومن مان هِن سانوري شاعر تي آريسر جي اک ڪڏهن پئي، اِهو الڳ قصو آهي، توڻي جو حليم غريب گهراڻي جو هڪ يتيم فرد آهي، پر سندس مامي جمن دربدر جي اوطاق تي ايندڙ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي سنڌ کيس سوچڻ، سمجهڻ، پڙهڻ ۽ پوءِ لکڻ لاءِ اُتساهيو، هُن لکيو تہ ڏيھہ کي ڏندين آڱريون اچي ويون! هُن سَن جي سرزمين تان عاشقِ سنڌ وٽان آشيرواد ورتو تہ سندس شاعراڻي وجود کي ائين وُسعت ملي، جو هِيءَ سموري ڪائنات سندس شاعريءَ ۾ پلٽجي پئي. هُن نہ رُڳو پيار جي ڪُومل جذبن کي جيون بخشيو آهي پر پنھنجيءَ ڌرتي جا درد، عوام جا اُهنج ۽ عذاب بہ پنھنجي شاعريءَ جا موضوع بڻايا آهن. هِن جي ڪلا جا ڪردار اُهي ئي مارُو ماڻھو، اُهي ئي سُورهيه سَرويچ، اُهي ئي لوئيءَ جي لڄ جا رکپال، اُهي ئي ساھہ ڏيئي ويساھہ ڏياريندڙ سنڌ جا سُورما، پنھنجي محبوب مٽيءَ جا ماڳ، مڪان تڙ، ترايون، وَڻ وليون، گهر گهاٽ، رَند رستا، ڳوٺ شھر، وانڍيون، لانڍيون، ڍاڻيون، لاڻيون، نديون ڪنڌيون، درياھہ، جبل، پکي پکڻ ۽ پنھنجي ديس جا سڀئي دلرُبا ڪردار سندس شاعريءَ جا بنيادي مُحرڪ آهن. حليم پنھنجي ديس جي چَپي چَپي کي ۽ سنڌ وطن جي هر شيءَ کي پنھنجي سدا ملوڪ شاعريءَ جي ٻانڌڻيءَ ٻٽ تي ايئن اُڻيو آهي. جئين ٿري عورتون لاڏائين پوتي کي ٽُوئنرينديون آهن يا جيئن اجرڪ تي کيل ڀرينديون آهن. حليم باغيءَ ٿر ۽ بئراج جي سنگم تي جنم ورتو آهي، اُنڪري سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جا هڙئي حُسناڪ رنگ، ڍنگ ۽ جياپي جا نياپا موجود آهن. ٿري ماڻھن جي مزاج ۽ سنڌي سماج جي سڀني سارُو پَن هِن جي شاعريءَ کي حُسن ۽ جوانيءَ جا هڙئي جَلوا ۽ جوهر عطا ڪيا آهن. هِن پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ بي پناھہ ٿري لفظ مُحاورا ترڪيبون ۽ تشبيھون استعمال ڪيون آهن. سندس شاندار شاعريءَ جي ڪهڪشان ڏي رُڳو هڪ نيڻ-نھار ڌربي تہ بہ منجهس ٿري لھجي، مُحاورن ۽ استعارن جا انيڪ نوان روشن ستارا جهرمر ڪندي ۽ جَرڪندي نظر ايندا. ڪڏهن ''گولاڙي جو ڄار سان ٻکجڻ'' ڪڏهن ''هُرلي جا رينگٽ''، ''ڪجل جي ريھہ''، ''آواڙي جي اوٽ''، ''ساٺيڪي تي سنجيدي''، ''ڪونڀٽ لاسُون ڪاريون''، ''ڀُورا بادل''، ''واهوندي جي رُت''، ''رُنيون ڄاريون''، ''ڏجهندڙ ڏوٿي''، ''گهانگهيٽيءَ ۾ گُل نہ اَڇائين''، ''موراڙيون ماٺاريون''، ''ڇور واھہ جون ڇوليون''، ''سُورن جو سانکورجڻ''، ''چتون پنکي چُنري ۾'' ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا اڇوتا خيال ۽ خواب هِن جي شاعريءَ جا جاندار ۽ شاندار نمونا آهن. سندس شاعريءَ ۾ رُڳو انقلابي نظريي جا عُقاب نٿا اُڏرن پر عشق جا اڇا ڪبوتر بہ نينھن جا نيرا لفافا کڻي ڪنھن ''سُفيد ڪپڙن'' واريءَ ڇوڪريءَ ڏي ويندي نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ٿر جا ڪيئي ساوا، پيلا، مور نچندي نظر اچن ٿا. ڳيرن جي ڳٽ ڳٽ، هرڻين جي چال هلندڙ گهڙا ڀريندڙ ٿاريلين جا مِرگهہ، اُڃارا نيڻ، ڪجلاسر جي پاڻيءَ ۾ سُرمئي ۽ سانورا رنگ هاريندڙ ڪاسٻي جي ڪامڻين جا ڪاڇي ڪٽورا نيڻ، ڀوڏيسر تي باک ڦٽيءَ جو ايندڙ پاڻيارين جا پھر، ڪارونجهر جي ڪور، ڪينجهر جا ڪنارا، مڪليءَ جي ماٺ، شاھہ عنايت شھيد، دودي سومري، روپلي ڪولھيءَ ۽ مخدوم بلاول جا گهاڻي ۾ پيڙهيل هَڏ، توڻي سَن جي سائين جا سَڏ سُڻڻ ۾ اچن ٿا، مِرکان شيخڻ کان وٺي، ٻاگهل تائين، بختاور کان وٺي، ''ڌيءَ نماڻيءَ ڌرتي جي'' تائين سنڌ جي هر صدا، سنڌ جو هر سَڏ، سنڌ جو هر سُڏڪو ۽ وطن جو هر واڪو سندس شاعريءَ ۾ سراپا احتجاج بڻجي سڄي دنيا اڳيان دانھيندو رهيو آهي. حليم جو هر نظم ڄڻ سنڌ سان ٿيل بغداد تي لکيل ڪوئي مرثيو آهي. جنھن ۾ رڳو روڄ راڙو ڪونھي پر سندس هر نظم ۾ سُجاڳي جو سَڏ آهي، ڪو فڪر آهي ڪو فن آهي، جيڪو ''پير پَساري'' ويھڻ کان روڪي ٿو، جيڪو اُٿي رائو ريلڻ لئه اُتساهي ٿو، جيڪو مُنھن ويڙهي مُئن جيئن سُمھڻ نٿو ڏي. جيڪو هَلڻ ۽ هَڪلڻ جو ڄڻ تہ هوڪو آهي. اِن واڪي جي وراڻيءَ لئه جڏهن بہ هن ديس ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو آهي، تڏهن سندس ڳاٽ اُوچو ٿي ويو آهي، ڇو جو حليم جي هر نظم ۾ اُها شڪتي ۽ اُها سگهہ آهي جو ''سراڻھا ڪي چلو'' جو جذبو جاڳي ٿو پوي. انساني عظمتن جا عَلم اُوچا ٿي ٿا وڃن ۽ جتان سندس شاعريءَ جي سھائين جا سرگس مٽين ٿا اُتي چُنڊن جو مڇرجڻ بہ معنيٰ خيز هوندو آهي ۽ حليم جي شاعريءَ سُوءِ يارمان نڪري ڪُوءِ دار ڏي هلڻ جو حوصلو بخشي ٿي، ۽ ''ايسي دستور کو صُبح بي نُور کو میں نھيں مانتا'' جھڙي جرئت پيدا ڪري ٿي
رُڳو سندس ڪجهہ نظمن جا عُنوان پڙهو حيرت ٿيندي، تہ هيڏو غضب جو شاعر سنڌي نقادن، سنڌ جي اڪابرن کي رُڳو سندن نظرين واريءَ ناسي عينڪ جي ڪري نظر نٿو اچي جو مٿس ٻہ ٽي سٽون لکي سندس شاعريءَ جو ڇيدُ ڪن ۽ ساڻس ڪو انصاف ڪن. ''ٽوڙي وارن جي دم سان وارا نيارا ٿي ويا'' او شوخ هوا! مخدوم بلاول کي چئجان ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر، يا ''هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم! مُند ملھاري تون ريسارو''، ''انسان اُٿيو''، ''وقت بدلجي پيو''، ''انقلاب زنده باد'' ۽ ''پريمڪا ڏي پتر'' جھڙا نظم ڇڙو سندس شاعري ڪونہ آهن، پر انھن نظمن ۾ سنڌ جي ثقافت، تاريخ، سياست ۽ تھذيب جون ريھون آهن، ڪيھون آهن، سنڌ سان ٿيل ويڌن جون وارداتون آهن، موري ۽ لاکاٽ ۾ ڪريل بمن جون باهيون بہ آهن تہ گولين سان پَرُورڻ ٿيل هِن ڌرتيءَ جي ڌڻين جون دليون بہ آهن. لانگ بُوٽن جي ٿُڏن سان ٿُڏيل سنڌ جو تقدس بہ آهي تہ بندوقن جي نوڪن سان سنڌ جي ليرُون، ليرُون ٿيل لوئيءَ جي لڄ جو ذڪر بہ آهي. جتي سنڌ جو هر ڦٽ، سنڌ جو هر زخم هن جي شاعريءَ ۾ چِڪي ٿو. اُتي سنڌ جي حُسن، سنڌ جي عظمت ۽ عشق جو ذڪر بہ سندس شاعريءَ ۾ ڪنھن وڏ-ڀاڳيءَ وينگس وانگر مُرڪي ٿو. هن سنڌ جا موڙ مُرجهائڻ کان اڳي ڪنھن مَلُوڪ مھانڊي/ماٿي تي سجائڻ جا سپنا ڏٺا آهن. هِن جي شاعري سنڌ جي سيلَ ۽ ستَ کي ماءُ وانگر مُقدس سمجهي اُن جي پرَستش ڪرڻ گُهري ٿي. اگربتيون ٻاري اُن جي پُوجا ڪرڻ گهُري ٿي ۽ سنڌ جي عظمتن جي مَحرابن ۾ سِرنواءِ سجدا ڪرڻ جو سَڏ ڏي ٿي ۽ سنڌ موٽ ۾ کيس مُحبتن جا ڀاڪر آڇي ٿي، حليم عُمرڪوٽ کان هوائن جي شھر حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو درياھہ جي هُن پار شورن واي شھر ۾ پھتو تہ سندس شاعريءَ کي ڄڻ ڪي پَر لڳي ويا ۽ حليم جيڪو مزاج ۾ تہ واقعي ''حليم'' آهي پر سماج جي بي واجبيءَ کان بغاوت واري سندس شاعريءَ جڏهن سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيجن تي گُونجڻ لڳي تڏهن ايئن ٿي لڳو ڄڻ سموري سنڌ جا ڏک، درد ۽ سنڌ جي ڇوٽڪاري جا هڙئي گس ۽ گهيڙ هِن جي شاعريءَ جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ساٿ جو سفر سجايو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سندس شاعري پھرين سرمد سنڌيءَ جي معرفت پھتي، اُن کانپوءِ شفيع فقير سندس پيغام سنڌ جي ماڻھن تائين پھچايو، ڪو وقت هو جو سنڌ جي ڪا بہ تحريڪ ڪا بہ هلچل، ڪا بہ جدوجهد، حليم باغيءَ جي شاعريءَ کانسواءِ اڻپوري ۽ اڌوري ليکي ويندي هُئي. هِن جا انقلابي نظم آزاديءَ جي تحريڪن جا عَلم ئي نہ پر ''اهڃاڻ'' بہ هئا ۽ سندس نظم هر تحريڪ جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا بڻجي جهوليندا رهيا، هن جي شاعريءَ هر هنڌ، هر موڙ، هر رستي، هر راھہ ۽ هر پنڌ ۾ سنڌ جي درد جي آڱر جهلي اڳواڻي ڪئي آهي. ڄامشورو حليم باغيءَ جو ٻيو جنم گهر آهي، جتان ئي هِن جي ڪلا جا ڪرمچي رنگ سنڌ جي سُرمئي ۽ سانوري ساٿ ۾ همسفر ٿيا ۽ اهڙي سَمي ۾ جڏهن هِيءَ ديس دُک جو استعارو بڻجي پيو ۽ اذيت جي علامت بڻجي پيو هو، تڏهن حليم باغيءَ جي شاعريءَ ئي هُئي جنھن وطن جي زخمي وجود تي مَلم پٽيون ٿي ٻڌيون، هُونئن تہ حليم شڪل شبيھہ جو ڪو ملوڪ ڪونھي (هِتي مونکي ڪنھن جي اُها چوڻي ياد ٿي اچي تہ سچو آرٽسٽ هوندو ئي اهو آهي جنھن کي ڏسڻ سان کل اچي پر پڙهڻ يا ٻُڌڻ سان رُوئڻ کي روڪي نہ سگهجي)'' پر سندس اندر ۾ ويٺل سانورو شاعر ايڏو تہ سُندر، سھڻو ۽ خوبصورت آهي جنھن جي هڪڙي جهلڪ پسڻ لاءِ سنڌ ورسٽيءَ جا هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون حيران ۽ پريشان هوندا هئا، حليم باغي جنھن جو هر نظم ۽ هر غزل ڪنھن خفيہ جنگي پيغام وانگر رات جي پيٽ ۾ پوريءَ سنڌ تائين پھچڻ جي سگهہ رکندڙ آهي. حليم باغي شاعريءَ ڪونہ ڪئي آهي، ڄڻ ديس جي رڳن ۾ رت بڻجي حرڪت ۽ حرارت پيدا ڪئي آهي، مورجي ڪلنگيءَ، سھي جي اکين، هرڻيءَ جي هنئين ۽ تَتِر جي تيز اُڏار جھڙي سندس شاعري دولھہ دريا خان جي دل جھڙو اهو ديار آهي جتي هن دُکي ديسَ جا سمورا درد اچي اک ڀيڙي ڪندا آهن. ٿر جي لوڪ ڪٿائن ۽ سمورين ارڏاين جا انگ هِن جي شاعريءَ کي حُسن ۽ جَلوَن جي جَرڪ سان ائين جَرڪائن ٿا، جئين ڪائي وڏ-ڀاڳي ويگنس ٿري ويس پائڻ کانپوءِ وڄ وراڪا ڏيندي آهي، حليم روايتي طور شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر خاص طور جديد نظم ۾ هِن گهڻن کان گوءِ کنئي آهي. سندس نظم جو نہ رڳو انداز الڳ ٿلڳ آهي پر منجهس فني توڙي فڪري اُڏام بہ بنھہ اوچي آهي.
توڻي جو هن درويش صفت انسان کان پنھنجي کوڙ ساري شاعري گُم ٿي ويئي آهي، پر سندس رسالن ۾ ڇپيل شاعريءَ کي گڏ ڪري پدمات پبليڪيشن عمرڪوٽ وارن سندس ئي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ''اڙي شھر جانان'' ڇپرايو آهي. حليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي فارميسي پاس ڪئي آهي. پر پاڻ هن وقت عمرڪوٽ جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ HST آهي. هڪ ڀاءُ ۽ ٻن ڀينرن جو ڀاءُ حليم باغي جنھن کي هڪ نياڻي توحيد ۽ هڪ پُٽ احد آهي، سو ڪافي عرصي کان بيماريءَ جي ور چڙهيل آهي، ذهني طور ٿانيڪو نہ هُئڻ ڪري هن وقت کائونس ڏات راڻي وانگر رُٺل آهي سنڌ جو هي صُوفي منش ۽ محبوب شاعر هن ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو اَمُلھہ سرمايو آهي جنھن تي هِيءَ سنڌ صدين تائين ناز ڪري سگهي ٿي. اُها سنڌ جنھن جي هر چيز حليم کي پنھنجي محبوب جي ادائن وانگر وڻندي آهي، پر جي اُنھيءَ سنڌ ۾ جيون ڪونھي يا حياتيءَ جي هرڻيءَ پُٺيان موت ڪنھن شڪاري ڪُتي وانگر ڊُڪي ٿو تہ حليم انھيءَ سنڌ کان بہ دُوريءَ جو اعلان ڪري ٿو.
جي جيون تو ۾ سنڌ نہ آ، پوءِ منھنجي تو کان دُوري آ،
هيءُ جيون جيون آهي ڇا؟ جت جيل زهر ۽ سُوري آ.
ڇاڪاڻ جو هُو زندگيءَ جو شاعر آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ جيون کي ڪا معنيٰ ڪانھي ڪو، جٽاءُ ڪونھي تہ پوءِ اِها ڌرتي ۽ اهو ديس ڪھڙي ڪم جو! پُراڻ نديءَ جي پيٽ کان بہ وسيع ۽ ويڪري هِن جي شاعراڻي سفر تي جيڪڏهن لکجي يا ڳالھائجي تہ ڪئي ڪتاب تحرير ٿي سگهن ٿا ۽ ڳالھين جا ڪيئي ڳوٺ اڏجي سگهجن ٿا. پر مون جھڙو معمولي ماڻھو بس ايترو ئي چئي سگهي ٿو تہ سنڌ جي هن سانوري سٻاجهي ۽ سادڙي شاعر جيڪڏهن لکڻ واري ليکي کي ليڪو نہ ڏنو تہ سڀاڻي جي سنڌ جو هي شاھنشاھہ شاعر ٿي سگهي ٿو، پر شرط اِهو آهي تہ هُو سنڌ کي پنھنجي شاندار شاعريءَ مان جلاوطن نہ ڪري.
(13 مارچ حليم باغيءَ جي جنم ڏينھن جي حوالي سان)