راڳ ۽ ويراڳ جي آويءَ مان رچيل راڳي
ياد جڏھن ڪي آيا نيڻ،
لڙڪن سان وھنجايا نيڻ.
ڳايو ھو تہ منھنجي جسم مان 440 وولٽ جو ڪرنٽ آر پار ٿي ويو ھو- اھا جادوگري اُنھي آواز جي ھُئي، جنھن جي گلي ۾ ڄڻ تہ ڪو ڪانُ کُتل ھو- جنھن جي صدا ۾ صديءَ جو سوز وگُداز سمايل ھو. ڪنھن گلوڪار جي آواز ۾ ايڏو درد مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٻڌو ھو. ۽ اُنھي ڪُٺل ڪُونج جي ڪُرلاءُ جھڙي ڪُوڪَ، منھنجي مَنَ کي مُٺ وجهي نپوڙيو ھو. ۽ آئون بيچين ٿي پيو ھئس. مون کي تڏھن ئي اھا ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي ھئي تہ راءَ ڏياچ ٻيجل جي تند تنوار تي ڪنڌ ڇا جي ڪري ڪَپي ڏنو ھو. ۽ پوءِ مون ھِن اجنبي آواز جي تلاش شروع ڪئي ھئي، نيٺ ڪنھن دوست کان پتو پيو تہ اھو فقير منش ڀڳت ڀڳڙو مل اسلام ڪوٽ جو رھاڪو آھي، جتي ھو درزڪو ڪم ڪندو آھي. اصل رھاڪو تہ سينھار وڪيا جو آھي، پر ڪافي عرصي کان اسلام ڪوٽ ۾ ئي رھائش پزير آھي- جتي ھِن درزڪي ڌنڌي جي سکيا 20 سالن جي ڄمار ۾ اسلام ڪوٽ جي ئي درزي گيانچند کان ورتي ھئي. ڪافي سال اسلام ڪوٽ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ھُو ڪراچي ويو ھو، جتي ڪنھن گارمينٽ فيڪٽري ۾ 5 سال ڪم ڪيائين.
ڳوٺ سينھار وڪيا ۾ ھِن جو جنم اڄ کان 60/ 65 سال اڳ گنگارام مينگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو ھو. ھِن جي ھڪڙي ڀيڻ ھئي اھا بہ ديھانت ڪري ويئي تہ ھڪڙو ڀاءُ بہ گذاري ويسُ. باقي ٻہ ڀائر زندھ آھن، جن مان ھڪڙو ساڻس گڏ اسلام ڪوٽ ۾ رھي ٿو، ۽ ھڪڙو سينھار ۾ ئي رھي ٿو- سندس ماءُ ۽ پيءُ ٻئي ديھانت ڪري ويا آھن.
غربت ھِن جي گهر ۾ ڄڻ تہ آري تي ويٺل ھئي سو ھِن ننڍڙي وھيءَ ۾ ئي نہ رڳو ٿر جي ٻنين ۾ ٻاجهر ۽ گُوار پوکيا ۽ انھن جي سار لڌي، پر سنڌ جي بَئراجي ڀاڱن ۾ وڃي مرچ بہ پوکيا تہ انھن جي چُونڊائي بہ ڪئي. تغاريون بہ کنيون تہ ڪاٺيون جهوري گڏھن تي کڻي اچي اسلام ڪوٽ ۾ وڪيون بہ ھيون.
ھِن سينھار جي سيمن ۾ ٻڪريون بہ چاريون تہ زندگيءَ جي ذليل گهڙين مان چند پل چورائي ھڪ جيڏن سان ڳوٺ جي ريل ۾ گابڙي راند بہ رمي تہ ڀٽن تي ڀينگاريون بہ جهليون، ٻنين ۾ ٻاجهر جا ڪَچا آنڀوُن مَھٽي بہ کاڌا تہ پِپوُن ۽ ڪونڍير بہ ڪڍيا، پيرُون بہ چُونڊيا تہ سِڱر جا کوکا بہ چُونڊي کاڌائين -
جڏھن ڦُوھَ جَواني ھِن جي وجود کي ولين جيئن ويڙھي ويئي ۽ محبت ھِن جي مَنَ جي اڱڻ تي مرَوئي جيئن مورجي آئي، تہ ھِن سينڍ ۾ ماروي ڳائڻ شروع ڪئي ھئي.ھِن اچانڪ پنھنجي پاڻ ۾ ڪنھن اڄاتي وجود جي ھڳاءُ کي محسوس ڪيو ۽ ھِيءُ نہ چاھيندي بہ اُنھي ھستيءَ جي وجود ۾ پاڻ وڃائي ويٺو. نينھن جي نپٽ نانگ ھِن کي ڪَکي وِڌو ۽ ھِن کي لڳو ڪنھن ھِن جي والو ھرٽ ۾ ھٿ وڌا آھن- ھُو پنھنجي دل ڦرائي وِلھو ٿي ويٺو. پر انھي دل ڦينڪ تماشي کيس ڪٿي جو بہ ڪونہ ڇڏيو. عشق جي اُڦٽ مار چوٽ ھِن جو ذھني توازن ئي وڃائي ڇڏيو، ۽ پوءِ ڪيئي سال ھُو دنيا دين جا لڳ لاڳاپا لاھي پنھنجي دل جي چور پويان ڪاھي پيو ھو. پر دلين جي چورن جا پيرا ڳولڻ وارا پيري ھِن کي اھو چئي مايوس موٽائي ڇڏيندا ھئا ته'' ڀَڄي وڃ مسڪين جا ٻار ھيءُ کاٽ اسان جي وارڻ کان وڏو آھي'' پر چَري ڪيئن چَئي ويرا وير وڌ! سو ھِن بہ ويندي ڏانھن پريَنِ جُتي جات نہ پاتي ۽ بن، بن ڀٽڪيو سَسُئيءَ وانگر ڏونگر ڏوريائين، پر پرينءَ جو ڪو پيرو نہ لڌائين تہ مُنھن مونن ۾ ھڻي ويھي رھيو. جڏھن جهڄي جهري ٿَڪي ٽُٽي ڦان ٿي پيو تہ وطن جي مٽيءَ کيس وري پُڪاريو تہ ھُو موٽي ماڳ آيو، جتي سندس جيجل جي جهڙالي جهولي ھِن لئي ھندورو بڻي. امڙ جي ٻاجهارين ٻانھن جي آسيسَ ھِن جي رتوڇاڻ روح کي راحت بخشي ۽ ھو ٻيھر پنھنجو پاڻ ۾ موٽي آيو-
ھِن کي نئين زندگي ملي تہ ھِن وري اچي اسلام ڪوٽ جا وڻ وسايا، ھُو صُبح ساجهر امڙ جي رات جي رڌيل رٻ پي آڌيگام کان ايندڙ لاريءَ جي پَٽين سان پاڻ کي ٻڌي روز اسلام ڪوٽ ايندو ھو ۽ وري شام جو ساڳي لاريءَ ۾ سينھار موٽي ويندو ھو. عشق جي لگار ھِن جي ڪَنٺ ۾ ڪوئل جھڙي ڪُوڪ پيدا ڪئي ھُئي ۽ ھِن اُٿندي، ويھندي، ھلندي، ڦرندي ۽ ڪم ڪندي جهونگارڻ شروع ڪيو ھو، درد کي درد ڳاتو تہ ٻُڌندڙ ڪَنن ۽ ڌڙڪندڙ دلين تي ھِن جي آواز جو سحر طاري ٿي ويو.
ھِن اسلام ڪوٽ جي ئي گُرو چاندارام کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌرايو. بقول سندس تہ؛'' جيڪڏھن گُرو چاندارام جو مون کي ماءَ جھڙو پيار، پنھنجائپ ۽ آشيرواد نہ ملي ھا تہ منھنجي نہ سُر سنسار سان شناسائي ٿيئي ھا ۽ نہ ئي وري زندگيءَ سان پيار، بلڪ ھِن بي مُروت جھان ۾ وکري وڃان ھا ۽ شايد وري پاڻ کي سَھيڙي بہ نہ سگهان ھا'' ۽ ھيءُ جيڪي ٻٽي اکر سنڌيءَ جا پڙھي سگهي ٿو، يا شاعري پڙھي سگهي ٿو، اھي ڪنھن اسڪول مان نہ پر سندس گرو چاندارام کان ئي سکيو آھي -
جڏھن ھِن جي گلي جي گونج اوجَ تي ھئي تڏھن ڪئسيٽ ڪمپنين جي بہ اوج جو زمانو ھو جتي ڪٿي فوزيا سومري جي بلي بلي لڳي پئي ھئي، ھِن بلاول اوٺي جي شاعري ڪٿان ھٿ ڪري ان جون ڌنون ڪمپوز ڪري جهڏي ڀر سان ڪنھن اسڪول ۾ بلاول کي ڏوري وڃي ڏٺو. ھِيءُ پاڻ سان گڏ بلاول جا ٻہ گيت بہ ڪمپوز ڪري کڻي ويو ھو، سو بلاول کي چيائين تہ؛'' منھنجي آواز ۾ ھَي گيت ڪٿي رڪارڊ ڪرائي ڏي''. بلاول کيس آسرو ڏيئي ھِن جون ڪمپوز ڪيل ٻئي ڌُنون'' آھين ڏسڻ کان ڏور'' ثمينا ڪنول جي آواز ۾ ۽ ٻي فوزيا جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيون.
ھِن جي والد گنگارام جيسين صحت ۽ سرير ساٿ ڏنو، سونَ ساريکن ھٿڙن سان ھر ھلائي اَنُ اُپائي انسانيت کي بُکَ کان بچايو، ۽ ھِن وري سَنھي سُئيءَ سان انساني جسم جي اوگهڙ ڍڪڻ لئي درزڪي ڌنڌي سان دل لڳائي-
ھِن کي مون ريڊيو حيدرآباد تان ٻڌو تہ کيس پھريون خط لکي ساڻس پنھنجي محبت جو اظھار ڪيم تہ ھِن بہ ساڳي سڪ ۽ پاٻوھ سان محبت ڀري موٽ ڏني، ۽ ايئن ئي اسان جي روح جا رابطا خطن کان ٿيندا فونن تائين پھتا ۽ ھاڻ انٽريٽ جي جهنگ ۾ اچي انھن واسطن جي واٽ وڃائي ضرور ويٺا آھيون، پر واسطن جي واڙ ڀيلاڙ ڪونہ ڪئي اٿئون- تنھن زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ڪوٽ جي نوجوانيءَ جا ڏينھن ھيا، اسان کي بہ اديبن، شاعرن ۽ گلوڪارن سان ملڻ ۽ ساڻن رھاڻين رچائڻ جو جُنون ھوندو ھو. سو ھڪڙي ڏينھن ڀڳڙي ناچيز کي بہ نينڍ ڏئيي گهرايوسون تہ پاڻ اسان جي سڏ کي ورنائي اسلام ڪوٽ کان ڪھي آيو ھو. پھريون ڀيرو کيس روبرو ٻڌي دلي آنند ماڻيو ھُئم.
1987ع ڌاري نارائڻ داس ڏيپلائي (فوڊ انسپيڪٽر) جي معرفت ريڊيو حيدرآباد تي نصير مرزا ۽ انور بلوچ ھن کان آڊيشن ورتو ھو، جنھن ۾ ھو پاس ٿي ويو تہ کيس پروگرا بہ ڏنائون. نصير مرزا ھن جا ڪجهہ سنڌي ڪجهہ ڍاٽڪي گيت بہ رڪارڊ ڪيا ھئا، پر جڏھن گل حسن قريشي سندس آواز ۾ شيخ اياز جو غزل جهوپڙي ٻاھران رات جانجهر وڳي رڪارڊ ڪري آن ايئر ڪيو تہ چئني پاسي واھوا ٿي ويئي. اھا سندس ريڊيو جي دنيا ۾ پھرين انٽري ھئي، جنھن کان پوءِ ريڊيو حيدرآباد تي نصير مرزا ۽ مٺي ريڊيو تي سيد اڪبر شاھ ۽ ٻين سندس ڪيترا ئي گيت غزل ۽ وايون رڪارڊ ڪيا آھن. جن بہ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آھي، خاص طور تي اشرف درس جي ڳايل گيت '' پارڪر جي پدمڻيءَ '' بہ کيس تمام گهڻو مشھور ڪيو آھي. اھڙا ڪيئي ڀڳڙي جا ڳايل گيت سندس سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻيل آھن.
گائيڪي ھِن جو پيشو ڪونھي پر دل جو شوق آھي، تنھنن ڪري ھِن ڪڏھن بہ ڪئسيٽ ڪمپنين جي فرمائش تي غير معياري شاعري ناھي ڳائي، اھوئي ڪارڻ آھي جو ھِن جون ڪئسٽون تمام ٿوريون رڪارڊ ٿيون آھن.
مختلف سنڌي چينلن جي اچڻ کان پوءِ ڀڳڙي ڀڳت کي بہ مختلف ميوزڪ پروگرامن ۾ تمام گهڻي پزيرائي ملي آھي- پر کيس شڪايت اھا آھي تہ ثقافت کاتي وارا لطيف، قلندر، اياز ۽ سچل جي ميلن تي تہ نٿا گهرائن پر ٿر جي سماجي ادبي ۽ ميوزيڪل پروگرامن ۾ بہ کيس نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. ھا البت محمد علي مانجهي جڏھن ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر ھو تڏھن ان کيس نہ رڳو ثقافت کاتي کان ماھوار وظيفو مقرر ڪرائي ڏنو، پر ڀانئيو بہ ڀائرن وانگر ھو، جنھن ڪري ئي ڀڳڙو ڀڳت مانجهيءَ کي اڄ بہ جيءَ ۾ جايون ڏي ٿو.
ڀڳڙو مل نہ رڳو سنڌ جو سُريلو گلوڪار آھي، پر منجهس اظافي خوبي اھا بہ آھي تہ ھيءُ ساڳي وقت ھڪڙو سھڻو شاعر بہ آھي، جنھن ڪيترائي صوفياڻا ڪلام ۽ ڀُڄن بہ لکيا آھن. شاعريءَ ۾ سندس نالي سان گڏ تخلص '' ناچيز'' آھي جيڪو سندس باذوق دوست ڪرپال داس کيس عنايت ڪيو آھي. ھتي ناچيز نالي مان نااميدي ۽ نراسائي ھرگز پيدا ڪونہ ٿِي ٿيئي، بلڪ - '' ڀڳڙو ناچيز'' مان مُراد آھي تہ گهڻو ڪجهہ ھوندي بہ پنھنجو پاڻ کي ڪجهہ نہ سمجهڻ اصل ۾ اھا نوڙت ۽ نھٺائي ئي انسانيت جو اعليٰ گڻ آھي، باقي تہ سڀڪجهہ بي بقا آھي-
ڀڳڙي ڀڳت عرف ڀڳڙي ناچيز کي ھُونئن تہ ساري سنڌ ڄاڻي سُڃاڻي ۽ بي پناھ پيار ۽ پاٻوھ بہ ڏي ٿي، پر ھيءُ فقير چوي ٿو تہ: '' اسلام آباد جي قاضي عظمت ۽ نوشھري فيروز جي سائين علي احمد شاھ جا مون مسڪين مٿان انيڪ احسان ۽ ٿر ۾ واري ٿوري تھان گهڻا ٿورا آھن، جنھن منھنجي سدائين نہ رڳو مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي آھي، پر مون کي ھميش حوصلو ڏنو آھي ۽ ھمت افزائي ڪئي آھي'' -
ڀڳڙي ناچيز شيخ اياز کان وٺي اياز گل تائين، اياز رضويءَ کان وٺي ايوب کوسي تائين، ادل سومري کان وٺي سائينداد ساند تائين، اشرف درس کان وٺي پياري شواڻي تائين، سچل کان وٺي لطيف سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي آھي، تہ روحل ۽ ميران ٻائي کان وٺي ڪبير سميت ڪيترن ئي ڪوين جا ڀُڄن بہ ڳايا آھن.لوڪ گيتن کان وٺي جديد شاعريءَ تائين ۽ ڀُڄنن کان وٺي صوفياڻن ڪلامن تائين ھن ھر قسم جي نہ رڳو شاعري ڳائي آھي، پر ڪلاسيڪل راڳن کان وٺي ڪيترين ئي راڳڻين تي بہ کيس ڀرپور دسترس حاصل آھي. جھڙوڪ مالڪونس، سارنگ، درڳا، پھاڙي، مانجهہ، ڀيروي، درٻاري کماچ ۽ ڀيم پلاس ھِن جون پسنديده راڳڻيون ۽ راڳ آھن -
پنھنجن ھنر مند ھٿن ۽ ڪَنٺ جي ڪَلا ذريعي ھن ڪَکُ، ڪَکُ ڪَٺو ڪري اسلام ڪوٽ ۾ پنھنجو آشيانو اڏيو آھي. جتي سندس وَني، ٽي پٽڙا ۽ ھڪڙي نياڻي ساڻس گڏ رھن ٿا. اِھائي ھِن جي مَڏي ۽ مال آھي، اِھائي ھِن جي ڪُل ڪائنات آھي. سڀ کان وڌيڪ سارھ جوڳي اھا ڳالھہ آھي تہ ھِن مُڙسي ڪري نہ رڳو پنھنجا پُٽَ پڙھايا آھن، پر پنھنجي نياڻيءَ کي بہ پڙھائي تمام وڏو ڪم ڪيو آھي. جيڪا ڳالھہ ھِن جي روشن خيال سوچَ جو مظھر آھي.
پرارٿنا آھي تہ راڳ ۽ ويراڳ جي آويءَ مان رچي راس ٿيل ھِن انتھائي سُريلي راڳيءَ جي فن جي ڦڳڻ مُند شال سدائين ڦُلاريل رھي، راڳ ھن جي رڳُن ۾ رت جيئن گردش ڪندو رھي، ۽ ھِن جي ٿر- ٻاٻيھي جھڙيءَ ڪومل ڪلا کي ڪڏھن بہ ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳي.