مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

قادر الڪلام سان ھم ڪلامي

ڪاڪا!
ڪھڙا حال آھن؟
اميد تہ آسُودو ھوندين -
پنھنجا اباڻا پَڊَ وساري وڃي وَسايَئي ولاتِ جا وڻ-
ميان!پاڻ لئي اِھو ڄام جي شوري وارو شھر بہ ڪائي ولاتِ آھي ٻيو! ڇو جو ڪوٿَريءَ ۾ اٽو وِجهي پوءِ ڪو ايڏانھن ٽاڪوري تہ واھ! باقي ڏينھڪ تہ سوال ئي نٿو پيدا ٿيئي جو ڪو پاھُون پُڄي. ۽ اِھي شھري ماڙھُو وري اھڙا بي مُھابا جو مَجال آھي کڻي ڪنھن مِزمان کي مانيءَ ٽِڪيءَ جي صلاح ھڻن. رات ٽِڪائڻ تہ رھي پري، پر جي واٽين پنڌين ملندا تہ بہ ايئن مُنھن سُڄائي ملندا ڄڻ ڪو قرض ٿا گهرون. ايئن اکيون ڦيري ھليا ويندا ڄڻ ڄاڻن نڪي سُڃاڻن -
ٻيلي! پاڻ وٽ اڃان ايئن صفا سُڃ ڪانھي ٿِي. ڪاريءَ ڏُڌي اڃان اڇو اچي پيو. ڪو مزمان مَھي تڏي تي لنگهي آيو تہ جيءَ ۾ جايون ڏبيون ۽ مانيءَ ٽڪيءَ کانسواءَ مُور ڪونہ ڇڏيون. پوءِ جھڙي ٻچين کاڌي سا حاضر ڪبي پر مزمان کي لنگهڻ ڪونہ ڇڏبو.
ٻيلي ڪاڪا! آئين تہ الائي ڪيئن ٿا اِتي پُورت ڪريو، باقي اسان کي ھِتي سچ پُڇين تہ ڏڪارن اھڙو ڏنڀيو آھي جو لولي لُوڻ ڪونہ ٿو لَڀي. مڃون ٿا تہ قلم اوھان جا بہ ڪُلھا ڇِني ٿو، پر خفو ڇڏي اسان جا بہ کنڌا کڻيو ٿو. سڄو ڏينھن اُلٿي اُڀري وچ ھٿ پير ٿا ھڻون پوءِ بہ پُوري ڪانہ ٿي پَئي. جي ھيٺ ٿا ڇڪيون تہ مٿي ڪانہ ٿي پُڄي. پر ٻيلي! اسان جي صبر کي بہ سلام ڪر جو جنھن تنھن اڳيان ھٿ جهلڻ واري ڇِتڪُتائي کان خدا بچايا آھيون. جھڙي ڇِڊي گهاٽي جُڙي اباڻي اَجهي ۾ اُڪاري پيا ﷲ ﷲ ڪريون.
پر يار! هنن ڀٽارين ڀٽن تي اڏيل ڀُونگن ۾ الائي تہ ڪھڙي ڪشش آھي جو واريءَ جي وِھاڻي تي مٿو رکي رڳو اکيون ٿا پُوريون تہ ننڊ جون الوليون وٺيو وڃن. سڄي دنيا پيو گهم پر ٿر جي پر سُڪون رات جھڙي ڪا ھڪڙي رات ھٿ ڪري ڏيکارين تہ مڙس ڪري مڃيئين -
بس رڳو وَرھيہ ڪنھن واڇان وانگر کري ڪَسا ٿي پيا آھن. ۽ مُندائتا مينھن بہ وَڪَ سَئون واپس ورڻ جون واٽون وڃائي ويٺا آھن. ڪنھن ڪزاني ڪي مينھن ڪَڻيون پون ٿيون تہ بہ الاءِ ڪھڙا گهوڙا آھن جو، اَنُ اُڀڙي ئي ڪونہ ٿو- ھيل بہ وٺي واڻي ڏڪار لڳو پيو آھي. پاڻ واري مُلڪ مھراڻي کي ڪا راضي شاھ بادشاھ جي پٽَ پڪل آھي جو ڀلوڙ ڪاٺيون بہ جهڙيون ڪلراٺيون زمينون! حرام سُوئر جو منجهن مڻ ڏيڍ کان مٿي ٿيئي - ھيلوڪو مينھن بہ مھل سر موٽيو، پر ٻنين اھڙي ٻَپئون ٻڌي آھي جو خلق کُرٽي کُرٽي ٿڪي آھي پر ورڻ سرڻ لاءِ سو وڃي ٿيا ست خير -
ماڻھن جيڪو ٻجُ واپارين کان وياجَ تي وٺي ٻنين ۾ وڌو، تنھن مان تِرَ جيتري بہ اُپت ڪانھي ٿي اُلٽو وياج تي کنيل ٻج بہ ويو کٿي جي اُڻاڻيءَ ۾. واپاري بہ وڏا حرامي آھن، گُوار جو مڻ ڏنائون ھڪ ھزار ۾ ۽ پاھُون مڻ ٽي سئو ۾ بہ نٿا رکن. جن مسڪينن پنج ست مھينا پاڻ ھَچُ ڪيو، تن جي ڪِي ڪمائي ٻئي مٿا کائي ويا وياج خور واپاري - پر ڪا چوڻ واري پھر ھُجي جو کين ڪو کيليءَ کُٽڪو ٿيئي -ماروئڙا فقير ڪنھن در ڏيندا دانھن ڙي!-
ھينئر جڏھن تيل جا اگهہ وڃي تري سان لڳا آھن، تڏھن بہ لاريءَ وارن جا ڀاڙا اُھي ئي اُڀ سان ڳالھيون ڪندڙ.
باقي جيڪڏھن ڪو ڌراڙ وَڇار اٽي جي مڻ لاءِ ڪو پُھرُو پِڙيءَ تي ڪاھي ويندو تہ جھڙي پَٺَ تھڙي نورَ پُونھن. اگهہ ٻنھي جو اِھو ئي اڍائي سئو رپيا - ھاڻ ڏي مُنھن! ھھڙي مھانگائيءَ واري دؤر ۾ اڍائي سئو ۾ اٺِ جي گوشت جو ڪلو ملي ٿو؟ جو ھي مُوذي مَروان مسڪينن جو مال ايئن لِلاڪارڻ لُٽي رھيا آھن. پر مير جي اُٺَ کي ڪير چئي اُلھي! اوڏاڻن اُٺن کان بہ ڪيئي رتيون ڪَسر ھِتي ڪامورا ڪَڙا بہ ڪُتر پيا ٿين. پر مجال آھي جو ڪو مُڙي بہ کڻي - مُرڳو ڀيڙا ٿي ڀيڙيندا خلقِ خدا کي، تنھنڪري درياھ جي ڪناري رھي واڳوئن سان وير وجهڻ نٿا چاھن ويچارا پنھوار. پوءِ نانيءَ رڌڻ واريءَ ۽ ڏُھٽيءَ کائڻ واريءَ جي مرضي جيئن وڻينِ تيئن ڪري ڏيکارين -
نانيءَ ۽ ڏُھٽيءَ ھيل ھَچي مَچي ڪري ارباب الھجڙيي جي ڪنڌار پُٽ کي ٿر ضلعي جو ناظم چُونڊرايو آھي. اُھو ڪا ڪاري وجهي تہ واھ! باقي ٻي ڪا بہ ڀَوا ڪانھي. ارڏو ضرور آھي، پر اٿئي مڙس اٺور! جيڪڏھن سرڪار سڳوريءَ سندس ھٿ ڍرا ڇڏي ڏنا تہ گهڻن گماشتن جي بولتي بند ڪري ڏيکاريندو. باقي اوھان واري يار بلالاڻي جا اُٿياڳ تہ ڀلا ھئا، پر پوءِ الائي تہ ڪنھن جي ڪُرڙي اک ڏٺائين جو صفا ٺري ويھي رھيو آھي. اھڙو ڪُڇي جھڙي ڀتِ! ڪم الائي ڪھڙا ڪري باقي آھي بُڻادو ٻار سو ھروڀرون جي ڪنھن کي ڏي نٿو تہ بہ ڏکوئي ڪونہ ٿو اِھا بہ چڱي عادت چَئبي -
عادتون تہ پاڻ وارن پاڙيسرين بہ اڃان ڪونہ مَٽيون آھن، اُھي ئي ساڳيان افعال اٿن. ڪو پُھروءَ کي پُٺا ڏيو وڃي تہ ڪو ٺري مان پيو ٺٺ ڪري. مطلب تہ ڪنھن نہ ڪنھن رينگٽ ڌاران رھن قطعي ڪونہ ٿا. پر ٻيلي! پُٺ ڏاڍي اٿن جو اڃان سندن وار بہ وِنگو ڪونھي ٿيو. ايئن بہ ڪونھي تہ ڪو سڀئي سَريکا آھن بلڪ ھاڻ انھن جي اڪثريت سُڌري ويئي آھي. پاڻ واري پراڻي شھر نئين ڪوٽ جي ھوٽلن، مانڊڻين، دڪانن ۽ بسن جي اڏن تي انھن جو ايئن قبضو آھي، جيئن سُھراب ڳوٺ ۾ افغاني مھاجرن جو قبضو آھي. پر يار نئين ڪوٽ جي اُھا اوجَ اُجڙي ويئي جيڪا ريل گاڏيءَ جي دؤر ۾ ھئي تڏھن ريلوي پليٽ فارم وارو پاسو ڏاڍو وسندڙ ھو. لالي گل جي ھوٽل جيڪا رات ڏينھن کُليل ھوندي ھئي، جتي آڌيءَ تائين ننگر، چُوڙيي ۽ آڌيگام کان ماڻھن سان سٿجي لاريون اينديون ھيون، ڪي پليٽ فارم تي سُمھندا ھئا تہ ڪي وري پَسارون پيا ڪندا ھئا ڀر سان سڄڻ اوٺي جو مسافر خانو ليلي واري چَڪي ۽ ھوٽل ڇا تہ رونق ھوندي ھئي. مٺي ضلعو ٺھڻ کانپوءِ نئين ڪوٽ جو ريلوي پليٽ فارم وارو پاسو راڄپار جي ڀڙي جيئن ويران ٿي ويو نہ ريل رھي نہ ھوٽلون نہ ڪو لاريون بلي يار! واھ جوزمانو ھو - پر سڀڪجهہ ايئن اک ڇِنڀَ ۾ اُجڙي ويو - ۽ ھاڻ نئين ڪوٽ جو شھر کِسڪي اچي ڍوري بازار ۾ خواجا ماڙي واري چونڪ تي ڪَٺو ٿيو آھي. جتي ھڪڙي پاسي اسان جي اديب دوست اشوڪ شرما جو اوتارو (اشوڪ دڪان کي دڪان ڪري ھلائڻ بدران غيبي خان چانڊيي جو اوتارو بڻائي ڇڏيو) آھي تہ ٻي پاسي تون واري پراڻي يار ماٺيڻي اوٺي جي ڀاءُ منٺار اوٺي جو دڪان آھي، جيڪو ھيل مھراڻي جو ناظم ٿيو اٿئي. ابا! اوٺو ٿِي ڪري اھڙو مِٺو ماڻھو مون ھن کان اڳ نڪي ٻُڌو نڪي ڏٺو. سَھيڄو اھڙو جو ڀلي پيو مَٿي تان واٽون ڪرينس پر مجال آھي جو ڪڏھن مَٺو ڀانئي.
خير خان جي خانائي تہ مانيءَ مان معلوم ٿيندي، پر ڏسئون تہ ھاڻ پاڻ واري پَٽَ جي ڇُڙواڳ ڇورن ۽ ڪاٽڪُو چورن کي ڪيئن ٿو مُنھن ڏي - ڪاٽڪُو چور تہ اسان واري سيمَ ۾ بہ ڪيئي ساماڻا آھن، پر اُنھن جي گهڻائي رڳو پٽيلي ۾ پُوري آھي. مھراڻي جا ڪي زماني ساز ماڻھو ڪِرياتا ٿين ئي ڪونہ جيڪي جُڙي اُن کي آئي روزي ٽري بلا ڪري ڀانئن ۽ ڏِنو پُٽ ڇُٽي جو جي معرفت بہ ڪيئي ڪم ڪار ڪرائي ڄاڻن ٿا. بنگليءَ جي رانگڙن لارين مان ھٿ ڪڍي وڃي بٺن جا بُنياد وِڌا تن سندن وارا ئي نيارا ڪري ڇڏيا آھن. ۽ اُتي ئي وري ڪي خدا جا بندا سدائين نشي ۾ ڌُت ٿيو اکيون ڳاڙھيون ڪريو پيا آٿِڙڪندا، پر مجال آھي جو ڪک جهوري ٻيڻو ڪن. ھوڏانھن نھٽي جي نيتائن مان بہ نڪي سڄڻين آسرو نڪي دشمنين ڀئو. پر مقيم ڪنڀار جھڙي فقير جا اھڙا تنجڻ تپايائون جو مٺيءَ ۾ وڃي مٿو لڪايائين. جنھاڻ وارا جتي ڇڏي آيو ھُئين اُتي ئي آھن. تِرَ جيتري بہ منجهن ڪا تبديلي اڃان سُوڌو تہ ڪونھي آئي. باقي ڀرپاسي وارا سنگتي اڃان بہ ساڳي ڪِرتِ ۾ گِرتِ آھن، نڪو چوري چَڪاري کان ٿا مُڙن نڪي ''اَڇنباين'' مان ٿا مُڙن. کين ڪير روڪي، ڪير ٽوڪي شايد سندن اڳيان ڪنھن جي بہ دال ڪانہ ٿي ڳري-
دال تہ اُنھن وڻن جي ويري مافيائن جي اڳيان بہ ڪنھن جي ڪا نہ ٿي ڳري، جيڪي گُگُلڻ جي فقير وڻ پٺيان اصل ھٿ ڌوئي پيا آھن. چون ٿا تہ اِنھي مافيا جي مٿي تي ھِتان جي ڏاڍن مڙسن جو ھٿ آھي، جيڪي ٽييءَ پَتي تي مُلڪ ڀيلاڙ ڪرائي رھيا آھن. تون واري ڏس ڏانھن تہ ھمراھن پَرينِد سان ئي پنھنجي سيمَ ۾ سَڄَر وڻن جي ستياناس ڪري ڇڏي آھي. ھاڻ تہ اسان واري پاسي بہ ڪي حرامي ھِريا آھن تن بہ ھاڃا ھڻي ڇڏيا آھن. نڪو ٿا سيمَ ۾ ڪو سائو وڻ ڇڏين نڪو ٿا ڌراڙ بنا ڪو ڌڻ ڇڏين. ير! چوريون چَڪاريون اڳي بہ ھيون پر پنھنجي اوڙي پاڙي جو ٽارو ڪندا ھئا، ۽ اُتي وڃي مار ڪندا ھئا جتي ڪا بہ ڄاڻ سُڃاڻ ڪانہ ھوندي ھئي. معنا اک ڪاڻي ڪندا ھئا پر ڏس ڪاڻي ڪانہ ڪندا ھئا. ھاڻ تہ ميان! ڪو اک پور زمانو آھي جو جنھن ٺِڪرَ ۾ کائن ٿا اُن ۾ ئي ڪَرسِيا ڪن ٿا.
ڳالھہ وڻن جي پي ڪئي سون سو ٻيلي! ڦڳُڻ ۾ ڦوڳ ڦُلارجندي اسان واري نسل تہ اکين ئي ڪونہ ڏٺا. پر ٿوھر ٿر جي سُڃاڻپ ھئا، سي بہ ھاڻ وڃي ڪي ڪانھياڪا بچيا آھن. ٻوھَ، اَڪَ، ٻانوريون ڄاريون ۽ ڪُونڀٽ اسان واري اَجهور ۾ اڃان بہ آھن. سِڻَ ۽ مُرٽون بہ موجود آھن، باقي کِپَ پاڻ واري پاسي اڳ ئي اڻلڀ آھن. ڳانيال، موراڙيون ۽ وينگي جا وڻ بہ جھڙوڪر مُھراڻي مان موڪلائن پيا. باقي رھيا روھيڙا سي ماڻھن جي ذاتي قبولين ۾ ھئڻ ڪري ڪُھاڙين جي ڪميڻن پيڇن کان اڃان بچيل آھن. پر ٻيلي! وڻن جي ويرين کي آڏي ڪاٺي ڏيڻ واري ڪا پھر آهي ڪانہ تڏھن ئي تہ انھن اڌوُتن ٽانڊا ٻاري ڇڏيا آھن.
ٽانڊا تہ قطر ۽ دُبئي جي عربن ۽ شيخن بہ ٻاري ڇڏيا آھن، جيڪي پاڻ وارن ڀوتارن ۽ ڍول سپاھين جي گڏيل سهڪار سان سَھا، تِتِرَ، ھرڻ ۽ تلور ايئن ماري رھيا آھن، جيئن آمريڪا سرڪار افغانستان ۾ طالبانن جا تُور ختم ڪري رھي آھي. طالبانن جي ھڪڙي اتاڪي تُور پاڻ واري پَٽَ ۾ بہ جنم ورتو ھو، پر پوءِ سُتت ئي سندن ڪنھن نٽ بولٽ ڍرا ڪري وڌا جو تتي گهاءُ وڃي گهر جهليائون.
باقي يار! ٽوڀاريي واري اَجهورَ ۾ وڻ ڌڻ ۽ تتر توڻي سَھا سڀ صحي سلامت آھن، ڇو جو اُتي ڪاڪي قائم جوڻيجي جي لٺَ پيئي ڦِري، تنھنڪري ڪنھن ڀاڙيي ڀُتي کي پاڻي ئي ڪونہ ٿو چڙھي جو دينا داستي اتي اچي وڻ وڍي يا معصوم پکين ۽ جانورن کي ماري سگهي. تتر ۽ سَھا تہ اسان واريءَ سيمَ بہ اڃان بچيل آھن
ڪاڪا! ڌرتيءَ ڌُٻڻ وارو حِراس ئي اڃان ماڻھن جي مٿي مان ڪو نہ نِڱو ھو جو ھيل وري جنگ جو ھَتامَتر مَتو آھي. انڊيا تہ سدائين اُکتو ويٺو آھي، تنھن کي رڳو ڦوڪ ڏيڻي آھي، پر ماڻھن جا ھِينئان کاڌا پيا آھن. سي اھڙي اڇنبائي کان وَئون ٿا وڃن. ڇاڪاڻ جو اڳي رڳو رَعيت کي گهر گهاٽ ڇڏي بارڊر کان پري ڪنھن محفوظ جڳھہ تي وڃي وانڍيار ٿي ويھڻو پوندو ھو. پر ھاڻ جي سانن سِڱ اٽڪائي وِڌا تہ ٻنھي ملڪن جي ٻُوڙن جا مٿا ميزائيل مُڃ ڪري ڇڏيندا. الائي اِھا حُڪمرانن جي حَرامپائي آھي يا ڪو رب جو ڏمر آھي جو ماڻھن تان ھيڪي اڌي مصيبت ٽري ئي ڪانہ ٿي. ۽ جيڪا ٿِي اُٿڙي سا ڏي ڪاڻي جي اک ۾ -
ھڪڙي پاسي انڊيا اچي اُرائي کنيا آھيون تہ ٻي پاسي پروڪي زلزلي جو ڏينھن ٿو ياد اچي تہ ھانءُ ٿو ڦاٽي - ابا! ھھڙو ھَچر اسان جي ابن ڏٺو نڪي ڏاڏن ڏٺو بلي بلي! گهر، وڻ ۽ ڀٽون سڀئي ايئن پئي ڏڪيون ڄڻ سِيئو تَپُ چڙھيو ھُجينِ - پر يار ! پاڻ واري پاسي ماڙھُو ڇيڙو، جيبَ جڻاٿَ سڀئي سلامت رھيا. توڻي جو پاڻ واري راڻي راجپوت (جيڪو ھيل ٿر ضلعي جو نائب ناظم ٿيو آھي) جو جُواڻ جَماڻ پُٽ ڪَڇ ڀُڄ جي بيوفا ڀُونءِ کسي ورتو، اِھو ڏُھاڳ جھڙو ڏک برابر سڄي ٿر کي ٿيو آھي.
ڪاڪا! تون نہ رڳو لکڻ جا لاکيڻا گُر ڄاڻين ٿو، پر ٻولي بہ اھڙي ٻاجهاري ٿو لکين جيڪا ڌراڙ وڇار ئي ڳالھائن ٿا. ۽ ڏُک سُور بہ خدا جي خلق جا ئي ٿو کڻين، تڏھن ئي تہ تنھنجيءَ ھر لکڻيءَ جو لکين ماڙھُو ايئن اُڀي پير بيھي اوسيئڙو ٿا ڪن، جيئن ڪي جيجلون جنگ تي ويل جوڌن جو ڪنديون آھن. تون ٻٽي سالون اڳ آيل سامُونڊي طوفان ۽ پروڪي زلزلي بابت بہ واھ جو لکيو ھو يار! توکي آفرين آھي جو اسان اٻوجهن جي اُپٽار ٿو ڪرين. واقعي تون وڙيتو آھين-
پر الائي ڪھڙي اَپارَ جهوريو آھين، جو جيئن ھِتان نِڱو آھين اُھي ڏينھن اڄوڻا ڏينھن، وري پاھين پَڇُڙ بہ ڪانہ ڦيري اٿئي تہ مُئا آھيون ڪي جيئرا! الائي ڇو اَڇين ۾ اچي ٿڪو آھين ھُونئن تہ سدائين تَري تَتلَ ھوندي اٿئي جو ڪڏھن ڪِٿي تہ ڪڏھن ڪِٿي ھيڪي ھنڌ توکي جَپَ اچي ئي ڪانه، ۽ وَٽئي ھاڻ تہ ڪا سواري بہ ٻُڌجي پيئي، سو جي رکي ٽُوال ڪُلھي تي ٽاڪورين تہ وڏيءَ وِرھانڊَ ھِتي. ميان! وُٺيءَ تي تہ مال ڀَٽارو بہ وريو وٿاڻين اچي تون اُنھي مال کان بہ وين؟
خير ڇڏ انھي خفي کي، تون سُڻاءَ تہ ''سو ديس مسافر منھنجو ڙي'' ڪڏھين ٿو پڙھائين؟ ٻُڌو اٿم تہ اِن ۾ لوسَ واريءَ سال جا پيرائتا احوال اوريا اٿئي؟ جي ايئن آھي تہ پوءِ ٻيا ڪم اُڪا وڃن اوڙاھ جي تَري ۾، اول تون اِھو ڪم اُڪلائي پوءِ تنھنجو ساجن توسان -
دل ۾ سوچيندين تہ ھِن ھَچا مان ڪُھا اچي قابو ٿيو آھيان؟ آئون اُريا سُڃاڻان نہ پُريا سُڃاڻان پر ھمراھ ھليو آھي ڄَڃ ۾ ڄاڻي نہ سُڃاڻي لاڏي ري ڀُوا ٿيڻ -
ڪاڪا! اُن کان اڳي جو تون مون کي بہ ڪو ڪلوئي مھمان سمجهي وجهين ويلڻ ۾ ھٿ، پاڻ رکون ٿا پيرن تي زور جوڳي رمتا ڀلا -