ڀٽن ڀر مان لکيل پَتر
سوجهري جو ڪوئي شمارو هو، مھينو تہ ياد ناهي پر ان ۾ شايع ٿيل ''امان جي آتم ڪٿا'' اڃان تائين مونکي ياد آهي. جيڪا تنھنجي تحرير ڪيل هُئي. جنھن ۾ پل پل جي پيڙاءُ لمحي، لمحي جي اذيت ۽ تنھنجي بي چين روح جي معصوميت، جنھن فنڪاراڻي صلاحيت سان تون ان آتم ڪٿا ۾ اوتي آهي، تنھن اسان جھڙن اٻوجهن جا تہ تاڪ ئي چاڙهي ڇڏيا آهن.
ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا محلي کان راجپوتانہ هاسپيٽل جو سفر ۽ اُتان کان بُلند شاھہ جي قبرستان تائين ڄڻ اسان پاڻ اُن واردات جا اکين ڏٺا گواھہ هُجون ۽ ڄڻ ان اذيتناڪ گهڙيءَ مان اسان پاڻ بذات خود گذري رهيا هُجون. ڄڻ مُحرم جي ڏهي تي ڪنھن ماتمي جلوس سان گڏ اسان پاڻ بہ سينازن هُجون.
امان شريف النساءِ کي لحدِ ۾ لاهڻ وقت ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان سڀني جون مائرون اُن لحدِ ۾ لھي رهيون هُيون. ڄڻ اها سموري صورتحال اسان سڀني پڙهندڙن سان پيش اچي رهي هئي. ۽ اُها سموري ڪيفيت جيڪا اُن وقت توتي طاري هُئي، اسان بہ ڄڻ اُن ۾ هم شريڪ هئاسين. اِها ڪا جادوگري ڪا نہ هُئي، پر اهو سڄو ڪرشمو تنھنجي فني ڪاريگري جو هو، جنھن اسان پڙهندڙن کي ڇڪي آڻي اُتي بيھاريو هو، جتي تون هُئين ۽ اها روئيداد روان هئي.
درد تہ دنيا کي بہ ملن ٿا پر اُن درد کي بيان ڪرڻ ۽ پُر تاثير بنائن جو هنر صرف تو کي ئي حاصل آهي ڇا تہ نھج البلاغ جھڙو نثر هُيو! اُنھن سٽن ۾ اوتيل جيڪي امان شريف النساءِ جي مَرتئي تي تون تحرير ڪيون هيون. ماڻھن جي مرضي اُهي انھي مضمون متعلق وڻين اها راءِ قائم ڪن پر آئون اڃان سوڌو انھن سحر انگيز سٽن جي سوز و گُداز ڀري تاثر کي واقعي وساري ناهيان سگهيو، بلڪل ائين جيئن ٻالڪپڻ ۾ پڙهيل قرآن شريف جون سُورتون. ائين ئي تنھنجي تحرير نقش ٿي ويئي آهي ذهن جي اسڪرين تي.
''الاس! منھنجي ويچاري غريب الديار ماءُ'' ڪيڏو نہ درد آهي هن هڪڙي جملي ۾. ڄڻ هنياءُ ۾ هٿ وجهي ڪنھن نپوڙي وڌو هجي. يا وري هي جملو پڙهندي خدا گواھہ آهي تہ مون کان بي اختيار اوڇينگار نڪري ويئي ويئي هُئي. ''مون امان شريف النساءِ کي لحدِ ۾ لاهڻ کانپوءِ خدا سان حُجت ڪندي شڪايتي لھجي ۾ چيو؛ يا خدا! تون پنھنجي ماءُ نہ هجڻ واري کوٽ ڇا ائين منھنجي ويچاري غريب الديار ماءُ پاڻ وٽ گهرائي پوري ڪئي آهي؟'' وڃ ڙي! نصير ميان! هي هيڏو درد آندو ڪٿان اٿئي؟ اِن هڪ جملي اندر ڄڻ هن سڄي صدي جو درد سمائي ڇڏيو اٿئي. ۽ اهو سڄو ڪمال تنھنجي شاندار نثر جو ئي تہ آهي جنھن ٽانڊا ٻاري ڇڏيا آهن. ٽانڊا تہ تنھنجي تازي آيل ڪتاب ''خيمي ۾ شام'' پڻ ٻاري ڇڏيا آهن، جيڪو مون 26 آڪٽومبر تي شاھہ لطيف ڪتاب گهر حيدرآباد تان اسحاق سميجي جي موجودگي ۾ خريد ڪيو هو، حالانڪ هڪ ڪتاب (خيمي ۾ شام) مون وٽ اڳ ئي موجود هو گهر ۾. پر جئين تہ اُن سمئي آئون اُتي حيدرآباد ۾ ئي هئس، ڇاڪاڻ جو ساڳئي ڏينھن مون پنھنجي Wife سول هاسپيٽل حيدرآباد جي گائني وارڊ ۾ ايڊمٽ ڪرائي هُئي. تنھنڪري اُتي فرصت جي وقت کي غنيمت سمجهي مون پنھنجي پريشاني کي دُور ڪرڻ لاءِ تنھنجي ڪتاب سان ئي دل وندرائڻ جو ارادو ڪيو هو، پر مون اُتي رڳو سليڪيٽڊ موضوع جھڙوڪ سفرنامہ وغيرہ ئي پڙهيا هئا. ڇاڪاڻ جو اهي ئي منھنجا فيورٽ موضوع آهن. پر جئين ئي 5 نومبر تي هتي ڳوٺ پھتس تہ هڪ ڀيرو ٻيھر سندءِ ڪتاب جو اندر جي اکين سان اڀياس شروع ڪيم. جيڪو ارپنا کان بيڪ ٽائيٽل تائين پُورا ويھارو ڏينھن مسلسل جاري رهيو.
يعني 6 نومبر کان 26 نومبر تائين مذڪورہ ڪتاب ئي منھنجي مطالعي هيٺ رهيو. هر روز شام ٿيندي ئي آئون اهو ڪتاب ساڻ ڪري وڃي ويھندو هُئس. پنھنجي ڳوٺ جي اڳيان وڏيءَ ڀٽ تي ۽ سامھون هوندا هئا ٿر جا دلفريب ۽ خوبصورت منظر ۽ وڻن تي ويٺل رنگبرنگي پکين جا رسيلا آواز. اُنھن سڀني موهيندڙ منظرن جي وچ ۾ آئون محو هوندو هئس تنھنجي ڪتاب جي مطالعي ۾. تان جو روز رات جي اونداھہ ئي واهيري ڏي ورڻ جو احساس ڏياريندي هُئي.
ذهني توڻي روحاني طرح ايترو ڌيان ۽ دلچسپي سان يا ايڏي اشتياق سان شايد ئي اڳي ڪو ڪتاب مون ائين پڙهيو هجي اهو ئي سبب آهي جو ''خيمي ۾ شام'' جا سمورا سفرناما، خاڪا، مھاڳ ۽ مضمون مونکي بلڪل ذهن نشين ٿي ويا آهن ۽ شايد ڪنھن يوُناني ڏند ڪٿا جئين سدا ياد رکڻ جھڙو اهو ڪتاب آئون سڄي ڄمار وساري نہ سگهان. اها ڪا اجائي لٻاڙ ڪو نہ پيو هڻان، اعتبار نہ اچئي تہ ڀلي آزمودي خاطر ڪڏهن روبرو ٿيون. تڏهن مذڪورہ ڪتاب جي ڪنھن بہ موضوع متعلق مون کان پُڇي ڏسجان تہ ڪيتري پاڻي ۾ آهيان.
انھي دلچسپي جو ڪارڻ صرف اهو آهي جو تنھنجو نثر ئي نرالو، منفرد، پُرتاثير ۽ دلپزير آهي. اهڙو عاليشان نثر هن کان اڳ ۾ صرف امر جليل، قادر جوڻيجي، نُور الھُدا شاھہ ۽ عبدالواحد آريسر ئي لکيو آهي. پر تنھنجو تہ انداز توڻي اسلوب ئي الڳ آهي. نہ ڪنھن جا چارا چُونڊيا اٿئي ۽ نہ ئي وري لڪير جو فقير ٿيو آهين. سوين سنڌي محاورا نج ۽ نڪور تشبيھون مزيدار مزاحيا ڇرڪائيندڙ جملا، پکين، گُلن ۽ سُونھن جو باربار ۽ بي تحاشھو ذڪر موضوع جي فراوائي ۽ اُن ۾ وري رواني اهڙي جو واه! اها ئي تہ ورائٽي آهي تنھنجي انتھائي عُمدي نثر ۾. ڄڻ ڪنھن ڪامڻيءَ ڪنجريءَ تي کارڪ ڇڊي ڇڏي آهي، ڄڻ ڪنھن ڪوُنج – ڳچيءَ ۾ ڪٺمال پارائي ڇڏي آهي. ڇا تہ نثر آهي تنھنجو ڇورا! نڪ ۾ پيل نٿ جھڙو ۽ اڪ جي ڦلڙين جھڙو جيڪو دل ۽ دماغ مان ڇتر ڪڍيو ڇڏي. اسي واري ڏهاڪي کان وٺي ٻہ هزار سال تائين جا سمورا ليک ميچوئر (هيڏي وڏي پورهئي جي خالق کي ٻولي يا گرامر جي شعوري يا لا شعوري ڪِن غلطين تي لوئڻ قطعي مُناسب ڪونھي) مجال! آهي جو ڪو منجهس جهول نظر اچي. ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽڪ، ايڏو پاورفل نثر هن يُگ ۾ اهو ئي نصيب ٿيو آهي سنڌي ادب کي. سچ پُڇين تہ تنھنجو ڪتاب پڙهي اکيون ائين ٺري پون ٿيون، جيئن ڪا سھڻي صورت پسڻ سان نيڻ ٺري پوندا آهن ۽ چري دل تنھنجا حُسناڪ هٿ (خُدا تنھنجي هٿن کي بُري نظر کان بچائي) چُمڻ جي ڪامنا ڪري ٿي. هندي، سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ اردو ٻولين جي حسين امتزاج (مڪسچر) تنھنجي نثر کي اهڙو تہ مزيدار ۽ لذت ڀريو بڻايو آهي، جو ڇا چئجي! جيئن مور جي ٽنڊيلي ٽور ڏسي اُڀ ۾ انڊلٺ جا سمورا رنگ فضا ۾ تحليل ٿي ويندا آهن، تئين تون بہ گهڻن نالي چڙهيل نثر نويسن کي في الحال تہ پُڙين تي پُڙ ميدان ماري ويو آهين، پوءِ جي خبر خُدا کي.
سنڌي نثر ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب ڏيئي تون واقعي! هڪ لاڏلو ليکڪ بڻجي ڏيکاريو آهي. اِن ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪونھي بلڪ سُورج جھڙو سچ آهي. تنھن تي جي ڪو توائي ٿئي تہ ڀلي ٿئي، پاڻ کي ڪنھن جي پرواھہ ڪونھي. هونئن مون جھڙي مسڪين جي ڪِينَ جھڙي راءِ ڪا بہ اهميت تہ ڪونہ ٿي رکي پر جي اِها ڪٿي اگهامي سگهي تہ شال! سدائين تون سنڌي ادب جي جهول ۾ ھہڙا شاندار ڪتاب وجهندو رهين ۽ جُڳن تائين جيئندو رهين. (آمين) وڌ شانتيون