پليز! مائي ڀاڳيءَ کي ڊسٽرب نہ ڪريو!!
ها البت مونکي اها خبر تڏهن پئي جڏهن برڪت ڀائيءَ فون ڪري چيو تہ ''ابا! 28 جولاءِ تي ڏاڏيءَ جي ورسي پيا مالھايون اُن ۾ ڪجهہ ڳلھائڻو اٿئي...'' اسان جو هڪڙو صفا دل جو درويش دوست آهي سائين صوبدار اوٺو، جنھن کي جيڪو ٻانھن مان جهلي چوندو سائين هيڏانھن اچ تہ همراھہ اُن پويان اکيون پوري هليو ويندو، ايترو پُڇڻ بہ گوارا ڪو نہ ڪندو تہ ٻيلي! جنت ۾ ٿو هلين يا دوزخ ۾. سو سائين صوبدار مونکي چيو تہ ''امر! پَر سال مائي ڀاڳيءَ جي قبر تي وڃي قُل پڙهي پوءِ جيڪي پير ٻڌي ڪوڙ هنياسين اُنھن مان هڪڙو بہ اڃا تائين سچو ثابت ڪونھي ٿيو، سندس قبر مٿان ڪا ڇپَر ڇانوَ ڪرڻ، سندس خاندان مان ڪنھن هڪ کي سڻڀي نہ سھي ڪا رُکي نوڪري ڏيارڻ جا جيڪي ڏٽا، جبل جي جَماريءَ دوست سان گڏجي هنياسون، اُهي سڀئي ويا واءُ ۾ وکري. سو هاڻ وري ڪھڙي نڪ سان هلي نانيءَ جي قبر تي نَڪو ڏيون؟ ڏاڏي پاڻ جا ڏٽا ٻُڌي، ٻڌي هاڻي ٿڪجي پئي هوندي سا ميارن سان ماري وجهندي يار! هاڻ هلياسين تہ هُوءَ پڪ سان هيئن چوندي تہ ''ابا! آئين ڪھا پيا اُسڙڪو؟ آن وَس اَهي ڪُڄاڙو؟ وڃي ماٺ ڪري گهَرين ويھي رهو، باقي رهيا هَي حاتم طائي حڪمران، تن مون جيئريءَ تي ڪھڙيون هَٿين ڇانَون ڪيون، جو هاڻ مُئيءَ پُڄاڻان مون مٿان مزارون ۽ قُبا اڏيندا، اڌ سنڌ اُگهاڙي آسمان هيٺيان اُس ۾ بُکي پيٽ سُتي پئي آهي، هنن ويچارن وٽ تہ ايترو بہ پئسو ۽ وقت پاڇي ڪونھي جو اُنھن جي سار لھن، سو جي آئون مَڻين مِٽيءَ هيٺ بنا ڇت جي قبر ۾ سُتل هونديس تہ ڇا ٿِي پيو. مون تي مولا عليءَ ۽ مھراڻي جي مير جي ڇپر ڇانوَ ئي کوڙ آهي.
هَي فقير بہ عجيب ماڻھو آهن. جڏهن هڙ ۾ ڪجهہ هُوندن تہ پوءِ ''دل ڦهيڪ تاماشا ديک'' ڪرڻ کان بہ نٿا ڪيٻائين، ڪنھن نہ ڪنھن اهڙي اونرائي ۾ وڃيو هٿ وجهن جو ميلي جي پڇاڙي ۾ ''صاحب نے کھایا پیا، کُچھ نہیں گلاس توڑا دس روپیہ لے لو'' واري ساڻن ڪار ٿِئي ٿي پوءِ بہ مُڙن مور نٿا. برڪت ڀائيءَ کي ڀلا ڪھڙي گَتي آهي جو وَتي ٿو هر سال هي هتامتر ڪرائيندو؟ مائي ڀاڳي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ ھہڙين مسخرين جي محتاج ٿورو ئي آهي، هُن کي دنيا سڃاڻي ٿي، هو ڪنھن مير، پير يا رئيس وٽان چٺي، چپاٽي وٺي پوءِ فنڪاره ٿوروئي ٿي هُئي، هُن تہ رڳو جسماني ويس بدلايو آهي باقي هُوءَ تہ هر وقت سنڌ جي سيني ۾ دل وانگر ڌڙڪي رهي آهي. تنھن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ جو سڀ کان شانائتو ۽ وزنائتو وسيلو ساڻس محبت ڪرڻ آهي، سندس فن کي من ۾ محفوظ ڪرڻ آهي جيڪو بنا ڪنھن سيلز ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ڪِرڙ، ڪانڊيرو، توڻي ختو ۽ فتو بہ ڪري سگهن ٿيون، باقي رهيو هِن کي ورسيءَ جي ڏينھن تي ياد ڪرڻ، سو ضروري ڪونھي تہ برڪت ڀائي ثقافت کاتي وارن کان پنجاھہ هزار پني پوءِ سندس ورسي ملھائي. ڪنھن کي ياد ڪرڻ لاءِ شاميانا، ڪُرسيون، لائوڊ اسپيڪر، وڏا بينر، هي اجگر اسٽيج ۽ هي مائيڪ ضروري آهن ڇا؟ ڪڏهن ايئن ٿيو آهي، جو ڪنھن عاشق پنھنجي محبوب کي ياد ڪرڻ لاءِ عاليشان اهتمام ڪيا هجن؟ لوڪ کان لڪي بہ ''سو دم حرام، جنھن دم ياد نہ تون اچين'' وانگر سڄڻ کي تہ سڄو ڏينھن ساري سگهجي ٿو، ياد رُڳو دل سان ڪبو آهي دوستو! ها البت مير نازڻ جي ڳالھہ ئي ٻي هئي ڇو تہ اُن جو ''ڪهتين هين ڪه اندازِ بيان هِي اور ٿا''. مائي ڀاڳيءَ کي پاڻ پنج، سَت ڄڻا بہ سچيءَ دل سان ساري سگهون ٿا، جي ئي رڱڻ پاڻي تہ بہ ٽانڊو اُجهائي سگهي ٿو، اڃان ڪاريءَ ڏُڌي اڇو اچي پيو. پاڻ ڪو بہ ڏينھن ڪڍي بلڪِ هر ڏينھن نہ سھي هر مھيني هڪ اڌ ڏينھن ڏاڏيءَ کي بہ ڏيئي سگهون ٿا، ڪرڻو ڪجهہ بہ ڪونھي رُڳو سندس قبر تي هلي قُل پڙهي، سندس ڳايل لوڪ گيت ڳائي، وڄائي وري هليا اچون. باقي برڪت ڀائيءَ کي جيڪڏهن هِن سخي ڄام ڏاتار کاتي ڪجهہ ڏوڪڙ ڏنا آهن تہ اُهي هِتي کپائي خواهمخواھہ خرچ ڪري کيسا خالي ڪري شام جو سُڃو ٿي ٽوال ڇَنڊي ڪُلھي تي رکي وڃي گهرَين ڀيڙو ٿيڻ بجاءِ اُنھن مان ٻچن کي اٽو وٺي ڏي پر جيڪڏهن کيس اِها ڀُل آهي تہ اسين جيڪي هِتي ڪُتر پيا ٿيون سي ڏاڏيءَ جي فن تي ڪي ڦُل ڇنڊينداسين تہ اِها هوا ڪنن مان ڪڍي ڇڏي. اسان کي ڪھڙي ڪل تہ لئه ڇا آهي؟ تال ڇا آهي؟ اَڪار ڇا آهي؟ مائي ڀاڳي جي ڳل تي هٿ رکي ڳايل لوڪ گيتن جي گهرائي، اُنھن جي ڌنن جي اصليت توڻي سندس آواز جي پچ اسان جي پھچ کان پري آهي. اسين سڀئي هِتي هن اسٽيج تي لوھہ ڪري چڙهي، ٻہ ٽي ٻٽاڪون هڻي، ٻہ ٽي ڦِڪيون ڦُوڪُون ڏيئي مائيءَ ڀاڳيءَ کي زمين تان کڻي مٿي ستين آسمان تي پُڄائي وري اُتان لاهي اچي راضي شاھہ بادشاھہ جي ڀرسان رکي روانا ٿي وينداسين ۽ پوءِ جڏهوڻا مينھن تڏهوڻا پاڻي.
هِن پاڻ واري مرضيل سماج جي وس وارن جي بي حسيءَ تي ڪھڙي ميار ڪجي! ها البتہ ماتم ڪري سگهجي ٿو جو پروڪي ٻوڏ جا ستايل اڃا تائين اُڀ اگهاڙي هيٺ ويٺا واجهائين، جن جي واهر واسطي ئي وزيرن وٽ نہ وقت آهي ۽ نہ ئي ڪي چار ڪوريون، تہ پوءِ سنڌ ۾ هر روز پرلوڪ پڌاريندڙ ''اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن'' جي ختمن جا خرچ ڀري کين خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪنھن وٽ واندو وقت ۽ پئسا آهن؟ چون ٿا تہ سنڌ کي ڪا دعا، بد دعا آهي جو اُن جو هر ٻيو ماڻھو فنڪار، شاعر، گلوڪار يا گلوڪارا آهي، ۽ اهي پاڻ وارا بچن شال ڏات ڌڻي سڀئي پيئن شراب، پوءِ جيرا جگر، بُڪيون ۽ ڦڦڙ سڀئي وقت کان اڳ ۾ ئي وڃن فيوز ٿيو. سو ڀلا هن هڻ هڻا جي دؤر ۾ ڪير واندو هوندو جيڪو ويھي سندن ورسيون ملھائيندو. سو بہ ڏينھن ۾ ڏھہ ڏھہ ورسيون ۽ اُهي سڀئي وري اکيون ثقافت کاتي وارن جي کيسي ۾ اڙايو ويٺا آهن. تڏهن تہ جيجي زرينہ بلوچ جي ڏوهٽي ادي سَسئي چوي ٿي تہ منھنجي آفيس ۾ اچي ڏسو اُتي اڌ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جون ''امداد'' لاءِ اپيلن سان ٻوريون ڀريون پيون آهن. سبحان ﷲ! ''ڇا ٿا سمجهو تہ اسان اديبڙن غريبن جي ''انا'' ٻن ڪپڙن ۾ گهران نڪري ڀڄي ويئي آهي يا ڪنھن ڍڪڻ ۾ ڍُڪ ڀري ٻُڏي مري ويئي آهي؟ هيءُ ٻي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو مرض هيءَ پنجڙي ڇڏائڻ جي پٽ، هي قلم کي ڪيش ڪرائڻ جا جراثيم اسان جي اندر ۾ ڪنھن سامريءَ جي سازش آهن يا ڪنھن لالچ جي بُري بلا اسان کي ايترو نڪ جو پڪو ڪيو آهي جو هاڻ شرم جو سَرٽ اسان کي سخت سياري ۾ بہ نٿو لڳي ۽ ويچارو ضمير اسم جي اُگهاڙي ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي ئي پاڻي ۾ پرواز ڪري چُڪو آهي''.
لکڻ، ڳائڻ، مصوري، سنگتراشي ۽ شاعريءَ سميت جيڪي بہ ٻيا فنُون لطيف جا شعبا آهن، اُهي هتي پاڻ واري ڀٽاري سماج ۾ اڃا ڪمرشل يا ڪاروباري شڪل اختيار ڪرڻ کان ڪوهين ڏور پري آهن. هِتي انھن سڀني شئين کي ڪمن توڻي خفن کي اضافي لياقتون يا صلاحتون بہ ڪير تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي بلڪه چون ٿا تہ اهي بہ واندن جا ڪم آهن. خير چوڻ وارا ڇا بہ چون اُنھن جي مرضي هُونءَ بہ ماڻھن جا وات ۽ کوهن جا مُنھن ڪنھن کان بند ٿيا آهن ڇا؟ جو پاڻ انھن کي ڪا آڏي ڪاٺي ڏيئي سگهون. پر هڪڙو ڪريلن جھڙو ڪڙو سچ اهو بہ آهي تہ ليکڪ، شاعر يا فنڪار سڀئي هن سماج جو حصو آهن، پوءِ اُهي پاڻ کي پنھنجي سماج کان الڳ پنھنجي جنس کي هميراڻي داغ سان ڌار ڪري پاڻکي ڪا آسماني مخلوق ڇو ٿا سمجهن؟ هن خلق خدا کان وڌيڪ، وڪري جي جنس جيئن پاڻ کي سَجائي، سينگاري اعليٰ نسل جي گهوڙن جيئن گهُمائڻ مان ڪھڙي مُراد ورتي وڃي؟ هيءُ ڪو اڻپور جو يا الجبرا جو حساب ڪونھي جيڪو مون جھڙي ڪنھن حسابن جي جڏي ماڻھوءَ کي سمجهہ ۾ نہ اچي، اٽي جو پاءُ کائيندڙ خاڪُو يا خُدو بہ اِها ڳالھہ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ۽ دال ۾ ڪاراڻ ڌونئري ڏينھن جئين ڏسي سگهجي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت هزارين نہ پر لکين شاعر ۽ فنڪار آهن، جن مان گهڻن وٽ وڏا، وڏا بنگلا، بئنڪ بلينس، ڪارون، زمينون ۽ عاليشان نوڪريون بہ آهن. ايترو هوندي بہ اُنھن جي پُورَت ڪا نہ ٿي ٿئي جو اُهي اگها ٿين ٿا تہ اخبارن ۾ ڌم لڳي پئي هوندي آهي تہ وارو ڪريو فلاڻو ويو هٿن مان، کيس بچايو. سڄي عمر پئسا روڙي گهر ڀري، بنگلا جوڙائي پر مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي تڏهن سندس کيسي ۾ ٽيڊي پائي بہ نہ هجي جو ڪا ڪالپول گوري وٺي کائي. سچ پُڇو تہ مونکي اها مسخري قطعي سمجهہ ۾ ڪا نہ ٿي اچي الائي ڦودني ۾ ڦير آهي يا وٽ کوٽا آهن. پر ڪي تہ گهوڙا آهن جو سنڌ ۾ ٻہ ٽي ڪروڙ ماڻھو رهن ٿا، جن مان وڏيرن، رئيسن، ڀڳتن، پنڊتن، پيرن، ميرن ۽ ڪامورن کي ڪِنيءَ مڇيءَ جئين ٽاري ڌار ڪرڻ کانپوءِ جيڪا ڪُت خلق بچي ٿي، انھن مان ڪيترائي اهڙا گهر آهن جن وٽ نہ ويلي جو وِرو آهي ۽ نہ ئي ٻَري ۾ ٻرندڙ ٻارن لئه ڪا دوا درمل، ڪيترا گهراڻا آهن جيڪي روڊ رستن تي بُک ۽ بيماريءَ وگهي بي موت مري رهيا آهن. ڇا انھن جي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت جو رنگ اسان اديبن کان الڳ آهي؟ سندن کڄندڙ ساھہ کان اسان اديبڙن جو ساھہ اُملھہ آهي ڇا؟ جيڪڏهن هو بہ اسان وانگر نڪ مان ئي ساھہ کڻن ٿا تہ پوءِ آخر ڪھڙو ڪارڻ آهي جو رڳو اديبن ۽ فنڪارن جي حياتي بچائڻ لاءِ اپيلون ٿين ٿيون؟ پھرين تہ اهو طئي ٿيڻ گُهرجي تہ هر ماڻھوءَ کي بي موت مرڻ کان بچائڻ گهرجي يا اِها ڪوٽا بہ فقط اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ مخصوص آهي؟ اسان جيڪي سماجي ناانصافين خلاف لکون ٿا، ڏاڍاين ۽ بي واجبين خلاف ڳالھايون ٿا، اُهي خود ساڳي وَبا جي ور چڙهي وڃون ٿا، يعني اسان جي ڪُک سائي ٿئي پوءِ ٻين جي دانگي لھي تہ ڪھا جي چڙهي تہ ڪھا؟ اگر اسان کي انساني حياتيون عزيز آهن تہ پوءِ ڪانجي ڪولھيءَ کي بہ بچائڻ لئه هٿ پير هڻڻ گهرجن تہ مانو مسيحءَ جي زندگيءَ کي بہ زهر ٿيڻ نہ ڏجي، ڪنھن، جت ڪنھن جوڳي فقير، ڪنھن ريٻاڙي ۽ ڪنھن راوڙي جي بنا ڪنھن مذهبي متڀيد جي سار لھڻ گهرجي. رُڳو ڪنھن اديب، ڪنھن شاعر ۽ ڪنھن ڪلاڪار جي زندگي قيمتي ڪونھي، زندگي آرهلائيندڙ عارب موچيءَ کان وٺي سِرن جي بٺي تي سڄو ڏينھن سڙندڙ پانچي پورهيت جي بہ اوتري ئي اَملھہ آهي، جيتري ڪنھن جھان خان جي، حياتي هر هلائيندڙ هاريءَ هميري جي بہ اهم آهي تہ بسن ۽ لارين ۾ ڀتي تي ڪم ڪندڙ ڪيليندر/ڪنڊيڪٽر ڪرڙ جي بہ، زندگي ڪنھن ڌنار جي بہ اهڙي عظيم آهي، جھڙي ڪنھن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ جي. خير قصو بنھہ ڊگهو ٿيندو وڃي اُن ڪري منجهس ڪتر وجهي ڪُجهہ ٻوڇانڊي ڇوٽو ڪري اچون ٿا اُتي، جتي مائي ڀاڳي موجود هُئي. سو عرض اِهو ڪرڻو آهي تہ مائي ڀاڳي جي مزار مٿان مَنھن ٺهي نہ ٺهي پر سندس پونئيرن جي پرگهور لھڻ گهرجي. اُنھن جي مٿي تي هٿ رکڻ کپي، کين ڪا خيرات نہ ڏيو، هر سال ورسيءَ تي ''ونڊ'' وٺڻ جي منجهن عادت نہ وجهو. جو ويٺا واٽ نھارين ۽ واجهائين تہ ڪڏهن ٿا آئين اچو، تہ بس رڳو هڪڙي مھرباني ڪريو جو هِن خاندان جي ٻن چئن ڇوڪرن کي ڪي ٻہ ٽي نوڪريون ڏيئي ڇڏيو، هِي اوهان کان ڪا ڪامورڪي ڪُرسي ڪو نہ ٿا گهرن، توڻي جو اياز، علڻ فقير کي اڻپڙهيو هوندي بہ سورهين گريڊ جي نوڪري ڏني هئي پر مونکي پڪ آهي تہ اوهان ۾ ڪو بہ اياز ڪونھي، پوءِ بہ جيڪڏهن اوهان چاهيو تہ هن خاندان کي پنھنجن پيرن تي بيھاري سگهو ٿا، سَرڪار نامدار آهي، مُفاهمت جي مھابي سياست جي گنگا مان سوين سياسي خاندان سنان ڪري رهيا آهن. اسان ارها ناهيون ڀلين سڀئي ڏاٺ ڪوسي ڪن پر جيڪڏهن هن فقيراڻي گهر کي ٻه،چار نوڪريون ڏنائون تہ بہ اهان جي خزاني کي ڪو کيليءَ کُٽڪو ڪونھي. ڌراڙ سچو ٿئي تہ کڙاھہ تي کير پياري، سو اوهان جيڪي هن وقت اڇي ۽ ڪاري جا ڌڻي آهيو سي چاهيو تہ مائي ڀاڳيءَ جي نالي تي هن شھر ۾ ڪا وڏي لائيبريري قائم ڪري سگهو ٿا، سندس نالي پٺيان ڪو اهڙو ادارو جوڙي سگهو ٿا، جنھن سان هن جي فني زندگيءَ کي جيئندان ملي سگهي. هُونئن جي سچ پُڇو تہ اوهان ۽ اسان ڀلي ڪک جهوري ٻيڻو نہ بہ ڪريون تڏهن بہ مائي ڀاڳيءَ جي ڳل تي هٿ رکي ڳايل لوڪ گيتن ۾ ايتري سگهہ آهي جو هُوءَ صدين تائين سنڌي ما0.ڻھن جي جيءَ ۾ جيئري رهي سگهي ٿي، هُوءَ ڪنھن ڪلچر کاتي جي جيڪ ۽ چيڪ کان سواءِ بہ ديس جي دلين ۾ زنده آهي ۽ رهندي. ها البت اوهان جيڪڏهن مائي ڀاڳيءَ جي خاندان جي دلين ۾ ڪلچر کاتي وارن جو ڪو پلاٽ بُڪ ڪرائڻ چاهيو ٿا تہ پوءِ کين رُڳو پنھنجو ڪريو، ٿورو نہ ٿِڦيو، سندن حق ٿئي ٿو تہ واقعي ڪُجهہ ڪري ڏيکاريو ۽ ڪا فراخدلي ڏيکاريو. پر جي اوهان بہ اسان وانگر رُڳو ڏٽا هڻڻ جا ئي صوابديدي اختيار پاڻ وٽ رکو ٿا تہ پوءِ مٿي تان بار لاهڻ لاءِ ايڏو پنڌ پوڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ ڪوڙ هڻڻ جا اسان وٽ کوڙ شاھہ ڪاريگر ويٺا آهن اِنھن کي گهرائي وٺنداسين، مرچ، مصحالا مھانگا آهن يا وگهار جي منجهن وُسعت ڪونھي پر ڪوڙن دلاسن جي ديڳ دمي ڏيکاريندا.
بھرحال مائي ڀاڳي پنھنجي حصي ۾ حياتي جا ڏينھن ڏکيا يا سُکيا ڪاٽي يا گهاري هلي ويئي. هُوءَ ڪيڏي وڏي گلوڪارا هُئي، ڪھڙي پايي يا پد جي گائيڪا هُئي، سندس فنڪاراڻي قد، ڪاٺ کي عقل جي فوٽ پٽي سان ڪڇڻ مون جھڙي موڳي مٽر جي وس جي ڳالھہ ڪانھي، هُن جي فني يا ذاتي زندگيءَ جي مڙني پھلوئن، رُخن ۽ رنگينين کي لفظن جي لڪيرن ذريعي تصويري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنھن عظيم آرٽسٽ جون آڱريون کپن، جيڪي مون وٽ موجود ناهن. هن کي سرحد جي هُن پار ويٺل لتا منگيشڪر بہ مُحبت سان ٻُڌي ٿي تہ سندس ئي پاڙيسرياڻي منھنجي ماءُ مينھن ٻائي بہ ساڳي سِڪ سان سُڻي ٿي ۽ سندس ڳايل هيءُ ڪلام ''ڄارين ۾ ڄايس، ڌارين ۾ آيس'' ٻڌي روئڻ کي روڪي نٿي سگهي. هن جو ڳايل هر ڪلام لازوال ۽ لاجواب آهي، اِهو ئي سبب آهي جو سندس سمورا ڪلام ري-مِڪس جي مھابي نقل جي پٽ پڪل سنڌ جون اردو سنڌي خواتين و حضرات ڳائي پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکي کٽيو کائي رهيا آهن ۽ هن جو پنھنجو پريوار سندس اُنھن ڪلامن جي مالڪي يا وارثي ڪرڻ لئه قطعي تيار ڪونھي. آئون برڪت کي چوندو آهيان تہ ماڻھو مائي ڀاڳيءَ جون ڪيسٽون وڪڻي وارا نيارا ڪري رهيا آهن پر اوهان کي ڪا اونَ ئي ڪانھي، چون ٿا تہ ڌنيا لوھہ بہ تپيو پون پر هتي تہ ڄڻ تئي تي ڇنڊو حرام جو همراھہ پڙ تي چڙهي. وڌ ۾ وڌ اهو ئي چوندو تہ ''يار هڻينِ ڀالا وڃي کڏ ۾ پون، ڪير واندو آهي جو ويھي ماڻھن سان ملاکڙا ڪري''. خير سندس مرضي پر آئون کيس هڪڙي صلاح ڏيندس تہ هُو هنن وس وارن جي واٽ تڪڻ بجاءِ اَپڻي گهوٽي تہ نشو ٿئي، هڪڙي خوددار آرٽسٽ کي اهو قطعي نٿو جڳائي تہ هو ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگي، ڇو تہ ايئن ڪرڻ سان هڪ تہ اُنھي عظيم آرٽسٽ جو روح رنجور ٿيندو، جنھن جي ياد ۾ هِيءُ اڄوڪو مانڊاڻ متل آهي، ٻيو اِهو تہ ائين فنڪاراڻي انا مجروح ٿِئي ٿِي، ۽ جيڪڏهن ڪنھن فنڪار جي انا بہ فنا ٿِي وڃي تہ پوءِ باقي بچي ئي ڇا ٿو؟ سچ اهو آهي تہ پاڻ ماڻھن وٽ اها فنڪاراڻي انا ئي تہ سڀ کان وڏي ملڪيت آهي. ان کانسواءِ ڄڻ تہ هٿين خالي ڪي ڦريل فقير ۽ ولھا ٿي ويل وجود آهيون، سو پليز! رڳو انھي انا کي فنا ٿيڻ کان بچايو، باقي مَينھين کي مَڻ ۽ ماڪوڙيءَ کي ڪڻ ڏيڻ وارو ڏاتار آهي باقي هي مفاهمت جي اڏيءَ تي مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُٺل ڪلچر کاتي وارا جيڪا ''اڇ'' ڪندا سا پاڻ سڀني کي ساري پئي آهي.