مختلف موضوع

اسان کان پيار لکرايو

امر ساھڙ جي ھن مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، اديبن ڏانھن خط ۽ ڏات ڌڻين تي لکيل خاڪا شامل آھن. امر ساھڙ جي ٻولي مٺاس سان ڀريل ۽ نج آھي جنھن ۾ مھراڻي جو لھجو ۽ ميٺاج شامل آھي. سندس لکڻين ۾ ڪا مصنوعيت ناھي. امر ساھڙ جي مختلف عنوانن سان لکيل مضمونن ۾ عوامي عنوان ۽ مسئلن تي قلم کنيل آھي. سندس لکيل خاڪن ۾ تاريخ، سماجيات، انساني تعلق ۽ ھمعصر حالتن جي جهلڪ پَسي سگهجي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسان کان پيار لکرايو

تعليم کي تريون

ٻہ ڏينھن اڳ اسان جي اوطاق تي فون ڪري ڀائي ڀورا لال فرمايو تہ آئون ساڻس فون تي ڳالھايان، اسڪول اوطاق کان ڪُجهہ مُفاصلي تي آهي، سو اُتان سرڪاري سڏ کي وَرنائڻ لئه هليو آيس، همراھہ مليو، خوب کليو ۽ پوءِ چيائين تہ ڇنڇر تي مٺي پُڄ اُتي، توکي يعني مونکي تعليم مُتعلق ڊينگهرن تي ٻوڙ هارڻو آهي. چيم ابا! تعليم جو موضوع تہ ائين وسيع ۽ ويڪرو آهي، جيئن هِن مُلڪ ۾ ڦھليل مھانگائي، اُن جي ڊيگهہ ويڪر ماپڻ لئه مون مسڪين وٽ نڪو آهي ڦُٽ پَٽي ۽ نہ ئي ڪو ٻيو اوزار، سوجي ڪو ليڪو ڇڪي ڏئين تہ پوءِ پيا ڳن ڏينداسين. پر همراھہ چئي نڪا جهل نڪا پل سڀڪا پَسي پرينءَ کي... خير ڳالھہ منھنجي مَٿي ۾ ڪو نہ ويٺي ۽ جڏهن بہ ڪا ڳالھہ مٿي مٿان گذري ويندي آهي، تڏهن اسان لُوھہ ڪندا آهيون. تعليم کاتي جي هڪڙي دوست ڏانھن جنھن کي آئون تہ هر درد جي اينٽي بايوٽڪ دوا چوندو آهيان، پوءِ جي ڪنھن کي ڦَڪيون فرق نٿيون ڪن تہ اُن ۾ اُنھي ڪلرڪ جو ڪھڙو ڏوھہ؟ سو ڳالھہ هلي پئي تعليم جي ''سَت واتي بلا جي'' جيڪا اسان جھڙن اٻوجهن جي مغز ۾ ڏاڍي دير سان ديرو ڄمائيندي آهي. خير مون شري سنتوش کان آڏي پُڇا ڪئي تہ ابا! اُتي ڪرڻو ڪُڄاڙو آهي ۽ ڪھڙي موضوع تي مٿاڪُٽ ڪرڻي آهي، خدا پُٽين مان پاڙاڏي شري سنتوش کي، جنھن چيو تہ ''ابا! مائي تعليم اگهي ٿي پئي آهي ''اُن کي وڃَي تريون هڻ'' خير سنتوش تہ پاڻ تان لاهي وڌي اسان جي ڪنڌ ۾، کيس خبر بہ آهي تہ اسان جھڙن اٻوجهن جي هِتي دال قطعي ڪا نہ ڳرندي، پوءِ بہ هر ڀيري اَتريو پتَريو ڪريو، ڦِريو، گِهريو، اچيو اسان جھڙن فقيرن مٿان بيھو رهي، ۽ ڏيھہ اڳيان ڏِٺو ڪريو وجهي. معاف ڪجو! جيڪڏهن آئون موضوعءَ کان هٽي ويو هُجان، هونئن جي سچ پُڇو تہ هٽيل تہ ڇا پر پورو نظام ئي پٽڙيءَ تان لٿل آهي تہ پوءِ مون اڪيلي تي ميار ڪانھي.
پھرين ڳالھہ تہ هيڏن وڏن تعليمي ماهرن، علم وارن عقل جي اڪابرن اڳيان مون جھڙي مسڪين جي ڪھڙي مجال جو ويھي تعليم جي تُرهي کي تارڻ بابت سَت سُريون سُڻايان. خير پاڻ واري هِن ڪشور حَسين جي عام طور ۽ سنڌ جي خاص طور تعليمي نظام جا ترا ڪڍڻ ۾ وسان ڪنھن بہ گهٽايو ڪونھي. عالمي بئنڪ ڪا ڪاري لڳائي تہ واھہ باقي ڀائو! نُورَ ڀٽاري جو سُونھن ڳالھہ گوڙ کان چڙهي ويئي آهي. ڪا هڪ اڌ شيءَ هُجي تہ کڻي ڌوڙ ڍڪي ڪجي، هِتي تہ کوڙيءَ کي ئي ڦيرو آهي، بلڪه ڏيرو ئي ڏهريءَ ۾ آهي، اُن جا نَٽَ بولٽ ٽائيٽ ڪرڻ لئه پاڻ وٽ پانو ئي ڪونھي، پر اڃا ڪاريءَ ڏُڌي اَڇو اچي پيو. سو جي هِي پنج ست اَڇيون ڏاڙهيون اَچي، مَچي ڪنديون تہ ڪونہ ڪو کڙ مان تيل نہ تہ بہ پاڻي تہ ضرور نڪري پوندو، تيل جي اُنڪري بہ پڪ ڪونھي جو پاڻ واري ڪِشور حسين جي هاڻ تِرن ۾ تيل رهيو ئي ڪونھي.
خير! ڳالھہ هُئي تعليمي نظام جي، سو اُن جي حالت اُنھي ڇوڪريءَ جھڙي آهي، جنھن کي اُونھاري جي آرهڙ ڏينھن ۾ ڪو تتل واريءَ تي هٿ پير ٻڌي اُڇلائي وڃي، جنھن جا لِيا ليڙون ليڙون، مٿي جا وار کِنڊريل ۽ اُنھن ۾ واري پيل اکين ۽ وات ۾ ڌوڙ وڌل پير اُگهاڙا چپ سُڪل اُڃ ۽ بُک سبب سندس ڄڀ ٻاهر نڪتل هُجي ۽ هُوءَ سهڪي رهي هُجي، ڏُور، ڏُور تائين ڪو ماڻھو موجود نہ هُجي، پر ڀرسان ڪُجهہ بُکايل ڪُتا ۽ ڳجهون اُنھي انتظار ۾ ويٺل هُجن تہ ڪڏهن ٿا سندس پساھہ پُورا ٿين ۽ هُو سڀئي سندس ماس ڇَڪي پٽين....
ذرا تصور ڪريو، ذهن تي زور ڏيو ۽ پوءِ جواب ڏيو تہ اُنھي ڇوڪريءَ جھڙي سنڌ جي تعليم کي اُنھي حال ۾ پھچائڻ وارا ڪير آهن، ٻئي تي آڱر اُڀي ڪرڻ کان اڳ ۾ ايترو ضرور سوچيو تہ هٿ جون باقي آڱريون اسان پاڻ ڏي اشارو ڪن ٿيون. جيڪڏهن اُنھي لاوارث ڇوڪريءَ جھڙي سنڌ جي تعليم چوڌري افتخار جي عدالت تائين پھچي تہ هِن حال ۾ ويٺل، بيٺل توڻي ڪٿي ستل يا لِڪل سڀئي سندس ايف آءِ آر ۾ درج ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو سنڌي سماج جي هِن مَرضيل تعليمي نظام جي حمام ۾ اسان سڀئي اُگهاڙا آهيون. تعليمي تباهي جا اسان سڀئي ذميوار آهيون ۽ سڀئي مُجرم آهيون، شاگردن کان وٺي اُستادن تائين، مائيٽن کان وٺي ڪامورن تائين، سياستدانن کان وٺي سِول سوسائٽي جي مِڙني نمائندن تائين، اين جي اوز کان وٺي وڏيرن، وزيرن، پيرن ۽ مُلن تائين. ۽ هِيءُ هاڃوڪو رات جي پيٽ ۾ ناهي شروع ٿيو هيءَ هڪڙي اهڙي سازش آهي جيڪا هِن ڌرتي ۽ اُن جي اصل باشندن کي اڻڄاڻ رکي، سندن پيرن هيٺيان ڌرتي کِسڪائڻ جي نيت سان سِٽي ويئي آهي، جنھن ۾ اسان سڀئي شريڪ آهيون. عالمي ادارا، يا ڪي ٻيون قوتون ڪُجهہ بہ ڪن پر جيسين اسان جي اندر جو انسان نہ جاڳندو ۽ اسان جو ضمير چُهنڊڙي نہ وجهندو، تيسين سڀئي ڪو ششون بيڪار ثابت ٿينديون. هِن چوريءَ بلڪه سينا زوريءَ جا پيرا کڻبا تہ کٽندا نيٺ وڃي، اُتي جتي عوام دشمن، تعليم دشمن ۽ ڌرتيءَ جا دُشمن واڳو ويٺل آهي. پر اِها بدنصيبي آهي يا بدقسمتي هِن ڌرتيءَ جي، جو اُن جو درد رکندڙ تمام گهٽ آهن ۽ جيڪي آهن اُهي ڪنھن مصلحت تحت ماٺڪا آهن. هوڏانھن سنڌ جي نئين نسل کي علم ۽ آگهي کان بنھہ ڪورو بلڪِ نسورو ڄٽ رکڻ لئه علم ۽ عوام جا دشمن سدائين سرگرم آهن.
ڪي چون ٿا تہ اُستاد هِن سڄي بُرائي جو بُنياد آهن، ڪي چون ٿا تہ ڪرپٽ ڪامورا ئي ذميوار آهن، ڪي سنڌي سماج کي ڏوهي قرار ڏين ٿا، ڪي وري سياستدانن کي هِن سڄي جهل جي جڙ سمجهن ٿا، ڪيئن بہ هُجي،ڪير بہ قصور وار هُجي، پر جيڪي ڪُجهہ ٿيو اُن تي ويھي مٿاڪُٽ ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن اسان کي پنھنجي آئيندي جو واقعي اونو آهي تہ هاڻ سنجيندگيءَ سان سوچڻو پوندو. سڀ کان پھرين تہ اسان کي احساس ٿئي، اسان پاڻ کي پنھنجي عوام ڏانھن، پنھنجن ادارن ڏانھن ۽ سماج ڏانھن ذميوار سمجهون. جيڪڏهن اسان کي خالي ذميواريءَ جو احساس بہ جاڳي يا ٿيئي تہ پڪ ڄاڻو تہ اڌ ڪم ازخود ٿي ويو. حڪومت توڻي مختلف ادارن جيڪي اُپاءُ ورتا آهن، اُهي ڪارگر نہ ٿيڻ جا بہ ڪيئي ڪارڻ آهن، مون پنھنجي تجربي جي آڌار تي اِها ڳالھہ شدت سان محسوس ڪئي آهي تہ اُنھن ادارن جي يا تہ نيت نيڪ ناهي يا وري اُنھن ۾ ويٺل ماڻھو تعليم جھڙي شعبي سان قطعي مُخلص ناهن. سياسي اثر رسُوخ ذريعي رشوت ۽ سفارش ذريعي آيل نااهل ۽ نالائق ماڻھو ڪنھن بہ نظام جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا، ادارن ۾ ناجائز طريقي سان گِهڙي آيل ڪاريون رڍون ۽ آڱوٺي ڇاپ اُستاد سڄي شرستي جي ستياناس ڪري ڇڏين ٿا. مٿان وري مُنڊيءَ تي ٽِڪ يا سوني تي سھاڳو اسان جا علم جي عين ۽ تعليم جي ت کان اڻواقف سياسي اڳواڻ، جاگيردار ۽ وڏيرا ٿين ٿا، جن جي سياست جو محور ئي اڄڪلھہ جا اُستاد آهن، جن کي اليڪشن کان وٺي آدمشماريءَ تائين ونگارن ۾ ائين وهائين ٿا جئين ٿريا تڙ جي سيرڻ ۾ وهٽن کي واهيندا آهن. گهٽ بچن شال اسان جا استاد بہ ڪونھي، اُهي ٺيڪا کڻڻ، واپار ڪرڻ ۽ پٽيلي ڪرڻ ڪاڻ اسڪول جي ٻارڙن کي ٻہ اکر پڙهائڻ بدران وڏيرن جي بوٽ پالش ڪرڻ ۽ ڪامورن جي ڪُرنش ڪرڻ کي اهميت ڏين ٿا، ظاهر آهي تہ جن وٽ اُهي ونگارون وهندا آهن، اُنھن جون مٿن هٿين ڇائون بہ تہ هُونديون نه! پوءِ ڀلا ڪير سندن وار وِنگو ڪري سگهندو؟ هوڏانھن جيڪي اُستاد رُپئي مان اَٺ آنا روزي حلال ڪري کائن ٿا، اُنھن جي گهَرين هڪ تہ اٽو ئي اڻلڀ هُوندو ٻيو وري ڪاموري ڪڙي جي سدائين ڪُرڙي اک بہ اُنھن تي ئي هُوندي آهي. اُهي ويچارا نہ رُڳو اُنھن ڪامورن جي منظورِ نظر ماسترن ۽ وڏيرن جي ونگارين جي پاران بہ ڊيوٽيون ڪندا آهن ''پر ڀر وَتايا تون چٽي'' وانگر سدائين پَرايون چَٽيون بہ ڀريندا ۽ دڙڪا داٻا بہ سهندا رهندا آهن. هتي سڀئي پنھنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون، هِينئن تي هٿ رکي ٻڌايو تہ اسان اهڙن فقيرتن، من، اُستادن جي ڪڏهن ڪا سار لڌي آهي؟ يا سندن ڪا همت افزائي ڪئي آهي. ظاهر آهي تہ نتيجو اِهو ئي نڪرندو جو محنتي ۽ سينئر اُستاد مايوس ٿي بَدضن ٿي ويندا آهن. مون پنھنجن اکين سان اهڙا اٻوجهہ اُستاد ڏٺا آهن جيڪي ذهني مريض بڻجي ويندا آهن، سماجي اڻبرابري ۽ هِن بي مرُوت سماج ۾ اهڙا آدرشي اُستاد ڪيسين ۽ ڪيئن جي سگهندا؟ فيصلو اوهان تي ڇڏيل آهي ڇاڪاڻ جو اوهان ئي عقلِ ڪُل آهيو. بھرحال ڏوھہ رُڳو اُستادن يا آفيسرن جو بہ ڪونھي، آئون پنھنجي ذاتي تجربي آڌار تي ٻُڌايان ٿو تہ ڏوهاري سماج، مائيٽ ۽ شاگرد بہ آهن. هڪڙو هتي مثال ڏيان ٿو تہ هڪ همراھہ کي مون چيو يار! تُنھنجو ڇوڪرو اسڪول ڪونہ ٿو اچي ڪئين پاس ٿيندو؟ چيائين، ''ماستر تو کي تہ ڪم آهي ڪونہ تون آهين واندو پر – اسان جو مال ڪير نھاري، ڇوڪري کي پاس ڪري ڇڏج نہ تہ پوءِ......!'' پويان خال پُر ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي، ڇو تہ اَٽي جو پاءُ کائيندڙ کي خبر هُوندي تہ پوءِ هُن ڇا چيو هوندو؟.. ۽ ڪُجهہ مايوس ماڻھن کي بيروزگاري ۽ سماجي ناانصافي بہ ڪيو آهي، جو اڪثر ماڻھو اِها شڪايت ڪن ٿا تہ يار! پڙهائي ڇا ڪيون، نوڪري غريبن کي تہ ملندي ڪا نہ وري بہ ڪندو وڃي مزدوري، تنھنڪري وقت وڃائڻ بجاءِ سُجهندي ئي لڳي وڃي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي.... اها بہ هڪ خطرناڪ مايوسي آهي، ماڻھن کي انھي سوچ مان ڪڍڻ لئه هڪ تہ حڪومت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي تہ نوڪري يا ڪنھن بہ شيءَ تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي، ٻيو ماڻھن ۾ اها سُجاڳي ڪير آڻي تہ پڙهڻ جو مقصد نوڪري ناهي، پر بھرحال زميني سچائي اها بہ پنھنجي جڳھہ تي موجود آهي تہ ماڻھن کي جيسين پيٽ گُذر جو ڪو وسيلو مُيسر نہ هوندو تيسين اُنھن جي سوچ تہ اها ئي هوندي نه! ماڻھن جي انھي منفي سوچ کي پازيٽو رُخ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي حڪومت، سماجي تنظيمن ۽ سُڃاڻ ڌُرين جو ڪم آهي. سرڪاري توڻي عالمي مالياتي ادارن اسڪولي ٻارن لئه وظيفه ۽ اسڪالرشپون منظور ڪيون آهن، پر اُهي هڪ تہ سھي حقدارن تائين پھچن ڪونہ ٿيون، ۽ جي ڪن کي ملن ٿيون تہ اُهي ناجائز اثر رسُوخ استعمال ڪرڻ وارن کي ئي ملن ٿيون ۽ حقدار رهجي وڃن ٿا.
بھرحال تعليمي نظام خاص ڪري پرائمري تعليم جو جيڪو ٻيڙو ٻڏل آهي اُن کي تارڻ لئه نہ رُڳو استادن، مائيٽن، باشعور آفيسرن ۽ سماج جي هڏ ڏوکي سُڃاڻ فردن کي باقاعدي هڪ جهاد ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اُنھن کي سنڌ جي تعليمي نظام کي تباهيءَ کان بچائڻو آهي تہ هي ڪُجهہ تجويزون عرض رکجن ٿيون. اُنھن تي هنگامي بنيادن تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ تعليم کاتي سان وابسطه سڀني ڪارڪُنن ۽ عملدارن کي پوريءَ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هِتي مُظاهري مان مراد اين.سي.ايڇ.ڊي ۽ آءِ بي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اُستادن واري مُظاهري مان نہ ورتي وڃي. اڇا! آءِ بي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اُستادن جي ڳالھہ نڪتي آهي تہ اُنھي بابت عجيب مشڪري ٿي آهي، چون ٿا تہ 60 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻندڙ سڀئي هوشيار آهن، پر جي اعتبار ڪريو تہ آئون پنھنجي وري بہ تجربي جو سھارو وٺان ٿو تہ انھن ۾ ڪافي اهڙا آهن، جيڪي اک جهلي ٻئي جو ڏسي لکي پاس ٿيا آهن، اڃا بہ ڪنھن کي شڪ هُجي تہ اُنھن سڀني کي جيڪي 60 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻي پاس ٿيڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. انھن کان روبرو ويھي ڪُجهہ پُڇي ڏسو اڇا ڪارا پاڻھي پڌرا ٿي پوندا. تنھنڪري مُنھنجي مڃيو تہ انھي آءِ بي وارن کي ڇڏيو تہ ڪو ٻيو ڌنڌو ڪن. ڪا اهڙي چُونڊ ڪاميٽي ويھاريو جنھن ۾ رٽائرڊ اُستاد ۽ علم ادب وارا شخص شامل هُجن اُهي روبرو ويھي گهٽ ۾ گهٽ پرائمري اُستادن جو انٽريو وٺن، پوءِ جنھن ۾ چار ڪَڻا ڏسن اُن کي نوڪري ڏيارڻ لئه سفارش ڪن. ٻيو اِهو بہ تہ هَي جيڪي پرائيوٽ پي، ٽي، سي ڪاليج کولي گهر ويٺي ڊگريون پيا ڏين. انھن کي ٻُنجو اچڻ گهرجي بلڪِ پي، ٽي، سي، سي، ٽي يا بي ايڊ تي بلڪل بندش هُئڻ گهرجي، بلڪِ هئڻ ايئن گهرجي جو جيڪو بہ اُستاد ڀرتي ٿئي اُن کي سڀ کان اڳ ۾ هڪ سال جو ريگيولر تربيتي ڪورس ڪرائي پوءِ اسڪول ۾ موڪليو وڃي. ۽ ها! هيءَ جيڪا اُستادن جي ڀرتي ۾ ديڳ چڙهي ٿي اُن کي اونڌي ڪرائڻ لاءِ ٻہ چار علم ادب دوست قوم جا خيرخواه پٽڪا ٻڌي وڏيرن ۽ ڪامورن وٽ وڃن، اُنھن کي هٿ جوڙ ڪن، پٽڪا پلاند ڪن، تہ ''ٻيلي! ٻيو جيڪي وڻي سو ڪريو پر گهٽ ۾ گهٽ هِن تعليم کاتي تي ترس کائي اُن جي هٿ چُراند نہ ڪريو''. اِهي ساڳي چار چڱا اُنھن ڳوٺاڻن وٽ بہ وڃن، جتي اسڪول آهن پر ٻار ڪونھي، مائٽن کي منٿ ميڙ ڪن، ۽ جتي اُستاد نٿا پڙهائن تہ انھن کي بہ اول تہ کاڏيءَ هيٺيان هٿ ڏيئي، ا با ٻا پا سان سمجهائين پوءِ بہ نہ مُڙن تہ ڪن مَهٽ ڪرائن ۽ جي اڃا بہ نہ مُڙن تہ کين گهر جو ٽڪيٽ هٿ ۾ ڏيئي چون ''چل بابو! چلتي ڪا نام گاڙي، کَڙي ڪا نام کٽارا'' ۽ هيءَ جيڪا ريھہ پئي پئي تہ اسڪول ڪو نہ آهن، اُستاد ڪو نہ آهن، يا ٻار ڪونھي، اُنھن سڀني کي حل ڪرڻ لئه ڪنھن ڀوتار تي نہ ڀاڙيو، ڪنھن وڏيري تي ويساھہ نہ ڪريو، ڪنھن پٽيل جي چوڻ تي نہ هلو پر ڪُجهہ اپڻي گهوٽيو تہ نشو ٿئي، اِن لاءِ بہ وري آئون چوندس تہ هڪ اهڙي مستقل بنيادن تي ڪاميٽي قائم هُجي جيڪا هر شيءَ جي سَروي ڪري پوءِ رپورٽ ڏي، انھن جي رپورٽ آڌار ئي اسڪولن جون عمارتون، استاد ۽ ٻيون سھوليتون فراهم ڪيون وڃن. نہ تہ ناني رڌيندي ۽ ڏهٽا کائي ويندا ۽ سنڌ جي تعليم اُتي ئي آهي جتي اوهان ڇڏي، وانگر هوندي. هتي هڪ ڳالھہ اِها بہ اهم آهي تہ اسان جونصاب دورِ جديد جي تقاضائن سان قطعي هم آهنگ ڪونھي، اُهو ئي فرسوده نصاب، جيڪو حضرت لوط جي واري جو آهي، پير مظهر شاھہ بادشاھہ سيد سڳورو آهي اُن کي ڪير سمجهائي تہ سائين هيءُ دؤر واھہ ڙي تارا گول تارا جو ڪونھي. هينئر نيٽ جو زمانو آهي، سو منھنجي خيال ۾ جتي پھرين ڪلاس کان انگريزي پڙهائي وڃي ٿي اُتي ٻئي ٽئين درجي کان خاص طور تي ٻھراڙين ۾ جتي لائيٽ جي سھوليت مُيسر آهي اُتي ڪمپيوٽر بہ سيکارڻ گهرجي. پر هڪ ڳالھہ جو وري بہ خيال رکڻ گهرجي تہ تعليمي پاليسيون جوڙڻ وارن توڻي نصاب مُرتب ڪرڻ وارن جا ٻار شھرن ۾ رهن ٿا اُنھن کي هر شيءَ ملي ٿي، هتي تہ لولي لوڻ ئي ماڻھن کي ڪو نٿو ملي، سو ويچارا ٻھراڙي جا ٻار اڪثر ڪري صبح سوير ٺلھين آنڊين اسڪول ايندا آهن، اُنھن جي خالي پيٽ ۽ پسمانده دماغ ۾ اوهان جا ايڏا ڪتاب ۽ اُنھن ۾ لٺ ٿيل مواد انھن اٻوجهن جي پھچ کان پري آهي.
هڪڙي ٻيو مرض آهي جنھن کي ڪاپي ڪلچر چون ٿا، هتي جيڪڏهن ڪو ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارو ويٺل هجي تہ دل ۾ نہ ڪري هي محمد علي مانجهيءَ واري ڪلچر جي ڳالھہ ڪانھي. سو اها ڪاپي سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ائين ڪاهي پيئي آهي جيئن ٿر ۾ ٻنين کي ونجهل ڀيلي ڇڏيو آهي، مٿي تہ ڇڏيو پر پرائمري درجن ۾ بہ ڪاپي کانسواءِ ڪم نٿو هلي. اِن ايڊز جھڙيءَ وبا خلاف جيسين ڪات ڪھاڙا نہ کڻبا تيسين اها ختم ڪا نہ ٿيندي. ختم تہ اک ٻُوچي اُپٽ ايتري وير ۾ ٿي ويندي پر شرط اِهو آهي، تہ هڪ ٻن سالن لاءِ شاگرد، مائيٽ، اُستاد ۽ آفيسر سڀئي قرباني ڏين ٻہ ٽي سال. نتيجو نِل بٽان نِل يعني ٻُڙي ايندو ۽ پوءِ جنھن کي پڙهڻو هوندو سو پڙهندو، جنھن کي پڙهائڻو هوندو سو پڙهائيندو، باقي هونئين هٿ هڻنديون،هڪ ٻہ سال نتيجو خراب اچي تہ اُستادن سان رعايت ڪجي ۽ کين گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن سالن جي مھلت ڏجي پوءِ بہ ساڳيون ڳن ساڳئي ڪھاڙي واري ڪار ڪن. تہ سندن هڪڙي انڪريمينٽ ۾ ڪَتَر وجهي چٽ ڪريو سندن اکيون کُلي پونديون تہ گهڻي ويھين سئو ٿو ٿِئي ۽ اهو بہ ضروري آهي تہ سزا ۽ جزا ٻئي هُئڻ گهرجن، هِن سڄي ڪار گذاري ۾ هڪ اڌ ادارو يا ماڻھو، ڪُجهہ بہ ڪو نہ ڪري سگهندو، هن هلچل ۾ سماج جا سُڄاڻ فرد، سماجي ادارا، مائيٽ، شاگرد، اُستاد ۽ آفيسر سڀئي شريڪ هُجن، پوءِ بيھي ڏسجو تہ ڪيتري تبديلي ٿي اچي. ظاهر آهي تہ ايڏي وڏي انقلاب لاءِ ڪو مڪينزم، ڪو طريقيڪار تہ جوڙڻو ئي پوندو ۽ سڀني جي صلاح مشوري سان ئي جوڙڻو پوندو اُهو ئي ڪاگر ثابت ٿيندو. ڪرڻ لاءِ تہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهجي ٿو پر شرط اهو آهي تہ دل ۾ درد هُجي. ارادا اٽل هجن ۽ نيتون نيڪ هجن تہ پوءِ ڪو بہ مسئلو مشڪل ڪونھي، باقي جيڪڏهن ڪاغذي ڪارروائي ۽ اخباري پڌرائي جي آڌار فنڊ هڙپ ڪرڻ ۽ دُنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جو ڪو خلل اندر ۾ آهي تہ پوءِ ڪير ڪيتريون بہ مُرليون پيو وڄائي ٿيندو اُهو ئي جيڪو اوهان جي من ۾ هوندو. سو جيڪو مُنھنجي من ۾ هو اُن مان ڪجهہ حصو اوهان سڀني سان شيئر ڪيم. منھنجي من ۾ تہ 2، 3rd يعني جي اڪثريت آهي پر اها اڪثريت ان ڪري بہ ثابت ڪرڻ کان لنوايان ٿو تہ متان اوهان مان ڪو 58، 2 بي استعمال ڪري، مُرڳو مونکي ئي گهرين ڀيڙو ڪري ڇڏي.

(آگسٽ 2008ع تي هڪ تعليمي سيمينار ۾ پڙهيل پيپر)