''ٽِڙياسين دامَنِ صَحرا ۾ خٰوشبو ئي اَجائي وَئي''
اهو رستو ڏيئي 15، 16 ڪلوميٽر اڳتي هلندئو تہ هڪڙي هوٽل نظر ايندي۔ نمن جي جهڳٽي ۾ رستي جي کاٻي ڪپ تي اڏيل اها هوٽل آهي جعفر وڪيي جي- جيڪو خود هڪ هلندڙ ڦرندڙ ڄڻ تہ ڪا تاريخ ھو، توڻي جو هُو ھيو تہ اڻ پڙهيل يا بنھہ گهٽ پڙهيل، پر سندس سيني ۾ سنڌ جي 60 سالن جي سياسي سماجي تاريخ ۽ خاص طور تي ٿر جو هر حادثو واقعو ۽ لقاءُ محفوظ ھوندو ھُئس ۔
هُن جي ڪُلھن ۾ تہ برابر گَهڙن جون گاٺين پيل ھيون پر سندس سياسي، سماجي سُڌ - ٻُڌ ڏسي حيرت ٿيندي هُئي تہ سڄي جھان کان جدا ۽ ڪٽيل هڪ اٻوجهہ ٿريءَ وٽ ايتري ڄاڻ آئي ڪٿان آهي ؟
هُن کي پنھنجي پُوري ڄمار جو هر واقعو ۽ حادثو ايئن ياد هوندو ھو جيئن ماڻھوءَ کي رات جي کاڌل ماني ياد هوندي آهي.
جيتوڻيڪ هاڻ نہ هِن هوٽل جو مالڪ جعفر وڪيو رھيو آھي ۽ نہ ئي ھِن ھوٽل تي وري ڪا لاري ٿي بيھي، پر اڄ کان ويھہ پنجويھہ سال اڳ سيٺ سومار ۽ حاجي محمد جون هلندڙ لاريون هِن جي هوٽل تي ضرور بيھنديون هُيون ۽ جنھن بہ ماڻھوءَ انھن لارين ۾ سفر ڪيو هوندو، تنھن کي جڙهيار هوٽل تي لاري بيھڻ کان پوء هڪ اهڙو شخص لاريء جي ٻنھي پاسن کان ڦيرا پائيندي نظر آيو هوندو، جيڪو توڻي جو اکين سان نابين آهي، پر هِن جي اندر ۾ هڪڙو اُجرين اکين وارو فنڪار موجود آهي، جيڪو جڏهن بہ الغوزي کي اُڃايل چَپن تي رکي درد جي ڪا ڌُن ڇيڙي ٿو تڏهن ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪُٺل پئي ڪوڪاري ڄڻ وڍيل پئي واڪا ڪري. ھِن جي چَپن جي ڪَپن تي رقص ڪندڙ الغوزي جي آلاپن کي ٻُڌي لڳندو آھي ڄڻ ڪي جلترنگ وڄڻ شروع ٿي ويا آهن، ڄڻ ڪُل ڪائنات سندس سُرن جي سرگم تي رقص ڪري رهي آهي. ڄڻ درد جو درياھ پلٽجي پيو آھي ۽ ڀوريون ناسي ڀٽون پنھنجا پانڌ ڳوڙھن جي وَڏَ-ڦُڙي سان ڀِڄائي رھيون آھن.
''احمد عُرفِ-عام آمن وڪيي'' جو قد جو ڊگهو، رنگ ڀٽن جھڙو ڀورو، وار پوئتي وَريَل پر سدائين پُسيل پوء الاء پاڻيءَ مان يا تيل مان، اها خبر هڪڙي کيس آهي ٻي خدا کي ھوندي.
پاڻ کي رڳو اها خبر آهي تہ هو اڃان ٻالڪپڻ ۾ ئي هو جو ماتا سندس ٻنھي اکين جو نور ناس ڪري ڇڏيو ۔ هُو جڙهيار هوٽل تي بيھندڙ لاريءَ جي ڀر ۾ اچي بيھي ضرور ٿو، پر هِن ڪڏهن بہ ڪا صدا ناهي هَنئي ۔ جيڪڏهن ڪو کيس نابين سمجهي ٻہ چار ڏوڪڙ ڏيئي حاتم طاعي هُئڻ جو ثبوت ڏيندو تہ انڪار هو بہ ناهي ڪندو، پر اصل ۾ هُو اِن نور نہ هُئڻ جي بھاني ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان هٿ ناهي ڊگهيريندو -
احمد وڪيو جيڪو اکين سان تہ برابر نابين آهي پر هُن جو اندر ايئن اُجرو آهي، جئين پُونم رات جو سنڌو جل جَرڪندو آهي ۔ هِن کي لاريءَ جي ڀرسان بيھڻ جي عادت انھن ميمڻن وڌي جيڪي نہ رڳو هٿ جا ڇُوٽ هئا پر اُهي ڏيپلائي ميمڻ اهڙن ماڻھن جا وڏا قدر شناس پڻ هوندا هئا.پر هاڻ نہ اُهي لاريون رهيون آهن ۽ نہ ئي وري اُهي ڏيپلائي ميمڻ، جن کي ياد ڪري هُو اڄ بہ ٿڌڙا ساھ ڀريندو آھي تہ سانگاھ ڍنڍ جي سُڪل پيٽ جھڙن سندس ناسي نيڻن مان ٻٽي ڪوسا ڳوڙھا ڳڙي پوندا آھن.
احمد وڪيو جنھن کي خلقِ- خدا آمن جي نالي سان ڄاڻي ۽ سُڃاڻي ٿي سو هڪ اھڙو الغوزي نواز ڪلاڪار آهي، جنھن وٽان اکين جو نور تہ واقعي رُسي ويو آهي، پر ڏات جي مھا ديوي مٿس ڏاڍي مھربان رھي آهي- 80 ورھين جي ڄمار جو احمد عُرف آمن وڪيو، اڌ صديءَ جيتري عُمر الغوزي کي ارپي چُڪو آهي ۔ ڄڻ تہ ھِن پنھنجن محرومين جو پلاند بي مُروت ۽ بي مُھابي سماج کان پنھنجي ڏات مَھا ڪاتَ وسيلي ورتو آھي.
بي حس سماج طرفان ھن ناتوان وڄتڪار کي نظر انداز ڪرڻ واري اوڇيءَ روش جو پوتا-ميل ڪبو تہ ڪيئي ڪتاب تحرير ٿي سگهن ٿا. حيرت اھا ڪانھي تہ ھِن جِي سنڌ جَي ثقافت کاتي ڪڏھن ڪا سار ڪانھي لڌي يا ڪنھن سماجي اداري ھن فقير تي ھَٿين ڇائون ناھن ڪيون. پر افسوس اھو آھي تہ عشر زڪوات ۽ بيت المال وارن بہ ھن نِرڌَن نابين فنڪار کي مستحق ناھي سمڌو، گهٽ تہ ھن فقير سان نادرا وارن بہ ناھي ڪئي جن سٺ ستر سالن تائين کيس سڃاڻپ ڪارڊ ان ڪري بہ ٺاھي نٿي ڏنو جو ھُو پنھنجي امڙ ۽ ابي جا اين آءِ سي نمبر ڏيڻ کان قاصر ھو. ڀلا جڏھن ھن جا والدين وفات ڪري ويا ھئا تڏھن قومي سڃاڻپ ڪارڊ ھو ئي ڪونہ تہ احمد عُرف آمن وڪيو پنھنجن مائٽن جا ڪارڊ ڪٿان آڻي ھا؟ ۽ ھُن جا مسڪين مائيٽ تہ اڌ صدي اڳ ئي مري کپي ويا ھئا.
احمد عُرف آمن وڪيي کي ستر کان اسي واري ڏهاڪي دوران ريڊيو حيدرآباد تي ھڪڙي ميوزڪ پروڊيوسر کيس ائپرو تہ ڪيو پر هو اُتي پھچي پروگرام ڪرڻ کان اُنڪري بہ قاصر رهيو، جو هڪ تہ ھو اُنھي ميوزڪ پروڊيوسر جي ناجائز فرمائش يعني رڍَ جي اُنَ جو ڪارو کٿو افورڊ ڪري نہ ٿي سگهيو ۽ ٻيو اڪيلي سر هُو ايڏي ڊگهي سفر جو پاڻ ۾ ساهُس ساري نہ ٿي سگهيو ۔ بس رڳو تر جي شادين مُرادين ۾ پاوا وڄائي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندڙ هن فنڪار کي ڪنھن بہ اداري اڃان تائين تہ ياد ناهي ڪيو ۽ ڪنھن بہ داد جي دلاسي کان بي نياز هي ڏات ڌڻي سُر ۽ گُر ڄاڻڻ باوجود هوٽل جڙهيار تائين ئي محدود رهجي ويو آهي. پر کيس نہ تہ ان ڳالھہ جو ڪو افسوس آهي ۽ نہ ئي زندگي وئرٿ وڃڻ جو ڪو ارمان آھي. اسان واري ھن سڄي تر ۾ شايد ئي ڪو اهڙو وڄت ڪار هجي، جيڪو هن جو جوڙ يا جيس هُجي ۽ واقعي هن وانگر روح سان وڄائي بہ سگهي ۔
ڪجهہ سالون اڳ ۾ ريڊيو مٺيء جي انائونسر دوست دائود ساھڙ کيس مٺي ريڊيو تي ائپرو ڪرائي پروگرام وٺي ڏنا ھئا ۽ پوءِ اھي پروگرام بہ ملڻ بند ٿي ويا. مون ھڪڙي ڀيري پُڇيومانس تہ ''آمن! مٺي ريڊيو تي پروگرام ڪونہ پيو ڪرين ڇو ڀلا؟'' ھميش جيئن ھلڪو ٽھڪ ڏيئي چيائين'' امر! اُھي ڀاڙي جا پئسا بہ نٿا ڏين تہ آئون مسڪين ٻن ڄڻن جو خرچ ڪٿان آڻيان جو مٺي ريڊيو تي مفت پروگرام ڪريان؟ '' احمد عُرف آمن وڪيو ٻٽي سالن کان ريڊيو مٺي تہ ڇڏي آيو آھي، پر مون کي شڪ آھي تہ ريڊيو مٺي جي لاگ بوڪ ۾ سندس اِنٽري اڃان بہ اَوَس ٿيندي ھوندي، ڇو تہ بقول ڪنھن انائوسر دوست جي، تہ جتي ''فرضي فنڪارن'' جون اِنٽريز ٿي سگهن ٿيون اتي ڪنھن جيئري جاڳندي آرٽسٽ جي غير موجودگيءَ ۾ سندس اِنٽري ٿيڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھہ ڪونھي -
احمد وڪيي عُرف آمن وڪيي کي الغوزي نواز هئڻ کان علاوه خدا تعالا ھڪڙي خاص خوبي اھا بہ عطا ڪئي آھي جو ھيءُ نابين هُوندي بہ پئسا سُڃاڻي سگهي ٿو ۔ پاڪستان جو ڪو بہ سِڪو ڪو بہ نوٽ کيس هٿ ۾ ڏيئي پوء پُڇوس تہ آمن ! هِي پئسا گهڻا آهن ؟ تہ هو ڦاٽوڙ واري ڏرڙ وانگر ڦاٽل ۽ چريل پنھنجو کهرو هٿ اُنھي سِڪي يا نوٽ تي گُهمائي چوندو'' هي چار آنا آهن، اٺ آنا آهن يا پنج رپيا يا ڏھ رپيا آهن'' ۔ سندس سُڃاڻپ واري اهڙي ڏانءُ ۽ ڏات جي ڪري کيس ڪير بہ آسانيءَ سان ٺڳي نہ ٿو سگهي ۔ اهو ئي سبب آهي جو هو هلڪو ڦلڪو دڪان بہ هلائيندو ھو جيڪو ھاڻ ختم ٿي ويو آھي.
هن هيڏيءَ ساريءَ وشال دنيا ۾ هن جا فقط ٻہ ڀائر ڪجهہ سالون اڳ تائين جيئرا ھئا پر اھي بہ ھڪ ٻئي پويان غربت ۽ بيماري سان جهيڙيندي، جهڙيندي نيٺ موت ھٿان مات کائي ھُن پار ھليا ويا آھن-
۽ افسوس! جو جنھن جعفر وڪيي آمن کي پنھنجي اَجهي ۾ سڄي ڄمار پناھ ڏني اُھو بہ کيس اڪيلو ڪري سال کن ٿيندي جو وفات ڪري ويو آھي. ۽ ھاڻ ھن جھان ۾ نہ تہ ڪو پُٽ اٿس، نہ ئي پيءُ، نہ ماءَ، نہ ڀيڻ، نہ ڌيءَ، نہ ئي ڪو ڀاءُ، ڇاڪاڻ جو هڪ تہ هو غير شادي شده آهي ٻيو تہ هن جا هڙئي ويجها عزيز و قريب سڀئي خاڪ کائي چُڪي آهي، پوء بہ هو پنھنجي جيئڻ لاء جَتن ڪري ٿو ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ پنھنجي ڪُلھي تي دِلو رکي کوھَ تان پاڻ ئي ڀري اچي ٿو، پر هو ڪنھن جو بہ محتاج ڪونھي. هِن اولاد نہ هُئڻ جي ڪمي ايئن پوري ڪئي آهي، جو تترن جي جوڙي پالي انھن کي نہ رڳو ٻوليون سيکاري ٿو، پر انھن جي خدمت ڪري سرھائي محسوس ڪري ٿو.
هن جي مَنَ-ننگر ۾ هڪڙو حسين و جميل ۽ حساس ڪلاڪار موجود آهي جنھن جَي ڏيئا ڏيئا ڏات ڪيئي ڏِسائون رڱي ٿي ۽ ڪيئي ڏيکَ جڳمڳ جَرڪائي ٿي ۔ هو اکين سان نابين هوندي بہ هِنئين جو سَڄَرَ آهي ۽ هو اندر جي اکين سان نہ رڳو سِڪن کي سُڃاڻي ٿو پر هو هڪ ڀيري جي ملاقات کانپوء هر اُن ماڻھوءَ کي آواز مان ئي سُڃاڻي وٺي ٿو، جيڪو ماڻھو ھڪ دفعو ساڻس ملي ويو ھوندو. احمد وڪيو انھيءَ ماڻھو کي پري کان ئي سندس آواز مان پرکي چوندو آھي تہ '' اڙي يار! ھي تہ فلاڻو ماڻھو پيو ڳالھائي''
احمد عُرف آمن وڪيو درد جو ھڪڙو پورو دؤر پنھنجي اندر ۾ پاليو ويٺو آھي، هِن جو ھينئڙو ڄڻ تہ لوڻ پروڻ ٿيل آھي. ۽ جيترا سوراخ سندس الغوزي جي ڪاٺين ۾ ڪيل آھن، اوترائي گهرا گُڙکَ ھن جي من اندر ۾ بہ موجود آھن.
سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو شاعر ۽ منھنجو محبوب دوست محترم وسيم سومرو جڏھن ھڪڙي سياري ۾ منھنجي ڳوٺ ٿاڌات مون وٽ مھمان ٿي آيو ھو، تڏھن کيس سڄي سفر دوران ٻہ ماڻھو ۽ ھڪ منظر ئي سڀ کان وڌيڪ موھي ۽ متاثر ڪري سگهيا ھئا. ھڪ ڳوٺ سيڏيي جي ڀِٽَ تان لھندڙ سج جو من لُڀائيندڙ منظر، ٻيو منھنجي ڳوٺ جو درويش نالي مٺو، جنھن سِڻَ جي نوڙي وَٽي سندس ھٿ جي تِريءَ تي رکي ھئي. ۽ ٽيون ھو احمد يا آمن وڪيو، جنھن جي الغوزي مان ڦُٽي نڪتل سُر ڪوھياري ۽ پھاڙي راڳڻيءَ وسيم جي وجود کي ايئن لوڏيو ھو، جيئن ڪو تيز واچُوڙو وڻن کي ڌوڻيندو آھي.
جڙھيار ھوٽل جي جهونن نمن جي نيريءَ ڇانوَ ۾ کجيءَ سان واڻيل کٽولي تي ڌرتتيءَ جو ڏينھن ٺاريندڙ غريب الديار ۽ غريب العزيز احمد عُرف آمن وڪيي جي اُجهاڻل اکين جي ويران واديءَ ۾ سندس عزيزن جي وڇوڙي جا وَڍَ ڦوڙائي جي ڦٽن جيئن چارئي پھر چِڪي رھيا آھن. ۽ ڪنھن ولر کان وڇڙيل ڪونجَ وانگر ڪُرلائي رھيا آھن تہ؛ '' اڃان ٿي جيئين سڄڻ ساريو نہ مَرين؟''-
مٿان وري پيريءَ ۾ مليل پُٽ جيئن پيار ۽ پاٻوھَ مان پاليل تترن جي جوڙيءَ جَي جُدائيءَ جي جهوري سندس وجود جي ويران رڻ ۾ گرم لُڪن جي لُري وانگر لڳي رھي آھي. ۽ ھاڻ ھِن جي جَڏي جيءَ جي تڏي تي فقط پاوَن (الغوزي) جي جوڙي ئي ھِن جي ڪُل ڪائنات يعني مال ملڪيت ۽ مَڏي آھي. باقي سرڪاري غير سرڪاري مالي، اخلاقي سُھائتا کان محروم ھِن خود´دار ڪلاڪار کي نہ تہ ڪنھن سان ڪا شڪايت آھي ۽ نہ ئي ڪنھن ۾ ڪا اميد آھي، ڇو تہ ھاڻ ھي فقير ڪا تمنا ڪا آرزو ڪونھي وانگر زندگي گهارڻ جو عادي ٿي ويو آھي. پر سندس چِکڙيون لَٿل چھري ۽ سندس اداس اکڙين جي ڀُرندڙ ڀتين تي ھي سٽون ڪنھن پينا فليڪس وانگر آويزان آھن. جيڪي اھلِ-دل انسانن جو ڌيان ضرور ڇڪائينديون آھن تہ
خدا ڄاڻي تہ ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نہ ڄاياسين،
ٽِڙياسين دامنِ- صَحرا ۾ خُوشبو ئي اَجائي ويئي