اڃان زندگي مان ٿڪا ڪونہ آهيون...!!
سائينداد ساند فطرت شناس، حساس ترين ۽ هڪ خوددار شاعر آهي، جيڪو ذاتي مُفادن بجاءِ پنھنجي عزت نفس ۽ احترام جي تقدس جو قائل آهي. ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو سادو، سٻاجهو ۽ ماٺيڻيءَ طبيعت وارو ماڻھو آهي. پر پنھنجيءَ تي اچي تہ ''ڀَري'' کي لت هڻندي بہ دير ئي ناهي ڪندو. اِهو ئي سبب آهي جو هُو سياسي، سماجي ۽ ڪامورڪي گُلشن جي ڪاروبار ۾ سدائين اَن فِٽ سمجهي اِگنور ڪيو ويو آهي. پوءِ بہ هِن جي ''دل اندر'' ۾ دوستن ۽ ۽ درد وَندن لئه سدائين اوتارا اَڏيل هوندا آهن. جتي مون سميت سندس ڪُجهہ ذاتي دوست ڪڏهن، ڪڏهن اچي ڊاٻو ڪندا آهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بہ مَس هُوندا، جن جي ڪُلھي تي هُو ڪنڌ لاڙي روئي سگهي ۽ دل جا درد ڌوئي سگهي. ڇاڪاڻ جو هِن جي دِل جي دُنيا ئي ڌار آهي جيئن دُنيا چئي ٿي ائين هِي ڪري نٿو سگهي؛
هَلجي دل يا دُنيا پويان،
هِيءَ لڙائي تنگ ڪَري ٿي.
۽ جڏهن اِها کيس تنگ ڪري ٿي تڏهن هو دنيا پويان هلڻ بجاءِ دل جي چوڻ تي هلي ٿو ۽ دل جي چوڻ تي هلڻ ڪري هو ''ڀريءَ بزم ۾ اڪيلو گذاري ٿو'' اِهو ئي ڪارڻ آهي جو مون هِن کي ماڻھن جي ميلي ۾ بہ اڪيلائپ جو عذاب ڀوڳندي ڏٺو آهي ۽ هو پنھنجي اُن ڪيفيت جو اِظھار ڪجهہ هِن طرح ڪري ٿو؛
مونکي ماريو مٺيءَ، مان وڃان ٿو ٺٽي!
بھرحال سائينداد ساند سنڌي ٻوليءَ جي اُنھن چند شاعرن مان هڪ مُنفرد شاعر آهي، جنھن وٽ لفظ بہ پنھنجا تہ خيال بہ پنھنجا، رِدم بہ پنھنجو تہ رواني بہ پنھنجي، جذبا بہ پنھنجا تہ جواني بہ پنھنجي، رنگ بہ پنھنجو تہ رياض بہ پنھنجو، عشق بہ پنھنجو تہ انداز بہ پنھنجو. مطلب تہ هِن ڪنھن جا بہ چارا چُونڊڻ بجاءِ اپڻي گهوٽي آهي ۽ ڏاڍي سُٺي گهوٽي آهي، هڪ دفعو اُن مان پيالو پيئڻ کانپوءِ ماڻھو تي ڪيئي خيالن جا خمار چڙهي ٿا وڃن ۽ ماڻھو پل ۾ هزارين حُسناڪين جا جوهر ۽ جلوه پَسي ٿو ۽ الائي ڪيترين ۽ ڪھڙين نئين دُنيائن جا ديدار ڪري ٿو. هُو جيڪو سوچن ۽ سپنن جي سنسار جو هڪ ارب پتي آدمي آهي، سو هِن مَصروف زماني جي زَر واري زبان تہ سمجهڻ کان قاصر آهي، پر هِن جو مَنھوڙي جھڙو مَن اُنھن سورن جي ضرور آجيان ڪري ٿو جيڪي مٿس سدائين سير ڪرڻ ايندا آهن. هُو جيڪو سَئو سيڪڙو محبت جو شاعر آهي، سو محبت ۾ماڻا ۽ مَيارون سھڻ جي سگهہ تہ رکي ٿو پر ڏيڻ ڄاڻي ئي ڪو نہ تڏهن تہ چوي ٿو تہ؛
اڃان زندگيءَ مان ٿڪا ڪونہ آهيون،
اڃان ياد آهن گهڻيون تنھنجون ڳالھيون،
جئيڻ لاءِ جانان! خوشيون ڀي کپن،
غمن ۾ گذاريون تہ جي ڇا ڪريون!
هِيءُ حوصلو، هِيءَ همت، هِيءَ جُرئت، هِيءَ آس، هِيءَ اُميد، هِيءُ ويساھہ، هِيءُ اُتساھہ پڙهي، ٻُڌي ڪير ٿو چئي تہ سائينداد ساند رُڳو اُداسين ۽ مايوسين جو شاعر آهي؟ هِن جي شاعريءَ ۾ حياتي آهي، هَڙني حُلين سان گڏ، هِن جي شاعريءَ ۾ زندگي آهي پنھنجي سموري سڃاڻپ سان گڏ، پنھنجن سڀني رنگن ۽ روپن سان گڏ، هَي جيڪي ڪُجهہ شعر مون ڪوٽيڊ ڪيا آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي اوهان سندس هِن نئين شعري مجموعي ''دل جي تايخ'' ۾ پڙهندا سي واقعي هن جي دل جي تاريخ آهن.
سائينداد ساند جي شاعريءَ ۽ اوهان جي وچان ڪا ديوار بڻجڻ بدران آئون رڳو ايترو چوندس تہ سائينداد ساند جي هِن نئين شعري مجموعي ۾ کوڙ سارا اهڙا شعر آهن، جيڪي فني توڻي فِڪري پختگيءَ جي لحاظ کان يا شاعراڻي حُسن ۽ موسيقيت سان انتھائي ڀرپور آهن ۽ ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي تہ سندس هيءَ نئين نڪور شاعريءَ جديد سنڌي شاعريءَ جي اڱڻ تي ڪنھن وڏ-ڀاڱيءَ وينگس وانگر پوري تاب ۽ تجلي سان ٻانھن لوڏي هَلي سگهي ٿي. مُنھنجي اِن دعويٰ جي دليل طور سندس هَي چنڊ چُونڊ شعر پڙهي ڏسو!
هُن جي هڪڙي ئي جُملي ۾ سَو سَو رليون،
هر رلي ڄام شوري جيان ٿي لڳي.
نوجوانيءَ ۾ پوڙها ٿا ٿيندا وڃون،
درد ٿو روز پيري پياري وڃي.
اوهان کي ڏسي چئي دل ڏنو،
اسان عمر ڪِٿ گذاري ڇڏي؟
ناحق ڪنھن سان پيار ڪيوسين،
سَولا گهر ۾ ويٺا هئاسين.
جانيءَ بنا جيون،
دوزخ جي دَري آهي.
جهموري رَويا ڪو ورثو تہ ناهن،
اوهان جو پيار انائون بہ جائز.
هُجن من ڪنھن ۾ اوهان جو اَڍَوُن،
نہ هر ڪو نھاريون تہ جي ڇا ڪريون!
کاڏيءَ هيٺيان هٿ ڏيئي،
ويندڙ ڪوئي ورائي ٿو،
ڪائي بزار هئاسين،
هاڻي خلاص آهيون.
دوستن لاءِ بس ايترو چئبو،
ڄڻ تہ ٻارن ۾ عُمر گذري ويئي.
روز نقطا نوان، خيال نوان،
سُونھن تنھنجي شعور ڏيندي آ.
مُرڪ هڪ ڀي نہ ٿا خرچ ڪن،
ماڻھو ڪيڏا پڪا ٿي ويا.
تنھنجي آئي ٿِي ويندو مُڪمل،
هڪ اوڌورو غزل دل ۾ آهي.
متان ڪو اسان کي چَريو چوي،
اسان درد جا ڌڻي ٿا گُهمون.
پل ۾ پي ويندا آهيون،
ڏک جا ڪيئي ڏول اسان.
اُنھيءَ کي ڇڏيان تہ ڇو مان ڇڏيان؟
جيئڻ لاءِ جو سبب ٿو لڳي!
جيستائين مان جيئس،
زندگي سُتي هئي.