مھراڻي کان مَريءَ تائين
پر پوءِ آئون بہ سمجهي ويس تہ شرم ۽ حَياءُ نالي ڪا بہ شي هِنن ماڻھن ۾ اڻلڀ آهي ۽ پوءِ مون بہ مائي کي ڌڪيو پئي پر مائيءَ کي ڪا ڪِسڪار ئي ڪا نہ هئي. شايد هنن ماڻھن جي فطرت اِها آهي. جنھن سبب هو اسان جي عيش پرست وڏيرن کي لٻو چٽائي سنڌ ڀيلي ويا آهن. نواب شاھہ محرابپور اسٽيشنون ٽپي گاڏي خيرپور جي سيم کي لٿي تہ ڪنھن ڪنھن مھل گاڏي جي اندر ٻرندڙ بتين جي سوجهري تي کجين جا وڻ پٽڙي جي ڀرسان هوا ۾ جهولي ڪِن کي الوداع ۽ ڪِن جي آجيان لاءِ ٻانھن جا ٽار ڦھلائي رهيا هيا. خيرپور تي ٻہ ٽي منٽ گاڏي بيٺي. نمن جي وڏن وڻن جي جُهگٽي ۾ خيرپور جو شھر اُن رات ڪنھن آيل طوفاني دز ۾ ڌنڌلو پئي لڳو. ۽ اتفاق وري اهڙو جو بجلي بہ غائب هئي. خيرپور کان ڇُٽي ٿوري دير ۾ گاڏي روهڙي اسٽيشن تي پھتي. منھنجي خيال ۾ اُن وقت رات جو هڪ ڏيڊ ٿيڻ وارو هو. روهڙي اسٽيشن تي گاڏي اڌ ڪلاڪ کن بيٺي تہ ڪافي ماڻھو لٿا پر آئون پنھنجي جڳھہ تان چُريس بہ ڪو نه. ڇو جو هڪ تہ مٽيءَ ۾ بڀوت هُيس ٻيو وري بت کان بيزار اُن ڪري سيٽ تي ئي ويھڻ مناسب سمجهيم. ها البت چانھہ واري کي ڏسي چانھہ جي ٻاڙ ٿِي تہ کيس سڏي هڪڙو ڪوپ چانھہ جو ورتم تہ سھي پر نِڙيءَ کان هيٺ لاهڻ بہ مسئلو بنجي پيو ڇو تہ چانھہ اهڙي هُئي جهڙي............!!! خير گاڏي روهڙي اسٽيشن ڇڏي پنھنجي منزل طرف رواني ٿي اُن کانپوءِ ڪا خبر ڪا نہ پئي تہ ڪٿان پئي وڃي يا ڪٿي پھتي آهي. ڇو تہ هڪ رات اونداهي ٻيو وري گائيڊ ڪرڻ وارو همراه پنجابي جيڪو لاهور جو ويٺل هو ۽ حيدرآباد مان مون سان گڏ سوار ٿيو هو. اُهو بہ سُمھي پيو. نتيجي طور پوريءَ گاڏيءَ ۾ اڪيلو آئون اکيون ڦاڙيو ڪنھن مھل ماڻھن کي ۽ ڪنھن مھل پٽڙي جي ڀرسان بيٺل وڻن کي ڏسندو پئي رهيس. تان جو صبحءَ جو فجر جي مھل گاڏي صادق آباد تي پھتي جيڪو پنجاب جو علائقو آهي. ڇاڪاڻ جو ڪجهہ عرصي کان ولھار پُڄاڻا گاڏي پنجاب ۾ داخل ٿي چُڪي هئي. سج ڪَني ڪڍي اُن مھل گاڏي بھاولپور اسٽيشن تي پھتي. هِتي اڌ ڪلاڪ کن ڊاٻو ڪيائين ۽ ماڻھو بہ ننڊ مان جاڳيا چانھہ پاڻي لاءِ لٿا تہ آئون بہ لھي پيس. بھاولپور کي ڏسي منھنجي ذهن جي اسڪرين تي تاريخ جي بدترين ڊڪٽيٽر ضيا جي انت واري واقعي جي ياد تازي ٿي پئي ۽ آئون الائي ڇو 1977ع کان وٺي 1988ع تائين پوئتي ماضيءَ جي يادن ۾ گُم ٿي ويس. منھنجي ذهن جي اِسڪرين تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شھيدن کان وٺي ايم-آر-ڊي تحريڪ جي اڻ ڳڻين گمنام شھيدن جا لاش رت ۾ ليٿڙيل ۽ سنڌ جي هيروشيما تي ائٽم بمن جي بمباري ڌمچر مچائي ڇڏيو. پر اوچتو اسٽيشن جي اوترئين پاسي ۾ هڪ مسجد جي ڪنھن مُلي جي هڪ ڳالھہ مون کي پنھنجو پاڻ ۾ واپس آندو. هُو لائوڊ اسپيڪر تي چئي رهيو هو تہ هندستان ۾ مسلمان عوام هندن هٿان بيگناھہ مارجي پئي ۽ هتي هندو موجون پيا ماڻين. الائي ڇو سندس اِهو نفرت لائق جملو منھنجي هانءُ ۾ ڇُريءَ جيان چُڀي پيو. خبر ناهي ڇو؟ پاڪستان جي سمورن مُلن توڙي مذهبي رهنمائن کي هِتي جي هندو عوام کان الرجي ٿي پئي آهي. جيڪڏهن ڀارت ۾ مسلم عوام سان ڪا زيادتي ٿِئي ٿي تہ ان لاءِ هتان جا هندو تہ جوابدار ناهن. سچ تہ مذهبي بنياد پرستن اسلام جي آفاقي مفهوم کي ايترو تہ ڪٽر ۽ تنگ ذهن بڻايو آهي. جو هاڻ تہ دل چوي ٿي ته....... خير اڌ ڪلاڪ کانپوءِ گاڏي بھاولپور اسٽيشن ڇڏي رواني ٿي ۽ آئون بہ پنھنجي جاءِ والاري ويٺس ڪجهہ ڪلاڪن کانپوءِ گاڏي ملتان پھتي. ملتان ۾ اڌ ڪلاڪ کن گاڏي ترسي جو پاڻي ڀريائون ۽ مون بہ پيٽ جي سور لاءِ ڪجهہ فليجل گوريون ورتيون. ملتان مان گاڏي رواني ٿِي، تہ سج جي تؤڙي توڻي گرمي ۽ گاڏيءَ ۾ رش اهڙي جُٺ ٿي جو وري زندگيءَ ۾ ريل ذريعي سفر ڪرڻ تان منھنجا تہ ارواح ئي کڄي ويا. هڪ ڳالھہ اِها بہ ٻڌائيندو هلان تہ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ريل ذريعي اِهو ئي سفر ڪيو آهي. جيئن جيئن سج چڙهندو ٿي ويو تيئن تيئن گرمي بہ وڌندي ٿي ويئي گاڏي بہ پنھنجي منزل طرف روان دوان هُئي. پنجاب ۾ سرائڪي علائقو جيتوڻيڪ آباد ضرور هو پر ايترو زرخيز ڪو نہ هو. پٽڙيءَ جي ٻنھي پاسن کان ٻنين ۾ وڻڪار تہ چڱي خاصي هئي پر ڪو خاص فصل سواءِ ڪڻڪ جي کرن جي نظر ڪو نہ ٿي آيو. ها البت ڪٿي ڪٿي ڪو گاھہ يا ڪو ٿورو فصل ۽ ڪو ننڍو باغ بہ نظر آيو ٿي. باقي وڻن جون هُڙيون ۽ ٻيلا ڏاڍا هيا. ملتان کان نڪرندي ڪِن ڪِن جاين تي واريءَ وارا ڀاڱا بہ ٿوري مقدار ۾ نظر آيا. جتي جي آباديءَ جي رهڻي ڪھڻي، گهر ۽ لباس وغيرہ ۾ مون ڪافي سنڌ سان هڪجهڙائي ڏٺي. جيئن ڪِن گهرن ۾ عورتن کي اجرڪون اوڍيل ڏٺيون يا مردن کي ڪلھن ۾ اجرڪون پيل ڏٺيون. شايد پيروئن جي موسم هئي، اُن ڪري ڪٿي ڪٿي ٻار ۽ مايون کٻڙن مان پيرون چُونڊي رهيا هئا. گاڏي اوڪاڙه پھتي تہ پنجابي ماين جي مصيبت منھنجي مٿان بہ ٽري. ڇاڪاڻ جو کين اتي ئي لھڻو هُيو ۽ هاڻي ٻنھي سيٽن تي اسان خلاصا ٿي ويٺاسين. جنھن ڪري مونکي ڪجهہ فرحت محسوس ٿي تو ڻي جو گرمي جي شدت ۽ پيٽ ۾ خلل پوءِ بہ جاري هو. جيئن تيئن ڪري شام ٽي وڳي تتيءَ ۾ گاڏي لاهور پھتي. جتي لھڻ کان اڳئي مون ڀيڙي ويٺل پنجابيءَ کان پڇيو تہ يار! آئون پنڊي ڪھڙي ريت وڃان. نہ رڳو ان ويچاري گائيڊ ڪيو پر پليٽ فارم کان ٻاهر اچي پنڊيءَ لاءِ ويندڙ اي-سي ڪوچ بہ ڏسيا. توڻي جو گڏ ويٺل پٺاڻ ڪافي زور ڀريو تہ تون اسان سان گڏ ريل ذريعي پنڊيءَ هل. الائي ڪھڙي جذبي تحت هنن مون سان ڪافي همدردي بہ ڏيکاري. پر آئون ريل جي سفر کان ايڏو تہ بدضن ٿيس جو اصل توبھہ ڪيم. ٻي ڀيري ريل جو سفر ڪرڻ کان توڻي جو ڀَوائين ڀَڄندي واپسيءَ ۾ بہ ريل ذريعي سفر ڪيم. خير ڪوچ ۾ ٽڪيٽ وٺي چڙهي ويٺس ۽ 4 وڳي ڌاري بس پنڊيءَ رواني ٿي. توڻي جو ٻاهر ڏاڍي گرمي بہ هئي. پر بس ۾ اي-سي هئڻ ڪري ڪجهہ سُڪون مُيسر ٿيو هيم. ڪوچ جهلم اُڪري پار پئي تہ سج بہ اولھہ طرف پھاڙن جي هنج ۾ سُمھي پيو. جيتوڻيڪ ٻاهر سينري جابلو علائقي جي ڏاڍي وڻندڙ هئي. پر ميرانجهڙو ٿيڻ ڪري دريءَ جو پردو لاهي ڇڏيم. هڪ ڳالھہ جي فرق کي مون لاهور کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيو تہ جيڪي بہ ڳوٺ رستي ۾ آيا ٿي تہ اُنھن ۾ اڪثر ڪري گهر پڪا، روڊ پڪا ۽ بجلي توڻي ٻين ضروري گهرجن جو پورائو ٿيل نظر آيو ٿي. جهلم کانپوءِ ڪنھن ٽڪريءَ تي هڪ آرامده اي-سي هوٽل ۾ بس ڪجهہ وقت لاءِ ترسي جتي ماڻھن سانجهيءَ جي نماز بہ پڙهي ۽ ساهي بہ پٽي. جيتوڻيڪ اُن هوٽل جو نالو هن ويل ياد ڪونہ آهي پر هُئي ڏاڍي خوبصورت ۽ مھانگي بہ حد درجي جي هئي. خير رات جو 10 وڳي ڌاري بس پنڊيءَ پھتي مون بہ هڪ چوڪ تي لھي اسلام آباد ۾ پير وڌائيءَ ڏانھن ويندڙ بسن جي پڇا ڪئي. هڪ ٻي بہ ڳالھہ جو ذڪر ڪندو هلان تہ لاهور کان مون سان گڏ ساڳي بس ۾ نوابشاھہ جو ڪو عمراڻي بہ ويٺل هو. جيڪو نوڪريءَ سانگي اسلام آباد وڃي رهيو هو. اُن سان ڏيٺ ويٺ بہ پنڊيءَ کي ويجهو ئي ٿي. پنديءَ ۾ لھڻ مھل عمراڻي بہ مونسان گڏ لٿو پر مون وانگي هُو بہ هو بنھہ اڻ واقف سو مون کي اُتي ئي ڇڏي پاڻ ڪنھن ٻيءَ بس ۾ ٽنگجي هليو ويو ۽ مون هڪ بس واري کان پڇا ڪئي. پتو پيو تہ پنڊيءَ جي ئي ڪنھن علائقي فيض آباد کان پير وڌائيءَ جون بسون وڃن ٿيون. نيٺ ڪنھن بس ۾ چڙهي فيض آباد پھتس. اتي لھي بس جي پڇا ڪيم. پير وڌائيءَ ڏانھن تہ بسون واقعي ويون پئي پر ڪو بہ آئي 10 منور پلازا بابت ڪو نہ ڄاڻي. اُتي منھنجا بہ نٽ ڍرا ٿي پيا. تہ هاڻ ڇا ڪجي؟ نيٺ ڪجهہ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ سامھون هوٽل تي وڃي ويٺس تہ بيرو پاڻيءَ جو جڳ کڻي اچي ڪڙڪيو. دل ۾ خيال آيو تہ ڇو نہ ماني بہ کائي وٺان. انڪري بہ جو هڪ تہ مون حيدرآباد کانپوءِ ماني ڪو نہ کاڌي هئي. ٻيو تہ اسلام آباد ۾ بہ آڌي اُسر پھچڻ ڪري مانيءَ جي ڀَوا ڪا نہ ٿي سُڌي اُن ڪري ٻہ ٽي گراھہ نہ چاهيندي بہ کائي هوٽل مان نڪتس. رات ۽ اڻڄاڻ هئڻ ڪري ٽيڪسي ڪرڻ جو ارادو ڪري سامھون ايندڙ ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪيم تہ هو منھنجي آڏو اچي بيٺو کيس اردوءَ ۾ آسلام آباد جي مذڪورہ علائقي ۾ هلڻ لاءِ چيم. فوراّ وراڻيائين، ''سر! سنڌيءَ ۾ ڳالھاءِ توکي وڃڻو ڪٿي بہ آهي. گاڏيءَ ۾ ويھہ تہ ڳولي ٿا لھون. ڇو تہ تون سنڌي ڀاءُ آهين''. مونکي ڏاڍي خوشيءَ سان گڏ حيرت بہ ٿي، ڇو تہ پنڊيءَ ۾ ڪو سنڌي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پُڇا ڪرڻ تي پتو پيو تہ هو سکر جو ڪو سيد هو ۽ قرض تي ٽيڪسي وٺي ڪِرايي تي هلائي پيو. خير پڇائون ڪري نيٺ ويچاري مون کي منور پلازه پُڄايو. جتي هاسٽل جي چوڪيدار جي حوالي هٿيڪو ڪرڻ کانپوءِ روانو ٿيو. چوڪيدار کي سڄي ماجرا ٻڌايم. جنھن وٺي وڃي مونکي مٿي آخري فليٽ تي اُن ڪمري ۾ ڇڏيو جتي ٿر کان آيل ڪجهہ ٻيا دوست ويٺل هيا. جن ۾ سليم نھڙيو، مولا بخش محمدي وارا بہ موجود هيا. باقي پنج-اٺ ڇاڇري جا دوست هيا پر اتفاق اِهو جو مون کانسواءِ سمورا مُلان هيا. سليم وارن سان ڪي گهڙيون رهاڻ ڪرڻ کانپوءِ مون کي هڪ ٻن بيڊن وارو خالي ڪمرو هاسٽل جي انتظاميه ڏنو ۽ آئون بہ ٿڪل ڏاڍو هئس. اُنڪري سامان ڪمري ۾ رکي کٽ تي ڊهي پيس. صبحءَ جو اک اُن مھل کُلي جڏهن سليم مون کي جاڳائيندي چيو تہ اقبال رند پھچي ويو آهي ۽ تنھنجي پُڇا پيو ڪري. سچ تہ اُن مھل اهڙي خوشي ٿي جھڙي ڪنھن اُڃايل رُڃ جي مسافر کي ڪو پاڻيءَ جو چشمو نظر اچڻ تي ٿيندي آهي. شايد اُن جو ڪارڻ اِهو بہ ٿي سگهيو ٿي تہ باقي سمورا همراه ڪَٽر مذهبي لڏي سان وابسطه هيا. جڏهن تہ آئون فقرا ماڻھو. خير آئون بہ وهنجي ڪپڙا بدلائي وڃي اقبال رند سان مليس. توڻي جو اقبال رند سان منھنجي خطن وسيلي ويجهڙائي تہ هئي پر روبرو ڏيٺ ويٺ يا مُکاميلو اڳ ڪٿي بہ ڪو نہ ٿيو هو. اقبال رند سان حال احوال کانپوءِ سڀئي هيٺ لھي ڪينٽين ۾ ناشتو ڪرڻ وياسين. ناشتي کانپوءِ ٿوري دير ۾ بس پھتي جيڪا اسان کي 9 بجي ڌاري اسلامي يونيورسٽيءَ جي دعوتِ اڪيڊمي شعبي ڏانھن کڻي هلي. اها يونيورسٽي اسلام آباد شھر جي اوترئين ڇيڙي تي مارگلا پھاڙ جي هنج ۾ فيصل مسجد جي احاطي ۾ واقعي آهي. اڪيڊمي پھچڻ کانپوءِ اسان کي هڪ اي-سي ڪمري ۾ وهاريو ويو. جتي اعليٰ قسم جي فرنيچر سان ڪمرو سينگاريل هيو. ساڍين نوين کانپوءِ سنڌي شعبي جو انچارج محترم امير الدين مھر پھتو ۽ ان سان گڏ عبدالوهاب منڱريو بہ پھتو. جن سان ٿوري ڏيٺ ويٺ کانپوءِ دعوت اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل محترم غازي محمود آيو. جنھن کانپوءِ افتتاحي تقريب شروع ٿي ۽ ٿر کان آيل اديبن (جيتوڻيڪ سواءِ اقبال رند جي يا ٿورو گهڻو مضمون نگاري جي حوالي سان مولا بخش محمدي جي ٻيو ڪو بہ اديب تہ نہ بلڪه مُلان ضرور هيا) جو تعارف ٿيو ۽ دعوت اڪيڊمي جي مقصد بابت تعارفي ڄاڻ ڏني وئي. يارنھن وڳي ڌاري چانھہ جو وقفو ٿيو. اُن پُڄاڻا اسان کي فيصل مسجد گهمائڻ وٺي ويا. پر مون ۽ اقبال رند مسجد گهمڻ بدران ٻاهر ئي بيٺي قدرت جا نرمل نظارا پسَيا. باقي سمورا مُلان فيصل مسجد ۽ اڪيڊمي جي لائيبريري گهمڻ ويا. فيصل مسجد جي احاطي اندر ڏاکڻي اولھہ ڪنڊ تي پاڪستان جي بدترين ڊڪٽيٽر ضيا جي قبر آهي ۽ جنھن کي ڏسي پري کان، ويجهو اسين اُن ڪري نہ وياسون جو اِهو اسان جي ضمير گواره نہ ٿي ڪيو. حالانڪہ ٻيا سمورا مُلان کيس قُل ڏيڻ ويا هئا. البت سندس تُربت تي مون هڪ نظم لکيو. اُهو ڪجهہ هن ريت آهي تہ؛
هوءَ جا پئي بُٺي آهي،
۽ جا رک جي مُٺي آهي،
ان ۾ آمر سُتو پيو آهي،
جو بل ڪلٽن جو بَڇَ تي،
۽ تاريخ جي اَڇَ تي،
گِڦ ڳاڙي ويو هو،
دنيا ڏاڙهي ويو هو،
هُو جو پيو ڇِـتو ٿي هو،
۽ لوڪ سان اَتو تي هو،
تنھن تاريخَ جي ماسَ ۾،
۽ هر هڪ آس ۾،
نيش کوڙيا هُئا،
۽ رت ۾ ٻوڙيا هُئا؟
اُنھيءَ جا اُهڃاڻ اڃا بہ آهن،
۽ ڄڻ پاڻ اڃا بہ آهن،
ڏاڍ جي تاريخ ۾،
ڪنھن بدنما داغ جيئن.
هِتي هڪڙي ڳالھہ ٻڌايان تہ ڪجهہ ڏينھن ۾ ئي مُلن اسان جي نماز نہ پڙهڻ واري حرڪت تاڙي ورتي، ڇو تہ ٻيا سڀ سواءِ اسان ٻنھي جي نمازي هئا، ۽ مون اُن بابت اقبال کي چيو تہ مُلان پاڻ تي کيکون ٿا کائن. اقبال چيو تہ ''نماز اسان جو ذاتي مسئلو آهي، اگر اسان کي برداشت نٿا ڪري سگهن تہ ڏين ڀاڙو تہ اسان رکون ٽوال ڪُلھي تي هُونئن بہ اسان پٽڪو ڪو نہ لاٿو هو تہ اسان کي گُهرائين. شايد انڪري اسان ۽ مُلن جون راهون الڳ هيون. ڇاڪاڻ جو هُنن ۽ اسان منجهہ ڪا بہ اهڙي هڪجهڙائي ڪا نہ هئي جيڪا ويجهو رهڻ ڏي ها. ۽ جي رهون بہ ها تہ بہ مختلف تضاد اختلاف جو ڪارڻ بڻجن ها. انڪري اسان شروع ۾ ئي پنھنجي دنيا الڳ آباد ڪئي. جيتوڻيڪ اقبال ٿر جي اديبن بَجاءِ مُلن کي ڏسي مون تي خوب ڇُھہ ڇَنڊيا تہ اِهو سڀ تنھنجي ڪري ٿيو آهي، حالانڪہ اقبال پنھنجي سَنبت بابت پاڻ ئي اڳواٽ مون کي آگاھہ ڪيو هو. پر پوءِ بہ اِهو ڏوھہ منھنجي کاتي ۾ لِکيائين. اڪيڊمي کان بس اسان کي ڏيڊ وڳي واپس هاسٽل پھچايو. جتي ماني کائي پوءِ آرام ڪيوسون ۽ شام جو پري تہ نہ البت اُتي ئي رستن تي آئون ۽ اقبال رُلياسين ۽ ائين ئي رات جو بہ ادب تي شاعريءَ تي ۽ مختلف موضوعن تي بحث ڪندي الائي ڪيڏي مھل اک لڳي پئي ۽ سُمھي پياسون. ساجهر وري بہ تيار ٿي ناشتو ڪري يونيورسٽيءَ پھتاسون. ان ڏينھن اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سنڌي شعبي جي انچارج کانسواءِ اسان کي ادب تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پاڪستان ادبيات اڪيڊمي جو چيئرمين ۽ جھڙا گل گلاب جو خالق سنڌ جو ناميارو اسڪالر ۽ اديب محترم غلام رباني آگرو آيو هو. جيتوڻيڪ آگرو صاحب جو موضوع معياري ادب لکڻ هو. پر پاڻ ٿر کان وٺي سنڌ جي دردن کي پنھنجي اندر مان اوبر جيئن ڪڍيائين. سندس چند جملا جيڪي آئون اڃان تائين وساري ناهيان سگهيو. جنھن ۾ هُن چيو هو تہ سڀ کان پھرين پنھنجي پاڻ سان ۽ پنھنجي ماڻھو سان سچا ٿيو. اهو ئي اوهان جي ادب جو معيار آهي ۽ ٿر بابت ويچار ونڊيندي چيائين تہ اسلام آباد جو پھاڙي علائقو ھہڙو خوبصورت گاديءَ جو هنڌ بنجي سگهي ٿو تہ ٿر ڇو نٿو ترقي ڪري سگهي. سندس پنھنجائپ واريون ڳالھيون ٻڌي آئون جلدي متاثر ٿيس، ۽ ان گهڙي ئي اقبال کي چيم تہ اسان جو ماڻھو ڪٿي بہ آهي ڪھڙي بہ عهدي تي آهي. پر پنھنجي ديسَ جو ۽ پنھنجي ماڻھن جو درد سيني ۾ سانڍي ٿو. اقبال رند فوراّ وراڻيو هو تہ ''امر اِهي بيروڪريٽ اٿئي جيڪي هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا وانگر هوندا آهن. پاڻ جي روبرو پاڻ جون ڳالھيون ڪري همدردي تہ حاصل ڪري ويو پر ڪو سنڌي ماڻھو جي سندس گهر يا آفيس تي وڃي ڏسي تہ سندس رويي ۾ ڏينھن رات جو فرق هوندو''. بھرحال 23 تاريخ بہ ڪجهہ ٻيا ليڪچر ٿيا پر اڪثر مذهب بابت هوندا هيا. خاص ڪري هندو جاتي انھن بحثن ۽ ليڪچرن جو نشانو بڻيل هئي. هِتي اِهو بہ ياد ڏياريان تہ اڪيڊمي پاران ٿر جي اديبن کي گهرائڻ جو مقصد ئي اهو هو تہ ٿر ۾ قاديانين، عيسائين ۽ هندن خلاف ڪو محاذ کڙو ڪجي، اُن تان هڪ دلچسپ واقعو ياد آيو تہ ڪنھن ٿري مُلان چيو تہ قادياني هر هندوءَ کي ڏھہ ٻڪريون ڏين ٿا ۽ اوهان ڇا ڏيندا جو هندو مسلمان ٿين. جنھن تي اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر، جيڪو ساڳي وقت تقريبن سموري دنيا اڪيڊمي ۽ سرڪار جي خرچ تي گهُمي ڦري چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنياد پرستي جو پرچار بہ ڪرڻ لاءِ وڃي چڪو آهي. تنھن حڪومت تي ڇُھہ ڇنڊيا. ياد رهي تہ اسلامي يونيورسٽي ضيا جي دؤر ۾ ئي وجود ۾ آئي هئي ۽ هينئر بہ لکين روپيہ پاڪستان سرڪار توڻي پرڏيھي اسلامي ملڪن کان ڪروڙين فنڊز حاصل ڪري ٿي. ڊائريڪٽر جنرل چيو تہ منور پلازا جيڪا هاسٽل آهي اُن جي ماهوار مسواڙ 80000 روپيہ آهي. جنھن جا 100 جي لڳ ڀڳ ڪمرا آهن ۽ اُتي هڪ ڪينٽين بہ آهي. جنھن ۾ هفتيوار ورڪشاپ يا ٽماهي ۽ ڇھہ ماهي ڪورسن لاءِ مختلف محڪمن خاص طور تي فوجين، مُلن، اديبن ۽ صحافين کي سکيا ڏني وڃي ٿي. 23 تاريخ شام جو ماني کائڻ کانپوءِ اسان ٽڪيٽ بُڪ ڪرائڻ لاءِ پنڊي وياسون. ٻيا تہ مُلان نہ هلن ڇو تہ سندن مرضي هئي تہ جمعي تائين هتي ڳاڙها ٻوڙ کائجن ۽ گهمجي ڦرجي. پر مون ۽ اقبال کي اصل جپ ڪا نہ ٿي آئي. سو جڏهن اسان ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وياسين تہ سليم ۽ مولا بخش وارا بہ گڏ ٿيا. اول تہ ڪنھن چڱيري گاڏيءَ ۾ ٽڪيٽ ملي ئي نہ پيو. پر پوءِ ڪلارڪ کي اهو احساس ڏياريوسين تہ اسين ٿر جا اديب پنجاب جي مطالعاتي دوري تي آيا آهيون. اِهي اوهان جي هِن رويي متعلق ڪھڙي راءِ قائم وڃي ڪندا تڏهن همراھہ کي بہ ڪجهہ نيم ٿيو ۽ پوءِ اسان کي تيزرو ۾ ٽڪيٽ ڏنائين. جيڪا خميس 27 مئي تي شام 4 وڳي حيدرآباد لاءِ رواني ٿيڻي هئي. پنڊيءَ کان موٽيندي اسلام آباد جي ڪجهہ روڊن ۽ علائقن تان گهمندا آياسين. هڪڙي جاءِ ڪو احتجاجي مظاهرو ٿي رهيو هو. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو تہ ڪلھہ يعني 22 مئي تي اسلام آباد جي ڪنھن تاجر جي پُٽ عبدالطيف کي پوليس جانچ دوران مُنھن ماريءَ تي گولي هڻي ماري وڌو هو. ٻئي ڏينھن اها ڄاڻ پئي تہ پوليس جي سمورن جوابدار ملازمن کي نہ رڳو برطرف ڪيو ويو پر سزائون بہ ڏنيون ويون ڇاڪاڻ جو اسلام آباد ۾ ڪو بہ واقعو پاڪستان سرڪار جي ساک لاءِ بدناميءَ جو سبب بنجي ٿو. ڇو تہ پاڪستان جي گاديءَ جو شھر هئڻ ڪري ڪا بہ ڳالھہ بين القوامي ميڊيا تائين پھچڻ ۾ وير ئي ڪا نہ ٿي لڳي. ٻيو تہ مذڪورہ علائقو پنجاب جو هو ۽ پنجاب جي ڪنھن فرد سان زيادتي پاڪستان سرڪار لاءِ ڏاڍو ڏکيو مسئلو بڻجي پوندو آهي. اسان مختلف سيڪٽرن کان گهمندا منور پلازا پھتاسين. شھر جا اڪثر رستا ويڪرا کليل خاص طور صفائي جو انتظام بھتر نظر آيو ۽ هر ڪالوني يا آفيسن ڏانھن مختلف ڏسن کان رستا آيا ٿي. پٿريلي زمين تي ساوڪ بہ ڏاڍي هئي تہ وڻڪار بہ بنھہ گهڻي هئي، مختلف قسم جا وڻ هن علائقي جي سونھن ۾ اضافو آهن. اسلام آباد ۾ مٿئين ڪلاس جا ماڻھو ۽ بيروڪريٽ رهائش پذير آهن. توڻي جو وچولي طبقي جا ملازم ۽ شھر ۾ ڪم ڪندڙ هيٺين طبقي جا مزدور بہ رهن ٿا. پر سندس جيوت آئون ائين ٿو سمجهان تہ ڏاڍي ڏکي گذرندي هوندي. ڇو تہ اسلام آباد جي مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي. رات جو ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل ۾ ڪو مذاڪرو وغيرہ بہ ڪنھن نہ ڪنھن موضوعءَ تي ٿيندو هو. جيتوڻيڪ آئون ۽ اقبال شامل تہ ٿيندا هئاسون پر حصو قطعي ڪنھن بحث ۾ ڪو نہ وٺندا هئاسين. ڇاڪاڻ جو اسان ۽ مُلن وچ ۾ شديد اختلاف موجود هيا. جيڪي ڪنھن بہ جهڳڙي جو ڪارڻ ٿِي ٿي سگهيا ان ڪري ئي ماٺ ڀلي ڄاتي سون. توڻي جو مُنتظمين اسان جي حرڪتن ۽ رويي کي سمجهي بہ ورتو هو. پر مجبور هيا جو گهُرائي ڦاٿا هيا. اصل ۾ کائُن ڪا غلطي ٿي يا کين سندن چيلن غلط ڄاڻ مھيا ڪئي. جنھن جي نتيجي ۾ اقبال ۽ آئون وارد ٿياسين. 24 تاريخ بہ ساڳئي نموني ليڪچر ٿيا. جنھن ۾ ڪيترائي مُلان ۽ ڪجهہ مذهبي عالم حصو وٺڻ آيا. پر اسان ڪو خاص ڌيان ڪو نہ ڏنو سواءِ سنڌ جي مشھوور علمي ادبي دانشور مرحوم علامه دائود پوٽي جي گهرواري ۽ اديون رسالي جي ايڊيٽر نامياري اديبا ۽ صحافي خطيجه خانم جي، جنھن جي ليڪچر جو موضوع اسلام جي نظر ۾ عورت جي آزادي هو، ليڪچر دوران هڪ مُلون مائي سان عورت جي آزادي تي بحث ۾ وچڙي پيو تہ مائي ساڻس ڏاڍي جُٺ ڪئي. اصل ۾ ڇا آهي تہ مُلن جي مٿي ۾ بس اِها ئي غلط فهمي ويٺل آهي تہ عورت جي تعليم يا آزادي مغربي معاشري جي قدرن جو اثر آهي. ان ڪري ان کي رد ڪيو وڃي. ان دوران اقبال رند مذاق طور ان مُلي کي چيو تہ تون ڀلي تو واري بيگم کي ڏاڻ ڏيئي ڇڏج. مُلي تہ الائي ٻڌو يا نہ پر مون ٻڌو سو پئي آئون ۽ اقبال کلياسين. ائين ئي راتيون ۽ ڏينھن اسلام آباد جي پُر رونق شھر ۾ گذرندا رهيا. آئون ۽ اقبال اڪثر پنھنجي ڪمري ۾ يا رات جو منور پلازا هاسٽل جي اوڀر طرف هڪڙي نالي جي پل مٿي ويھي مختلف قسم جا بحث ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئاسون. آئون اڪثر مظهر لغاريءَ جو ذڪر ڪندو هئس ڇاڪاڻ جو مون کي جيڪڏهن شاعريءَ جي حوالي سان ڪو ماڻھو هر وقت ۽ حد کان گهڻو متاثر ڪندو آهي تہ اُهو مظهر ئي آهي. بھرحال ڪي آف دي رڪارڊ ڳالھيون بہ ڪندا هئاسون. اڪثر اقبال مذاق ڪندو ئي رهندو هو. پر مون شروع ۾ ئي کيس ٻڌايو تہ بابا! مونکي گار ڪڏهن بہ نہ ڏج. باقي ٻيو تنھنجو هر مذاق منھنجي اکين تي. خاص طور تي سندس اِها عادت جو هُو ڌُڪ ڀري وڄائيندو هو. هڪ ڀيري ماني کائيندي منھنجي ڪَپار ۾ چمچو اهڙو تہ ڀَري وڄايائين جو مون کي ڏينھن جا تارا نظر اچي ويا ۽ مُلن ڀانيو تہ هاڻ اِهي ٻئي پاڻ ۾ وڙهي ويندا پر اصل ۾ سندن اُها غلط سوچ ثابت ٿي. ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ ۾ ويجهرائپ ۽ پنھنجائپ ناتي ايترا تہ گهرا ۽ گهاٽا ٿِي چُڪا هئاسون جو هڪ ڀيري اقبال کي چوڻو پيو. تہ ''امر! ڪر دُعا ملن کي نہ تہ آئون تو سان ايترو جلدي ٿورو ئي فري ٿيان ها''. حسبِ معمول 25 تاريخ بہ ورڪشاپ اٽينڊ ڪيوسون. جنھن ۾ هڪ خاص ڳالھہ جنھن اسان کي ڏاڍو رنج پھچايو. ٿيو هيئن جو لاڙڪاڻي سنڌ کان ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو هو. هن صاحب جي ليڪچر جو موضوع سنڌ ۾ لادين ادب هو. هن صاحب برصغير جي ورهاڱي کان وٺي موجود دؤر تائين سنڌي ادب بابت پنھنجا ويچار ونڊيا. خاص طور تي سندس اها ڳالھہ جا اسان کي هضم ٿي نہ سگهي ۽ ڪَنڊي جيان هانءُ ۾ هُري تہ شيخ، اياز، بدر ابڙو، امر جليل ۽ ٻيا روس جا ۽ انڊيا جا ايجنٽ ۽ اسلام جا بدترين دشمن آهن. هن صاحب بنا نالي وٺڻ جي ڊاڪٽر تنوير ۽ حميد سنڌي تي بہ ڇُھہ ڇنڊيا ۽ چيائين تہ اُهي منھنجا بدترين دشمن آهن ۽ حڪومت جا ڇاڙتا آهن. موصوف سنڌي ادب کي خاص طور سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند رسالن کي پاڪستان ۽ اسلام جو دشمن سڏيو. اُن وچ ۾ سوال جواب دوران شڪارپور جي هڪ ڇوڪري جيڪو قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙهي ٿو ۽ شايد جماعت اسلامي سان وابسطه آهي. تنھن ادل سومري کان وٺي طارق اشرف تائين، اياز کان وٺي امر جليل تائين ۽ ساڃاھہ رسالي کان وٺي پروڙ رسالي تائين ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت گواھہ بڻجي شاهديون ڏيئي ڌاريي اڳيان سُرخرو ٿي پنھنجون مارڪون وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اُن مھل اُن ڪميڻي سنڌي ڇوڪري جي رويي تي شيخ اياز جو مشھوور نظم چغل منھنجي ذهن تي تري آيو.
ڪنھن دوست مٿان ڪنھن دشمن وٽ
هو چغلي کائي آيو آ
۽ ٻي تي ڳورو ڳَٽ وجهي
هن پنھنجو پاڻ بچايو آ.
جيتوڻيڪ مون ۽ اقبال رند جي ضمير ملامت ڪئي ۽ اندران ئي اندران جُهري بہ پياسين. پر پوءِ بہ کين ڪو مُنھن ٽوڙ جواب ڏيڻ بجاءِ خاموشي اختيار ڪئي سون ۽ بقول اقبال جي تہ منھنجو اندر اهڙي زيادتي تي مَري چڪو آهي. هِتي اِهو بہ واضع ڪندو هَلان تہ دعوت اڪيڊمي جيڪا هُونئَن تہ هر ڪنھن مذهبي گروه سان نرم ۽ لچڪيدار رويي سان پيش اچي ٿي. پر سندن رويو سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻھو ڏانھن بنھہ اوپرو آهي. ڇاڪاڻ جو سندن اصل مقصد ئي اِهو آهي تہ سنڌ مان سنڌ جي ترقي پسند سنڌ دوست ۽ صحتمند ادب سياست ۽ ذهنن جا پير اکاڙي اُتي جُنوني مذهبيت جو وجود وجهجي. اُن ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي اِها بہ آهي تہ دعوتِ اڪيڊمي طرفان ويجهڙائي ۾ سنڌ اندر سنڌي ادبي سنگت جي مخالف ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ڪئي ويندي. مطلب تہ دعوتِ اڪيڊمي جي سنڌي شعبي اندر رهندڙ سنڌي ۽ سندن سهڪاري سنڌي ادب ۽ سنڌ جي مُحب وطن سنڌ دوست ترقي پسند اديبن ۽ عوام خلاف هڪ مھم هلائڻ ۾ مشغول آهن. اُتي ئي هڪ بحث دوران ڪنھن اردو اديب پڇيو تہ سنڌي ۾ ناول ڪنھن ڪنھن لکيا آهن ۽ ڪھڙا لکيا آهن ۽ جڏهن موٽ ۾ اسان کين آغا سليم سراج، عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين سنڌي اديبن جي ناولن جا نالا ٻڌايا تہ چيائين تہ اسلامي ناولن جي ليکڪن جا نالا ٻڌايو. تڏهن سنڌي شعبي جي انچارج امير الدين مھر چيو تہ اسلامي ناول اڃا تائين ڪو بہ ناهي لکيو ويو ۽ ڏاڍي فراخ دلي سان اهو تسليم ڪيائين تہ جو ڪجهہ کاٻي ڌُر جا سنڌي اديب لکي سگهن ٿا. اُنھن جھڙي هڪڙي سٽ بہ اسان وارا بنياد پرست مُلان اديب لکي نٿا سگهن. بنياد پرستيءَ تان ياد آيم تہ ساڳي ڏينھن ليڪچر دوران غازي محمود چيو تہ مون کان ڪنھن چيني خاتون صحافيءَ پڇيو تہ بينظير بہ تہ سيڪيولر آهي تڏهن مون چيس تہ بينظير بہ بنياد پرست آهي ڇو تہ اِها بہ اسلام جي بنيادي رُڪنن کي مَڃي ٿي ۽ اُنھن تي عمل ڪري ٿي. تہ هوءَ بہ بنياد پرست آهي. محمود صاحب جي ان ڳالھہ جو حوالو اُن ڪري ڏنم جو سندن خيال ۾ جو مسلم گهر ۾ پيدا ٿيو، اهو لازمي بُنياد پرست هوندو. اصل ۾ اِها سندن وڏي ۾ وڏي غلط فهمي آهي. ڇو تہ ائين قطعي ڪونہ آهي. بھرحال 25 تاريخ شام جو اسلام آباد شھر، شڪر پڙيان ۽ دامن ڪوھہ گهمڻ وياسون. شڪر پڙيان اِها خوبصورت ٽڪري آهي جتي اڪثر شام جو اسلام آباد جا رهاڪو جوڙن جي صورت ۾ ۽ ڏورانھين علائقي کان گهمڻ لاءِ آيل سياح پيا چڪر لڳائيندا ۽ فوٽو ڪڍرائيندا آهن. شڪر پڙيان وڻن جي جهُڳٽي ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي چئني پاسي خوبصورت گُلڪاري ۽ پاڻيءَ جا ڦوهارا پري کان نظر ايندڙ پھاڙن جا خوبصورت منظر من کي موهيو وجهن. مون ۽ اقبال بہ اُتي مُلن کان جدا ڪجهہ فوٽو ڪڍرايا. شڪر پڙيان کانپوءِ اوڀرطرف، ڊيم گهُمڻ وياسون، جتي خوبصورت نظارن ۽ ٽڪريءَ جي هنج ۾ راول ڊيم ۾ ٻيڙين اندر چڙهي چڪر لڳائڻ لاءِ مُلن زور ڀريو پر آئون جئين تہ اڳي ئي پاڻيءَ کان وَئون وڃان ڇو تہ صفا ڊڄڻو آهيان انڪري اقبال بہ مون سان گڏ هو، ٻيا ويا پاڻيءَ ۾ راول ڊيم جو سير ڪرڻ. ۽ اسان ٻئي اُتي ٿڌو پيئڻ لاءِ هوٽل ۾ وياسين. راول ڊيم ذريعي سڄي اسلام آباد کي پاڻي پڄايو وڃي ٿو. ڪيڏي نہ ستم ظريفي چئجي جو اسلام آباد جي پھاڙي علائقن ۾ ڊيم جوڙي اهڙي ويران ۽ ڏُورانھنءَ وستيءَ ۾ گاديءَ جو شھر آباد ڪري سگهجي ٿو. پر ٿر جي بَرکي آباد ڪرڻ لاءِ پاڪستان سرڪار ٺٺي وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سنڌوءَ جي فالتو پاڻيءَ کي گڏ ڪري ڪارونجهر ڊيم جوڙي ننگر جي علائقي کي آباد ڪري نٿي سگهي. خير راول ڊيم تي گهُمڻ کانپوءِ اسان مارگلا پھاڙ تي دامنِ ڪوھہ طرف روانا ٿياسين. پارليامينٽ هائوس کان ٿيندا دامنِ ڪوھہ جي ٽڪريءَ تي چڙهي وياسين. دامن ڪوھہ جي اوچي پھاڙ تان سمورو شھر رات جي پھر ۾ ايئن ٿي نظر آيو ڄڻ اُڀ ۾ ستارا هجن. دامن ڪوھہ تان ٺيڪ ڏاکڻي اوڀر ڪنڊ تي ويجهوئي پارليامينٽ هائوس آهي جتي پاڪستان جي ڍانچي ۾ واڙيل مظلوم قومن جي تقديرن جا فيصلا فوجي ڪرتاڌرتا ۽ ڏيھي پرمار زبردستي مڙهيندا آهن. پارليامينٽ هائوس جي ڀر ۾ ايوان صدر آهي. جتي اٺين ترميم جو راڪاس چند سالن ۾ الاءِ ڪيترين جهموري حڪومتن کي هڏين سميت ڳڙڪائي چُڪو آهي. پارليامينٽري هائوس جي سامھون روڊ جي ٻئي پار پي-ٽي-وي جو مرڪزي دفتر ۽ اُن جي ڀر ۾ پنجاب ڪشمير هائوس آهن جن جي ڀر ۾ سنڌ هائوس مونکي الاءِ ڇو ائين لڳو ڄڻ ڀُنگ خاطر يرغمال بڻايل هجي. ڏور ڏکڻ ڪنڊ ۾ پي-آءِ-اي جي هوائي اڏي تان رات جي وقت ۾ جهازن جي اُڏام ايئن ٿي لڳو ڄڻ اُڀ مان ستارا پيا کِڙن. خير دامنِ ڪوھہ تان گهُمي واپس هاسٽل موٽياسين تہ پھاڙ تان لھندي مُلن دعائون پڙهيون ۽ اسان کي بہ چيائون تہ اوهان بہ دعا پڙهو پر اسان جي اِهائي ورندي تہ موت جي ڀوءَ کان ڀاڙيا ٿيڻ وارن مان اسان ناهيون. هاسٽل پھچي ماني کاڌي سُون ۽ پوءِ پنھنجي پنھنجي ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسون. هڪ خاص ڳالھہ اها تہ اسان جنھن ڪينٽين ۾ ماني کائيندا هئاسون اُتي ساڳئي يونيورسٽي پاران تربيت لاءِ آيل فوجي آفيسر بہ ماني کائيندا هئا ۽ ساڻن نوڪر بہ گڏ هئا جيڪي چڻن جي دال ۽ مانيءَ تي گذارو ڪندا هئا، جڏهن تہ فوجي آفيسر وي-آءِ-پي کاڌو کائيندا هئا، الاءِ ڇو؟ اهو فرق ڏسي مونکي فوجي سپاهين سان همدردي پئدا ٿي پيئي، حالانڪہ هر وردي پوش شُخص سان مون کي سندن مظلوم قومن سان ماٽيجيءَ ماءُ جھڙي سلوڪ جي ڪري ساڻن ڪا همدردي ڪانھي پر پوءِ بہ اُن عمل کي ڏسي منھنجي دل جُهري پئي ۽ اهڙو ذڪر مون اقبال سان بہ ڪيو. حسب معمول 26 مئي صبحءَ جو ناشتو ڪري يونيورسٽي پھتاسون جتي هڪ اڌ ليڪچر کانپوءِ اسان کي تقريبن 12 وڳي ڌار ڪوھہ مري گهُمائڻ جي لاءِ واپس هاسٽل آندائون جتي ماني کائي اٽڪل 2 وڳي ڌاري دعوتِ اڪيڊمي سنڌي شعبي جو چيئرمن محترم امير الدين مھر ۽ عبدالوهاب منڱريو سميت سمورا ٿر کان آيل همراھہ هڪ بس ۽ هڪ ويگن ذريعي ڪوھہ مري روانا ٿياسين. اسلام آباد جي ويڪرن رستن کي پار ڪري اُڀرندي اُترين ڪُنڊ تي مارگلا پھاڙي سلسلي جي ڏاکڻي ڀر مان بس هلڻ لڳي. تقريبن 35 ڪلوميٽر جو مفاصلو ٿوري دير ۾ طئه ڪري بس ڪوه مري پھاڙ جي چڙهائي تي چڙهڻ شروع ٿي. وروڪڙ ۽ خطرناڪ رستن تان ڦرندي گاڏي مٿي بنھہ گهڻي اوچائيءَ تي هڪ هوٽل تي هلي بيٺي. جتي اسان سڀني ٿڌو پيتو ۽ گاڏي جيڪا گرم ٿي وئي هئي. اُها ڪجهہ گهڙين ۾ ٿڌي ٿِي تہ وري ساڳيو قافلو منزل طرف روانو ٿيو. ڪوھہ مري جا پھاڙ بنھہ اوچا ۽ تراکڙا آهن. جن جي هنج ۾ اڌ ڪُڙ ۾، يا چوٽيءَ تي پڪا گهر وک وک تي نظر آيا ٿي اڪثر هر گهر ۾ لائيٽ پاڻي وغيرہ جو انتظام ٿيل هو. پھاڙن جي هيٺ جتان ندين جو گذر هو. اُتي ندين جي وقفي هئڻ ڪري پٿريلي پر وارياسيءَ زمين تي ڪٿي ڪٿي پوک نظر آئي ٿي. اڪثر پھاڙن جا وڻ ڊگها ۽ ساوا آهن. جڏهن تہ پھاڙن تي گاھہ ان ويل سائو ڪو نہ هو پر موجود ضرور هو. جيڪو سوڪ سبب ڀورو ٿي ويو هو. ڪٿان ڪٿان جبلن جي چوٽيءَ تان ننڍڙا پاڻيءَ جا چشما هيٺ آهستي آهستي لٿا پئي ۽ اِهو منظر ڏاڍو موهندڙ هو. رستي جي ٻنھي پاسن کان ڊگها ۽ گهاٽا وڻ جن جي جهُڳٽي ۾ موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي. ڪجهہ مفاصلي جي چڙهائي کانپوءِ آبهوا بلڪل بدلجي ويئي. ڇو تہ ڪوھہ مري جا پھاڙ ساموندي سطح کان اٽڪل 6 هزار فوٽ اوچا هئڻ ڪري اُتي مَئي مھيني ۾ بہ آبهوا ڊسمبر جي مھيني جھڙي هئي. اسان جي بس ڪافي پوانئٽون ڇڏي ڪوھہ مري پوائنٽ کان اڳ ۾ ڀوربن ڏانھن مُڙي، جتي تقريبن اسان سوائين ٽين ڌاري پھتاسين. ڀوربن جي پوائنٽ تي جيڪو اندر ڪلب آهي اُن جي دروازي تي ٻہ ٽي فوجي بيٺا هئا. جن اسان جي بس اندر وڃڻ کان روڪي. جنھن تي اسان سان گڏ دعوتِ اڪيڊمي سنڌي شعبي جي انچارج محترم امير الدين مھر کين اسان جي ٿر کان اچڻ بابت ٻڌايو پر فوجي جوان پڙ ڪڍي بيھي رهيا تہ هن ويل اسان جا فوجي آفيسر ڪلب اندر راند پيا ڪن، اُن ڪري اندر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون. بھرحال هڪ ڳالھہ ضروري هئي تہ فوجين جو رويو بنسبت سنڌ جي اُتي ڏاڍو نرم نظر آيو. جنھن تي اقبال مونکي چيو تہ ''هي ساڳي ماڻھو سنڌ ۾ هروڀرون ڪنھن چڱي ڀلي ماڻھوءَ جو پٽڪو لاهيندي دير ئي نٿا ڪن. پر هتي سُئي کان بہ سنھا اُن ڪري آهن جو هِي علائقو سندن ئي ماترڀومي آهي ۽ اُن جي روايتن کي داغ دار بنائڻ نٿا گهرن''. خير اسان ڀوربن گهُمڻ بجاءِ اِها آس اندر ۾ سانڍي واپس ڪوھہ مري پوائنٽ موٽياسين. هڪ ڳالھہ ٻي بہ مون عجيب ڏٺي جو ڪوھہ مري جي پھاڙن تي رڍن ۽ ٻڪرين جا وار فوٽ کان بہ وڏا هئا ڇاڪاڻ جو اُتي برف باري تمام گهڻي ٿئي ٿي. اُن ڪري بچاءُ طور وار ڇڏي ڏنا اٿن. مال چاريندڙ ماڻھن ۾ گهڻائي اوڏ قوم جي ماڻھن جي هئي. جن جي ٻولي سمجهہ کان ٻاهر هئي. ڀوربن واري علائقي ۾ عباسي قوم جا ماڻھو رهن ٿا. جيڪي اردو گاڏڙ پنجابي ڳالھائيندا آهن. اسان جي بس پنڊي پوائنٽ کان ٿيندي ڪوھہ مري پوائنٽ تي پھتي جتي ڪجهہ وقت گاڏي مان لھي چڪر ڏناسين ٻيا تقريبن ڪافي ڄڻا اُتي ئي چيئرڪار تي چڙهي هڪ پھاڙ کان ٻي پھاڙ تائين هزارين فوٽ اوچائي تي لڳ ڀڳ ميل کن مفاصلي جو سفر ڪري آيا. پر منھنجو تہ اصل ساھہ ٿي مُنڌو. انڪري چيئر ڪار تي چڙهڻ بابت سوچي بہ نٿي سگهيس ۽ منھنجي ڪري اقبال بہ مونسان گڏئي بيھي رهيو ۽اسان ٻنھي گڏجي ڪجهہ فوٽو ڪڍرايا ۽ اُتي ئي آڏا اُبتا چڪر ڏنا ۽ وڻن جي خوبصورت جُهڳٽن اندر خوبصورت جوڙن جو ديدار ڪيوسين. جن جي سونھن ۽ ماحول جي خوشبوءَ جو هُڳاءُ اسان جي رڳ رڳ ۾ رچي ويو. جيتوڻيڪ ايڏي ٿڌڙي هير ۽ من موهيندڙ منظر موجود هيا. پر الاءِ ڇو؟ منھنجو اندر اُداس هو. ڇاڪاڻ جو جنھن هستيءَ سان منھنجي روح جا گهرا ناتا جڙيل آهن ۽ جا مونکي پنھنجي کڄندڙ ساهن کان بہ ويجهي آهي اُها شدت سان ياد اچي رهي هُئي. جنھن ڪري ٻاهر جي موسم بہ اندر جي سَرءُ رُت جيان ڀڙڀانگ لڳي ٿي. ڪوھہ مري پوائنٽ تان پري پري جا علائقا بہ نظر آيا ٿي. جنھن ۾ ڪشمير جو ڪھالا وارو پھاڙي سلسلسو بہ ڏور اوڀر کان ڏيک ڏيئي رهيو هو. مري ۾ گهڻو ڪري وقفي وقفي سان برسات اوس وسندي رهندي آهي. تنھنڪري اُتي ڏاڍي گرينري آهي. اِهو ئي سبب آهي جو گهڻي برسات ۽ برف باريءَ جي ڪري گهرن جون ڇتيون ڪاٺ جون ٺهيل نظر آيون. مريءَ ۾ ئي اسان جي ملاقات هڪ وهابي پنجابي ڇوڪري سان ٿي. جيڪو نواز سرڪار جي ڪورٽ پاران ٻيھر بحالي تي ڏاڍو سرهو ٿي نظر آيو ۽ اسان کان پڇيائين تہ ڇا اوهان کي انھي ڳالھہ جي خوشي ڪا نہ ٿي آهي. اسان چيس تہ اسان کي صرف صدر اسحاق جي اٺين ترميم واري غير جهموري عمل جي خلاف ڪورٽ جو ڏنل فيصلو وڻي ٿو. ورنا نواز شريف جي حڪومت هجڻ يا نہ هجڻ سان اسان کي ڪا بہ دلچپسي ڪانھي. حالانڪہ ڪورٽ جي ان هڪ طرفي فيصلي بہ اسان کي ڏک ڏنو آهي. ڇو تہ ساڳي ترميم جو شڪار ٿيل ٻن سنڌي وزيراعَظمنَ جوڻيجي ۽ بينظير جي حڪومتن کي بحال ڪرڻ وقت ڪورٽ اهڙي ڪنھن بہ فيصلي ڏيڻ کان ڄاڻي واڻي قاصر هئي. ٻيا همراھہ چيئر ڪار کان چڪر ڏيئي موٽيا تہ اسان رات جو اٺين وڳي ڌاري واپس اسلام آباد موٽڻ لڳاسين. واپسيءَ ۾ رات ٿي وڃڻ ڪري پھاڙن جي چوٽي تان بس هيٺ لھڻ شروع ڪيو تہ پھاڙن جي تري ۾ گهرن اندر ٻرندڙ بتيون اِئين ٿي لڳو ڄڻ آسمان هيٺ لھي پھاڙن جي تري ۾ وڇائجي پيو آهي. وقت جي اڻاٺ سبب اسان ايوبيا وڃي ڪونہ سگهياسين. حالانڪہ اسلام آباد کان ارادو ڪري بہ آيا هئاسين تہ ايوبيا تائين وينداسين. پر رات ٿِي وڃڻ ڪري واپس ورڻو پيو هڪ ڀيرو وري بہ ساڳي هوٽل تي وچ ۾ چانھہ پيتي سون ۽ پوءِ وري بس رواني ٿي منزل طرف تہ اسان بہ اکيون پوري پاڻ کي سيٽن تي ڍرو ڇڏي ڏنو ۽ اسلام آباد ۾ منور پلازا هاسٽل جي اڳيان بس جي اوچتي بريڪ تي اک کُلي گاڏي مان لھي سڌا ڪينٽين تي وياسون۔. هٿ مُنھن ڌوئي ماني کائي وڃي آرامي ٿياسين ۽صبح ساجهر وري نوين وڳي يونيورسٽي پھتاسين جتي ورڪشاپ جو آخري ڏينھن هئڻ ڪري اختتامي تقريب ۾ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سَنَدُون ورهايون ويون ۽ ٿورو گهڻو ڪو ليڪچر وغيرہ الوداعي حوالي سان ٿيو ۽ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف قسم جا مذهبي ڪتاب ۽ هڪ عدد ٿيلھو بہ سوکڙي طور هر هڪ شرڪاءُ کي ڏنائون. هڪ وڳي بس اسان کي واپس هاسٽل تي پھچايو جتان ماني کائي مون اقبال، سليم، مولا بخش ۽ ڪجهہ ڇاڇري جي مُلن سفر جي سنبت ڪئي. اٽڪل اڍائي ڌاري ٻن ويگنن ۾ ويھاري اسان کي پنڊي ريلوي اسٽيشن تي پھچايو ويو. جتان کان عبدالوهاب منڱريو جيڪو دعوتِ اڪيڊمي ۾ ئي ملازم آهي. اسان کان موڪلائي واپس وريو. ڪلاڪ ڏيڊ جي انتظار کانپوءِ سوائين پنجين ڌاري تيزرو پنڊيءَ مان راوني ٿي. هِن ڀيري گاڏي ۾ رش بلڪل گهٽ هئي ٻيو تہ اسين بہ چار پنج ڄڻا گڏ ٻن سٽن تي ويٺل هئاسون ۽ مٿي ٻہ برٿ بہ خالي پيا هئا۔ ها البت سرگوڌا جو هڪ پنجابي اقبال کوکر جيڪو پيپلز پارٽي ضلعي سرگوڌا جو صدر هو. اُهو اسان سان گڏ ويٺل هو. جنھن نواز شريف ۽ ضيا تي خوب ڇُوھہ ڇنڊيا ٿي. اقبال کوکر لاله موسيٰ تائين اسان سان گڏ هو. هن سان ڏاڍي رهاڻ ڪئي سون، ۽ هو سنڌ جي ڪافي علائقن کي گهڻي ڀاڱي ڏسي چڪو آهي. سندس بحث جو موضوع اڪثر پيپلز پارٽي، نواز شريف ۽ سنڌ هئا. مون پنجاب ۾ چند مخصوص ڳالھيون محسوس ڪيون. جئين هڪ اِها تہ پنجاب جي ڪنھن بہ هوٽل تي ڪو بہ فالتو ماڻھو ويٺل ڪو نہ ڏٺو جئين اسان وٽ اڪثر هوٽلن تي واندن جا ٽولا ويٺا جلال جون ڪيسٽون ٻڌاندا آهن. ٻيو اهو تہ پنجاب ۾ اڪثر ڪري ڪنھن بہ نمايان جاءِ تي پانن جي ڪيبينن کي ڪو نہ ڏٺو. ٽئين ڳالھہ جنھن مونکي سوچڻ تي مجبور ڪيو اِها هئي تہ پنجاب جي ڪنھن بہ وڏي شھر ۾ اڪثريت پنجابي کانسواءِ ٻي ڪنھن بہ ٻولي ۾ ڳالھائڻ لاءِ تيار نہ هئي. اقبال کوکر صاحب سان بحث دوران ڪنھن ڪنھن مھل اسان جو ڪن ڳالھين تي اٽڪاءُ بہ ٿيو پئي، هڪ ڳالھہ ٻي مون اها بہ محسوس ڪئي تہ پنجاب جي سياسي مذهبي علمي ادبي مطلب تہ ڪنھن بہ ماڻھو کان توهان پيپلز پارٽي نواز شريف، پاڳاري، جوڻيجي يا ضيا جي باري ۾ راءَ معلوم ڪريو تہ سندن هڪ راءِ هرگز ڪو نہ هوندي پر الائي ڇو؟ سنڌي قوم پرستن بابت سڀني جي هڪ ئي راءِ آهي. اهو مون اندازو لڳايو تہ قوم پرستن سان نفرت واري سوچ پٺيان پنجاب جو استحصالي مفادڪار فرما آهي. پنڊيءَ کانپوءِ پھاڙي علائقن ۾ ئي سج لھڻ ڪري اسان کي ڪنھن بہ اسٽيشن يا شھر جي سُڌ ڪا نہ پئي. پر پنجابي اقبال کوکر کان پُڇڻ تي يا اسٽيشن تي نالو لکيل ڏسڻ تي پتو پيو ٿي تہ هِيءَ فلاڻي اسٽيشن يا شھر آهي. گاڏي ڏهين يارنھن وڳي ڌاري لالا موسيٰ پھتي جتي مون ۽ اقبال ڪجهہ مانيءَ جو جَهٽَ هڻي ورتو ۽ اُتي ئي اسان سان گڏ ويٺل اقبال کوکر لھي پيو. جتان وري ڪجهہ سنڌ جا فوجي نوجوان عيد جي موڪل سبب ڳوٺ هلڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ چڙهيا جيڪي پڻ سفر دوران اسان جي رهاڻ ۽ وندر جو ڪارڻ بڻيا. ڇاڪاڻ جو وٽن ٽيپ رڪارڊ بہ هو. جنھن تي مختلف سنڌي اردو ڪيسٽون ٻڌندا هليا سين. رات جو هڪ ڌاري گاڏيءَ لاهور پھتي. جتي اڌ ڪلاڪ کن ترسي وري منزل طرف رواني ٿي. هڪ ٻي ڳالھہ اِنھي گاڏيءَ سان وابسطه اها تہ گاڏي هڪ اڳئي ليٽ ويتر هر اسٽيشن تي بيھڻ جو مرض تنھن اسان جا ڍَڪر ئي وڄائي ڇڏيا. لاهور کانپوءِ سڀئي سُمھي پيا سواءِ مُنھنجي. ڇو تہ مون کي ارادي طور سُمھڻ سان گاڏي ۾ ننڊ هرگز ڪانہ اچي ها. انڪري دريءَ تي مٿو ٽيڪي ڪنھن مھل جاڳيس پي تہ ڪنھن مھل ٿوري گهڻي ننڊ جا جهوٽا بہ آيا پئي، رات هئڻ ڪري ٻي تہ خبر ڪا نہ پئي پر ملتان کي ويجهو سج اڀرڻ مھل سار ٿِي تہ ڳپل پنڌ طئه ڪري آيا آهيون. هِن ڀيري گاڏي ملتان کان پاسو ڏيئي آئي. ڪجهہ وقت بھاولپور اسٽيشن تي بہ بيٺي ۽ پوءِ ننڍيون ننڍيون پنجاب جون اسٽيشنون ٽپي سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿي تہ ڏينھن بہ ڪَپار تي چڙهي آيو هو ۽ گرميءَ جي شدت بہ وڌندي ويئي. تان جو گاڏي ٻہ ڌاري روهڙي پھتي جتي گرمي قهر جي هئي ۽ ائين محسوس ٿيو ٿي تہ ڄڻ سج نيزي تي لھي آيو آهي. روهڙي تي ماني کائي ٿڌو پاڻي پي وري گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ اڌ ڪلاڪ بيھڻ کانپوءِ گاڏي هلڻ لڳي. هڪ ٻي اِها مصيبت بہ هُئي، گاڏيءَ ۾ پاڻي جو بندوبست پيئڻ واسطي قطعي ڪو نہ هو. اُن ڪري ڏاڍا پريشان ٿياسين. جيتوڻيڪ پنڊيءَ مان پلاسٽڪ جي هڪ ڏٻي بہ پاڻي لاءِ وٺي کنئي سون. پر اِها بہ بَدبُوءِ ڪري وڃڻ سبب ڪنھن ڪم جي ڪانہ رهي. پوءِ بہ سور کائيندا جئين تئين ڪري اچي خيرپور ٽپياسين. گاڏي محرابپور پڊ عيدن اسٽيشنون لنگهي نوابشاھہ پھتي. جتي ٻہ ٽي منٽ بيھڻ کانپوءِ وري رواني ٿي ويئي. اسان سان گڏ ويٺل سنڌي فوجي ڇوڪرا هڪڙا روهڙي تي لٿا. ٻيا ٽنڊي آدم ۾ لھي ويا. جن اسان کي بہ لھڻ لاءِ ڪافي زور ڀريو. پر اسان کانئُن معافي ورتي. شھودادپور ۽ ٽنڊي آدم کان ٿيندي گاڏي تقريبن ست وڳي رات حيدرآباد پھتي جتان اقبال رند ۽ آئون ڪوسٽر ذريعي ميرپورخاص پھتاسون. ميرپور مان اقبال کي پنھنجي ڳوٺ ڪوٽ غلام محمد لاءِ بس ملي ويئي. پر آئون اُتي ئي رات رهجي ويس، ۽ صبحءَ ساجهر ئي نئون ڪوٽ پھتس جتان ڇڪڙي ذريعي واپس پنھنجي ڳوٺ ڀيڙو ٿيس.