ارپنا: فاطمه زهره قاضي نالي
پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ مون کي سنڌ جي هن اڏول عورت مئڊم فاطمه زهره جو تعارف ڪرائڻ ۽ هن جي نالي ڪو ڪتاب منسوب ڪرڻ گهڻو اڳ کتو ٿي پر ڌيان تي نه پئي آيو. ان ڏينهن ڪراچيءَ جي پاسپورٽ آفيس مان پاسپورٽ کڻي نڪتس ته سامهون روينيو آفيس ڏسي شاهد پرويز ياد اچي ويو، جيڪو ميمبر بورڊ آف روينيو آهي ۽ ڪڏهن حيدرآباد ۾ ته ڪڏهن ڪراچيءَ جي هن آفيس ۾ وهي ٿو. گيٽ وٽ بيٺل پوليس واري ٻڌايو ته صاحب اچي چڪو آهي. ساڻس ملي وڏو عرصو ٿي ويو هو سو خبرچار ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ هن وٽ اچي ويٺس. سندس ننڍي ڀاءَ مشهود سان پڻ پاڪستان ۽ ٻاهر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هو گهڻو تڻو ڪئلگري (ڪئناڊا) ۾ رهي ٿو. ٻئي ڀائر مون کان ويهارو کن سال ننڍا آهن پر اسانجي پيٽارين اولڊ بئائز ايسوسيئيشن جا فعال ميمبر آهن. هو جهڙو تعليم جي معاملي ۾ مٿانهان رهيا آهن تهڙا اخلاق ۽ ادب ۾.
چانهه دوران هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندا رهياسين اٿڻ مهل چيومانس ته توهان جي پاسي جو هڪ پنڊت سنگاپور ۾ رهندو هو، ان کان آئون هميشه شاهه جي شعرن بابت پڇندو هوس. اهو الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي.
”شاهه جي بيتن بابت ته توهان منهنجي مامي يا امڙ کان به پڇي سگهو ٿا“. شاهد چيو ۽ مون کي ان وقت ڌيان ۾ آيو ته شاهد واهه جي ڳالهه ڪئي. ان معاملي ۾ سندس امڙ فاطمه زهرا کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن ڄمڻ سان پنهنجي والد (شاهد ۽ مشهود جي ناني) مکي گل محمد کان شاهه جا بيت ٻڌا. مکي گل محمد شاهه لطيف جو سچو عاشق هو. هن جو شاهه لطيف بابت وڏو مطالعو هو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي شاهه جي ڪنهن بيت ۾ شڪ هوندو هو يا وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندو هو ته هو ڏيپلي اچي ادي فاطمه زهره جي والد گل محمد کان معلوم ڪندو هو.
ان ڏينهن شاهد پرويز جي آفيس مان موٽڻ بعد مون اهو ئي ارادو ڪيو ته هاڻ شاهه لطيف جي بيتن بابت هن جي والده کي فون ڪندس ۽ ٻي ڳالهه ته ايندڙ ڪتاب مئڊم کي منسوب ڪندس جنهن ڳوٺ ۾ رهي ڪري نه رڳو پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر پنهنجن ٻارن (پنج ڌيئرن، رحمته النساءِ، نسيم، عزيزالنساءِ، خالده ۽ روشن آرا ۽ ٻن پٽن، ڊاڪٽر شاهد پرويز ۽ انجنيئر مشهود) کي ان زيور سان سجايو. ماشاءَالله سندس ٻار به اهڙا صالح ٿيا جو هنن تعليم ۾ مٿانهون نمبر کنيو. سندن ننڍي ڌيءَ ڊاڪٽر روشن آرا جيڪا اڄڪلهه لياقت يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي اها ته مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آئي هئي. اهڙي طرح شاهد ۽ مشهود ميڊيڪل ۽ ڪمپيوٽر ۾ نالو پيدا ڪيو. هنن ٻنهي ڀائرن سان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي گڏجاڻين ۾ منهنجو تمام گهڻو ملڻ ملائڻ رهندو اچي. هو نه فقط ذهين ۽ محنتي شاگرد ٿي رهيا آهن پر نيڪ، ايماندار ۽ غريبن جو خيال ڪرڻ وارا انسان پڻ. هو ان جو ڪريڊٽ هميشه پنهنجي والده جي محنت، جفاڪشي ۽ پرورش کي ڏين ٿا جنهن کان اسان پيٽارو وارا ته سدائين واقف آهيون، پر ٻين کي سندن والده بابت گهڻي ڄاڻ هن جي ڪتاب ’آءُ جي اهائي ذات‘ ڇپجڻ بعد پئي.
مئڊم فاطمه زهره قاضيءَ جو مٿيون ڪتاب بقول پيڪاڪ پبليڪشن وارن جي ايڏو ته مشهور ٿيو جو هڪ سال اندر سڀ ختم ٿي ويو ۽ هنن کي ٻي ايڊيشن ڇپڻ جي تياري ڪرڻي پيئي. بقول ڊاڪٽر آفتاب ابڙي (پيڪاڪ پبليڪيشن جي چيئرمئن) جي ڪتاب ’آئون جي اهائي ذات‘ هڪ اهڙي سورائتي عورت جي ڪٿا آهي، جيڪا انفرادي ترقيءَ سان گڏ سماجي ڀلائي جي جذبي سان سرشار آهي. هوءَ ’تون پاڻ سڃاڻج سپرين الا‘ ۾ ويساهه رکندي، يا بقول سچل سائينءَ جي ’ننگڙا نماڻيءَ دا، جيوين تيوين پالڻا‘ ۾ ڀروسو رکندي، ڏکن کي وسيلو بنائيندي، پرينءَ جو گس ڳولي ٿي“.
امڙ فاطمه قاضيءَ پنهنجي قرباني، سچائي ۽ خذمت گذاريءَ سان ڏيپلي شهر ۾ اهڙو ته مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي جو ڪو به ڏيپلي رهواسي سندس ڳُڻن کان بي خبر نه آهي.
هونءَ آئون اهو ئي سمجهان ٿو ته مئڊم فاطمه زهره جو لکيل هي ڪتاب اسان جي نوجوان نسل لاءِ پڙهڻ ضروري آهي. هنن کي زندگيءَ ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي همٿ پيدا ٿيندي. سندن وڏو پٽ شاهد پرويز به اهو ئي چوي ٿو ته ”اميءَ جي زندگيءَ جا واقعا، اميءَ جا تاثرات، آزمائش ۾ اميءَ جو ضبط ۽ حوصلو ۽ زندگيءَ کي هر حال ۾ تعميري انداز ۾ گذارڻ... اهي سڀ ڳالهيون اسان جي نوجوان نسل توڙي پڙهندڙن جي لاءِ هڪ مشعل راهه ٿي سگهن ٿيون“.
مئڊم فاطمه جو هي پنهنجي زندگيءَ جو احوال ان ڪري به اهم آهي جو هي ڪتاب سنڌ جي اهڙي عورت جي قلم مان نڪتل آهي جنهن کي ورهاڱي کان اڳ، اسڪول وڃڻ جو موقعو مليو هو. هن نه فقط بنيادي تعليم حاصل ڪئي پر ان جو فائدو هن پاڻ جهڙين ٻين نياڻين تائين پهچائڻ لاءِ ساڳي اسڪول ۾ پڙهايو پڻ.
مهتاب اڪبر راشدي صاحبه، مئڊم فاطمه زهرا لاءِ لکي ٿي ته، ”هوءَ سنڌ جي عورت جو اهو روپ آهي، جيڪو باوقار، اَورچ، اڏول ۽ قرباني ڏيڻ واري عورت جو روپ آهي. منهنجو يقين آهي ته سنڌ جي عورت ڪالهه به اهڙي هئي، اڄ به اهڙي آهي ۽ سڀاڻي به اهڙي ئي رهندي. بس! هن کي پرکڻ واري نظر ۽ عزت ۽ تڪريم ڏيڻ واري کليل ذهن جي ضرورت آهي“.
هتي هي لکڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو ته اسان جي پيٽارو جي ساٿين شاهد ۽ مشهود جي نه رڳو والده ليکڪ آهي پر سندن والد قاضي علي محمد صاحب پڻ. هو هڪ فقير صفت انسان هو جنهن سماجي سڄاڳي آندي ۽ ڏيپلي ۾ اسڪول کوليا. سندن ڪتاب ’سفر زندگيءَ جو‘ مئڊم فاطمه زهره جي ڪتاب ’آئون جي اهائي ذات‘ کان به اڳ ڇپيو هو ۽ تمام گهڻو پڙهيو وڃي ٿو. منهنجو سندن اولاد - خاص ڪري پيٽارين شاهد ۽ مشهود کي اهوئي چوڻ آهي ته هو به پنهنجي والدين کي فالو ڪن ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جو احوال لکن. مون کي خاطري آهي ته اهو بيحد دلچسپ ثابت ٿيندو جو هو نه رڳو ڏيپلي جهڙي ٻهراڙيءَ، پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جهڙن هنڌن تي رهيا آهن پر دنيا جي وڏن شهرن ۾ به... هنن جو ٿر جي ڳوٺاڻن کان وٺي ڪئناڊا جي ڊپٽي گورنر سلما لاکاڻيءَ ۽ آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما جهڙن ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستانا تعلقات رهيا آهن . هنن دنيا جا ڪئين روپ ڏٺا آهن ۽ مونکي يقين آهي ته پڙهندڙ هنن جي تجربن، مشاهدن، سوچن صلاحن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا.
الطاف شيخ
22 نومبر 2020ع