چِين جون مڇي مارڪيٽون
چين جي ڪيترن شهرن توڙي ڳوٺن جي گوشت مڇي (Wet) مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ هن قسم جي ٻلين، نانگ بلائن، ڪُمين، سيڙهن، ڪتن، عام ٻلين سان ڀريل کارا ۽ شيشي جا دٻا ملندا جيئن ان قسم جا جانور کائڻ جا شوقين پنهنجي اڳيان جيئري نانگ، سيڙه، ڪُمي يا ڪتي جي چونڊ ڪري ان کي سير وجهرائي، ڪڻڇيءَ ۾ ترائي سگهن. اهڙا شوق پورا ڪرڻ پٺيان اڪثر مٿيون سبب هوندو آهي- يعني شباب، طاقت، جواني حاصل ڪرڻ يا وري پنهنجي بلند معيار Status Symbol جو ڏيکاءُ ڪرڻ ته اسان وٽ ايڏي دولت آهي جو اسان ههڙيون قيمتي ۽ گهٽ موجود شيون به حاصل ڪري سگهون ٿا. چين ۾ ان قسم جا جانور نه رڳو جهنگلن مان ڦاسايا وڃن ٿا پر انهن جي فارمنگ به ڪئي وڃي ٿي يعني جيئن ڪڪڙيون، بدڪون، مڇيون پاليون وڃن ٿيون تيئن جهنگراڙ ٻلا، ليمور، ڀولڙن جا قسم، سيڙهون، نانگن جا قسم وغيره. سارس بعد چين جي حڪومت اهڙن جانور تي بندش هڻي ڇڏي جن مان زُونوٽِڪ (Zoonotic) بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پر ڇهه مهينن بعد چين جون Wet مارڪيٽون انهن جانورن سان سٿيل نظر آيون.
هيڏانهن ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪمبوڊيا، چين پاسي اهي مارڪيٽون Wet مارڪيٽون سڏيون وڃن ٿيون جن ۾ گوشت مڇي ۽ جيئرا جانور، پکي، نانگ، ڪميون رکيون وڃن ٿيون. ڪپڙي، سيڌي، اناج، اليڪٽرانڪ جي دڪانن واريون مارڪيٽون Dry يعني خشڪ مارڪيٽون سڏجن ٿيون.
آلين (Wet) مارڪيٽن ۾ جهنگلي جانورن، نانگ بلائن، ڪتن ٻلن، چمڙن، سانڍن، ڪمين، سيڙهين ۽ جهنگلي سوئرن (Boars) جهڙن جانورن جي ڪسڻ، وڪڻڻ ۽ رڌ پچاءَ ۽ کائڻ بعد انهن جا هڏا اتي ڦٽا ڪرڻ ڪري زونوٽڪ (ڪورونا وائرس سميت) بيماريون پکڙجن ٿيون. زئونوز (Zoonosis) بيماريون جنهن کي عربيءَ ۾ ’مرض حيواني المنشا‘ سڏجي ٿو، اهي وچڙندڙ بيماريون آهن جيڪي جانورن ۾ موجود بئڪٽيريا، وائرس يا پئرا سائيٽ ذريعي انسانن کي لڳن ٿيون جيئن ته ايبولا وائرس، سالن ايلوز، برڊ فلو (جيڪا ڪڪڙين، بدڪن، ڪازن مان لڳي ٿي) سوائين فلو جيڪا 2009ع ۾ سوئرن مان انسانن کي لڳي.
ايبولا وائرس 1976ع ڌاري ميوو کائيندڙ چمڙن جي جنس مان انسانن کي لڳي ۽ اها پهرين ڪانگو (آفريڪا) ۾ وهندڙ ندي Ebola جي ڪناري واري هڪ ڳوٺ جي ماڻهن کي لڳي. ان ڪري ان جو نالو ئي ايبولا پئجي ويو. ان لاءِ 2015ع ۾ بي بي سيءَ پنهنجي اتر ڪوريا جي نمائندي جي حوالي سان ٻڌايو هو ته اها بيماري آمريڪا جي مليٽري کاتي بايولاجيڪل هٿيار طور استعمال ڪئي هئي. بهرحال ان ۾ حقيقت به ٿي سگهي ٿي جيئن اڄڪلهه افواهه گرم آهن ته ڪورونا وائرس آمريڪن ايجاد ڪري چين خلاف استعمال ڪئي آهي جو آمريڪا کان چين جي ترقي برداشت نٿي ٿئي، پر سوال آهي ته شروع ۾ ته چين ۾ ماڻهو مئا پر هاڻ ته آمريڪا ۾ ان کان به وڌيڪ پيا مرن. ڪير چاهيندو ته هن جا پنهنجا ماڻهو مرن! پر ماڻهن وٽ ان جو به جواب آهي. چي! آمريڪا اهڙو لاهه ملڪ آهي جو ٻين کي مارڻ لاءِ هو پنهنجا به رهڙي ڇڏيندو آهي. جيئن ضياءَالحق ۽ ان جي سنگت کي ناس ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجو سفير ۽ ان جو ڪتو به قربان ڪري ڇڏيو.
بهرحال وبا يعني هن قسم جون وچڙندڙ بيماريون باهه مثل ٿين ٿيون جيڪا هڪ دفعو لڳي ٿي ته پوءِ لڳائڻ واري جو هن تي اهو حڪم نٿو هلي ته هن کي ساڙ، هن کي نه ساڙ. سو ان وانگر وبا به هڪ دفعو شروع ٿئي ٿي ته پوءِ اها نه ملڪي سرحدون ڏسي ٿي نه امير غريب. پر اهو آهي ته سارس يا اڄ ڪلهه وبا ڪورونا وائرس جهڙيون بيماريون گهڻو ڪري ڀِنل (پُسل، آلين) مارڪيٽن مان شروع ٿين ٿيون، جيڪي Wet مارڪيٽون سدائين چين، تائيوان، ويٽنام، ٿائلينڊ ويندي ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ باعث ڪشش رهن ٿيون. انهن مارڪيٽن ۾ مختلف قسم جي جهنگلي جانورن ۽ نانگ بلائن، ڪتن ڪُمين، باندرن ڀولڙن جو گوشت ملي ٿو. بلڪه اهي جانور زنده حالت ۾ سوڙهن پڃرن ۾ رکيا وڃن ٿا. خريد ڪرڻ تي دوڪاندار انهن کي توهان اڳيان وَڍي ڪَٽي ڏئي ٿو. ڪي خريدار ته نانگ ۽ ٻين ڪِن جانورن جو ان وقت نڪتل تازو رت پيئن ٿا جو هو سمجهن ٿا ته ان ۾ ڪيترين بيمارين جي شفا رکيل آهي يا هنن جو اهو وهم آهي ته انهن جانورن جو گرم رت مردن ۾ وڌيڪ شهوت پئدا ڪري ٿو.
سارس ٿيڻ تي چين، هانگ ڪانگ، تائيوان جهڙن ملڪن ۾ انهن آلين (Wet) مارڪيٽن تي بندش لڳي وئي هئي پر اها بندش ڪا ڇهه مهينا به مس هلي. هينئر ڪورونا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ جي ڪري اهڙن جهنگلي جانورن ۽ نانگ بلائن، ڪوئن سانڍن جي مارڪيٽ (Wet Market) تي بندش لڳي وئي. هر هڪ اهو سمجهيو ته ڪورنا وائرس ڪري چين ۾ ايڏا ماڻهو مئا آهن ۽ باقي ماڻهن جي علاج ۽ بچاءَ تي ايڏو خرچ ٿيو آهي، ڪارخانا ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ تي چين جي معاشي حالت کي ايڏو ڇيهو رسيو آهي جو هاڻ ته ان قسم جون مارڪيٽون يا انهن ۾ هلندڙ انهن گندن جانورن جو وڪرو ڪڏهن به نه ٿيندو پر اها بيماري رڳو چين ۾ گهٽ ٿي آهي (دنيا ۾ اڄ به روزانو وڌي رهي آهي) ته اهي Wet مارڪيٽون وري کلڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪي ظاهري طرح بند آهن پر انهن ۾ وڪرو ٿيندڙ جانور لڪ ڇپ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. آئون به اهو چوندو آهيان ته اهو ٿي نٿو سگهي ته چيني اهي شيون کائڻ ڇڏين. هرگز نه!
شروع جي سالن ۾، يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا جي شهرن جي Wet مارڪيٽن ۾ به ان قسم جي جانورن جو وڪرو عام ٿي ٿيو. پوءِ مڙيئي آهستي آهستي ٿي گهٽجڻ لڳو ۽ گوشت مارڪيٽن ۾ جتي ڳائو، ٻاڪرو ۽ مڇي ٿي وڪامي اتي غير مسلمان چينين ۽ يورپين لاءِ سوئرن جو گوشت ضرور وڪاميو ٿي پر ان لاءِ هر مارڪيٽ ۾ الڳ حصو مخصوص ڪيو ويو هو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ڏهه سال کن ملاڪا رياست جي هڪ ڳوٺ مسجد تاناح ۾ اچي رهيو هوس ته اتي به سوئر جي گوشت لاءِ مارڪيٽ جو الڳ حصو هو، پر پوءِ اتي لڳاتار رهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي خبر پيئي، بلڪه اکين سان ڏٺم ته پينانگ، اپوح، جوهور بارو جهڙن شهرن ۾ جتي چينين جي گهڻائي آهي اتي جي پاسيرين هوٽلن ۾ هر قسم جا نانگ بلائون ۽ جانور وڪرو ٿين ٿا ۽ نه فقط مڪاني چيني پر سنگاپور ۽ ٻاهر جي دنيا جا چيني ٽوئرسٽ مختلف جانورن جي پنهنجي اڳيان ڪٽائي ڪرائي انهن کي فراءِ ڪرائي کائين ٿا. هوٽل وارن ٻڌايو ته حڪومت اکيون بند ٿي رکي جو هنن شين جي وڪري ۽ مساج (مالش/ آڍ) جي ظاهري نالي جي آڙ ۾ هلندڙ سيڪس انڊسٽريءَ مان حڪومت کي ٽئڪس ۾ وڏو پئسو ٿو ملي.
چيني ماڻهو کڻي ڪٿي به رهن، هر ملڪ ۾ هنن جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اهڙن جهنگلي جانورن ۽ نانگ بلائن کائڻ جي تات لڳي رهي ٿي. بس سمجهو ته هنن جو ڪلچر اهو ٿي ويو آهي. ڪيترن جي دماغ ۾ اهو ئي وهم ۽ وسوسو آهي ته ان قسم جا گدلا، ڀوائتا ۽ جهنگلي جانور کائڻ سان انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي، خاص ڪري مردن جي مردانگي وڌي ٿي. چين ۾ يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، جتي چيني رهن ٿا انهن جي دوائن ۽ پسارين جي دڪانن تي به توهان کي ان قسم جي جانورن جي ڪن خاص عضون جو سڪل پائوڊر يا شربت ملندو، جنهن کي هو ٿڌ، زڪام، بخار، جسم جي سور جي علاج لاءِ بهترين شفا سڏين ٿا. چين ۾ ڪيترا دفعا اهڙن جانورن کي ڪهڻ تي سختي ٿي پر حڪومت مجبورن چپ ٿي وئي جو ڪيتريون ئي چيني دوائون اهڙن جانورن، پکين، نانگ بلائن، ڪوئن ۽ سانڊن مان ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪنهن کي اهڙي ڏوهه ۾ سوگهو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. مثال طور هڪ جانور آهي پنگولن جيڪو ماڪوڙيون ۽ اڏوهي کائي ٿو. هن جي جسم تي مڇيءَ جي ڇلرن جهڙا سخت ڇلر ٿين ٿا، جيڪي چيني ماڻهو ڪيترين ئي ديسي دوائن ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ اهي دوائون نه فقط چين ۾ پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪرو ٿين ٿيون. هن جانور (Pangolin) جو گوشت به وڏي شوق سان کاڌو وڃي ٿو جيتوڻيڪ ان قسم جي جانورن جو گوشت ڪڪڙ، بدڪ، ڳائي ٻاڪري کان به مهانگو ٿئي ٿو. ساڳي وقت پنگولن مان به وائرس جهڙي بيماريءَ جو خطرو آهي پر حڪومت جي بندش وجهڻ تي به ماڻهو پنگولن کي ڦاسائڻ يا انهن کي پالڻ تان نٿا مڙن. ههڙن ڏوهن ۾ پالڻ ۽ ڦاسائڻ وارن کان وٺي قاصائي، هوٽلن وارا، شهر جي غنڊا مافيا ۽ پوليس ان ڪم ۾ شامل رهي ٿي. پنگولن رکڻ وارو گرفتار ٿيڻ تي اهو ئي چوي ٿو ته آئون ڪنهن حڪيم يا دوائون ٺاهڻ واري لاءِ پالي رهيو آهيان، جيڪو هن جي ڇلرن مان دوائون ۽ ڦڪيون ٺاهيندو ۽ پوءِ ظاهر آهي هر ڪو سمجهي ٿو ته ان جو گوشت اڇليو ته نه ويندو. هونءَ به اهڙين شين جا شوقين مقامي توڙي اوسي پاسي جا ڪامورا، سيٺ، طاقتور ماڻهو ۽ سياستدان ئي ٿين ٿا. هي ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ ڪسٽم کاتي چين ڏي ويندڙ گڏهن جون 6 هزار کلون پڪڙيون هيون. انهن جي ظاهر ٿيڻ تي سڀني کي تشويش ٿي ته انهن گڏهن جو گوشت ڪيڏانهن ويو. ظاهر آهي اهو شهر جي هوٽلن جي ديڳڙن ۾ ئي رڌجي عوام جي پيٽ ۾ هليو ويو.
اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي جانور آهن جن بابت مسلمان ته ڇا يورپي به سوچي نٿا سگهن، جيڪي چين جي ڪيترن شهرن جي مارڪيٽن ۾ پڃرن ۾ بند نظر اچن ٿا ۽ گراهڪ جي خريداريءَ بعد اتي ئي انهن اڳيان ڪُٺا ۽ رڌيا وڃن ٿا. نه رڳو اهي دڪان پر گراهڪن ۽ ڏسڻ وارن جي بيهڻ واري جاءِ به انهن جانورن جي رت، آنڊن گجين ۽ ڪاڪوس سان لتل رهي ٿي. انهن جانورن ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگلي سوئر (جن سان اسان وٽ سنڌ ۾ ڪتن جي ويڙهه جو مقابلو ٿيندو آهي)، ڄاها، نَور، چراخ (Hyena)، آرمئڊيلو (Armadillo) جنهن کي ’بڪتربند‘ اٺ به سڏين ٿا، نظر اچن ٿا. ان تان مون کي ياد آيو ته آرمئڊيلو ۽ پنگولن سنڌ جو جانور ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو جانور پنهنجي علائقي کان ٻئي ۾ به اچي نڪرندو آهي. ٻن ٽن سالن بعد سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ماتلي، ميهڙ يا ڪنري، پنگريو ۾ مٿين ٻن جانورن مان ڪو نظر ايندو آهي، جيڪو مڪاني ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ اخبار جو نمائندو ان بابت ايڊيٽر کي لکندو آهي ۽ ڪاوش اخبار (جيڪا آئون پڙهان ٿو ان ۾ ڏسندو آهيان، ٿي سگهي ٿو ٻين اخبارن ۾ به ايندو هجي) ته فلاڻي ڳوٺ ۾ تصوير ۾ ڏيکاريل هي عجيب جانور نظر آيو آهي جنهن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آئون اها خبر پڙهي ڪاوش اخبار جي دوستن کي فون ڪندو آهيان ته سائين اهي بلائون خبر ناهي ڪيتريون، روز چين، ويٽنام، هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا جي مارڪيٽن ۽ ريسٽورنٽن ۾ پيون وڪامن، ترجن ۽ باربِي ڪِيو ٿين ۽ انهن جانورن کان دنيا واقف آهي.
دراصل چين جي گوشت مارڪيٽن (Wet Markets) ۾ ان قسم جا خوفناڪ، گندا ۽ جهنگلي جانور ۽ انهن کي ڪسندو ڏسي اسان جي جهازن جي خلاصين کي هميشه اها شڪايت رهي ٿي ته ههڙن بندرگاهن مان جهاز جي عملي لاءِ راشن پاڻي نه ورتو وڃي. اڄڪلهه جپان ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ مسلمانن جو تعداد وڌندو وڃي ۽ ان سان گڏ حلال گوشت به جتي ڪٿي نظر اچي ٿو نه ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هن پاسي جهاز لاءِ حلال ڳائو يا ٻاڪرو گوشت خريد ڪرڻ وڏو مسئلو هو. وري به چين جو هڪ ٻه بندرگاهه اهڙا هئا جتي مسلمان، مسجدون ۽ حلال گوشت جون مارڪيٽون هجڻ ڪري انهن مان جهاز لاءِ راشن وٺڻ تي مسئلو نه ٿيندو هو. هونءَ ته اسان جي اهائي ڪوشش هوندي هئي ته ٽن چئن مهينن جي ضرورت جو ڳائو ۽ ٻاڪرو گوشت ڪراچيءَ مان کڻي نڪرون يا رستي تي ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ جي ڪنهن بندرگاهه مان خريد ڪجي- جتي جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ آمريڪا کان سستو به ملي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن جپان ۾ جهاز جي وڏي مرمت ڪري يا جپان ۽ ڪوريا جي گهڻن بندرگاهن ۾ سامان لاهڻ چاڙهڻ ڪري وڏو عرصو گذري ويو ٿي ۽ راشن وٺڻ جي مجبوري ٿي ٿي. يا ڪڏهن جپان کان واپس وطن موٽڻ بدران چين مان آمريڪا ۽ ڪئناڊا لاءِ ڪارگو ملي ويو ٿي ۽ اتان پئسفڪ سمنڊ لتاڙي لاس اينجلس يا وئنڪوئر ڏي وڃڻو پيو ٿي. اهڙي حالت ۾ چين جي انهن بندرگاهن مان گوشت خريد ڪرڻ تي اسان جي خلاصين کي اعتراض نٿي ٿيو. هانگ ڪانگ وٽ هوندا هئاسين ته ڪئنٽن بهترين بندرگاهه هو نه ته اتر ۾ جپان جي ويجهو داليان (Dalian) بندرگاهه جتي مسلمانن لاءِ گوشت جي مارڪيٽ ئي الڳ آهي جيڪا اتي جا چيني مسلمان هلائين ٿا. هتي بيجنگ روڊ تي وڏي مسجد پڻ آهي جيڪا 1922ع ۾ ٺهي ۽ داليان شهر جي ڏهن بهترين مسجدن مان هڪ آهي. اها مسجد داليان ميٽرو ريل جي Xianglujiao اسٽيشن وٽ آهي.
هونءَ مسلمان ملڪن جي جهازن لاءِ حلال گوشت خريد ڪرڻ لاءِ اسان کي سڀ کان سڻائو بندرگاهه تيانجن (Tianjin) لڳو ٿي. هي چين جي اتراهين صوبي ’هي بي ئي‘ جو وڏو شهر ۽ بندرگاهه آهي. شنگهائي، بيجنگ ۽ چانگ چنگ (Chongqing) بعد تيانجن چين جو وڏو شهر آهي. منجهس ٻُڌن جي عبادت گهرن کان علاوه عيسائين جا گرجا گهر ۽ مسمانن جون مسجدون آهن. هي بندرگاهه هڪ مضبوط اسلامي مرڪز رهيو آهي ۽ شهر جي وڏي مسجد Qingzhen si جي آس پاس صدين کان مسلمان چيني رهندا اچن. هيءَ مسجد 1703ع ۾ ٺهي ۽ 12000 چورس ميٽرن تي مشتمل آهي جنهن ۾ مدرسي، لئبريري، خٿابين جي رهڻ سميت 20 کن عمارتون آهن. هيءَ مسجد هئاجوئي (Huajue) روڊ تي هجڻ ڪري هئاجوئي مسجد پڻ سڏجي ٿي ته ايسٽ (اوڀر پاسي واري) مسجد پڻ. ڇو جو سندس اولهه ۾ هڪ ٻي مسجد Daxuexi نالي پڻ آهي.
ائين ته چين ۾ عرب سوداگر اسلام کان به اڳ واپار لاءِ آيا ويا پئي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪئنٽن (گئانگ زهو) ۾ رهيا ٿي جتي جي مسجد اسلام جي شروعاتي ڏينهن جي آهي پر چين ۾ اسلام جي صحيح طرح پرچار ’منگ‘ گهراڻي جي حڪومت (جيڪا 1368ع کان 1644ع تائين هلي جڏهن ان جي گاديءَ جو شهر بيجنگ هو) جي آخري سالن کان شروع ٿي ۽ قنگ گهراڻي (جيڪو 1644ع کان 1911ع تائين هليو) جي ڏينهن (سترهين صديءَ) ۾ زورن تي رهي. پر سترهين صديءَ ۾ اسلام قبول ڪندڙ چينين کي وقت جي حڪومت هڪ حد تائين مذهب جي آزادي ڏيڻ قبول ڪئي هئي. حلال جانورن کي به اسلامي طريقي سان ذبح ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني. حج تي وڃڻ جي موڪل به 1731ع ۾ ڏني وئي. بعد ۾ جڏهن ويهين صديءَ ۾ مائوزي تنگ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ته 1945ع ۾ ٻين عبادت گهرن سان گڏ مسجدن کي به بند رکيو ويو ۽ مٿي بيان ڪيل هن وڏي مسجد کي اسٽيل فئڪٽريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو هو. بهرحال هن وقت گوشت مارڪيٽن جي ڳالهه نڪتي ته چين جي هن بندرگاهه تيانجن جو به ذڪر ڪري ويٺو آهيان جتي جون مسلمانن واريون گوشت مارڪيٽون وري به فضيلت واريون هيون جن ۾ ٻين حرام جانورن جو ته ڇا پر سوئر جو گوشت به نٿي مليو جيڪو ملائيشيا جي گوشت مارڪيٽن ۾ به عام آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي گوشت مارڪيٽن ۾ پڙدو يا آڏ ڏئي ان حصي کي جدا ڪيو ويو آهي.
چين ۾ منهنجو اچڻ پهرين سفر ۾ ئي ٿيو. ڪولمبو، پينانگ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن مان ٿي اسان جو جهاز ڪئنٽن جي ڀرسان سئم ڪانگ نالي هڪ بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو. هن بندرگاهه ۾ اسان هڪ ٻئي پويان ٽي چار چڪر هنيا ۽ هر دفعي سڄي جهاز کي هن بندرگاهه مان سامان سان ڀريو ويو ٿي. ان ڪري هر دفعي ٻن کان ٽي هفتا هتي رهڻ ٿيو ٿي. مائوزي تنگ جو دور هو. سڄي قوم بلو ڊريس ۾ پورهئي ۾ رڌل نظر آئي ٿي. شهر ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلي ٿي نه ته هر ڪو سائيڪل تي سوار هو. اسان جهاز وارن کي فقط بندرگاهه جي ڀرسان فرينڊشپ اسٽور ۽ سي مين ڪلب ۾ وڃڻ جي اجازت هئي پر پوءِ اسان اهڙا بي ڊپا ٿي وياسين جو هن ننڍڙي شهر جي مارڪيٽن ۽ بازارين ۾ به چڪر هڻندا رهياسين. فرينڊشپ اسٽور جيڪو جهاز وارن جي خريداريءَ لاءِ هو چڱو وڏو هو جنهن ۾ هر قسم جا دڪان هئا ۽ هر شيءِ تمام سستي اگهه تي ملي ٿي. اتي ريسٽورنٽون به هيون. اسان وٽ پاڪستان ۾ چيني ريسٽورنٽن جو کاڌو پسند ڪيو وڃي ٿو جو انهن ۾ مڇي، پلو، گانگٽ، مرغي اسان جي ٽيسٽ مطابق اسان جا مرچ مصالحا هڻي تيار ڪيو وڃي ٿو. چين ۾ به اچڻ سان اسان ان سواد جو سوچي هوٽلن تي ماني کائڻ جو سوچيوسين پر پوءِ اهو اسان جو پهريون ۽ آخري ڏينهن ثابت ٿيو جو ان جو ٽيسٽ ڪنهن کي به نه وڻيو. ويندي فراءِ رائيس به کائي نه سگهياسين. اهو ئي حال ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن جي چيني هوٽلن جي کاڌي جو آهي. سو ملائيشيا ويندڙن کي اهو ئي چوندس ته هو ملئي ڊش ڀلي ٽراءِ ڪن پر چيني ڊش هرگز نه.
سئم ڪانگ ۾ هجڻ واري پهرين دفعي ۾ ئي اسان ٻن ٽن ڏينهن بعد شهر به گهمڻ لڳاسين. گهمندي گهمندي، پنهنجي جهاز جي بنگالي انجنيئر ساٿيءَ سان گڏ، هتي جي گوشت مارڪيٽ ۾ به وڃي نڪتاسين. گوشت توڙي مڇي مارڪيٽ اسان جي ڳوٺ هالا توڙي ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ گندي ضرور آهي، پر چين جي هن شهر جي ڏسي وايون بتال ٿي ويون. ان ۾ قسمين قسمين جانور، مڇيون ويندي نانگ بلائون ۽ ماڻهن (مردن توڙي عورتن) جو خريداري تي گوڙ گهمسان ۽ بحث مباحثو، چوڌاري وهندڙ رت ۽ جانورن جون کلون ۽ آنڊا گجيون. اسان ته ڪڏهن سوچيو به نه هو. پنهنجي ڳوٺ ۾ ننڍي هوندي پئسا ڏئي ڀولڙو يا جوڳيءَ وٽ نانگ ڏسبو هو. هتي ته چوڌاري ڪيترائي ڀولڙا ۽ انهن جا قسم هئا جن کي ڪهڻ مهل هنن رڙيون دانهون ٿي ڪيون. هڪ حيرت انگيز ۽ ڏکوئيندڙ ماحول هو. خاص ڪري جيئري نانگ تان سندس کل کي ڇڪي لاهڻ تي سندس ڦٿڪڻ جو نظارو. سڀ کان ڀوائتو ۽ ظالماڻو نظارو جيئري ڀولڙي جو ميڄالو ڪڍڻ هو جنهن کي ڏسڻ بعد وري هن مارڪيٽ ۾ اچي نه سگهيس. جيئري ڀولڙي جو ميڄالو ڪڍڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو ڪاٺ جو چورس فريم هو جنهن جي مٿئين تختي ۾ ڀولڙي جي مٿي جي سائيز جو گول دائرو ڪٽيل هو. هن ۾ ڀولڙي کي بند ڪيو ويو ٿي ۽ هي فريم ننڍو وڏو به ٿي سگهيو ٿي. ڀولڙي کي هن ۾ داخل ڪري پوءِ هن دٻي کي سوڙهو ڪيو وڃي ٿو جيئن ڀولڙو هن ۾ ڦاسي وهي ۽ اتاهينءَ ۾ به ايترو ننڍو ڪيو وڃي ٿو جو ڀولڙي کي پنهنجي مٿي جو حصو فريم جي ڇت ۾ ٺهيل سوراخ مان ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو ۽ چُري پُري به نٿو سگهي ان سوراخ جي مٿان ڏانٽي جهڙو تيز ڇُرو ٿئي ٿو جنهن کي ڀولڙي جي مٿي جي چوڌاري زور سان گهمائڻ تي هن جي مٿي جي مٿئين حصي جو کوپو لهيو پوي ۽ هن جو ميڄالو (مغز) ظاهر ٿيو پوي. خريدار چمچي سان ڪڍي اتي جي هوٽل واري کي ان جي ترڻ جو آرڊر ڏئي ٿو يا گهر کڻي وڃي ٿو. ڪن کي ته اهو وهم آهي ته ڀولڙي جي ميڄالي کي اتي جو اتي ڪچو کائڻ تي هن جي شهوت وڌي سگهي ٿي.
مون ٻڌو آهي ته اڄڪلهه چين جي گوشت/ مڇي مارڪيٽ ۾ ڀولڙا ۽ انهن جو گوشت ضرور ملي ٿو پر سندن ميڄالو ڪڍڻ وارو هي ڪم عوام اڳيان نٿو ڪيو وڃي جيڪو مون سمجهو ته اڄ کان 50 سال کن اڳ 1968 ۽ 1969ع ڌاري ڏٺو هو. نه فقط چين ۾ پر اهي ڪم انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ به عام هئا خاص ڪري ڪوالالمپور جي مارڪيٽن ۾. هاڻ ملائيشيا جا ماڻهو نٽائين ٿا ته ملائيشيا ۾ ڀولڙن جو اهڙي طرح ظالماڻو قتل نٿي ٿيو پر مون کي ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ (Chowkit) مارڪيٽ جا اهي نظارا چڱي طرح ياد آهن. بلڪه 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهيل هوس ته اتي جي ڪنهن مڪاني چينيءَ اتي جي انگريزي اخبار نيو اسٽرئٽ ٽائيمس ۾ نه رڳو ماضيءَ ۾ چوڪٽ مارڪيٽ ۾ هلندڙ ڀولڙن ۽ حرام جانورن جي وڪري جو احوال ڏنو هو پر ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍڻ واري ڪاٺ جي فريم جي به تصوير ڏني هئي جنهن جي ڪٽنگ مون وٽ موجود هئي. جيڪڏهن ملي وئي ته هن مضمون سان گڏ ڏيڻ بهتر سمجهندس. هونءَ اڄ به ڪوالالمپور جي چوڪٽ مارڪيٽ ڏسڻ وٽان آهي ۽ آئون ٽوئرسٽن کي جتي چائنا ٽائون، سينٽرل مارڪيٽ، سري پتالنگ جهڙي مارڪيٽ ڏسڻ جي صلاح ڏيندو آهيان اتي چوڪٽ وڃڻ جي پڻ. هاڻ ته ان ۾ ڀولڙن يا ڪتن ٻلن جو ڪوس نٿو ٿئي ۽ ريسٽورنٽون پڻ حلال کاڌي جون آهن. منجهس 600 کن مختلف شين جا اسٽال آهن. آئون اڄ به چوڪٽ مارڪيٽ جو چڪر ضرور ڏيندو آهيان جتي پهريون دفعو 1970ع يا سال کن ان کان اڳ آيو هوس. چوڪٽ مارڪيٽ جي رونق، رنگ روپ، آواز، خوشبوئون ۽ هنڱ جي Pungent بوءِ جهڙيون ڌپون ۽ خريداري لاءِ آيل ماڻهن جي پيهه پيهان ۽ دڪاندارن جا هوڪا ڏسڻ، ٻڌڻ، سونگهڻ ۽ محسوس ڪرڻ وٽان آهن. اتي ئي سکن جو مندر ۽ پنجابي اسڪول پڻ آهي جنهن بابت پڻ پنهنجي شروعاتي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان جڏهن اتي جا سک ’پنجابي اخبار‘ به ڪڍندا هئا، جيڪا گرمکي لکڻيءَ ۾ هوندي هئي.
ڀولڙي جو گوشت ۽ جسم جا ٻيا حصا Bushmeat ۾ اچن ٿا. بش ميٽ ڀولڙن، بندرن، ببونن، چمپئنيزن، ويندي هاٿي ۽ ٻين جهنگلي جانورن جي گوشت کي سڏيو وڃي ٿو جنهن مان انسانن کي انهن جي خون ۾ موجود بيماريون لڳي سگهن ٿيون. پر ڏٺو وڃي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان ڳالهه جي ڄاڻ جي هوندي به ان قسم جي جانورن جو نقصان رسائيندڙ گوشت خاص ڊش (Delicacy) طور، وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ خاطر يا ان وهم خاطر اتي جا ماڻهو استعمال ڪن ٿا ته ان مان شهوت وڌي ٿي. چين ۾ ته صدين کان ڀولڙي جي گوشت جو وڪرو هليو ٿي. وچ وچ ۾ مختلف دورن ۾ بندش به پئي ٿي. انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ مسلمانن جي حڪومت هجڻ ڪري ان جي ڪوس تي بندش رهي ٿي. پر اتي رهندڙ چيني ۽ ڪجهه غير مسلم قومون اڄ به ڀولڙن جو شڪار ڪن.
جپان اهو ملڪ آهي جتي ان قسم جو گند ڪچرو تمام گهٽ رهي ٿو. گهڻو زور سامونڊي ساهه وارن تي هوندو آهي يا هاڻ ٿورو گهڻو بيف (ڳائي گوشت) تي... پر جپان لاءِ به مشهور آهي ته اتي جي هونگو (Hongu) ۽ نگانو (Nagano) علائقن ۾ ڀولڙن جو گوشت عام استعمال ٿيو ٿي، جيڪو مهانگو هجڻ ڪري فقط امير ماڻهو کائي سگهيا ٿي. نگانو جو هڪ مشهور پهاڪو/چوڻي آهي ته: Akizaru o yome nikuwasu nu يعني ”پنهنجي جوءِ کي سرءُ جي موسم ۾ ڀولڙي جو گوشت نه کارايو“. ڇو جو هن کي کارائڻ معنيٰ هڪ لذيذ ۽ اوچي سواد واري ڊش کي ضايع ڪرڻ آهي. هونءَ جپاني توڙي چيني عورتن جي دماغ ۾ اهو به وهم آهي ته ڊليوري بعد ڀولڙي جو گوشت هنن کي توانائي ۽ سگهه بخشي ٿو.
ڪو زمانو هو جو جپان ۾ ڀولڙي جو شڪار ڪيو ويو ٿي. هونءَ جپان ۾ ڀولڙي جي گوشت کي کائڻ لائق نٿو سمجهيو وڃي. ڏٺو وڃي ته جپان ۾ ته ڍڳي ۽ مينهن جو گوشت ته ڇا پر انهن جو کير پيئڻ کي به پاپ سمجهيو ويو ٿي. خاص ڪري جپان جي تنهائي(Isolation) واري دور جي ختم ٿيڻ تائين، جيڪو دور جپانيءَ ۾ Sakoku سڏجي ٿو، 1639ع کان 1853ع تائين سوا ٻه صديون کن ته سخت رهيو جنهن ۾ جپان وارن نه ڪنهن ڌارئين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ٿي ڏنو نه پنهنجي ماڻهوءَ کي جپان مان نڪرڻ ٿي ڏنو. پوءِ نيٺ آمريڪن جپان ۾ زوريءَ ڪاهي پيا ۽ 1853ع ۾ آمريڪن نيوي (فوج) جو ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجي ڪَلَ جي زور تي هلندڙ جهاز کي خليج ٽوڪيو ۾ وٺي آيو جنهن تي ماڊرن توبون لڳل هيون. جهاز جي انجڻ جي ڌڌڪي ۽ بندوقن توبن جي ٺڪاءَ تي سڀ جپاني ڊڄي ويا جو تنهائي (Isolation) ۾ رهي هنن کي ته اها به خبر نه پئجي سگهي هئي ته دنيا ڪيڏو ترقي ڪري وئي آهي. هُو پئي اڃان سڙهن وارن ٻيڙن ۽ تير ڪمانن ۽ گرزن تي هليا. آمريڪا جي طاقت ڏسي هنن کي آڻ مڃڻي پئي ۽ آمريڪا وارن سفير طور جنهن همراهه کي جپان ۾ رکيو ان نه رڳو کين ڍڳيون پالي، ان جو هن لاءِ کير مهيا ڪرڻ لاءِ چيو پر هن کائڻ لاءِ به مڇي گانگٽ سان گڏ بيف (ڳائي گوشت) جي به گهر ڪئي. ڳائو گوشت مهيا ڪرڻ لاءِ جپانين سفير صاحب جي گهر اڳيان هڪ ڍڳو ٻڌي ڇڏيو. هفتي ڏيڍ بعد ان جو ڪوس ٿيندو هو ته ان جي جاءِ تي يڪدم ٻيو ٻڌو ويو ٿي. ان بابت لکيل آهي ته ڍڳي کي ڪهڻ کي جپانين پاپ جو ڪم سمجهيو ٿي ۽ جنهن ڏينهن اهو ڪٺو ويو ٿي، سڄي رات ان ڳوٺ جو رهاڪو، مندر جي ٻائي سان گڏ پنهنجن ديوتائن کان معافي وٺندا رهيا ٿي ۽ سجدي ۾ ڪري پيا ٿي.
جپان جا ڪجهه اتراهان جابلو علائقا ضرور آهن جتي ڀولڙن جي گهڻائي هجڻ ڪري انهن چانورن جي فصل کي نقصان ٿي رسايو ۽ جن کي ڀڄائڻ لاءِ انهن کي ماريو به ويو ٿي ته انهن جو گوشت کاڌو به ويو ٿي. هونگو انهن مان هڪ علائقو آهي، جتي جي پراڻن شڪارين ۽ ٻيلي ۾ رهندڙن جو اهو ئي چوڻ رهيو ٿي ته Anna umai kotowa nai جنهن جو مطلب آهي، ”واه واه! ان جهڙي ٻي ڪا لذيذ شيءِ ٿي نٿي سگهي.“ جپان ۾ ماضيءَ ۾ ڀولڙن جو شڪار ان جي گوشت ۽ ٻين عضون لاءِ به ڪيو ويو ٿي جيڪي دوا طور استعمال ۾ آيا ٿي. هاڻ ته جپان ايڏو ماڊرن آهي جو جتي ڪٿي اسپتالون، دوائون ۽ ڊاڪٽر آهن ۽ هر دوا سائنسي بنياد تي تيار ڪئي وڃي ٿي نه ته ماضيءَ ۾، خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾، دل جي بيماري، بدهضمي، قبضي ۽ زناني بيمارين، ڳاٽي ٽوڙ بخار لاءِ ڀولڙي جو گوشت ۽ ان جا آنڊا کائڻ بهترين علاج هو ۽ دوا طور سڀ ۾ بهترين شيءِ ڀولڙي جو ميڄالو سمجهيو ويو ٿي. جن جي گهرن يا فصلن ۾ ڀولڙا نقصان رسائين ٿا انهن کي پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻي پوي ٿي جنهن کي ڏنگن ڀولڙن کي مارڻ جو هنر ۽ سرڪار طرفان اجازت مليل آهي ته اهي ان قسم جي جانورن کي ماري انهن جو تعداد گهٽائين. کين ان جو اجورو ڀولڙن جي تعداد مطابق ڏنو وڃي ٿو جيڪي ثبوت خاطر انهن جا پُڇ يا ڪَنَ ڏيکاريندا آهن. انهن شڪاري پوليس وارن لاءِ مشهور آهي ته هو رڇ يا سوئر جهڙي جانور کي مارڻ لاءِ جلد تيار ٿيو وڃن پر ڀولڙي لاءِ ڪيٻائين ٿا ۽ هنن جو اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته Jibun no kao ni nitteiru يعني ان جي شڪل اسان سان ملي ٿي. يعني هو ماڻهوءَ مهانڊو آهي. ٻي ڳالهه ته رڇ وغيره تي ته جڏهن بندوق تاڻيون ٿا ته هو ڪاوڙ ۾ اچي حملو به ڪري ٿو پر ڀولڙو inochigoi جي ادا ڪري ٿو يعني هو مسڪين شڪل ٺاهي هٿ ٻڌي پنهنجي زندگيءَ جي بيک (دان) گهري ٿو.