الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

اڌ صدي اڳ جون ڳالهيون (مائوزي تُنگ وارو چِين)

چين ۾ منهنجو پهريون دفعو 1968ع ۾ وڃڻ ٿيو. تعليم ختم ڪري، پاڻيءَ جي جهاز تي مئرين انجنيئر جي نوڪريءَ لاءِ چڙهيو هوس. جهاز کي ڪنهن اهم سرڪاري ڪم جي سلسلي ۾ چٽگانگ کان سڌو چين جي هڪ ڏاکڻي بندرگاهه ’سئمڪانگ‘ ۾ وٺي آيا هئاسين. هن بندرگاهه کان هانگ ڪانگ بلڪل ويجهو آهي ان ڪري، ان کان پوءِ جڏهن به ’سئمڪانگ‘ اچڻ ٿيندو هو ته ايندي ويندي ساهي پٽڻ ۽ جهاز لاءِ تيل پاڻي هانگ ڪانگ مان کڻندا هئاسين.
چين جي بندرگاهه توڙي ٻين شهرن ڏي هانگ ڪانگ کان خشڪيءَ رستي (By-Road) به اچي وڃي سگهجي ٿو. هانگ ڪانگ جا ٻه حصا آهن. هڪ وڪٽوريا ٻيٽ ۽ ٻيو ڪولون. ڪولون وارو پاسو چين جي سرزمين سان ڳنڍيل آهي ۽ ڪولون کان چين ڏي ريل گاڏي يا بس ڪار ذريعي پڻ وڃي سگهجي ٿو. ڪولون (هانگ ڪانگ) ڇڏي چين جو بارڊر ٽپڻ تي ڪئنٽن ويجهي ۾ ويجهو شهر آهي.
چين جي مٿئين ننڍي بندرگاهه سئم ڪانگ کان وٺي اتراهين شهر دئرين ۽ وچ وارن شهرن: ’شنگهائي‘، ’بيجنگ‘، ’پيڪنگ‘، ’سِنگ تائو‘ وغيره وغيره ۾ منهنجو هڪ جهازي يعني عام ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ گهمڻ ڦرڻ ٿيو آهي. مون کي هن ملڪ چين ۾ رهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اٽڪل اٺ نَوَ دفعا ڪڏهن ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ته ڪڏهن هفتي ٻن لاءِ بلڪه ڪڏهن ته مهينو سوا به هن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ مليو، پر چين جهڙي هيڏي وڏي ملڪ کي چڱي طرح جانچڻ لاءِ اهو ڪو گهڻو ناهي. هڪ اهڙي ملڪ لاءِ جنهن ۾ ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جنهن ملڪ جي ماڻهن جي تهذيب/ ڪلچر/ رسم رواج/ عادتون وغيره هڪ ٻئي کان تمام گهڻو آپي آپي آهن ۽ جنهن ملڪ جون سرحدون هڪ طرف هانگ ڪانگ ۽ ويٽنام سان ملن ٿيون، ٻئي پاسي ڪوريا ۽ جپان جي ويجهو وڃيو نڪرن ته ٽئي طرف روس انڊيا ۽ پاڪستان سان وڃيو لڳن.
چين ۾ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن تي منهنجو وڃڻ نٿي ٿي سگهيو جتي چيني، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ منع نامون لکيل هوندو هوته ڌارين ماڻهن لاءِ بنا اجازت جي هن پاسي اچڻ غيرقانوني آهي. باقي ٻين هنڌن تي آئون پنهنجي مرضي ۽ موڊ موجب، آزاديءَ سان هليس ٿي.
چين ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چوري چڪاريءَ جي مصيبت ناهي ۽ نه انهن رنڍين کنڊين سان ڀريل گهٽين جو آزار آهي، جيڪو آمريڪا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان وٺي ڏور اوڀر جي هڪ هڪ ملڪ ۾ آهي. مائوزي تنگ جي چين کي آمريڪا جهڙا ڏهه ملڪ کڻي ڏهه گاريون ڏين ته چين ترقي نه ڪئي آهي يا چين ۾ ترقيءَ جي رفتار سست آهي، ماڻهو خوشحال ناهن، سادا ڪپڙا پائين ٿا، هر شئي راشن تي ملي ٿي وغيره وغيره. پر يارو! مون کي چين ۾ ڪٿي ڊيگهاريل هٿ يا ڪشتو نظر نه آيو. شنگهائيءَ ۾ هڪ دفعي هڪ فقير ڏٺو هوم. سندس اڳيان وڇايل بوڇڻ تي هڪ سڪو به نه هو.
چين ۾ گاڏيون، لاريون ۽ ٽپال کي وقت جي پابنديءَ تي ايندو ۽ هلندو ڏسي تعجب لڳي ٿو. اهي ته ٺهيو پر ڌوٻي به پوري وقت تي ڪپڙا پهچائي ٿو. اها ته واقعي ڏاڍي ڳالهه ٿي، جنهن ۾ جپانين کان به زور ٿي ويا.
ڪوالالمپور کان وٺي نيويارڪ تائين، اسلام آباد کان وٺي شارجا ۽ دمام تائين، دنيا ۾ ڪيترائي شهر آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ ته تمام سهڻا ۽ صاف آهن، پر تواريخي خيال کان ڪجهه به نه آهن، جو اهي ٻه چار سئو سال مس پراڻا ٿيندا، پر چين ملڪ ۾ بيجنگ جهڙا ڪيترائي شهر آهن، جن تي وقت جو پکي ايامن کان آري تي ويٺو آهي. ماڻهو مري ويا پر سندن يادون عمارتن جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهن. چيني ڀت کان وٺي پندرهين صديءَ جي منگ Ming سلطنت جي شهنشاهه ينگ- لو جا اڏايل سج ۽ چنڊ ديوتا لاءِ قربانيءَ جا ٽڪساز اڃان تائين موجود آهن. جيتوڻيڪ 1949ع ۾ مائوءَ جي حڪومت بيجنگ شهر ۾ رستي تي اڏايل دلي دروازا ۽ ديوارين جا ڪيترائي حصا ڊهرائي ڇڏيا، جيئن آمدورفت کي لنگهه ۾ سولائي ٿئي.
چيني ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ايترو فڪر آهي، جيترو اسان جي ماڻهن کي پنهنجي گهر ۽ پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ.
چين جي وڏي شهر جي جنهن دڪان ۾ گهڙ ته ماڻهن ۽ ٻارن جا ميڙ، خاص ڪري ڳوٺن جي دڪانن ۾ نظر اچن ٿا. هُونءَ چين ۾ ماڻهن جي وندر لاءِ ڪا گهڻي ٽي وي، ريڊيو، سئنيما فلمون، ميلا ملاکڙا، نمائشون، هوٽلون، اوطاقون اوتارا، پارڪ پب نه آهن. پوءِ اسان جهڙو ڪو ڪارو فارينر به نظر اچيو وڃي ته سمجهو ته هنن واندن لاءِ وڏي وندر ٿيو وڃي. پيا اسان جي ڪڍ هلندا. ڪٿي اسان جو پير ترڪي ويو ته ڏسندڙن لاءِ ويتر وڏي وندر. رمبوتان يا ليچيءَ جهڙو هتي جو اوپرو ميوو ڪو يورپين واٽ ويندي غلط نموني سان کائيندو ويندو ته اها به هنن لاءِ وڏي وندر ٿي ۽ ان کي ڏسي پيا کِلندا ۽ حِظ حاصل ڪندا.
ان تان ياد آيو ته هڪ دفعي منهنجو ئي پير ترڪيو هو ۽ شنگهائي جي گهٽيءَ جا ننڍا ٻار ۽ پوڙها پنهنجيون چُوچيون اکيون بند ڪري کِليا هئا. ٻئي ڪنهن جي اهڙي ڳالهه ڪٿي ٿي ياد بيهي!
جهاز کان واڪ ڪندو مارڪيٽ وڃي رهيو هوس ته رستي تي شنگهائي شهر جون گهٽيون صاف ڪندڙ هڪ ڀنگي مليو. هٿن ۾ ڪکن وارو ٻهارو، منهن تي اڇي رنگ جو سوٽي ڪپڙي جو سرجيڪل ٻوٿارو، مون ڏي نهاري، خوشيءَ مان اکيون چوچيون ڪري کيڪاريائين: ”نيهائو.“ معنيٰ ڪيئن آهيو؟ يا ڇا حال آهي؟ هڪ گهر جي دِڪِيءَ وٽ زال مڙس ويٺا هئا. ”نيهائو“ هنن چيو. پارڪ جي ڪنڊ ۾ هڪ همراهه تائجي- چوئان (سِلو موشن ۾ ٿيندڙ ورزش) ڪري رهيو هو. کيس عجيب نموني سان ڪسرت ڪندو ڏسي، آءٌ بيهي رهيس. پاڻ مرڪي ”نيهائو“ چيائين. هلندو هلندو ويجهي بس اسٽاپ تي اچي پهتس. بس آئي. منجهس تر ڇٽڻ جي به جاءِ نه هئي. هڪ همراهه اٿي مون کي وهڻ لاءِ جاءِ ڏني. ڀر ۾ ويٺل همراهه پيلا هئڊا ڏند ڪڍي نيهائو چيو.
چين ملڪ ۾ توهان هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي دوست ٺاهي سگهو ٿا.
شنگهائي هجي يا بيجنگ، سنگتائو هجي يا سئم ڪانگ- چين جا رستا سڄو ڏينهن ماڻهن، سائيڪل سوارن ۽ رکي رکي لنگهندڙ بسين ڪارن سان ڀريل نظر ايندا. سج لٿي کان پوءِ، آهستي آهستي ٿي، ٺاپر ٿيندي ويندي آهي ۽ پوءِ رات جو نائين بجي ’ڪڪڙون ڪُون‘. رات جو دير تائين ڇا جا گهمڻ ڦرڻ ڇاجيون لوفرپائيون. ”سوير سمهجي سوير اٿجي“ وڏن پڙهايو اسان کي آهي، عمل چين جا چيني پيا ڪن.
شنگهائيءَ جي لفظي معنيٰ آهي ’سمنڊ تي‘ ۽ واقعي اهو سمنڊ ئي آهي، جنهن ذريعي دنيا جي ملڪن سان هن شهر جو ڳانڍاپو ۽ واپار ٿيو. تيزيءَ سان وڌيو ويجهيو ۽ وڏي شان ۽ حيثيت تي رسيو.
شنگهائي چين جو سڀ کان وڏو شهر آهي. آدمشماري توڙي سياست کان، بندرگاهه توڙي فئڪٽري ڪارخانن کان، هي شنگهائي شهر آهي، جتان 1921ع ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جنم ورتو ۽ 1949ع ۾ ڪميونسٽ طاقتن ان تي قبضو ڪري، چيانگ ڪائي شيڪ کي تائيوان ڀڄائي ڪڍيو. شنگهائي اهو شهر آهي، جتي 1965ع ۾ ڪلچرل انقلاب جو پهريون ڏيک ظاهر ٿيو. مائوءَ جي پوئواريءَ ۾ لکيل خط، هن شهر جي بيحد اثر رسوخ واري اخبار ’وين هئي بائو‘ (Wen Hui Bao) ۾ ڇپيو ۽ چئن ڄڻن جي مشهور گئنگ جو اڏو پڻ شنگهائي هو. هي اهوئي شهر آهي جنهن جي هڪ ڳاڙهين سرن واري هوٽل جنگ- جيانگ (Jing- Jaing) ۾ آمريڪا جو صدر نڪسن ۽ چين جو پريمر چواين لائي 1972ع ۾ ملي، ٻنهي ملڪن جا تعلقات بهتر ڪيا.
اسان جو جهاز شنگهائي جي مشهور، ميرانجهڙي ۽ گپ هاڻي ندي هئانگ پو (Hung-Po) ۾ چڱو ويجهو اچي بيٺو. شهر ڏي پنڌ ايندي ويندي وقت پاسن کان وونئڻن جو فصل ۽ مختلف ڪارخانن جي بخارين مان نڪرندڙ دونهين جي ڄر نظر آئي ٿي. هئانگ پو نديءَ وٽ (بندرگاهه جي ويجهو) شنگهائي تي، اوڻهين صديءَ ۾ حڪومت ڪندڙ مختلف حاڪمن: انگريز، فرينچ، جرمن، آمريڪن، جپانين جا اڏيل قلعا صاف نظر اچن ٿا- جن هن شهر شنگهائيءَ کي سڄي چين ملڪ ۾ امير بڻايو ته غريب به. رنگين بنايو ته غليظ به. هي اهو شهر آهي جنهن جي خوشبوءِ ۽ جادو ڪيترن جي دل ۽ دماغ تي اڃان تائين ڇانيل آهي. جنهن لاءِ ٿيوڊور وائيٽ (Theodore. H. White) لکيو آهي:
The long vanished contrasts of sybaritic pleasures and world less sorrows.
نديءَ جو ڪپر ڏئي هلندي وقت، اڄ به درياءَ ۾ نوَن ۽ ماڊرن جهازن سان گڏ پراڻي زماني جا سمپان ۽ جنڪ جهاز Junks، جن جون ڇتيون ڳوٺن ۾ ٺهيل منهن جهڙيون ٿين ۽ اڳڙين جا ڦاٽل سڙهه چتيون لڳل، ترندي نظر ايندا. جن جي پٺيان هن ملڪ جو ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪي ٿو.
درياءَ جي پاسي وارو ويڪرو رستو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ بنڊ (Bund) سڏبو هو، اهو مائوءَ جي انقلاب کان پوءِ هاڻ سن يات سين (Sun- Yat- Sen) روڊ سڏجي ٿو.
هانگ ڪانگ ۽ شنگهائي بئنڪ جيڪا چين جي دولت جي ٽجوڙي سمجهي وئي ٿي، ان جي عمارت اڄڪلهه ڪميونسٽ پارٽيءَ جو هيڊڪوارٽر آهي. شنگهائي ڪلب جيڪو ڪنهن زماني ۾ انگريزن جو سڀ ۾ ڊگهو بار سمجهيو ويو ٿي، جنهن جي ٻاهران تن ڏينهن جو بدنام نعرو Dogs & Chinese Not Allowed لکيل هوندو هو، اهو هاڻ چيني خلاصين/ جهازين جو ڪلب آهي. مائوءَ جي انقلاب کان اڳ وارو آمريڪن ڪلب هاڻ پوليس اسٽيشن آهي ۽ جرمن ڪلب بئنڪ آف چائنا آهي. ٿيوڊور ڪسٽمس بلڊنگ جو ٽيٽيهه ميٽر ڊگهو ٽاور-ڪلاڪ اڄ به هر ڪلاڪ پورو ٿيڻ تي ساز وڄائي ٿو، پر هاڻ سندس راڳ ’اوڀر ڳاڙهو آهي‘ آهي.
چين کي اسان جهڙي ٽي دنيا جا ملڪ يا يورپ، آمريڪا جهڙا امير ملڪ ڪجهه به سمجهن پر هڪ ڳالهه آهي ته ’مائوزي تنگ‘ جي سوشلزم اچڻ بعد چين ۾ ڪو به بک وگهي نٿو مري. ڪو ليڙون ٿيل ڪپڙو نٿو اوڍي، جنهن سان هن جي جسم جي اوگهڙ ظاهر ٿئي. ظاهري طرح چين کڻي عمارت سازيءَ ۾ ترقي نه ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو اڃان به سادن گهرن ۾ رهن ٿا پر اهو آهي ته اهي گهر گدلا نه آهن. اهي صاف سٿرا ۽ اڇي پوچي ڏنل نظر اچن ٿا. گهٽيون هر وقت ٻهاريل ۽ ڌوتل نظر اچن ٿيون. چاهي شنگهائيءَ جي وچ شهر جي سوڙهي گهٽي هجي يا ٻهراڙيءَ جي ويڪري ۽ وڏي... چين جي اتراهين سرد ۽ برف باري واري شهر جي گهٽي هجي يا ڏاکڻين شهرن جي... گهٽ ۾ گهٽ صحت ۽ صفائي جي خيال کان چين جا شهر ۽ ڳوٺ اسان کان بهتر آهن. اسان وٽ قيمتي پٿرن ۽ شيشن جي ٽڪ جڙ جا بنگلا ته وڏا وڏا ٺهي ويا آهن پر افسوس جو انهن ٻاهران گهٽين ۾ گندگي عام نظر اچي ٿي، جنهن کي ڏسي ڏسي، اسان جون اکيون هاڻ اهڙيون ٿڌيون ٿي ويون آهن، جو احساس ئي نٿو ٿئي ته موهن جي دڙي جي تهذيب سان به ڪو اسان جو تعلق هو، اسلام جي قول ’پاڪائي اڌ ايمان آهي‘، سان به ڪو اسان جو ويجهو واسطو آهي.
بهرحال مسلمان چين ۾ به رهن ٿا، بلڪه جنهن تنهن شهر ۾. دئرين، پيڪنگ، ڪئنٽن جهڙن هنڌن تي ته باقاعدي مسلمانن جا پنهنجا پنهنجا پاڙا، ادارا ۽ گوشت مارڪيٽون آهن، جتي رڳو حلال شيون وڪامن ٿيون ۽ انهن هنڌن تي صفائي ۽ سٿرائي اهڙي جنهن کي ڏسي ڌاريون ماڻهو به متاثر ٿيو وڃي.
شنگهائيءَ جي ’سن يات سين‘ روڊ تي نمبر ون وڏي ۾ وڏو ڊپارٽمينٽ اسٽور آهي، جتي روزانو لک کن گراهڪ اچن ٿا. منجهس ڪيترن ملڪن جي وڏن ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ سپر مارڪيٽن کان وڌيڪ شيون رکيل آهن. سائيڪل ۽ سانچي کان وٺي ٿرماس پينسل تائين. جوتا، چمپل، سلڪ ۽ ڪاٽن جو ڪپڙو، بال، بلاڪيٽ، بئٽون، گٽار، گل، رانديڪا، پلاسٽڪ جا تڏا، ٽرانسسٽر ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊر، ليچي ۽ ناسپاتيءَ جي بند دٻن کان وٺي تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا ملندا، پر هر شئي چين ۾ ٺهيل/پوکيل.
چين ۽ آمريڪا جي دوستي ٿيڻ کان پوءِ هاڻ مڙيئي آمريڪي شيون چين ۾ نظر اچڻ لڳيون آهن. ڪنهن ڪنهن وڏي شهر جي وڏي ڀت تي ڪوڪا ڪولا جو پوسٽر به نظر اچي ٿو. چين آمريڪا جي خلائي سياري (نشرياتي رابطي) ذريعي ٽي وي پروگرام پڻ نشر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳوٺن جا انچارج ٻنيءَ کي هر ڏيڻ لاءِ فورڊ ٽرئڪٽر گهرائڻ چاهين ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه چيني وڏي شوق سان انگريزي سکي رهيا آهن ۽ هاڻ آمريڪن چواڻي، هُو آمريڪن کي پسند به ڪرڻ لڳا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه سال اڳ هنن گنهگار اکين شنگهائي، پيڪنگ، ڪئنٽن توڙي سئم ڪانگ جهڙن شهرن ۾ ان قسم جا پوسٽر ۽ ڀتين تي آئل پينٽ سان لکيل ضرور ڏٺو ته سامراجي يعني آمريڪن ههڙا ۽ ههڙا آهن. هاڻ انهن نعرن بدران ڀتين تي لکيل آهي. ’جُنگ مائي يو يي‘ معنيٰ ’چيني آمريڪن دوست دوست‘ بهرحال انهن جي دوستيءَ جي خوشي پئدا ڪرڻ ۾ ڪجهه حصو اسان جو به آهي. چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه کن پيڙهين جو وڇوڙو ختم ڪرائڻ ۾ پاڪستان پڻ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن جو تفصيل ’هينري ڪسنگر‘ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي.
’هئنگزائو‘ چين جي خوبصورت ترين شهرن مان هڪ آهي. جبلن جي وچ ۾، ڍنڍ جي ڪناري تي سرسبز سائو ۽ ٻارهوئي سٺي رُتِ وارو. بهار جي موسم جيان هي شهرُ، شاعرن ۽ نقاشن لاءِ جنت آهي. ساڳي وقت ’هئنگزائو‘ شهر هزار کن سالن لاءِ چين جي شهنشاهن لاءِ سڪون ۽ سانت جو گهر رهيو.
شهر جي چوڌاري ڍنڍ تي ڪنول جا گل ۽ هر سال بهار جي رت ۾ پاسن کان جبلن تي کڙندڙ گلابي گل ۽ بادامن، ناڪن ۽ ناسپاتين جي وڻن جو نظارو ڏسڻ وٽان ٿئي ٿو. هئنگزائو شهر چين جو پهريون شهر آهي جنهن ۾ ٻڌ ڌرم پنهنجا پير پختا ڪيا، جتان پوءِ اهو ڌرم اوسي پاسي جي شهرن ڏي وڌيو. هي اهو شهر آهي جنهن لاءِ مارڪو پولو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر هئنگزائو آهي.“ ۽ هن شهر لاءِ چين ۾ چوڻي مشهور آهي ته ’مَٿي آسمان تي جنت آهي ته هيٺ ڌرتيءَ تي هئنگزائو.‘
شنگهائيءَ کان هئنگزائو ريل رستي به اچي سگهجي ٿو. ’اورينٽ ايڪسپريس‘ جي سائي رنگ جي ريل گاڏي چڱي آرام واري ۽ تکي آهي. رستي تي دريءَ جي ٻاهران ساوا ساوا کيت ۽ مند آهر تورئي، سرنهن، ڄانڀي ۽ ڪپهه جا رنگين گل ۽ سفيد ڏينا، ڍنڍون، جبل ۽ ماٿريون، نيرو نيرو اڀ ۽ ڪٿي ڪٿي ڪارا ڀورا ۽ چانديءَ جي تند وارا ڪڪر، سندن گوڙ گُڙڪو، کِنوَڻ جو تجلو ۽ بونداباندي يا وسڪارو، ڏسي ڏسي به دل نٿي ڀرجي. ريل اندر وري فرش تي وڇايل نصرپور ۽ عمرڪوٽ جي کٿن ۽ کَيسَن جهڙا گِلم، درين تي ڦڪي ۽ واڱڻائي رنگ جي وڏن گلن وارن پڙدن، سهڻي مئچ پئدا ڪئي ٿي. رکي رکي اڇي رنگ جي ائپرن ۾ گلابي ڳَٽن واريون چيني ڇوڪريون، هالا جي ڪاشيءَ جهڙين پيالڙين ۾ هتي جي مشهور چانهه ’DRAGON-WELL‘ ڏئي ويون ٿي. جيڪا ريل جي دٻي جي ٿڌڪار ۽ سانتيڪي ماحول ۾ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ ۾ عجيب مزو آيو ٿي ۽ رکي رکي جپان ۾ ريل جو سفر ياد ٿي آيو. خاص ڪري ’فيوجي جبل‘ وٽان لنگهڻ وارو حصو. بس فرق فقط اهو ته چين ۾ ماڻهن جي ڪپڙي توڙي عمارتن، جڳهين ۽ گاڏين جا رنگ ايترو کُليل، چٽا ۽ روشن نه آهن جيترا جپان ۾. چيني مردن توڙي عورتن جا ڦيٽهڙ بلو ۽ چِهچ آسماني رنگ جا مائو-ڪٽ ڪوٽ، واسڪوٽ ۽ بش ڪوٽ ڏسي ڏسي ڪڏهن دل کَٽِي ٿيو پوي، پر هاڻ مائو جي مرڻ بعد مڙيئي اها يڪسانيت ختم ٿيڻ لڳي آهي. بلو ڪپڙن جي ميڙ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا ڇوڪري سائي، ڳاڙهي، فيروزي، گلابي رنگن جي بلائوز اسڪرٽ ۾ پڻ نظر اچي ٿي. نه فقط ٻاهرين ڊريس پر اندريان ڪڇا، باڊيون، گنجيون پڻ رنگين ۽ ريشمي پائڻ لڳيون آهن، جيڪي انڊر گارمينٽس اڪثر گهرن اڳيان رسين تي سُڪندي نظر اچن ٿا. سنگاپور، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ولائتين کان ايندڙ سندن چيني مائٽ اڪثر ان قسم جون سوغاتون ۽ تحفا هنن لاءِ آڻين ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ ته هڪ ٻن هنڌن تي نوجوانن کي ’مائيڪل جئڪسن‘ ۽ ’جارج بئاءَ‘ جي گانن جا ڪئسٽ پڻ وڄائيندي ٻڌم. مائوءَ جي مرڻ بعد سج لٿي مهل شنگهائيءَ ۾ يا ڪئنٽن جي ڪلچرل پارڪ ۾ نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين کي هاڻ هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلندو ڏسڻ ته هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي آهي، پر ڪٿي ڪٿي پارڪن ۾ مائوءَ جا چيني، چُما چٽ ڪندي پڻ نظر اچن ٿا.
1965ع ۾ مائوءَ جي سڏ تي، ڪلچرل انقلاب سڄي چين ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ چين جي ڪيترن شهرن ۾ پراڻين اڏاوتن، تهذيبن جاين مندرن جي اجائي ڀڃ ڊاهه ڪئي ويئي ۽ ماڻهن کي تنگ ڪيو ويو/ ستايو ويو/ ماريو ويو.
هئنگزائو شهر ۾ به ڏکوئيندڙ نقصان ٿيا، جتي اڳهين 1850ع ۾ ’تائپنگ‘ جي بلوَي ۾ ڪافي ڪجهه ٿي چڪو هو، پر هن تهذيبي انقلاب ۾ گهڻو ڪجهه ٿيو. گوتم ٻُڌ جو وڏو مندر ’اميتاڀا‘ (Amitabha) نالي جيڪو ٻارهين صديءَ جو اڏيل هو ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ’ييو فيئي‘ (Yue-Fei) چيني مندر جيڪو ’سِنگ گهراڻي‘ جي مشهور جنرل ’هيرو‘ جي نالي هو، جنهن منگول لشڪر کي واپس ڀڄائي ڇڏيو، اهو پڻ ڪيرائي نالو نشان چٽ ڪيو ويو. ’يين زيا‘ (Xen Xia) جي غارن ۾ رکيل ڏهين صديءَ جا گوتم جا ڪيترائي پِتل جا پُتلا مُترڪن سان ڀڳا ويا. انهن مورتين لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سنگتراش جون سڀ کان خوبصورت شاهڪار شيون هيون.
بهرحال ان انقلاب لاءِ ذميوار مائوءَ کان وڌيڪ سندس خليفا هئا. خاص ڪري چار ڄڻا، جيڪي ’چئن جي ٽولي‘ (Gang of Four) نالي سان سڏجن ٿا. انهن ۾ هڪ مائوءَ جي زال پڻ آهي. اهي مڙيئي پنهنجو پاڻ کي مائوءَ جا وارث سمجهڻ لڳا هئا. مائوءَ جي مرڻ بعد انهن چئن چنڊالن جي ٽولي (Sige Ren Bang) کي حڪومت مان ڪڍي، کين ڪورٽ ڪٽهڙي ۾ آندو ويو ۽ مٿن ڪيس هلايو ويو. انهن چئن همراهن جي ڪري به چيئرمين مائوءَ جي ساک ۽ مڃتا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
هڪ چيني شاگرد چين جي هن (Cultural Revolution) بابت ٻڌائيندي آخر ۾ چيو: ”اڄ مائو اسان وٽ نه رهيو آهي ۽ نه ڪو ٻيو مائوءَ جهڙو چين ۾ پئدا ٿي سگهندو. سندس ياد اڄ به اسان جي دلين ۾ مٿاهون مرتبو رکي ٿي، پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ چين ۾ ماڻهن مائوءَ کي ديوتا سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي. مائو، هاڻ، اسان جي نظرن ۾ فقط هڪ ماڻهو آهي.“
’ڪئنٽن‘، ’شنگهائي‘ ۽ ’پيڪنگ‘ چين جا مشهور ترين شهر آهن. گپ- هاڻي پرل ندي، ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ جتي ڇوڙ ڪري ٿي. ان ڇوڙ واري هنڌ تان، ان نديءَ رستي پٺيان پٺيان چوهٺ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪئنٽن شهر آهي. ڪئنٽن شهر صدين کان چين جي ڄڻ مارڪيٽ رهيو آهي ۽ ڀر وارن ملڪن: ’سيام‘ (ٿائلينڊ)، ’ملايا‘، ’انڊونيشيا‘ کان ته ڇا پر ويندي ’هندستان‘، ’اوڀر آفريڪا‘ ۽ عرب ملڪن جا واپاري به هن شهر ۾ خريداري ۽ وڪري لاءِ ايندا رهيا آهن.
عرب واپارين ڪئنٽن ۾ ستين صديءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو ۽ انگريزن 1715ع ڌاري. انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي ريشم، چانهه ۽ چينيءَ جي ٿانوَن جي خريداري ڪئي ٿي ۽ ساڳئي وقت سمگلنگ ذريعي ڏوڏي Opium جو وڪرو ڪري، چينين کي چرسي موالي بنايو ٿي ۽ ناڻو ڪمايو ٿي. اڄ به ڪئنٽن واپار وڙي کان مشهور آهي. مائوءَ جي مرڻ کان پوءِ هاڻ ڌارين ٽورسٽن (گهمڻ لاءِ ايندڙن) کي پڻ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڏني ويئي آهي ۽ جيترا ٻاهران سياح چين جي ٻين شهرن: پيڪنگ، شنگهائي وغيره کان ٿي هتي ڪئنٽن پهچن ٿا، ان کان وڌيڪ فقط هانگ ڪانگ کان ٻيڙي، ٽرين، بس ۽ هوائي جهاز رستي هتي اچن ٿا.
هونءَ چين جي ٻين علائقن جي رهاڪن لاءِ ڪئنٽن ڪو سهڻو ۽ سليقي وارو شهر نٿو سمجهيو وڃي ۽ نه ڪئنٽن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب تمدن ۽ زبان اتم سمجهي وڃي ٿي. ڪئنٽن صوبي جي ڪئنٽونيز ٻولي ٻڌڻ ۾ ايتري کهري ۽ رُکي چئي وڃي ٿي جو چين جي اتراهن علائقن وارا چوندا آهن ته ’ڪئنٽونيز‘ ٻوليءَ ۾ ٿيل تعريف کان ته بهتر آهي ته ڪنهن ٻئي علائقي جي ٻوليءَ ۾ گاريون ٻڌجن.
ڪئنٽن ۾ ڌارين جي رهڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي هوٽل ٻه هزار ڪمرن واري ’Tung-Fang‘ نالي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن زماني ۾ اها هوٽل وڏي ڳالهه هئي، پر اڄ جي دور موجب اها هوٽل جهوني ۽ گهٽ معيار واري سمجهي وڃي ٿي، جنهن ۾ هر شئي ۽ رهائش جو بندوبست ۽ فرنيچر بيحد Out dated آهي. هوٽل جي ڪن ڪن شين کي ته اڏوهي لڳي چڪي آهي. ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جي ڪن لوڪل هوٽلن وانگر ڪئنٽن جي هن هوٽل ۽ ٻين ۾ ڪوئن جي هل چل عام جام ۽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي نظر ايندي. ڪي ڪي ڪوئا ته صحت ۾ ٻلين جو مقابلو ٿا ڪن. ايڏا وڏا ۽ بي ڊپا ڪوئا پاڪستان جي ’سفينه حجاج‘ ۽ ’مالم جبا‘ جهازن تي پڻ نظر ايندا هئا.
ڪئنٽن شهر ۽ اوسي پاسي ۾ ڏسڻ لائق هنڌ: چين جو تواريخي عجائب گهر، فرينڊ شپ اسٽور (جنهن جهڙا وڏا دڪان چين جي ٻين بندرگاهن ۽ وڏن شهرن ۾ پڻ نظر اچن ٿا) جتان فقط ڌاريان ماڻهو خريداري ڪري سگهن ٿا. انهن دڪانن تي چين جي ٺهيل سائيڪل ۽ ڪپڙي کان وٺي سيلن (بيٽري) تي هلندڙ رانديڪا ملي سگهن ٿا. اهي ٽپڙ سونهن سوڀيا ۽ Finishing ۾ کڻي جپان يا آمريڪا جهڙا نه آهن، پر اگهه ۾ گهڻو سستا آهن. ڇهه پپرن وارو مندر، بزرگن جي مسجد جيڪا تمام پراڻي چئي وڃي ٿي ۽ اها ڪجهه عرصو اڳ ته اهڙي صاف سٿري نه رکي ويئي هئي، پر هاڻ مڙيئي ان تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ڪجهه خدا جي خوف کان ڪجهه عرب دنيا ۽ ٻين مسلمان ملڪن کي خوش رکڻ ڪارڻ، شايد، يوسوئي پارڪ- جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گل ڦل ۽ وڻ ٻوٽا نظر اچن ٿا بلڪه ڏسڻ وٽان آهن. ڪئنٽن شهر جو چڙيا گهر (Zoo) جنهن ۾ چين جو خاص جانور پانڊا پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
سنگاپور، بيلجم ۽ دنيا جي ٻين شهرن جي چيني هوٽلن ۽ ڪجهه عام هوٽلن ۾ گانگٽ، ڪيڪڙا، ڏيڏر، ڪميون، سوئر، سڄا سارا ۽ واڳن جا پڇ، شارڪ مڇيءَ جون ڪَليون وغيره ته رڌجندي ڪيترائي ڏسي چڪا هوندا پر جي نانگ ڏسڻا آهن، سي به جيئرا جاڳندا ته اهي هانگ ڪانگ کان علاوه ڪئنٽن جي هوٽلن ۾ به وڪامندا ڏسي سگهجن ٿا. گراهڪ پنهنجي پسند جو سوادي نانگ چونڊي هٿ جي اشاري سان بورچيءَ کي ٻڌائيندو آهي، جيڪو ڇلي، وڍي، رڌي، مرچ مسالا هڻي کيس پيش ڪيو ويندو آهي.
چين آدمشماريءَ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. پکيڙ ۾ فقط ڪئناڊا ۽ روس کانئس وڏا آهن. روس بنا باقي سڄو يورپ يعني فرانس، جرمني، انگلينڊ، ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن اسپين، پورچوگال، رومانيا، بلغاريا، پولينڊ، آسٽريا، يونان، اٽلي وغيره وغيره يورپ جا سمورا ملڪ گڏيا وڃن ته به چين جي کانئن پکيڙ توڙي آدمشماري گهڻي ٿيندي.
چين جي هن وقت آدم شماري نوي ڪروڙ (يعني نَوَ سئو مِلين) آهي. اها آدمشماري دنيا جي سڄي آدمشماريءَ جو پنجون حصو ٿئي ٿي. بس ائين سمجهڻ کپي ته دنيا ۾ هر پنجون ماڻهو چيني آهي. اڃان انهن چينين کي ان ۾ ملايو نه اٿئون، جيڪي سالن کان پنهنجو اباڻو وطن چين ڇڏي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهن ٿا ۽ هاڻ کين انهن ملڪن جون قوميتون آهن. بقول ڪنهن جي ته چيني ايترا گهڻا آهن جو کين هڪ قطار ۾ بيهاري ڪنهن هنڌان هلڻ لاءِ چئجي ته اها قطار کٽندي ئي ڪانه. آخري ماڻهوءَ جي پهچڻ کان اڳ، انهن جو اولاد ان قطار کي اڻ کُٽندڙ بڻائي ڇڏيندو.
چين جي پکيڙ ستٽيهه لک چورس ميل (پنجانوي لک چورس ڪلوميٽر) کن آهي. جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي. جبل ڍنڍون، ٽڪر ماٿريون، رڻ پٽ باغ بستان، ٻيلا، ٻيٽ، فصل پوکون.
چين جي اتر ۾ منگوليا ۽ روس آهي، اوڀر ۾ اتر ڪوريا، زردو سمنڊ (Yellow Sea)، اوڀر چيني سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ آهي، ڏکڻ ۾ ويٽنام، لائوس، برما، هندستان، ڀوتان، سڪم ۽ نيپال آهي ۽ اولهه ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ روس آهي. مٿين ٻارنهن ملڪن کان علاوه، جيڪي چين جي بارڊر سان بلڪل مليل آهي، جپان، فلپين ۽ ڏکڻ ڪوريا ملڪ پڻ چين جي بلڪل سامهون آهن ۽ وچ ۾ رڳو سمنڊ جو ڪجهه حصو آهي. ان کان علاوه تائيوان (فارموسا) ٻيٽ پڻ، جيڪو ڪنهن زماني ۾ چين جو حصو هو، پر هاڻ 1949ع کان وٺي اهو ڌار ملڪ جي حيثيت رکي ٿو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ’تائي پائي‘ آهي.
چين جي تاريخ ۽ تهذيب دنيا ۾ تمام پراڻي آهي. ان جو چار هزار سالن تائين جو رڪارڊ ته موجود آهي. ڪوريا ۽ جپان جهڙن ملڪن جي تهذيب، تمدن تي به چيني تهذيب جو اثر آهي. ويندي ايتري قدر جو جپاني ٻولي به چينيءَ مان نڪتل آهي. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي ٻوليون سنسڪرت جهڙي پراڻي زبان مان نڪتل آهن.
موهن جي دڙي جهڙا ٻيا به شهرَ يا ملڪَ خاص ڪري مصر، سيام ۽ ڏکڻ آمريڪا جا، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ضرور سُکيا ستابا ۽ وڌيڪ تهذيب يافته هئا، پر انهن مان ڪو به موجود نه آهي. پر چين ملڪ هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو انسان جي اوائلي دور کان هلندو اچي ۽ اڃان تائين قائم آهي. سندس بلبليپڻو ۽ رنگين مزاجي شروع کان هلندي اچي ۽ اها سونهن ۽ سوڀيا جيڪا چين جي شهرن ۽ عورتن جي لٽي ڪپڙي کي حاصل هئي سا اڃان تائين جپان جهڙن ملڪن کي به حاصل نه ٿي سگهي آهي.
1950 کان اڳ يعني مائوءَ جي انقلاب کان اڳ واري اڌ صدي کن چين البت خراب حالت ۾ هئو. آزاد ملڪ سڏجڻ جي باوجود به مٿس ڌارين ملڪن: انگلينڊ، جرمني، فرانس، جپان وغيره جو قبضو هو. ڌارين چين جون حالتون اهڙيون ته خراب ڪري وڌيون هيون، جو بک، بيروزگاري ۽ بڇڙائيءَ جو مثال سڄي دنيا ۾ نه پئي مليو. چيني، نشئي ۽ ناڪارا سڏجڻ لڳا هئا. ڏينهون ڏينهن ذلالت ۽ نيچ پڻي جي دلدل ۾ ويا ٿي وڌيڪ ڦاسندا.
ٻي وڏي جنگ کان پوءِ ’مائوءَ جي انقلاب‘ چين جي ڄڻ رات اندر حالت ڦيرائي وڌي. مائوءَ جي ڪميونسٽ حڪومت کان پوءِ چين ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيو، جنهن چين جي هڻي سياسي جاگرافي بدلائي ڇڏي ۽ 1970ع تائين چين کي چرس پڻي ۽ موالي پڻي جي اوڙاهه مان ڪڍي، ان مٿاهين پليٽ فارم تي اچي بيهاريو، جنهن تي دنيا جون فقط چار پنج طاقتور قومون رسيل آهن. ان اوج ۽ ترقيءَ لاءِ چينين کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پيئي. سليٽي ۽ بلو رنگ جا کاڌيءَ جهڙا ٿلها ۽ سونهن سوڀيا کان عاري ڪپڙا پائڻا پيا. هڪ هڪ عورت توڙي مرد کي لکڻ پڙهڻ کان سواءِ هر هلائڻ، ٻار کڻڻ ۽ ويلڊنگ جهڙا ڪم پڻ ڪرڻا پيا. چاهي هُو خانداني رئيس هجي يا ڪنهن وڏي ڪاموري جو اولاد... مائوءَ نه فقط رعيت کي پورهئي سان لڳايو، پر مثال قائم ڪرڻ خاطر پاڻ کي به قوم جو خذمتگار سمجهي، هر عياشي ڇڏي ڪم ۾ لڳي وڃڻ ڏيکاريو. نتيجي ۾ اڄ چين روس ۽ آمريڪا سان گڏ دنيا جو ٽيون سپر پاور (عالمي طاقت) سمجهيو وڃي ٿو ۽ هاڻ ڪو دنيا جو ملڪ سندس ملڪ جي مردن کي ’چرسي‘ ۽ عورتن کي ’رنڊي‘ بڻائڻ ته ڇا، هٿ لائيندي به ڊڄي ٿو. آمريڪا جهڙا ملڪ سالن جا ’ضد‘ ۽ ’عزت جا سوال‘ ڦٽا ڪري، دوستيءَ لاءِ هلي ملي وٽانئن اچي نڪتا. پٺتي پيل قومن، ٻين جي امداد تي ڀاڙيندڙ قومن، محنت کان ڪن هڻندڙ قومن ۽ غريب ۽ ڪمزورن جو حق غصب ڪندڙ قومن لاءِ چين عبرت آهي. سبق حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ڪتاب آهي.
چين جو ملڪ ايڏو وڏو ۽ اتر ڏکڻ، اولهه اوڀر ۾ پکڙيل آهي، جو سندس ڌرتي نه فقط هيٺاهين مٿاهينءَ تي آهي، پر ان تي ڪيتريون ئي ڍنڍون ڍورا، نديون نارا، برف سان ڍڪيل جبل ٽڪريون ۽ سهڻيون ماٿريون، سنوان پٽ، ڏنگا پيچڙا ۽ ور وڪڙن وارا رستا، باغ بستان ۽ پوک سان جهنجهيل ڀليون زمينون، ويندي گوبيءَ جهڙو مشهور رڻ پٽ موجود آهي.
دنيا جي وڏي ۾ وڏي جبل جي چوٽي ايوريسٽ، جيڪا اوڻٽيهه هزار فوٽ کن اتاهين آهي. نيپال ۽ چين جي بارڊر تي آهي. سنڪيانگ ۾ ترفان ترائي سطح سمنڊ کان پنج سئو فوٽ هيٺ آهي. دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڀت (ٽي هزار ست سئو ميل ڊگهي) چين ۾ آهي، جيڪا واحد هٿ جي ٺهيل شئي آهي، جيڪا چنڊ تان به نظر اچي ٿي.
چين جون ڪجهه اهم ۽ تواريخي نديون هي آهن:
’يانگزي ندي‘ (Yangtze) جنهن کي ’چانگ چيانگ ندي‘ به سڏجي ٿو، جيڪا پوڻا چار هزار ميل ڊگهي آهي. (سنڌو ندي ارڙهن سئو ميل ڊگهي آهي)، ’هئانگ هو‘ (جنهن کي Yellow River به سڏجي ٿو) ٽي هزار کن ميل ڊگهي آهي. ان کان علاوه ’امور ندي‘، جنهن کي ’هاءِ لنگ چيانگ ندي‘ پڻ سڏجي ٿو، پوڻا ٻه هزار ميل ڊگهي آهي. ’سالوين ندي‘ (جيڪا برما کان وڃيو نڪري) هزار کن ميل ڊگهي آهي ۽ ’سي چيانگ‘ (Si-Kiang) ندي سوا هزار کن ميل ڊگهي آهي. انهن کان علاوه هيڏي ساري ملڪ ۾ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي نديون آهن، جيڪي جبلن مان نڪري مختلف سمنڊن (پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ) ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن.
چين جي ڪجهه مشهور شهرن جا نالا آهن: شنگهائي، ڪئنٽن، نانڪنگ، دئرين، سنگ تائو، سي نان، هئنگ چو، سُوچو، فُوچو، پيڪنگ، تائين سن، شين يانگ، ووهان، چنڪنگ، وغيره وغيره. شنگهائي، پيڪنگ ۽ تائين-سن جي آدمشماري ڪراچيءَ کان مٿي آهي، باقي ٻيا شهر ڪراچيءَ کان ننڍا ٿيندا.
جيئن ڌارين ماڻهن کي ڏکڻ هندستان جون ٻوليون: تامل، مليالم، ڪَنهڙ، تيلگو، ويندي ملباري وغيره ٻڌڻ ۾ هڪ جهڙيون لڳن ٿيون. تيئن ڌاريان ماڻهو سمجهن ٿا ته چين ۾ ڪا فقط هڪ ئي چيني زبان آهي، پر اهڙي ڳالهه ڪونهي. منڊارين، هنان، ڪان، هوچو (Hweichow)، وو (Wu)، فوچو (جنهن کي من Min ٻولي به سڏجي)، اموئي (Amoy-Swatow)، هَڪا، ڪئنٽونير ٻولين کان علاوه ٻيون به پنجاهه کن ٻوليون چين جي مختلف صوبن ۽ قومن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. جن ۾ منگولين، تبتين، چيني ڪورين، عوغور، ڪزاخ ۽ تاءِ به اچي وڃن ٿيون. انهن مان ويهارو کن ٻولين جي ته لکڻي به پنهنجي پنهنجي آهي ۽ اهي تمام جهونيون سمجهيون وڃن ٿيون.
چين ۾ سڀ کان وڏو گروهه هان (Han) چينين جو آهي، جيڪي منڊارين ٻولي ڳالهائين ٿا. هان کان سواءِ منچوز ۽ هُئي (Hui) چيني دراصل مسلمان چيني آهن، جن جا وڏا ستين صديءَ ۾ چين ۾ اسلام جي پکڙجڻ تي مسلمان ٿيا هئا.
چين جو بيحد مشهور شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ ’پيڪنگ‘ آهي. کيس چين جا چيني ’بيجنگ‘ (Beijing) سڏين ٿا. ڌارين ماڻهن مان ڪي پيڪنگ سڏين ته ڪي بيجنگ.
پيڪنگ دنيا جو تمام پراڻو شهر به آهي ته بيحد نئون به. هي شهر آرٽ، ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ تمدن ۾ بيحد مالامال چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ پيڪنگ جهڙا پراڻا تمام ٿورا شهر آهن، جتي ايڏي وڏي عرصي لاءِ لڳاتار سياسي عمل قائم رهيو هجي ۽ ساڳئي وقت اهي شهر ثقافت ۽ تهذيب جا پڻ هندورا ثابت ٿيا هجن. ڏٺو وڃي ته پيڪنگ شهر پاڻمرادو هڪ ننڍڙو چين آهي. هن شهر کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ بنا چين کي سمجهڻ ناممڪن ڳالهه آهي. هي شهر پسگردائيءَ سميت پکيڙ ۾ ست هزار چورس ميل ٿيندو ۽ 1980ع ۾ سندس آدمشماري هڪ ڪروڙ هئي.
جتي هينئر جو پيڪنگ شهر آهي، اڄ کان ٻه هزار سال اڳ به اهو هنڌ واپار وڙي ۽ فوجي خيال کان اهم هوندو هو. منگولن جي حڪومت (1279 کان 1368) ۾ هن شهر جو نالو ’تا-تو‘ رکيو ويو. ان بعد ’منگ سلطنت‘ (1368 کان 1644 تائين هلي) جي پهرئين حاڪم هن شهر جو نالو ’تا-تو‘ مان ڦيرائي ’پائي-پنگ‘ رکيو ۽ ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ اتي ئي ڪرڻ بدران ’نانڪنگ‘ شهر ۾ ڪيو، پر پوءِ ’منگ گهراڻي‘ جي ٽئين حاڪم، گاديءَ جو هنڌ وري ساڳي هنڌ ڪيو، پر سندس نالو ’پائي-پنگ‘ مان ڦيرائي هاڻوڪو نالو ’پيڪنگ‘ رکيو. ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين هي شهر پيڪنگ جي نالي سان ئي سڏبو اچي ۽ بيجنگ پڻ ساڳيو نالو ۽ مطلب آهي. ڪجهه کڻي ائين سمجهڻ کپي ته ٽنڊوڄام ۽ ڄام جو ٽنڊو. يا حيدر-آباد ۽ حيدرا-باد.
پيڪنگ جو شهر ايامن صدين کان هر دور ۾ اتاهون اوج ماڻيندو اچي. جيتوڻيڪ ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه سالن کان (1927ع ۾) پيڪنگ بدران نانڪنگ کي قومي شهر جو درجو ڏنو ويو هو ۽ پيڪنگ جونالو پڻ وري ’پائي-پنگ‘ ڪيو ويو، پر پوءِ 1949ع کان کيس وري پيڪنگ سڏيو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين چين جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اهڙيءَ طرح منگولن جي چين تي قبضي کان وٺي پيڪنگ جو شهر ست سئو سال کن چين جي گاديءَ جو هنڌ رهي چڪو آهي. بغداد، لنڊن، دهلي، ڪابل جهڙا ڪجهه شهر ان مقابلي جا چئي سگهجن ٿا، پر اهي به ننڍن ملڪن جي گادين جا هنڌ آهن. چين مڙني ۾ وڏي سلطنت ۽ ملڪ آهي.
منگول گهراڻي کان اڳ ۾ چين تي چن (Chin) گهراڻي جو راڄ هو. سن 1211 ۽ 1215 جي وچ ۾ چنگيز خان جي سپهه سالاريءَ ۾ منگولن چين تي هڪ ٻئي پويان حملا ڪري، نيٺ هن شهر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ان لڙائيءَ ۾ ’چنگ-تو‘ وارن محلاتن کي باهه ڏني ويئي هئي، جيڪي مهينو کن پئي سڙيا. چين تي منگولن جو مڪمل طرح قبضو ٿي ويو. اڳتي هلي چنگيز خان جي مرڻ بعد سندس جاءِ ’قبلائي خان‘ ورتي. هن منگوليا ۽ چين تي هڪ هنڌان حڪومت ڪرڻ لاءِ چين جي هن شهر پيڪنگ کي چونڊيو ۽ منگوليا ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ’ڪاراڪورم‘ ختم ڪري ڇڏيو. قبلائي خان هن شهر جو 1272ع ۾ ’تا-تو‘ نالو رکيو هو معنيٰ وڏو گاديءَ جو هنڌ. قبلائي خان، چين ۾ پنهنجي ’يوئان‘ گهراڻي جو پايو وڌو، جيڪو 1279ع کان 1368ع تائين هليو.
تاتو شهر يعني هاڻوڪو پيڪنگ تنهن سن ۾ به دنيا جي انهن ڏينهن وارن شهرن کان وڏو شهر هو. سڄي شهر جي چوڌاري قبلائي خان اوڏڪي ڀت ٺهرائي ڇڏي هئي، جيڪا ارڙنهن ميل کن هئي ۽ ان اندر هي شهر تن ڏينهن ۾ ويهه چورس ميل کن ٿيو ٿَي. قبلائي خان پنهنجي لاءِ شهنشاهي محل ٺهرائڻ لاءِ هڪ عرب گهرايو هو. اهڙو احوال ’انسائڪلو پيڊيا برٽانيڪا‘ ڪتاب ۾ به ڏنل آهي. ان کان علاوه هن دور جو احوال ’مارڪو پولو‘ پڻ لکيو آهي. هُو 1280ع ۾ هي شهر ’تاتو‘ (هاڻوڪو پيڪنگ) گهمڻ آيو هو. سندس سفرنامي ۽ ٻين تواريخ نويسن جي احوالن مان لڳي ٿو ته هي شهر تن ڏينهن ۾ به بلي بلي هو.
منگولن بعد چين تي 1368ع ۾ جڏهن مِنگ (Ming) گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو ته ان ۾ ته هي شهر هيڪاندو وڌيو ويجهيو ۽ تاتو بدران سندس نالو پائي پنگ (اتر ۾ امن واري جاءِ) رکيو ويو. ان بعد 1403 ۾ منگ گهراڻي جي هڪ حاڪم شهزادي ’يين‘ هن جو نالو بدلائي موجوده نالو ’پيڪنگ‘ (اتر واري گاديءَ جو هنڌ) رکيو. اڄ جيڪي پيڪنگ شهر ۾ محل محلاتون، عمارتون ۽ تواريخي جايون نظر اچن ٿيون، انهن مان گهڻيون منگ گهراڻي ۾ ٺهيون. چين جو مِنگ گهراڻو ڪجهه ڪجهه هندستان جي مغل گهراڻي جيان مشهور هو.
’مِنگ گهراڻي‘ بعد چين ۾ ’چنگ گهراڻي‘ جو راڄ شروع ٿيو. (چنگ گهراڻي کي منچو پڻ سڏجي ٿو) چنگ گهراڻي چين تي 1644 کان وٺي 1911 تائين حڪومت ڪئي.
چنگ دور ۾ پيڪنگ گهڻو ڪجهه ساڳيو ئي رهيو. شهر جي پلاننگ ۾ ڪا به ڦيرڦار نه آئي. البته محل محلاتون، مندر، ميدان ۽ آکاڙا وقت سان گڏ وڌيڪ وجود ۾ آيا. خاص ڪري ’يئان منگ يئان‘ (اونهاري وارو پراڻو محلات) جيڪو سترهينءَ صديءَ ۾ ٺهيو ۽ ’يي هو يئان‘ (اونهاري وارو نئون محلات) جيڪو اوڻهينءَ صديءَ ۾ ٺهيو. پراڻو وارو محلات پوءِ اڳتي هلي 1860ع ۾ انگريز ۽ فرينچ فوجين جي گڏيل ’تير ڪمان واري لڙائيءَ‘ ۾ ساڙيو ويو هو. ان ئي سال کان پيڪنگ ۾ برطانيا جو سفارتخانو کوليو ويو.
1937ع کان وٺي 1945ع تائين هي شهر پيڪنگ، جپانين جي قبضي ۾ پڻ رهيو آهي.
پيڪنگ شهر جو جوڙجڪ ڏٺو وڃي ته صدين کان سلجهيل رهيو آهي ۽ ماڻهن جي سوشل زندگي ۽ هائيجنڪ رهائش جو سٺو آئينو آهي. اسان وٽ هن وقت ڪو به اهڙو شهر ونجهوٽيءَ جي ليڪن جيان صحيح پلاننگ سان ٺهيل ناهي سواءِ اسلام آباد جي. يا پراڻن شهرن ۾ موهن جو دڙو شهر چئي سگهجي ٿو، پر پيڪنگ شهر جو پنهنجو شان ۽ اسٽائيل آهي، جيڪو اڃان تائين قائم دائم آهي ۽ جيتوڻيڪ پيڪنگ صدين جي تواريخ ۽ تهذيب جو اولڙو ڏئي ٿو، پر اسان جي روهڙي شهر جيان ڳُتيل ناهي.
پيڪنگ شهر جي وچ مان اتر ڏکڻ ڏي، هڪ ڊگهي ليڪ جيڪڏهن ڪڍبي ته شهر جا سڀ اهم دروازا، ڀتيون، عبادت گاهه، پارڪ، باغيچا، محلات مارڪيٽون، ان جي ٻنهي پاسي صحيح وڇوٽيءَ تي ملندا. سڀ رستا ۽ گهٽيون يا ان ليڪ جي سڌائيءَ ۾ اتر ڏکڻ پيون وينديون يا پوري گوني ڪنڊ ٺاهي اوڀر اولهه ڏي پيون وهنديون. هيءَ ليڪ ايامن کان حڪومت ۽ طاقت جي ليڪ رهي آهي، جنهن تي سڀ سرڪاري عمارتون ۽ آفيسون، پبلڪ ميدان ۽ شهر کي ڏنل ڪوٽ جا دروازا ٺهيل آهن.
مٿان کان يعني اتر کان وٺي هن ليڪ (روڊ) تي ڏسبو ته ان تي ڪيتريون ئي اهم جايون نظر اينديون. پهرين چنگ لائو (جنهن تي بعد ۾ انگريزن ترجمو ڪري ’بيل-ٽاور‘ نالو رکيو) ايندي. ان بعد ’ڪُو لائو‘ (Drum- Tower)، پوءِ ’مائي-شان‘ (Coal- Hill) پارڪ، ڌڪاريل شهر، ٿورو اڳتي سلطاني محل، چنگ- شان پارڪ، پيپلس ڪلچرل پارڪ، وڏو هال، ريل روڊ ورڪس ڪلب، نيو چائنا هوٽل، تا-مو-چانگ هوٽل، ڪئانگ-هو ٿيٽر، من-چُو ٿيٽر، کيتي ٻاڙيءَ جو مندر، راندين جو اسٽئڊيم، تائن تان پارڪ ۽ آخر ۾ شهر جي چوڌاري ڏنل ڀت جو دروازو- ينگ تنگ گيٽ. هن ليڪ جي ٻنهي پاسي محل محلاتون، انهن اڳيان هڪ جيترا باغ باغيچا، پارڪ، مندر ۽ ميدان ٺهيل آهن. شڪارپور شهر جي مکيه دروازن: هاٿي در، لکي در وغيره وانگر پيڪنگ شهر جي چوڌاري ڏنل ڀت کي سورنهن دروازا آهن، جيڪي مِنگ گهراڻي جي راڄ ۾ ٺاهيا ويا هئا. ست اتر واري ڀت ۾ آهن ته ست ڏکڻ واريءَ ۾... سي ٿيا چوڏنهن، باقي ٻه دروازا ان وچينءَ ليڪ تي ئي آهن.
پيڪنگ شهر جا سمورا اهم رستا، چاهي اتر کان ڏکڻ ويندڙ يا اوڀر کان اولهه ويندڙ، آمهون سامهون وارين ڀتين جي دروازن کي ڳنڍين ٿا ۽ سڄو شهر ’ٽاپُونءَ راند‘ جي خانن وانگر چوڪڙيون چوڪڙيون ۽ مستطيل مستطيل ٿيل آهي. سڀني گهرن جا آڳنڌ اسان جي ملڪ جي گهرن وانگر ڏکڻ ڏي کُليل آهن، جيئن اونهاري ۾ ڏکڻ جي ٿڌي هير گهر ۾ گهڙي سگهي ۽ سياري ۾ اتراهين ٿڌين هوائن کان بچاءُ رهي.
جهڙيءَ طرح ڪئنٽن، شنگهائي ۽ دئرين جهڙا چين جا شهر سامونڊي رستن ۽ بندرگاهن کان مشهور آهن، تهڙي طرح پيڪنگ کي ريلوائيءَ جو گهر سڏي سگهجي ٿو. پيڪنگ ريلوي اسٽيشن سان سڄي چين جون ريلوي اسٽيشنون ڳنڍيل آهن ۽ پيڪنگ ريلوي اسٽيشن سڀ کان وڏي ريلوي جنڪشن آهي، جيڪا نه فقط چين جي مڙني صوبن کي پاڻ سان ڳنڍي ٿي، پر ڪيترن ئي اوسي پاسي جي ملڪن کي پڻ ملائي ٿي. هتي وقت بوقت ريلون ماسڪو (روس)، پيانگ-يانگ (اتر ڪوريا)، الان باتار (منگوليا) ۽ هنوئي (اتر ويٽنام) کان اينديون وينديون رهن ٿيون.
پيڪنگ شهر ۾ ڪل چار ريلوي اسٽيشنون آهن. جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن: ڪراچي شهر ۽ ڪراچي صدر. پيڪنگ جي وچ واري وڏي اسٽيشن 1959ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي ۽ ماڻهن جي آدمشماريءَ موجب ايڏي ٺاهي ويئي آهي، جو روزانو ٻه لک کن ماڻهو هتي اچن ٿا يا مختلف هنڌن ڏي روانا ٿين ٿا، نه ته هن کان اڳ واري ريلوي اسٽيشن جيڪا 1906ع ۾ ٺهي هئي، ڪم ايندي هئي. (اها هاڻ ’ريل روڊ ورڪس ڪلب‘ آهي). نئين ريلوي اسٽيشن جا ارڙنهن ويٽنگ رومز ايڏا ڪشادا آهن، جو انهن ۾ هڪ ئي وقت چوڏنهن هزارَ ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
پيڪنگ شهر اهم ريلوي اسٽيشن هجڻ کان علاوه ملڪي ۽ غير ملڪي هوائي اڏو پڻ آهن. هن شهر مان ڪل ٻارنهن نيشنل هاءِ وي ٻاهر نڪرن ٿا. شهر جو شهر ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ڏيڍ هزار کن بسون آهن، جيڪي شهر جي مختلف هڪ سئو کن روٽن تي هلن ٿيون. هُونئن بسن جو هي ڪو وڏو تعداد ڪونهي، پر چين جي ٻين شهرن جي مقابلي ۾ هيءَ وڏي ٽرئفڪ سمجهي وڃي ٿي. شهر ۾ ٻه سئو کن ٽئڪسيون به هلن ٿيون، پر ٿوري فاصلي لاءِ سڀ کان عام ۽ دلپسند سواري سائيڪل آهي. بلڪه چين جي مڙني شهرن ۾ سواريءَ جو وڏو ذريعو سائيڪليون آهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائيڪل سواريءَ مان فائدا ئي فائدا آهن: حادثا گهٽ، تيل پيٽرول تي خرچ گهٽ، غير ملڪي ناڻي جو زيان گهٽ ۽ هڪ قسم جي ڪسرت هجڻ ڪري پيٽ تي چرٻي ۽ ٿولهه گهٽ ٿئي ٿي.
چين ۾ ٻن قسمن جو علاج عام آهي. هڪ پراڻو روايتي چيني نموني جو ۽ ٻيو مغربي نموني جو. سڄي چين ۾ ٻنهي نموني جي علاجن جون بهترين اسپتالون پيڪنگ ۾ آهن. ’پيڪنگ يونين هاسپيٽل‘ جيڪا اوائلي اسپتالن مان هڪ آهي، 1921ع ۾ ٺهي ۽ پيڪنگ يونين ميڊيڪل ڪاليج (Peking Union Medical College) سان لاڳو رکي ويئي. هن ڪاليج جي 1915ع کان پوءِ سار سنڀال ’راڪ فيلر فائونڊيشن‘ وارا ڪندا آيا. ان اسپتال جو نالو هاڻي بدلائي ’پيڪنگ هاسپيٽل‘ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪيترائي شعبا آهن ۽ منجهس گائني ۽ ٻارن جي بيمارين جا خاص درسگاهه پڻ آهن. هر سال هيءَ اسپتال ست لک مريضن کي منهن ڏئي ٿي يعني روزانو ٻه هزار مريض دوا درمل يا آپريشن لاءِ اچن ٿا.
مائوءَ جي 1949ع واري انقلاب بعد رڳو پيڪنگ شهر ۾ ٽيهه کن وڌيڪ اسپتالون، ڪلينڪون ۽ سئنيٽوريم وجود ۾ آيا آهن، جيڪي مريضن لاءِ ٽيهه هزار کن بسترا مهيا ڪن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل اسپتالن مان هڪ فرينڊ شپ اسپتال جيڪا شهر جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ٺاهي ويئي، سا روس 1950ع ۾ چين کي تحفي طور ٺهرائي ڏني هئي. هي اهو وقت هو جڏهن ٻنهي ملڪن جا تعلقات اوج تي هئا.
پيڪنگ جون ڪيتريون ئي اسپتالون علاج کان علاوه سکيا لاءِ پڻ ڪم اچن ٿيون ۽ ڪنهن نه ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج سان ڳنڍيل آهن. ڪي اسپتالون خاص بيمارين لاءِ الڳ ٿلڳ آهن... جهڙوڪ شهر جي پراڻي علائقي ۾ پلاسٽڪ سرجري اسپتال، اسٽماٽولاجي (وات جي بيمارين جي) اسپتال، چيسٽ سرجري آپريشن، پيڪنگ چلڊرين اسپتال ۽ چيني دوائن جي پيڪنگ ميونسپل هاسپيٽل، جنهن ۾ حادثي ۾ ڦٽيل ماڻهن جو علاج ۽ هَڏ گُڏَ ڀڄڻ جو پلاسٽر پٽو خاص طرح ڪيو وڃي ٿو.
چيني علاج هيٺ مريضن کي اَگهائي مطابق سُتين ڦَڪين يا جَڙين ٻُوٽين جو نسخو لکي ڏنو وڃي ٿو، جيڪو هُو پنساريءَ جي دڪان تان وٺي حڪيم جي سمجهاڻيءَ مطابق سنئون سڌو ڦَڪِينِ يا پاڻيءَ ۾ ٽَهڪائي ان جو ڪاڙهو پيئن يا ٻاڦ سُونگهين يا انهن شين کي پِيهِي اَٽو ڪري حَب ٺاهي کائينِ.
ان کان علاوه چين ۾ ’اڪوپنڪچر‘ ذريعي علاج پڻ پراڻو آهي، جنهن ۾ مريض جي جسم ۾ مختلف هنڌن تي ڊگهيون سُوئيون ٽُنبيون وڃن ٿيون. چين جو هي اڪوپنڪچر ذريعي قديمي علاج دنيا ۾ چڱو قدر سان ڏٺو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ رکي رکي هن کي جيتري مشهوري ڏني وڃي ٿي، اوترو ڌارين ملڪن ان کي پنهنجو نه ڪيو آهي. دنيا جي ملڪن جا ڊاڪٽر اڪوپنڪچر رستي علاج ڪرڻ جو هنر وقت بوقت چين ۾ سکڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.
ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتالن کان علاوه پيڪنگ ٻين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان به مشهور آهي. ’پيڪنگ يونيورسٽي‘ ته 1898ع کان قائم آهي ۽ منجهس هڪ ئي وقت ڏهه هزار ملڪي شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ٽي سئو کن ٽيهه مختلف ملڪن جا آهن. ان کان علاوه ٻي مشهور يونيورسٽي ’چنگ-هُئا‘ آهي. جنهن ۾ ڇهه هزار کن شاگرد آهن. جن مان اڌواڌ سيٽون ملڪ جي مزورن جي ٻارن لاءِ رکيل آهن.
هتي چين جي مشهور لائبريري ’پيڪنگ-لئبريري‘ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. منجهس اسي لک کن ڪتاب آهن، جن ۾ ڪيترائي جهونا هٿ جا نسخا، ست سئو سالن کان به پراڻا آهن. چين دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن ۾ ڪاغذ ٺاهيو ويو ۽ هي ڪاغذ ٺاهڻ جو هنر عربن چينين کان سکي سنڌ ۾ سنڌين کي پڻ سيکاريو.
هن لائبريريءَ ۾ اٺ هزار کن ته ٻُڌ ڌرم تي لکيل ڇهين صديءَ جا ڪتاب آهن يعني چوڏنهن سئو سال پراڻا ٿيا. ان کان علاوه چيو وڃي ٿو ته مختلف ارڙنهن هزار سبجيڪٽن تي ڏيڍ لک کن هٿ جا لکيل نسخا اڃان تائين هن لائبريريءَ ۾ موجود آهن.