الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

چِين جا منگول خان ۽ ايلخان

مارڪو پولو پنهنجي والد ۽ چاچي سان گڏ قبلائي خان جي ڌرتيءَ تي 17 سال رهيو ۽ هاڻ هو سڀ پنهنجي وطن ورڻ جي ڪرڻ لڳا. قبلائي خان جي دل کين ڇڏڻ تي نٿي چاهيو جو هِي هُن لاءِ وڏي وندر ۽ رعيتي ڪمن ۾ مدد هئا. 1291ع ۾ آخرڪار قبلائي خان هنن کي وطن ورڻ جي اجازت ڏني. وڃڻ کان اڳ قبلائي خان هنن کي هڪ آخري ڪم سونپڻ چاهيو. اهو هي هو ته هنن سان گڏ هن ’ڪوڪو چِن‘ منگول شهزادي ارغون خان ڏي ايران موڪلڻ چاهي ٿي، جنهن سان ارغون خان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. اٽليءَ جا هي پولو همراهه ڪوڪوچِن شهزاديءَ کي سمنڊ رستي پاڻ سان وٺي ايران پهتا، جتان پوءِ هو خشڪي رستي قسطنطنيه (اڄ جي استنبول) ۾ آيا، جتان هُو پنهنجي وطن وينس پهتا. اهو سال 1295ع هو. هنن جي سفر جو مفاصلو ۽ وقت ڏسجي ته هنن جي Return Journey چوويهه سالن بعد ٿي ۽ هنن انهن 24 سالن ۾ سامونڊي ۽ خشڪيءَ جا 24000 ڪلوميٽر سفر ڪيو. ڪلوميٽرن جي حساب سان کڻي ڪو وڏو سفر نه ٿيو. اسان ڪراچيءَ کان ٽوڪيو وڃون ٿا، اتان لاس اينجلس ۽ پاناما مان ٽپي نيويارڪ اچون ٿا جتان پوءِ لنڊن مان ٿي سئيز ڪئنال رستي ڪراچي پهچون ٿا ته پنج ڇهه مهينن جي هن سفر ۾ 30 هزار ڪلوميٽرن کان به مٿي سفر ٿيو وڃي، پر مارڪو پولو جي اها ڳالهه آهي ته هو هڪ ئي وقت وڏو عرصو چين ۾ رهيو ۽ هن چين جي وڏي ڄاڻ ان وقت جي پڙهندڙن کي مهيا ڪئي.
هتي ٻه ٽي سٽون مارڪو پولو جو چين کان واپسي جي سفر ۽ پاڻ سان گڏ کنيل منگول شهزادي ڪو ڪوچن (Kokochin) بابت لکڻ بي محل نه ٿيندو.
تاريخ کان گهٽ واقفڪارن لاءِ هن مثال ذريعي کين سمجهائيندو هلان ته جيئن انگريز بادشاهه يا راڻي وڪٽوريا جي پنهنجي ملڪ انگلينڊ تي ته حڪومت هئي جتي هنن جو تختگاهه هو ۽ اهي اتي رهيا ٿي- جيئن اڄ ڪلهه راڻي ايلزبيٿ آهي. پنهنجي ملڪ کان علاوه هنن جو ايشيا يا آفريڪا جي ملڪن تي به قبضو ٿيندو ويو. جيئن سمجهو ته ننڍي کنڊ (انڊيا) تي. پوءِ هنن ڏورانهن علائقن تي حڪومت ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ پنهنجو ڪو مائٽ مٽ يا ٻيو ڀروسي جوڳو قابل ماڻهو وائسراءِ يا گورنر طور رکيو ٿي، جنهن انگلينڊ جي حاڪم جي نمائندگي ڪئي ٿي. يا ان ئي جهڙو هڪ ٻيو مثال. انڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ انگريز وائسراءِ هو. بعد ۾ ان وائسراءِ پاڻ يا انگلينڊ جي حاڪم جي صلاح ۽ مرضي تي جڏهن سنگاپور، عدن ۽ سنڌ جهڙن علائقن تي قبضوڪيو ته پوءِ انهن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ هنن ڪنهن ڪمشنر يا ريزيڊنٽ کي پنهنجو نمائندو ڪري سنگاپور، سنڌ ۽ عدن ۾ ٿي رکيو. اهو ئي ڪم انڊيا جي مغل شهنشاهن ٿي ڪيو يا سنڌ تي حڪومت هلائڻ لاءِ بغداد جي خليفن ٿي ڪيو. سو، چين تي چنگيز خان ۽ ان بعد ان جي اولاد قبلائي خان جي حڪومت ته ضرور هئي پر منگوليا ۽ چين کان علاوه هنن ڏورانهن ڏيهن تي به حملا ٿي ڪيا ۽ فتح حاصل ڪرڻ تي ان جو نظام هلائڻ لاءِ پنهنجو ڪو پٽ يا ڀائٽيو ڀاڻيجو ٿي رکيو.
اڄ وارو ايران اڳ ۾ پرشيا سڏبو هو ٿي جنهن ۾ اوسي پاسي جي ٻين ملڪن: افغانستان، ازبڪستان، ترڪمنستان ۽ پاڪستان جا اتراهان حصا اچي ويا ٿي. انهن ڏينهن جي پرشيا جا ڪجهه حصا جيڪي ڪمزور ٿيا ٿي ته ڀر وارن ملڪن جي حاڪمن جُلهون ڪري انهن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ٿي. جيئن هلاڪو خان هلي ملي بغداد کي ساڙي قبضو ڪيو يا جيئن نادر شاهه مشهد کان اچي دهليءَ کي ساڙيو ٻاريو ۽ ماڻهن جو قتل ڪيو. يا نيشاپور (خراسان) ۾ قبلائي خان جي ناٺيءَ جي قتل جي بدلي ۾ قبلائي خان جي پٽ نيشاپور ۽ مرو شهر جو ٻچو ٻچو قتل ڪري ان علائقي تي قبضو ڪيو. اهڙي طرح ايران جي هڪ حصي تي منگولن جو راڄ قائم ٿي ويو جنهن تي حڪومت هلائڻ لاءِ چنگيز خان ايل خاني منگول خاندان کي مقرر ڪيو جنهن جو ارغون خان چوٿون بادشاهه هو. هنن بادشاهن/حاڪمن جا نالا ڪجهه ڏکيا آهن، ان ڪري تاريخ پڙهندرن کي منجهائين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي تاريخ سان دلچسپي آهي ته هتي آئون فاسٽ فارورڊنگ ۾ ڪجهه نالا لکان ٿو جيڪي ڌيان ۾ رکڻ سان وڏا ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا. باقي ٻيا ڀلي منهنجيون هيٺيون چار پنج سٽون نه پڙهن. هو فقط ريفرنس لاءِ هنن تي نظر وجهي سگهن ٿا.
ڏسو! اسان ٻين چيني منگول حاڪمن کان واقف هجون يا نه پر اسان وٽ اسڪول جا شاگرد به ٽن منگول حاڪمن جي نالن کان واقف هوندا. ’چنگيز خان‘ جنهن کي انگريز Genghis Khan سڏين ٿا جنهن منگول سلطنت جو بنياد رکيو ۽ پاڻ 1206ع کان 1227ع مرڻ تائين حاڪم رهيو. سندس اصل نالو ’تيمورجن‘ هو. 1960ع يا 1970ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جي نيو مئجسٽڪ سئنيما ۾ چنگيز خان فلم چڙهي هئي. ڇا ته ان وقت جي زبردست فلم هئي جنهن جي شروعات ان سان ٿي ٿئي ته ’منهنجو نالو تيمورجن آهي.‘ پروفيسر قاضي خادم، دستگير ڀٽي، غلام نبي مغل، وليرام ولڀ جهڙا منهنجا همعصر ان جي واکاڻ جي شاهدي ڏيندا. ان فلم ۾ عمر شريف، چنگيز خان ٿيو هو. عمر شريف مصر وارو ائڪٽر. ان کان علاوه ٻيو ’قبلائي خان‘ جيڪو مارڪو پولو جي چين وڃڻ وارن ڏينهن ۾ چين جو شهنشاهه هو ۽ ٽيون ان جو ڀاءُ ’هلاڪُو خان‘ جنهن 1258ع ۾ بغداد تي حملو ڪيو ۽ عباسي سلطنت جو خاتمو آندو.
چنگيز خان جي وفات بعد چين تي هن جو ٽيون نمبر پٽ اوغدائي خان (Ogedei) حڪومت ڪئي، 1229ع کان 1241ع تائين. ان بعد ان جو پٽ گيوڪ (Guyuk) خان 1248ع تائين شهنشاهه ٿيو ۽ پوءِ چنگيز خان جي ننڍي پُٽ تولوئي (Tolui) جو پٽ مونڪو خان (Mongke) 1251ع کان 1259ع تائين حاڪم ٿيو. ان جي مرڻ بعد هن کان ننڍو ڀاءُ قبلائي خان 1260ع کان 1294ع تائين چين/ منگول جو حاڪم رهيو جنهن جي ڏينهن ۾ مارڪو پولو ۽ ان کان اڳ هن جو پيءُ ۽ چاچو چين ۾ رهيا.
سندن ننڍو ڀاءُ هلاڪو خان، ايران پاسي منگولن جي فتح ڪيل علائقن تي 1256ع کان 1265ع تائين راڄ ڪيو. ان دوران هن بغداد کي به ساڙيو ٻاريو. هلاڪو خان جي وفات بعد سندس وڏو پٽ اباقا خان 1265ع کان 1282ع تائين تخت تي ويٺو، ان بعد ننڍو پٽ احمد تڪودر (Tekudor) تخت نشين ٿيو، پر ٻن سالن بعد 1284ع ۾ گذاري ويو. سندس وفات بعد سندس وڏي ڀاءُ اباقا خان جو پٽ ارغون خان تخت تي ويٺو جيڪو ڏٺو وڃي ته هلاڪو خان جو پوٽو ٿيو. جنهن جو يعني هلاڪو خان جو وڏو ڀاءُ قبلائي خان، ان وقت چين جو شهنشاهه هو. جنهن ارغون خان جي چوڻ تي هن لاءِ مارڪو پولو وارن سان گڏ ڪوڪو چن (Kokochin) نالي هڪ 17 سالن جي سهڻي منگول ڇوڪري موڪلي پئي جيئن سندس ڀاءُ هلاڪو خان جو پوٽو ارغون خان ان سان شادي ڪري.
پنهنجي پڙهندڙن کي هتي هڪ لفظ جي سمجهاڻي ڏيندو هلان جيڪو هنن کي ايران، افغانستان، وچ ايشيا جي ملڪن توڙي ترڪيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ۽ پڙهڻ ۾ ايندو رهندو، اهو آهي اِل خانيت Il- Khanate جنهن لاءِ فارسي لفظ آهي، ’ايلخانان‘. اهو منگولن جي چين کان ٻاهر ڏکڻ اولهه ۾ منگولن جي سلطنت جو نالو آهي يا کڻي چئجي ته چين منگوليا کان ٻاهر جي منگول سلطنت ايلخانان (عربي لفظ: الدولته ال الخانيته يا فارسيءَ ۾ الخانيه مغول) سڏيو ويو ٿي. يعني منگولن جي ايران ۾ سلطنت. انهن ڏينهن ۾ ايران (فارس) اڄ جي ايران کان وڏو هو جنهن ۾ افغانستان ۽ وچ ايشيا جو حصو- ويندي پاڪستان جو اتراهون حصو اچي ويو ٿي. هيءَ سلطنت چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان 1260ع کان قائم ڪئي جنهن ۾ ايران ان سان گڏ آذر بائيجان ۽ ترڪيءَ جو حصو به اچي ويو ٿي ۽ هيءَ سلطنت يعني ايلخانان جڏهن پنهنجي اوج تي هئي ته ان ۾ اڄ وارو عراق، آرمينيا، جارجيا، ترڪمنستان ۽ اڄ جي داغستان ۽ تاجڪستان جو حصو به اچي ويو ٿي. هلاڪو خان بعد ان جو اولاد: اباقا، تڪودور، ارغون خان، محمد غازان، محمد خدابنده وغيره هن ايلخانيه منگول فارس Il- Khanate جا شهنشاهه ٿيندا رهيا. شروع ۾ هلاڪو خان وارن جو شامنزم (Shamanism) مذهب هو، ان بعد ڪجهه حاڪم ٻڌ ڌرم جا پيروڪار ٿيا ۽ پوءِ ارغون خان جي پٽ غازان کان مسلمان ٿيا. چنگيز خان جو هي منگول اولاد منو صدي کن وڏي رعب تاب ۽ خوب ڏهڪاءُ ۽ دٻدٻي سان ايران (فارس)، عرب ۽ وچ ايشيا ۾ حڪومت هلائيندو رهيو پر پوءِ 1330ع ۾ جيڪا بلئڪ ڊيٿ (مرگ سياه) نالي وبا (Plague) لڳي ان يورپ، ايشيا ۽ اتر آفريڪا جي ماڻهن ۾ تباهي آڻي ڇڏي. ذرا سوچيو ته انهن ڏينهن ۾ نه آمريڪا هو نه ڪئناڊا ۽ آسٽريليا. آدمشماري ئي ڇا هئي ۽ ان آدمشماريءَ مان ست اٺ ڪروڙ ماڻهو مري وڃن ته ڇا حال ٿيندو. دنيا خالي خالي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي. ڇا غريب، ڇا امير ڇا منگول سلطان سڀ ڪرندا ويا. سو هن وبا بعد منگولن جي هيءَ ايران پاسي واري هلاڪو خان جي سلطنت ايلخانان Il- Khanate به بس ٿي وئي ۽ 1335ع ۾ منگول حڪام ابو سعيد بهادر خان (ارغون خان جي پوٽي) جي وفات بعد ايلاخاني منگول سلطنت تتر بتر ٿي وئي. ڪن حصن تي پونئيرن جو قبضو رهيو ته ڪي حصا ترڪن، ايرانين، افغانين، عربن حوالي ٿي ويا.