چِين جا منگول خان ۽ پرشيا جا ايلخان حاڪم
چين تي چنگيز خان 1206ع کان 1227ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي. چنگيز خان کي پٽ ته ڪيترائي هئا پر جوچي (Jochi)، چغتائي، اوغدائي (Ogedei)، الاخائي بيکي ۽ تولوئي اهم ٿي گذريا آهن.
چنگيز خان جي وفات بعد اوغدائي خان چين جو حاڪم ٿيو جنهن ٻارهن سال حڪومت ڪئي ۽ 1241ع ڌاري وفات بعد سندس پُٽ گيوڪ (Guyuk Khan) تخت تي ويٺو، جنهن 1248ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جي جاءِ تي منگول گهراڻي جو چوٿون بادشاهه مونڪو خان تخت نشين ٿيو. مونڪو خان چنگيز خان جي ننڍي پُٽ تولوئي خان جو پٽ هو. تولوئي خان جا به ڪيترائي ٻار هئا پر سندس چار پٽ مشهور آهن: مونڪو خان (ڄم 1209ع، وفات 1259ع)، قبلائي خان (ڄم 1215ع، وفات 1294ع)، هلاڪو خان (ڄم 1217ع، وفات 1265ع) ۽ آرق بوڪي خان (ڄم 1219ع ۽ وفات 1266ع).
1259ع ۾ مونڪو خان جي وفات بعد هن جو ڀاءُ قبلائي خان (تولوئي خان جو ٻيو پُٽ) تخت تي ويٺو. ان دوران سندن ٽيون ڀاءُ هلاڪو خان جيڪو ايران پاسي مهم جويون ڪري رهيو هو، ان اتي جي سلطنت جو پايو رکي اتي ايلخانان جو پهريون حاڪم ٿيو.
چين تي قبلائي خان جي حڪومت 1294ع تائين رهي جنهن دوران مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پهرين ٽرپ ۾ هن سان ملي ويو ۽ ٻي ٽرپ تي هو نوجوان مارڪو پولو کي قبلائي خانجي درٻار ۾ وٺي آيا جنهن قبلائي خان وٽ 17 سال کن نوڪري ڪري 1291ع ۾ چين کي الوداع ڪئي ۽ اتي جي زيتون (قئانزو) بندرگاهه مان ايران جي الخان ’ارغون خان‘ جي ڪنوار ڪوڪو چن کي هن جي شاديءَ لاءِ ساڻ کڻي لنگر کنيو.
قبلائي خان جي 1294ع ۾ وفات بعد قبلائي خان جو پوٽو (”زين جِن“ جو پٽ) تيمور اولجيتو خان چين جي تخت تي ويٺو.
هوڏانهن ايران ڏي ايلخان منگول سلطنت جو هلاڪو خان 1256ع کان 1265ع تائين پهريون حاڪم ٿيو جنهن نظاري اسماعيلي رياست تي 1256ع ۾ ۽ عباسي سلطنت تي 1258ع ۾ حملو ڪري اهي علائقا به پنهنجي قبضي ۾ ڪيا، يعني ايران سان ملايا. 1265ع ۾ هلاڪو خان جي وفات بعد سندس پٽ اباقا خان ٻيو حاڪم ٿيو جنهن 1265ع کان 1285ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سندس ڀاءُ احمد تڪودور 1282ع کان 1284ع تائين ٻه سال کن حاڪم رهيو.ان بعد ارغون خان الخانان سلطنت جو چوٿون حاڪم ٿيو جيڪو ٻُڌ ڌرم جو پيروڪار هو. هن جي راڻي بلخان خاتون جي 1286ع ۾ وفات تي هن لاءِ ان منگول قبيلي جي ڪنوار ڪوڪوچن کي مارڪو پولو وارا 1291ع ۾ چين جي زيتون بندرگاهه مان ساڻ کڻي سمنڊ رستي ايران اچي رهيا هئا ته ان جي پهچڻ کان اڳ ارغون خان جي ان ئي سال 1291ع ۾ وفات ٿي وئي جنهن بعد سندس ڀاءُ کاتو (Gay Khotu) کي تخت ڌڻي بڻايو ويو. مارڪو پولو وارن جي سامونڊي قافلي کي رستي ۾ مسئلا پيش ايندا رهيا ۽ هنن کي سماترا، سلون ۽ ڏکڻ هندوستان جي بندرگاهن ۾ وڏو عرصو ترسڻو پيو. ٽن سالن بعد جڏهن هو ايران پهتا ته ارغون جو ڀاءُ گن کاتو خان به گذاري چڪو هو ۽ هاڻ ارغون خان جو پٽ محمد غازان خان تخت جو والي هو، جنهن جي چين مان آندل منگول شهزادي ڪوڪو چن سان ڌوم ڌام سان شادي ٿي. محمد غازان 1304ع تائين حاڪم رهيو، ان جي وفات بعد هن جو ڀاءُ محمد خدا بنده (اولجايتو) تخت ڌڻي ٿيو ۽ 1316ع ۾ ان جو پُٽ ابو سعيد حاڪم ٿيو، جنهن 1335ع تائين حڪومت ضرور ڪئي پر پوءِ هنن خانن جون واڳون ڍريون ٿي ويون ۽ حڪومت تتر بتر ٿي وئي جنهن جو وڏو سبب پليگ (وبا) به چئي سگهجي ٿي جيڪا 5 سال اڳ 1330ع ۾ لڳي جنهن ۾ ايڏا موت ٿيا جو بغداد ۽ بصري جهڙن شهرن جي آدمشماري اڌ جيتري به نه رهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته وقت سان گڏ هي منگول حاڪم مختلف مذهب اپنائيندا رهيا. شروع جي حاڪمن چنگيز خان، سندس پُٽن مونگڪو خان قبلائي خان، هلاڪو خان وغيره جو واسطو شمن پرستي (شامانيه) يعني ارواح پرستي نموني جي ڌرم، عيسائيت سان تعلق رکندڙ نسطوريه ڌرم (Nestorianism) ۽ ٻُڌ ڌرم سان هو. ان بعد 1295ع کان 1335ع تائين وارا حاڪم مسلمان ٿيا. جيئن ارغون خان جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو. سندس ماءُ اباقا خان جي عيسائي ڪنيز هئي. پر ارغون خان جي پُٽ غازان خان مذهبي طرح وڏي تبديلي آندي. هو 1271ع ۾ ڄائو. 24 سالن جي ڄمار ۾ 1295ع ۾ تخت تي ويهڻ کان اڳ امام ابن تيميه سان ملاقات بعد هن اسلام قبول ڪيو. ان کان اڳ 1293ع ۾ جڏهن چين کان منگول شهزادي ڪوڪوچن ايران پهتي ته ان سان شادي ڪيائين ۽ اها هن جي سلطنت جي اهم راڻي مقرر ٿي جيتوڻيڪ هن جون ٻيون به ڪيتريون ئي زالون هيون جيئن ته مزما، خراساني خاتون، پيدي ڪرتڪا خاتون وغيره. غازان ٻڌ مان مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو نالو محمود غازان رکرايو ۽ ان بعد سندس منگول لشڪر ۽ قوم جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا.
1304ع ۾ محمود غازان بعد سندس ڀاءُ تخت تي ويٺو ان جو به پيءُ طرفان ٻوڌي نالو اولجايتو (Oljeitu) هو پر مسلمان ٿيڻ بعد هن جو نالو محمد خدا بنده رکيو ويو.
مٿي بيان ڪيل امام ابن تيميه (سڄونالو تقي الدين احمد ابن تيميه) هڪ وڏو عالم ۽ مفتي ٿي گذريو آهي. سندس زندگيءَ جو احوال سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان ڇپرايل انسائڪليوپيڊيا ۾ به ملي ٿو. ابن تيميه 1263ع ۾ حران ۾ ڄائو. حران عراق جي شهر موصل ۽ شام جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. هو فقهي، تفسير، حديثن وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. پنجن سالن جو هو ته سندس گهراڻو (ابو تيميه) حران مان لڏي دمشق ۾ اچي رهيو. سڄا سارا 44 سال ماڻهن کي اسلام جي تعليم ڏنائين. 1328ع ۾ دمشق ۾ ئي وفات ڪيائين پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جنمان الصراط المستقيم، ڪتاب الايمان، منهاج السنه، الجواب الصحيح، رسائل الڪبريٰ (ٻه واليوم)، فتاويٰ (پنج واليوم) وغيره، اڄ ڏينهن تائين ڇپبا رهن ٿا.
امام ابن تيميه شريعت جي تشريح ڪندي، ان وقت جي منگول حڪمرانن خلاف فتوا ڏني ۽ انهن خلاف جهاد جو اعلان ڪندي به نه گهٻرايو. سندس ان برجستو فتويٰ ۽ دليراڻي قدم کي اڄ به ساراهيو وڃي ٿو. ابن تيميه ٻن سالن جو هو. يعني 1265ع ۾، ته هلاڪو خان گذاري ويو، جنهن بعد سندس پٽ ۽ پوٽا: اباقا خان، احمد تيڪدور، ارغون خان ۽ گي کاتو خان تخت تي ويٺا. ان بعد محمد غازان ۽ سندس ڀاءُ محمد خدا بندهه جن کي امام ابن تيميه اسلام جي دائري ۾ آندو هو، بادشاهه ٿيا. خدا بندهه جي پُٽ ابو سعد جي دور حڪومت (1316ع کان 1335ع) ۾ امام صاحب 1328ع ۾ دمشق ۾ ئي وفات ڪئي.