الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

چِين جي وڏي ڀِت

دنيا جي ستن عجوبن مان ’ديوارِ چين‘ چين جي ڀت به هڪ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چين جي هيءَ ڀت The Great Wallof China نه فقط پراڻي دنيا ۾ پر اڄ جي دنيا به حيرت مان ڏٺي وڃي ٿي. فقط ڪو حصو يا فوٽو ڏسڻ سان ئي هن ڀت جي وڏائيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ته عمارت سازيءَ جي ڪم ۾ هيءَ ڀت اڄ به دنيا جو سڀ کان وڏو پروجيڪٽ آهي. دنيا جا ڪيترائي پڪا رستا، ريلوي لائينون، بلڊنگون ۽ پليون هن جي مقابلي ۾ ننڍا آهن، هيءَ ڀت، جيڪا اوڀر کان پيلي سمنڊ (Yellow Sea) جي چيلهه کان وٺي شروع ٿئي ٿي ته وچ ايشيا جي پُوڇڙ تائين وڃيو دنگ ڪري يا ٻين لفظن ۾ پئسفڪ سمنڊ کان وٺي، گوبي رڻ پٽ تائين نانگڻ وانگر هليو ٿي وڃي ۽ جي هن ڀت کي سِڌي ليڪ ۾ وٺي وڃجي ته دنيائي گولي جي ستين حصي تي ويڙهجي وڃي ۽ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين سئو سئو ميلن جا جيڪر ستٽيهه وراڪا ڪري يا ڪراچيءَ کان ڪولمبو (سريلنڪا) تائين ٽي چڪر ڪري. هيءَ ڀت مصر جي اهرامن وانگر، انساني انجنيريءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو/ ڪرتب/ ڪمال آهي.
ٽي هزار ست سئو ملين جي هيءَ ڊگهي ڀِت، سڌو وڃڻ بدران نانگڻ وانگر چين ملڪ جي اتر ۾ وَرَ وڪڙ کائي ٿي ۽ جبلن، ٽڪرين، ماٿرين ميدانن مان ڦرندي اڳتي وڌي ٿي. ڪٿي ته ٻٽو ڦيرو به ڪري ٿي. ڪٿي ڇلي وانگر گول هلي، مُنو کن ڦيرو ڪري وري سڌي ٿيو وڃي ٿي. ڪٿي ته ٻيڻي ٻيڻي ٿيو هلي ٿي ۽ پوءِ اڳتي وڃيو ڌار ٿئي. اها ڪنهن کان به خبر نٿي پوي، نه ڪو ڪنهن ڪتاب ۾ آهي ته ڀِت کي ائين ور وراڪا ڏيئي ڇو ٺاهيو ويو آهي؟! ڪن جو البت اهو چوڻ آهي ته جنهن چيني شهنشاهه اها ڀت ٺهرائي ان جي پاڪ گهوڙي کي ڇڏيو ويو هو، ته مرضيءَ سان گهمي ڦري. ان جو پوءِ پيرو کڻي هيءَ ڀت ان رخ ۾ ٺاهي ويئي هئي. ڪن جو چوڻ آهي ته چيني اجگر (بلا) جي وَرَن وَڪَڙَن موجب ٺاهي ويئي آهي.
اسان جهڙا چين گهمڻ وارا ’پيڪنگ‘ پهچي هن ڀت جو ويجهڙائي (بادا لنگ لَڪَ) وارو حصو ڏسندا آهن، جيڪو ويهه فٽ مٿاهون آهي ۽ چونڪيءَ وارا ٺُلهه اڃان به پنج فٽ وڌيڪ مٿاهان آهن. ڀت ايتري ته ويڪري آهي جو مٿان ڪار يا گڏهه گاڏي هلي سگهي ٿي. ڪن ڪن هنڌن تي ڀت جبلن تي ائين ته اڀکُڙو چڙهي ٿي، جو خبر ناهي ان زماني جي ماڻهن ترڪندڙ جبلن تي چڙهي اها ڀت ڪيئن ٺاهي آهي. ڀت ۾ ڪيترائي پٿر ٻن ٻن ٽنن جا آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته مصر جي اهرامن وانگر هن ڀت جا به هيڏا وڏا ۽ ڳرا پٿر- هڪ هڪ سٺ مڻن جو، مٿي جبلن ۽ ٽڪرين جي لاهين چاڙهين ۽ اتاهينءَ تي ڪيئن نيا ويا. چيني ڪهاڻيون ته اهو چون ٿيون ته خچرن ذريعي گهليا ويا. جيڪا ڳالهه اڃا تائين اڄ جي ماڻهوءَ ۽ ڪمپيوٽر کي به سمجهه ۾ نٿي اچي.
سڄي ڀت پٿرن جي به ٺهيل ناهي. ان وقت جي رازن کي جيڪي ڪجهه سامهون آيو اهو ڀت جي اڏاوت ۾ لڳايائون. ڪٿي ڪٿي ميدانن ۾ هيءَ ڀت مٽي ۽ ڪاٺ مان به ٺاهي ويئي آهي. ڪٿي ته ننڍين ٽڪرين کي ٽُڪي ڀت کي ٺاهيو ويو آهي. رڻ پٽ ۾ گهٽ پٿر ملڻ ڪري ريتي ۽ وڻن جون ٽاريون ملائي سرن پٿرن سان گاري جي ليپ ذريعي ٻاهريون تهه ٺاهيو ويو آهي. هينئر ڪن ڪن هنڌن تي اها ڀت واريءَ جون ڊٻون ٿي ويئي آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڀت جو نالو نشان به ڊهي چڪو آهي ۽ ڀت ۾ استعمال ٿيل سرن ۽ پٿرن مان ماڻهن مختلف زمانن ۾ گهر ٺاهي ڇڏيا.
سڄي ڀت تي هر ست سئو فٽن جي فاصلي تي چاليهه فٽن جو ٽاور ٺهيل آهي. اهڙا ٽاور اڃان تائين پنجويهه هزار کن موجود آهن. انهن ٽاورن تي چوويهه ئي ڪلاڪ سپاهين جو پهرو رهندو هو. هنن وٽ مضبوط قسم جا ڪمان هوندا هئا، جن ۾ تير يا پٿر اٽڪائي ڀت ٽپندڙ دشمن کي گولي وانگر هڻي سگهندا هئا ۽ ان ڪمان جو پٿر پوري اڌ رستي تائين چڱيءَ طرح اثر ڪري سگهيو ٿي. تنهن کان سواءِ اهي چونڪي ڏيندڙ سپاهي ڏينهن جو دونهين رستي ۽ رات جو باهه ذريعي چوويهه ڪلاڪن اندر سڄي ملڪ ۾ نياپو پهچائي سگهندا هئا. اٽڪل ڏهه لک کن سپاهي بارڊر جي بچاءَ لاءِ ان ڀت تي مقرر ٿيل هئا.
ديوارِ چين - دي گريٽ وال آف چائنا جي ڪهاڻي حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٽي چار سئو سال اڳ جي آهي. جڏهن اڄ جو چِين گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن کن ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو ۽ هر هڪ حڪومت پنهنجي بچاءَ لاءِ ڀت ٺاهي ڇڏي هئي. جيڪڏهن اها حالت هلندي اچي ها ته چين جي سرزمين تي مختلف مذهبن، قومن ۽ زبانن جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پندرنهن ڌار ڌار ملڪ هجن ها، پر چِين جي قسمت ۾ ائين لکيل نه هو. عيسوي سنه کان 246 سال اڳ هڪ تيرنهن سالن جو ڇوڪرو چين جي هڪ الهندي علائقي جي قن (QIN) نالي سلطنت جو حاڪم ٿيو. هي هڪ ناچڻي عورت جو پٽ هو. ڪن ڪتابن ۾ ته اهو چيو ويو آهي ته هو بادشاهه جي هڪ دلپسند رنڊيءَ جو پٽ هو، جنهن کي اهو بادشاهه مان نه پر رعيت جي ڪنهن ماڻهوءَ مان ٿيو هو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جو اڀريل ۽ چهنبدار نڪ هو، سنهيون اکيون، ڪبوتر جهڙو سينو، بگهڙ جهڙو آواز ۽ چيتي جي دل هيس. پاڻ ننڍپڻ کان ئي قابل سياستدان ۽ فوجي هو. قِن (جيڪو ’چِن‘ پڻ سڏيو ويندو هو) کي اهو شوق هو ته سڀني چينين کي هڪ ڪيو وڃي. سو وڏي فوج تيار ڪري اوڙي پاڙي جي سلطنتن تي خونريز حملا ڪري ڏنائين. جن ۾ مخالف ڌر جا اٽڪل چار لک کن فوجي مارجي ويا ۽ سڀني هن جي اڳيان آڻ مڃي.
هن پنهنجو پاڻ کي قِن شيها نگڊي (قن سلطنت جو پهريون حاڪم) جو خطاب ڏيئي، ورهايل قومن ۽ قبيلن کي هڪ جهنڊي هيٺ آندو ۽ سڄي ملڪ لاءِ هڪ ئي چيني لکڻي مقرر ڪيائين، جيئن مختلف چيني ٻوليون: ’ڪئنٽونيز‘، ’منڊران‘، ’هئڪونيز‘، ’هَڪا‘ وغيره وغيره ڳالهائڻ وارا هڪ ئي عام ٻوليءَ ذريعي هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو قائم رکي سگهن. هن سڄي سلطنت کي رستن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ۽ ڪئنال کوٽرائي، مختلف ندين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍرايو ته جيئن اهي ڪئنال پوک ۽ آمدورفت لاءِ ڪم اچي سگهن.
قن شهنشاهه هڪ اهم ڪم اهو به ڪرايو ته هر سلطنت جون الڳ ٺهيل ڀتيون ڊهرائي فقط اتر پاسي واريون ڀتيون ڇڏيائين. جن کي پوءِ ملائي يڪي هڪ ڀت ڪرايائين ۽ ان ڀت کي ڪجهه مٿاهون به ڪرايائين. اهڙيءَ طرح اتر وارو سڄو پاسو- جتان هنن کي ڌارين جي حملي جو خطرو هو، هن ڀت ذريعي ڌار ٿي ويو. ان وقت تائين ٺهيل هن سترنهن سئو ميلن جي ڀت جو اتر وارو پاسو وحشي ۽ جهنگلي سڏجڻ لڳو ۽ ڏکڻ وارو پاسو سندس ذات ’چن‘ جي نالي سان ’چِين‘ سڏجڻ لڳو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو اچي.
سڄي ملڪ کي هڪ ڪرڻ ۽ هن عظيم ڀت کي ٺهرائڻ واري هن شهنشاهه قِن جي خوبين هوندي به هُو تاريخ ۾ گذريل ٻه هزار سال بنهه ياد نه ڪيو ويو آهي. سندس سٺين خاصيتن هوندي به هن جا اَوَگُڻ گهڻو ڏکوئيندڙ هئا. هن پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ پنهنجا وحشي قانون رائج ڪري مردن توڙي عورتن کان سخت پورهيو ورتو. کين عمارتن ۽ رستن ٺاهڻ تي هر وقت لڳائي رکيائين يا وري پنهنجي فوج ۾ داخل ڪري کانئن سخت ڊيوٽي ورتائين. پاڻ ايڏو ظالم هو، جو رهنمائن ۽ عالمن کي بي درد نموني قتل ڪرائي ڇڏيو. جيڪي به لکيل ڪتاب هئا سي سڀ ساڙائي ڇڏيائين- سواءِ انهن جي جيڪي دوا درمل، ٻني ٻاري يا سندس واکاڻ ۾ لکيل هئا. صدين تائين چيني ماڻهو پنهنجن ٻارن کي هن ظالم شهنشاهه جو نالو کڻي ڊيڄاريندا هئا ته سڌري هلو نه ته قِن شهنشاهه اچي موچڙا هڻندانوَ.
پاڻ قِن، جنهن شانَ سان رهندو هو اهو به تعجب ۾ وجهندڙ آهي. سندس محلات ڏيڍ ميل کن ڊگهو هو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو، جنهن ۾ هزارين ڪمرا هئا. منجهس هڪ وڏو هال پڻ هو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڏهه هزار ماڻهو ويهي سگهيا ٿي ۽ ان کان علاوه سندس زالن ۽ سُريتن لاءِ الڳ ڪمرا هئا، جيڪي رعيت جي سهڻين سهڻين ڇوڪرين مان چونڊيون وينديون هيون. اوچتي حملي جي ڊپ کان (مٿس ٻه دفعا خوني حملو به ٿي چڪو هو) هن سٺ ميلن جي گهيري ۾ ٻه سئو ستر گهر ٺهرايا، جيڪي شاهي محلات سان سرنگن ذريعي ملايا ويا هئا. انهن مان ڪنهن به هڪ ۾ شهنشاهه رات جو لڪ چوريءَ وڃي سمهندو هو.
’زيان‘ (XIAN) نالي شهر وٽ محل وانگر هن پنهنجو مقبرو به وڏي شان ۽ خرچ سان ٺهرايو، جنهن کي ڇٽيهه سال تيار ٿيڻ ۾ لڳي ويا. ٺهي راس ٿيڻ بعد اهو مٽيءَ سان ڍڪرائي ان مٿان هڪ هٿرادو ڏيڍ سئو فوٽن جي ٽڪري ٺهرائي ويئي. ان مقبري جو دروازو اهڙو ته ڳجهو رکيو ويو، جو گذريل ٻاويهه صديون ڪير به ڳولي نه سگهيو. 1974ع ۾ سندس هڪ دري اتفاق سان ملي ويئي ۽ کوٽائي ڪندڙ ماڻهو ست سئو فٽ ڊگهي ۽ ٻه سئو فٽ ويڪري ڪمري ۾ پهچي ويا، جتي سندس لاش سان گڏ انساني قد بُت جيڏا ڇهه هزار هٿياربند سپاهي، گهوڙا ۽ بگيون نظر آيون. کوٽائي اڃان جاري آهي ۽ هر دفعي ڪجهه نه ڪجهه نظر اچي ٿو. چيني ماڻهن جو چوڻ آهي ته سڄو دڙو کوٽڻ ۾ اڃان به پندرنهن ويهه سال لڳي ويندا.
قن شهنشاهه، محلات، مقبرا، رستا ۽ ڪئنال ٺهرائڻ پٺيان ڪيترائي ماڻهو ماريا. سڀ کان گهڻو قتل ديوارِ چين پٺيان ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ڏهه لکن کان به گهڻا ماڻهو، هن ڀت پويان قربان ٿي ويا، جيڪي جيتن ۽ ڪرفتي سان ڀريل تنبن ۾ رهندا هئا، اونهاري جي تپندڙ اس ۾ اگهاڙا ئي اگهاڙا ڪم ڪندا هئا ۽ سياري جي ٿڌ ۾ پڻ فقط ڦاٽل پوتڙو يا ڪنهن جانوَر جي کَلَ اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ اوڍيندا هئا. لکين ماڻهو اڃ، بک، اس، بيماري ۽ ٿَڪَ کان مري ويا. هن ڀت جي بنيادن ۾ انهن مري ويلن سان گڏ انهن زنده انسانن کي به سرن ۽ پٿرن سان دفن ڪيو ويو، جن ڪم ۾ سستي ٿي ڪئي. ان ڪري ديوارِ چين کي ڪيترائي ماڻهو دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو قبرستان پڻ سڏين ٿا. قتل ڪيل بي گناهه عالمن ۽ سندن زالن جي غم جا ڏکويل گيت اڄ به چين ۾ ڳايا وڃن ٿا.
ديوارِ چين ۽ ٻين ڌنڌن ۾ مرد ماڻهو ايترا ته ماريا ويا، جو ان وقت چين جي سڄي طاقت نيست ۽ نابود ٿي ويئي هئي. هاري ناري يا مزور، نظر نه پئي آيا، جو کڻي پوک يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪن. سن 210 ق. م ۾ قن پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ جڏهن مُئو ته عوام سندس محلات جي هڪ هڪ شئي اچي ڦُرِي لُٽِي. پنهنجي گهراڻي لاءِ چوندو هو ته ڏهه هزار ٽهيون هلندو، ان جو سندس موت کان پوءِ ٽن سالن اندر نالو نشان به ڊهي ويو. فقط چين جي وڏي ڀت رهجي ويئي، جنهن کي ڪنهن به هٿ نه لاتو. ان کان پوءِ ’هئن‘ گهراڻي جي حاڪمن هن ڀت جي مرمت سان گڏ کيس وڌايو به ۽ ان کان پوءِ ٻين گهراڻن جي حاڪمن ويندي، مِنگ گهراڻي (1644-1368) عيسوي سن تائين ٻه هزار ميل وڌائي، جيڪا اڄ جي صورت ۾ ٽي هزار ست سئو ميلن جي ڊيگهه ۾ نظر اچي ٿي.
ڪن چينين جو چوڻ آهي ته هُن ڀت پٺيان جيتوڻيڪ هڪ دؤر ۾ لکين ماڻهو مري ويا پر پوءِ سوين دورن ۾ لکين ڪروڙين ماڻهن جون جانيون بچي ويون، جو هيءَ ڀت جي نه هجي ها ته اتر کان وحشي اچي چين تي حملو ڪن ها. تاريخ دانن خاص ڪري اڄ ڪلهه جي ماڊرن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ڀت لاءِ جيڪا انساني جانين جي قيمت ادا ڪئي ويئي سا تمام گهڻي آهي ۽ اها ڀت ڪيترن هنڌن تي ايڏي ته ڪمزور آهي، جهڙوڪ جابلو سلسلن ۽ رڻ پٽن ۾، جو پڪو ارادو ڪري حملو ڪندڙ لاءِ هيءَ ڀت ڪا به اهميت نٿي رکي ۽ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هن ڀت جي باوجود به چين تي اتر کان حملا ٿيندا رهيا. خاص ڪري 1211ع ۾ چنگيز خان جي چين تي چڙهائي ته تمام مشهور ڳالهه آهي، جنهن جي ڪجهه عرصو اڳ هالي ووڊ وارن فلم به ٺاهي هئي ته هُو ڪيئن ڀت پار ڪري چين تي ڪاهي آيو هو.
بهرحال سياست ۽ تهذيب و تمدن جي خيال کان هن ڀت وڏو پارٽ ادا ڪيو، جو سڀني چينين کي ڳنڍي هڪ ڪيو ۽ وري به ڌارين ماڻهن کان ڪجهه نه ڪجهه بچاءُ ڪيو. اڄ هيءَ چين جي وڏي ڀت ڌارين ماڻهن کي پري رکڻ بدران پاڻ ڏي ڇڪي ٿي. هر سال سڄي دنيا کان هزارين ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ هوائي جهازن، گاڏين، بسين ۽ ڪارن جا ڀاڙا ڀري اچن ٿا ۽ هر سال ڌارين جو تعداد وڌندو وڃي. چين جي هيءَ ڀت جيڪا هڪ مست حاڪم ٺهرائي، سا اڄ جي حڪومت لاءِ غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ واهه جي مدد ڪري رهي آهي.