پرل نديءَ جي ڪناري تي ڪئنٽين
بهرحال منهنجو هِتي ان لکڻ سان اهو مطلب آهي ته عربن جي چين ڏي اچ وڃ اسلام کان به اڳ جي هئي ۽ هنن چين جي ڪيترن شهرن جا جيڪي عربي نالا رکيا اهي اڄ به مشهور آهن جيئن هن شهر گئانگ زو جو سن قلان يا خانفو (قهانفو) رکيو. هن وقت چين جو هڪ ٻيو شهر ’قئان زو‘ به ياد اچي رهيو آهي جنهن کي ڪجهه چيني سيٽونگ به سڏين ٿا ان جو عربن ’زيتون‘ نالو رکيو، جنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته هن شهر ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو امن سان رهيا ٿي ان ڪري عربن هن جو نالو زيتون رکيو جيڪو امن جو وڻ يا ميوو (Olive) سمجھيو وڃي ٿو. پر ڪي چون ٿا ته هن شهر ۾ جِتي ڪٿي مرجاني وڻ (Coral Trees) هجڻ ڪري هن شهر تي سيٽانگ نالو پيو جيڪو نالو دراصل هنن وڻن (Crythirina Variegata) جو چيني زبان جو نالو آهي.
هونءَ هي شهر زيتون (Quanzhou) جيڪو ڪئنٽن (Guangzhou) جي بلڪل ويجھو، فوجيان صوبي جو اهم بندرگاهه آهي ان جي آدمشماري لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن هي بندرگاهه لڳندو آهي ته ڪئنٽن (خانفو) بندرگاهه کان به سهڻو آهي پر زيتون بندرگاهه گهڻو گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. چين ۾ ٽئنگ گهراڻي (907 ــ 618) جي حڪومت ۾ هي بندرگاهه سن 718ع ۾ ٺهرايو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪئنٽن (خانفو) بندرگاهه بلي بلي شهر هو جيئن هندستان ۾ ’سورت‘ شهر هو پر پوءِ زيتون شهر چين جو اهم بندرگاهه ٿيڻ لڳو، جيئن هندستان ۾ بمبئي يا سنڌ ۾ ديبل ۽ ڪيٽي بندر بدران ڪراچي وڌيڪ ڪارگر ٿيا. ساڍين ڇهه صدين بعد، 1357 ڌاري، جڏهن مارڪو پولو چين آيو ته هي بندرگاهه ۽ زيتون ڏسي هن جو واڇ گودو ٿي ويو هو. جيئن سٺ واري ڏهي ۾ جهازراني جي تعليم دوران اسان پنهنجن پروفيسرن (پوڙهن جهازرانن) کان ڪلاس روم ۾ رڳو عدن ۽ ڪولمبو جون تعريفون ٻڌندا هئاسين. مارڪوپولو جي سفرنامي The Travels of Marco Polo ۾ هو هن بندرگاهه زيتون لاءِ چوي ٿو ته:
“Zyton is one of the two greatest heavens in the world. The other one is Alexandria”
(زيتون بندرگاهه دنيا ۾ موجود ٻن جنتن مان هڪ آهي. ٻيو آهي مصر جو سڪندريا بندرگاهه).
هن بندرگاهه ۾ امن امان هجڻ ڪري اٺين صدي جي اڌ بعد ڏورانهن ڏينهن کان عيسائي، ٻڌ، پارسي عرب مسلمان هِتي هميشه رهڻ لڳا. جن جي تهذيب، رسم رواج ۽ ثقافت مڪاني چينين واري ٿي وئي. جيئن اسان وٽ صدين کان رهندڙ پٺاڻ، ايراني ۽ عرب وغيره پاڻ کي مڪاني سنڌين وانگر رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي ذات سيد، فاروقي، علوي، جيلاني، يزداني، خلجي، غزنوي پنهنجي اصليت ٻڌائڻ خاطر قائم رکن ٿا.
چين جي هن زيتون (قئان زو) ۾ توهانکي ڊِنگ فئملي جا چيني ملندا جن جو اهوئي چوڻ آهي ته هو مسلمان ليڊر سيد عجمل شمس الدين عمر جو اولاد آهن جن جو پٽ نصير الدين هِتي چين ۾ اَچي رهيو هو، جنهن کي هِتي جا ماڻهو چيني زبان ۾ نا ـــ سو ـــ لا ـــ ڊنگ (Na SuLa Ding) سڏين ٿا. هن جو اولاد جيڪو ڊنگ ذات جو سڏائي ٿو هن پاسي جي ڪيترن ملڪن: تائيوان، فلپين ويندي ملائيشيا جي چيني آبادي ۾ نظر اچي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو عملي طرح مسلمان نه آهن پر هو اڄ به پنهنجي سڃاڻپ هُوئي Hui (چيني مسلمان) قائم رکندا اچن. نصرالدين چين جي صوبي ينان (Yunan) جي علائقي قراد جانگ جو مرڻ گهڙيءَ يعني 1292 تائين گورنر رهيو. نا ـــ سو ـــ لا ـــ ڊنگ يعني نصردين جو هڪ پٽ ابوبڪر جنهن پاڻ کي ’فين چان‘ به سڏايو ٿي 1300 ڌاري هن شهر زيتون جو گورنر ٿي رهيو. هن پنهنجي ڏاڏي جو لقب سيد عجل به استعمال ڪيو ٿي. نصردين جو ذڪر مارڪوپولو جي سفرنامي ۾ به آهي پر هن نصردين جو نالو Nasar Al Din يا Na Su La Ding لکڻ بدران Nescradin لکيو آهي. بهرحال هن شهر زيتون (Quanzhou) جي به دلچسپ تاريخ آهي ۽ چين جي ڏهن پُر سحر شهرن مان هڪ آهي جِتي Tonghuai گيٽ ايوينيو (روڊ) تي هِتي جي آڳاٽي مسجد اصحب جا آثار ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو، خاص ڪري مسلمان اچن ٿا. اتي ئي مسلمانن جو قبرستان آهي.
چين ۾ يئان گهراڻي (1279-1368) جي حڪومت دوران هن قبرستان جي ڀر وارو علائقو ’پُو شائوگينگ‘ نالي هڪ امير مسلمان قبيلي جي ماڻهن جي رهائش کان مشهور هو. اهڙي طرح هڪ ٻيو به قبرستان، جيڪو Lingshan واري علائقي ۾ آهي. ان لاءِ مڪاني ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ان ۾ ٻين مسلمانن سان گڏ ٻن اصحابين جا به مقبرا آهن. بهرحال هن شهر زيتون ۽ اوسي پاسي جي ٻين بندرگاهن جو تفصيلي احوال ڪنهن چين جي سفرنامي ۾ ڪنداسين. هِتي پاڻ ڪئنٽن (گئانگ زو يا خانفو يا قهانفو) جو ئي احوال جاري رکنداسين، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته بيحد آڳاٽو شهر ۽ بندرگاهه آهي ۽ جِتي عربستان جا سوداگر ۽ جهازران نه فقط اسلام بعد اسلام جي پرچار لاءِ پر ان کان اڳ واپار وڙي لاءِ به ايندا رهيا ٿي.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به جهاز هن پرل نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل شهر ڪئنٽن ۾ ايندا رهن ٿا. هونئن هن شهر ڪئنٽن جي پوزيشن ائين آهي جيئن ڪوٽڙيءَ جي سنڌو ندي تي. ڪو زمانو هو جو سنڌو ندي ۾ پاڻي هجڻ ڪري اها Navigable هئي يعني ان ۾ جهازراني ٿي سگهي ٿي. عربي سمنڊ ۾ سنڌو ندي جي ڇوڙ (Delta) تائين آيل ان وقت جا ڪاٺاهان ٻيڙا سنڌو ندي اندر گهڙي ڪوٽڙي، هالا، سکر ويندي ملتان تائين پهچي ويا ٿي.
ڪئنٽن (گئانگ زو) شهر جي وچ مان لنگهندڙ پرل ندي هن شهر کي دنيا جي ڪيترن شهرن کان (جن جي وچ مان نديون وهن ٿيون) مٿاهون ۽ سهڻو بڻائي ٿي. پرل ندي جنهن جو چيني ٻولي ۾ ’زو جيانگ‘ نالو آهي 2000 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ چين جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي. هيءَ ندي دراصل چئن ندين مان جڙي ٿي، جيئن سنڌو ندي چناب، ستلج، راوي جهڙين ندين جي ملڻ سان جڙي ٿي. ايئن هيڏانهن چين ۾ زي (Xi)، ليوزي (Liuxi)، بيئي (Bei) ۽ ڊانگ نديون هن شهر ڪئنٽن ۾ ائين اچي ٿيون ملن جيئن ڪئالالمپور شهر ۾ مسجد جامع وٽ ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملي هڪ ٿئي ٿي. ڪئنٽن شهر کان پوءِ وڌيڪ 70 ڪلوميٽر وهڻ بعد هيءَ ندي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اتي هانگ ڪانگ ۽ مڪائو جهڙا ٻيٽ پڻ آهن.