الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

عرب چِين تائين ڪيئن پهتا؟

چين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي جنهن جو اوڀر وارو حصو ڏکڻ ۽ اوڀر چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ سان وڃيو لڳي. اسان ڏور اوڀر ڏي جهاز کي وٺي ويندا آهيون ته سفر ۾ ٻه هفتا کن لڳي ويندا آهن. ڪراچيءَ مان لنگر کڻي ڏکڻ ڏي هلندا رهندا آهيون. هندستان جي اوکا، پوربندر، ڀاونگر، ممبئي، رتناگري، گوا، مئنگلور، ڪاليڪٽ، ڪُوچين ۽ تري وندرم جهڙن بندرگاهن کان پري کان لنگهندا ٽن ڏينهن اندر اچي ڪولمبو پهچندا آهيون. ياد رهي ته محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ جڏهن پاڻي جي جهازن جي انجڻ اڃان ايجاد نه ٿي هئي ۽ ڪاٺ جا ننڍا وڏا ٻيڙا ڪپڙن جي سڙهن تي هلندا هئا يعني هوا انهن سڙهن کي Push ڪندي هئي ۽ جهاز هلندا هئا ته انهن ڏينهن ۾ ديبل ٺٽي کان ڪولمبو روانا ٿيندڙ جهاز هندستان جي مٿين بندرگاهن کان علاوه ٻين به ڪيترن ننڍن ننڍن بندرگاهن تي ساهي پٽيندا ٻن ٽن هفتن بعد پهچندا هئا. يا عرب ملڪن کان ڪولمبو ويندڙ جهاز گوادر، پسني ۽ ديبل وٽ بيهندا بيهندا ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٻيا به ڪيترائي ننڍا بندرگاهه مشهور هئا جن جو بعد ۾ جهازن جي وڏي ٿيڻ ڪري، وجود ئي ختم ٿي ويو ۽ انهن بدران ممبئي جهڙا نوان بندرگاهه پيدا ٿيا.
بهرحال اسان اڄ جي ڳالهه ٿا ڪيون ته ڪراچيءَ کان پاڻي وارو جهاز ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ پهرين هيٺ ڏکڻ طرف ويندي ٽن ڏينهن اندر ڪولمبو پهچي ٿو. ان بعد ڪولمبو وٽان سڄي سريلنڪا ٻيٽ کي ڦيرو ڪري مٿي اتر ڏي ڪلڪتي يا چٽگانگ پهچي ٿو. اهو به ٽن ڏينهن جو پنڌ آهي يا اَنڊامان ۽ نِڪوبار ٻيٽن وٽان جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪاري پاڻي واري جيل کان مشهور هئا، اتان ڦري رنگون وڃي ٿو. جِتان پوءِ ملائيشيا جي پينانگ ٻيٽ تي پهچي ٿو ان بعد کلئي سمنڊ بدران سامونڊي سوڙهي گهٽي (ملاڪا ڳچي سمنڊ) آهي جنهن جي هڪ پاسي ملائيشيا جي سرزمين آهي ته ٻئي طرف انڊونيشيا جو سماترا ٻيٽ... جيڪو نالي ۾ ته ٻيٽ آهي پر سڄي مغربي ملائيشيا کان ٻيڻو آهي. بهرحال هن سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ پهچي اڄ جا آفتن جيڏا جهاز هلائيندڙ اسين جهازي به سڪون محسوس ڪريون ٿا جو هن گهٽيءَ جي ٻن ڏينهن جي سفر ۾، سنگاپور تائين، نه طوفان هوندو آهي ۽ نه مڇريل سمنڊ. اڄ اسان جنهن دور جي ڀيٽ ڪري رهيا آهيون يعني محمد بن قاسم جي ڏينهن جي ته انهن ڏينهن ۾ يعني 711 ۾ نه سنگاپور هو نه پينانگ.... اهي ٻئي ٻيٽ ۽ اڄ جا مشهور بندرگاهه انگريزن جي دور حڪومت ۾ 1819 ڌاري وجود ۾ آيا. آڳاٽي زماني ۾ ملائيشيا جو بندرگاهه ملاڪا بلي بلي هوندو هو. بلڪه اهو کڻي سمجھو ته ملاڪا ملائيشيا (ملايا) هو. ان ڪري ته ’ملاڪا‘ جي ڳالهه ڪندي ملائيشين ان کي تاريخي شهر سڏين ٿا. ۽ هي اهو شهر آهي جِتي مون ڏهه سال کن لڳاتار پڙهايو ۽ هينئر به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهان ٿو.
هن ملاڪا بندرگاهه واري سامونڊي گهٽيءَ ۾ پهچي جڏهن اسان ڪَل تي هلندڙ آفت جهازن وارا ئي خوش ٿيون ٿا ته اندازو لڳايو ته اڳئين دور ۾ ڪاٺ جي جهازن وارا جن جو سڄو مدار هوا تي هو اهي ڪيڏو خوش ٿيندا هوندا. ملاڪا بندرگاهه مڊوي هائوس جو ڪم ڏيندو هو. هڪ طرف عربن ۽ ايرانين جا جهاز هِتي اچي لنگر انداز ٿيندا هئا ته ٻئي طرف چين، فلپين، سيام پاسي جا جهاز ايندا هئا ۽ سامان جو وڪرو ۽Transshipment ٿيندي هئي.
هن سامونڊي گهٽي مان نڪرڻ سان سنگاپور جو ٻيٽ اچي ٿو جِتان ڦري وري اتر ڏي رخ ڪجي ٿو ته ٿائلنڊ جو بندرگاهه ’بئنڪاڪ‘ ۽ ويٽنام وغيره اچي ٿو. ساڄي پاسي اوڀر ڏي وڃبو ته فلپين جو بندرگاهه منيلا ايندو. پر جي اتر وٺي پيو وڃبو ته چئن ڏينهن ۾ چين جو هي بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) اچي ويندو.
بهرحال ڏٺو وڃي ته ڪراچي کان چين ٻه کن هفتن جي پنڌ تي آهي. اهو بندرگاهه يعني چين ملڪ جو عربستان ۽ پرشيا (ايران) کان ته اڃان به پري ٿيو. ان مقابلي ۾ اسان جو ديبل (ٺٽو) عربستان کي ويجھو ٿيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد بن قاسم جي حملي بعد توڙي ان کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ عرب ۽ اسلام پهرين سنڌ ۾ آيو. ان ڪري اسان سنڌ کي باب الاسلام ٿا سڏيون. پر ڪيترا اهو ٿا سمجھن، خاص ڪري اسان جي جهازي دنيا جا هم وطن، ته جيئن چين هڪ ڏورانهون ملڪ آهي ان ڪري ان تي اسلام سنڌ کان گهڻو گهڻو پوءِ آيو. پر ائين ناهي. ڪئنٽن (چين ۾) ته ديبل کان به اڌ صدي اڳ اسلام آيو ۽ عرب ته ان کان به گهڻو اڳ چين ۾ اچي رهيا هئا.
دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسلام جي آمد کان اڳ عربستان جي عربن ۾ ٻيون کڻي جهالت جون ڳالهيون هيون پر شعر و شاعريءَ وانگر هو نيويگيشن جا به ماهر هئا. بلڪه تمام وڏا قابل هئا جو کين علم فلڪيات جي به وڏي ڄاڻ هئي. سج، چنڊ ۽ تارن جي سڃاڻپ سان گڏ انهن جي چرپر کان به واقف هئا. ويندي اڄ به اسان انهن جو فلڪيات بابت علم پڙهون ٿا ۽ سوين تارن جا انگريزي نالا عربي تان کنيل آهن جن مان ڪيترن جي کوجنا، انهن جو اسان جي ڌرتي کان فاصلو، انهن جي تور، واليوم ۽ روشني (Brightness) جو اندازو عربن ۽ ڪجهه ايراني مسلمانن لڳايو ۽ عربن جي ان ڏنل ڄاڻ مان انگريزن، پورچوگالين، هسپانين ۽ ٻين يورپين فائدو حاصل ڪيو ۽ اڄ تائين دنيا جا جهازي (پاڻي وارا جهاز هلائيندڙ نيويگيٽر) انهن جو لکيل علم پڙهي قابل ٿين ٿا. هن وقت منهنجي ذهن ۾ ڪجهه اهڙن تارن جا نالا اچي رهيا آهن جن بابت اسان جا گورا (انگريز ۽ ٻيا يورپي) فلڪيات (Astronomy) جا پروفيسر اسان کي پڙهائيندا هئا يا جهازن تي انهن جو رخ معلوم ڪرڻ يا طي ڪيل فاصلي جو حِساب ڪرڻ وقت پنهنجي گورن آفيسرن کان ٻڌبا هئا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن جيڪي جن اصلي عربي زبان جي نالن تان کنيا ويا آهن اهي ڏنگين ۾ لکان ٿو:
• Vega (النسر الواقع) لامارو ڏيندڙ عقاب
• Ain (عين) اک
• Rastaban (رائس الثعبان) نانگ جي مُنڍي
• Thuban (اثعبان) نانگ
• Unukalhai (عنق الحية) ـــ نانگ جي ڳچي
• Kida (العقده) ڳنڍ
• Achemar (آخر النهر) ٻي ندي
• Acrab (العقرب) وڇون
• Altair (الطائر) پکي ـــ عقاب
• Deneb (ذنب الدجاجة) ڪڪڙ جو پڇ
• Mothallah (المثلث) ٽڪنڊو، وغيره وغيره
دنيا جا جي ماهر فلڪيات ڏٺا وڃن ته انهن ۾ مسلمانن جو وڏو انگ ۽ وڏو نالو آهي. توهان کڻي ناروي، سئيڊن جي نيول اڪيڊمين يا اتي جي يونيورسٽين ۾ هليا وڃو ته جِتي ائسٽرانامي جو سبجيڪٽ پڙهايو ٿو وڃي يا دنيا جي ٻين ملڪن جي درسگاهن ۾، توهان کي مسلمان ماهر فلڪيات جا نالا ٻڌڻ ۾ ايندا. انهن نالن مان هڪ ’ازوفي‘ جو به آهي جنهن نالي مان لڳي ٿو ته ڪو يوناني يا روسي همراهه هوندو پر اهو عرب دنيا جو صوفي عبدالرحمان آهي جيڪو مغرب ۾ Azophi جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ڪِتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيل تارن بابت ڪِتاب Book of Fixed Stars جِتي ڪٿي پڙهايو وڃي ٿو. هن ڪِتاب ۾ هن انهن سڀني تارن بابت تفصيل سان مشاهدا (Observation)، معلومات، آسمان ۾ انهن جي پوزيشن، وزن (Magnitude)، چمڪ ۽ رنگ بابت لکيو آهي، جن تارن کان واقف هو.
ازوفي نون مشهور مسلمان ماهر فلڪيات مان هڪ ڄاتو وڃي ٿو. پاڻ يوناني زبان جو به ڄاڻو هو. سن 903 ۾ ايران جي شهر ري (Ray) ۾ ڄائو هو (جِتي بيبي شهربانو جو مقبرو آهي) ۽ 986 ۾ شيراز ۾ وفات ڪيائين. عباسي سلطنت طرفان فارس ۾ مقرر ڪيل امير فناخسرو (عدود الدولاهه) جي درٻار ۾ ازوفي ايران جي شهر اصفهان ۾ يوناني ڪِتابن جي ترجمي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته عرب شروع کان فلڪيات، موسمن، هوا جي رخن، چنڊ تارن ۽ انهن جي چرپر ۽ نيويگيشن کان شروع کان واقف رهيا آهن. هنن جو اسلام کان اڳ به آفريڪا کنڊ (ممباسا، درالاسلام، زنجبار وغيره) ۽ هيڏانهن ديبل، ڪولمبو، ملاڪا ڳچي سمنڊ ۽ گئانگ زو تائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. سياري ۾ اتر جون هوائون لڳيون ٿي ته هو ان هوا مان فائدو وٺي ڏکڻ ڏي نڪري پيا ٿي ۽ ڪولمبو تائين اچي پهتا ٿي ۽ ٻيا اڃان به اڳتي ملاڪا تائين پهتا ٿي ۽ هن پاسي کان گئانگ زو (ڪئنٽن) کان هيٺ ڏکڻ ڏي آيا ٿي. اونهارو ٿيڻ تي، يعني ڏکڻ جون هوائون لڳڻ تي هو واپس پنهنجي پنهنجي ماڳ اتر طرف موٽيا ٿي. انهن مان ڪجهه جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان مڪاني عورتن سان شادي ڪري ڌارين ملڪن ۾ ترسي پيا ٿي يا واپار وڙي ۾ نقصان ٿيڻ ڪري يا ڪاٺاڻن ٻيڙن (جهازن) جي damage ٿيڻ تي هو واپسي جي سفر بدران ڌارين ملڪن ۾ ترسي پيا ٿي.... خاص ڪري سري لنڪا، اڄ واري ملائيشيا جي ملاڪا واري حصي ۽ آخري منزل چين جي هن بندرگاهه گئانگ زو ۾. سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ عربن ٻيڙا ترسايا ٿي. جلدي جلدي سامان لاهي يا چاڙهي، لڳندڙ اتراهين يا چوماسي جي ڏاکڻي هوا جي رخ جو فائدو وٺي اڳتي وڌي ويا ٿي. حضور صلعم جن تي وحي نازل ٿيڻ، قرآن جي آيتن ۽ اسلام جي ڳالهين بابت تجارت ڪندڙ عربن چين پهچي، پنهنجي عرب ساٿين ۽ مڪاني چيني ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون ٿي. جيئن اسان جا ڪيترا جهازران ساٿي ساڳي ساڳي ملڪ ۾ بار بار وڃڻ تي اتي جي ٻولي سکيو وڃن تيئن ان وقت جا عرب سوداگر چيني ٻولي کان واقف هئا. انهن جو چيني زالن مان اولاد ته چيني ۽ عربي جو قدرتي طور ماهر هو. چين توڙي ملائيشيا ۾ ڪنهن عرب فاتح اسلام نه آندو پر عرب سوداگرن آندو. اولهه چين پاسي يعني ڪاشغر ڏي انهن عرب سوداگرن جيڪي زميني سلڪ روٽ ذريعي آيا ويا پئي ۽ هيڏانهن اوڀر ۾ يعني گئانگ زو (ڪئنٽن) پاسي جهازن ذريعي پهتل عربن جيڪا روٽ ’مئريٽائيم سلڪ روٽ‘ سڏجي ٿي ۽ تصور ڪريو هن بندرگاهه جي مسجد هئائي شينگ (Huaisheng) جيڪا 627 ۾ ٺهي، حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ئي ٺهي ۽ هن مسجد کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي اصحابي هِتي ايندا رهيا ۽ هِنَ تر ۾ اسلام گهڻي ڀاڱي سعد بن ابي وقاص صحابيءَ 616 ۽ 618 جي وچ واري دور ۾ متعارف ڪرايو. هو ٽيون دفعو 651 ۾ حضرت عثمان (ٽئين خليفي) جي چوڻ تي هڪ سفارتڪار جي حيثيت ۾ هن شهر گئانگ زو ۾ آيو هو. ان بابت پاڻ تفصيلي احوال اڳتي هنن ئي صفحن تي ڪنداسين.