مڇين جي شڪارَ جا نرالا طريقا
جهاز جي ٻڏڻ جي حالت ۾ جهاز تان لاٿل ’بچاءَ واريون ٻيڙيون‘ (Life Boats) به ٻڏندڙ مسافر کي ڪناري تائين نٿيون پهچائي سگهن، جو ڀلي کڻي هنن جي تيل جون ٽانڪيون فل هجن پر اهي ان تيل ذريعي ڪيترو فاصلو ڪري سگهنديون؟ وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرهن ميل! دراصل اهي جان بچائڻ واريون ٻيڙيون فقط ان لاءِ هونديون آهن ته انهن ۾ تري ’ٻڏندڙ يا باهه لڳل جهاز‘ کان ڀڄي پوئتي ٿي بيهجي متان جهاز جا سڙيل حصا مٿان نه اچي ڪرن. بچاءُ تڏهن ئي ٿئي ٿو، جڏهن اتان ڪو لانگھائو جهاز ٻڏندڙ جهاز جو SOS سگنل جھٽي ان جاءِ تي پهچي ٿو ۽ ماڻهن کي ٻيڙين مان کڻي ڪنهن بندرگاهه تي پهچائي ٿو.
بهرحال ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڊولفن مڇيون نقصان نٿيون پهچائين ۽ هو انسان دوست آهن. ان پهلوءَ کان ڪيترن ئي جهازي دوستن کي تجربا هوندا. چڙيا گهرن ۾ ڊولفنن کي ڪرتب ڪندي ڏسڻ کان علاوه مون ۽ منهنجي ڪيترن جهازران دوستن برازيل جي ڪناري تي ڊولفنن کي مقامي مهاڻن کي مڇيون ڦاسائڻ ۾ مدد ڪندو ڏٺو هوندو.
برازيل جي ڏاکڻي حصي واري رياست ’سئنٽا ڪيترينا‘ جي بندرگاهن: اتاجائي، جئائن ويلي ۽ سائويوزي (Sao Jose) وٽان لنگهندي لاگونا (Laguna) واري سامونڊي علائقي ۾ ڪناري وٽ ڊولفن ۽ مهاڻا گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هي ڊولفنون پنهنجي مهانڊي ڪري ’Bottle Nose‘ ڊولفن سڏجن ٿيون، جيڪي مهاڻن کي هن تر جي Mullet نالي مقامي ننڍين مڇين کي ڦاسائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. جيئن ئي مليٽ مڇين جو ڌڻ آسپاس کان لنگهڻ شروع ٿئي ٿو ته ڊولفنون هن کي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ کان بچائي انطرف ڏي ڌِڪين ٿيون، جنهن طرف مهاڻا بيٺا آهن يا جنهن طرف هنن ڄاريون لڳايون آهن. ان سان گڏ هو پاڻيءَ مٿان پنهنجو مٿو ۽ پڇ هڻي پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل ڪن ٿيون ته جيئن مهاڻا سمجھي وڃن ته شڪار هنن ڏي اچي پيو- يڪدم ڄاريون هيٺ ڇڏيو، جيئن انهن ۾ لڳي هي Mullet مڇيون (جن کي سنڌيءَ ۾ بوئي مڇيون ۽ اڙدو ۾ شاهه موبي يا شاهه مڇيون سڏين) ڄار ۾ سوگھيون ٿي سگهن.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ڪم سندن ابن ڏاڏن کان هلي رهيو آهي نه فقط کين پر سائنسدانن کي به ان ڳالهه تي حيرت آهي. ”اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن تر جون ڊالفن مڇيون اسان مهاڻن کي ننڍيون مڇيون ڦاسائڻ ۾ ڇو ٿيون مدد ڪن. سندن ان رهنمائي ۽ سهڪار ڪري اسان جو ڪم آسان ٿيو پوي.“
سنتا ڪئترينا رياست جي مهاڻن ٻڌايو ته، بايولاجسٽ سائنسدانن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه آهي ته هنن مڇين (Dolphins) کي جيڪي هونءَ کڻي ڪيترائي ڪم سولائيءَ سان سکيو وڃن، پر هي ڪم ته هنن کي ڪنهن به نه سيکاريو آهي ۽ جهڙي طرح مهاڻن جي نئين ٽهيءَ وارا پنهنجن ابن ڏاڏن کان ڊولفن جا اشارا سکن ٿا، تيئن ڊولفن مڇين جا ٻچا پنهنجين مائرن کي ڏسي سکن ٿا ته بوئي مڇين (Mullet) جو ڌڻ نظر اچڻ تي انهن کي مهاڻن ڏي ڌڪڻو آهي ۽ ان بعد مهاڻن اڳيان ليٿڙيون پائي يا ڪنڌ ۽ پڇ ڌوڻي آگاهه ڪرڻو آهي ته شڪار توهان جي اڳيان پهچي ويو آهي پنهنجيون ڄاريون تاڻيو.
سائنسدانن اهو ضرور نوٽ ڪيو آهي ته برازيل جي هن علائقي لاگونا (Laguna) ۾ جيڪي ڏيڍ سؤ کن ڊولفن رهن ٿيون، انهن مان فقط پنجاهه کن هن ڪم ۾ مهاڻن جي مدد ڪن ٿيون باقي پاسيريون ٿيو وڃن ۽ ڪا دلچسپي نٿيون وٺن. هي پنجاهه کن ڊولفن جيڪي مهاڻن لاءِ رڍن جي سنڀال ڪندڙ ڪتن وارو ڪم ڪن ٿيون، اهي ڄاريءَ مان مڇيون ڪڍڻ تائين هنن مهاڻڻ جي آسپاس ڦرنديون رهن ٿيون. جيڪي مڇيون ڄاريءَ مان پاڻ مرادو ڇڏايو وڃن اهي هنن ڊولفنن جو کاڄ ٿين ٿيون. ان ڳالهه تي غور ڪرڻ وارن جو اهو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ مهاڻا پنهنجن هٿن سان ڊولفن کي مڇيون نٿا کارائين، پر هي سسٽم ائين سڪون سان هلندو اچي. شايد هي ڊولفن سمجھن ٿيون ته سندن لاءِ شڪار جو اهو ئي طريقو آهي. بهرحال ٻئي ڌريون خوش آهن خاص ڪري مهاڻا جن لاءِ هن حصي جي ميرانجھڙي پاڻيءَ ۾ مڇيون ڦاسائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هي ڊولفن ئي آهن، جيڪي مڇين کي پري کان ئي ڏسيو وٺن ۽ اهڙي پوزيشن ٺاهي کين ڌڪين ٿيون جو هو سڌو اچيو مهاڻن جي ڄارين ۾ ڦاسن. پنجاهه کن سالن کان ته آئون به ٻڌندو اچان. چون ٿاته هي ڪم سؤ سالن کان به مٿي کان هلندو اچي ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڊولفن ۽ مهاڻن جي گڏيل ڪوآپريشن دنيا جي فقط هن ملڪ برازيل جي هن رياست سئنتا ڪئترينا جي لاگونا واري علائقي ۾ ٿي آهي. مڇين مارڻ جا اڄ ڪلهه نوان طريقا ۽ اوزار به نڪري پيا آهن، پر لاگونا جا هي مهاڻا اهي ابن ڏاڏن وارا روايتي نمونا استعمال ڪندا اچن.
ائين ناهي ته مڇيون مارڻ جو نرالو طريقو فقط برازيل ۾ آهي. ڪجهه طريقن جو ٻين ملڪن سان به واسطو آهي، جيئن سمنڊ اندر ڊگهو ڏنڊو کوڙي ان مٿان ڪاٺ جي چؤنڪڙي (ڪراس) تي ويهي مڇيون ڦاسائڻ جو طريقو توهان کي فقط سريلنڪا ۾ اناوطونا (Unawatuna) ڪناري واري ڳوٺ کان ويليگاما (Weligama) ڳوٺ واري ٽيهه کن ڪلوميٽرن جي ڪناري تي نظر ايندو.
چون ٿا ته مڇين ڦاسائڻ جو هي طريقو ٻي جنگ عظيم کان شروع ٿيو، جڏهن کاڌي جي سخت کوٽ ٿي پئي ۽ ڪجهه سياڻن مهاڻن اها کوجنا ڪئي ته سمنڊ جي ڪناري کان ڪجهه پري اونهي سمنڊ ۾ اهڙا دُٻا به آهن جتي تمام گهڻيون مڇيون گهمنديون رهن ٿيون ۽ تري ۾ پيل پٿرن هيٺان رهن ۽ ٻچا ڏين ٿيون. ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ پهچڻ تي اهي ڀڄيو وڃن. ان ڪري هنن اهو ڊگهي ڏنڊي ۽ ان جي مٿين حصي تي ڪوڪن سان فٽ ڪيل صندليءَ جهڙي تختي جي ايجاد ڪئي جنهن کي سريلنڪا جا ماڻهو ’پيٽا‘ سڏين ٿا. هي مهاڻا پاڻيءَ کان ٻه ميٽر کن مٿيان پيٽا تي ويهي مڇيون ڦاسائين ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته ان طريقي سان مڇيون ڦاسائڻ جو بهترين وقت سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ جو ٽاڻو آهي. هتي به جيتوڻيڪ مڇيون ڦاسائڻ جا ماڊرن طريقا اچي ويا آهن، پر برازيل جي لاگونا علائقي جي ماڻهن وانگر سريلنڪا جي هن علائقي جا ماڻهو به مڇيون مارڻ جو هي پراڻو طريقو قائم رکندا اچن. ان مان کين کڻي ڪو گهڻو فائدو رسي يا نه پر حڪومت کي ضرور پهچي رهيو آهي جو ٽوئرزم وڌي رهي آهي. هن قسم جي مڇيءَ جي شڪار کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ڪيترا ئي سياح سريلنڪا اچن ٿا.
مڇيءَ جي شڪار جو هڪ طريقو ’ڪورمورنٽ پکيءَ‘ ذريعي به آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ آئون به ڪئنٽن بندرگاهه کان بس ۾ چڙهي گئيلن (Guilin) ويو هوس. ڪورمورنٽ ٻگهه پکيءَ جهڙو پر ڪاري رنگ جو پکي ٿئي ٿو، جنهن کي اسان وٽ هند سنڌ توڙي ايران ۾ ’ماهيخور‘ سڏين ٿا. اسان جو جهاز جڏهن به چين جي ڏاکڻن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اتي جي مقامي آفيسن وارا اسان کي چين ۾ هي پراڻي زماني کان ندين تي ڪورمورنٽ (Cormorant) پکيءَ ذريعي مڇين جو شڪار ڏسڻ لاءِ چوندا هئا. هڪ دفعي آئون به گئيلن آيس، جتان ’ليندي‘ (جيڪا چيني ٻوليءَ ۾ ’ليجيانگ‘ سڏجي ٿي)، وهي ٿي. ان ۾ صدين کان مقامي ماڻهو هنن پاليل شڪاري پکين ذريعي مڇين جو شڪار ڪن ٿا. ڪورمورنٽ پکي جنهن کي هو ننڍي ٻچي مان پالي وڏو ڪن ٿا. پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻي چهنب ۾ مڇي آڻي مالڪ کي ڏئي ٿو. چين جي ههڙين ندين ۾ توهان کي ٻيڙين ۾ مهاڻا نظر ايندا جن سان هڪ گولو (گئسبتي) ۽ ڪاري رنگ جا ٽي چار ڪورمورنٽ پکي نظر ايندا. چيني تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن پکيءَ ذريعي مڇيءَ جو شڪار 960ع کان شروع ٿيو ۽ اڃان تائين هلندو اچي.
ڪورمورنٽ پکيءَ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ خاطر جيئن هو مڇي ڦاسائڻ بعد ڳڙڪائي نه وڃي، سندس مالڪ سندس ڊگهي ڳچيءَ جي ڇيڙي وٽ ڌاڳي سان ڳنڍ ڏيو ڇڏي. ائين ڪرڻ سان درياهه جو پاڻي يا آڱر جيڏيون ننڍيون مڇيون ته ان ڇڏيل سوراخ ذريعي سندس پيٽ ۾ هليون وڃن، پر وڏي مڇي اڌ ڳچيءَ ۾ اڌ ٻاهر ڦاسيو پوي. مالڪ يڪدم ان ڪورمورنٽ پکيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي سندس چهنب کولي ان مڇيءَکي ڇڪي ڪڍي ٿو ۽ پاڻ سان آندل ننڍين مڇين مان ٻه ٽي ڪڍي هن پکيءَ کي شاباس طور کارائي ٿو. ان بعد کيس وري ٻيڙيءَ تان ڌڪو ڏنو وڃي ٿو ته وڃي ٻي مڇي ڦاسائي اچ. روز جو اهو سلسلو ڏسي هي پکي سمجھي ويا آهن ته کيس کائڻ لاءِ اهو ملندو، جيڪو مالڪ پنهنجي مرضيءَ سان ڏيندو. هونءَ به هو چاهي ته به ڦاسايل وڏي مڇي ڳڙڪائي نٿو سگهي جو ڌاڳو ٻڌي سندس ڳچي سوڙهي ڪئي وڃي ٿي ۽ ڦاسايل وڏي مڇي ان مان گذري سندس پيٽ ۾ وڃي نٿي سگهي.
ڪورمورنٽ پکيءَ ذريعي مڇين جو شڪار چين کان علاوه جپان جي به ڪجهه شهرن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾ يوڪائي (Ukai) سڏجي ٿو. سڀ کان گهڻو گيفو (Gifu) ضلعي مان وهندڙ ناگارا نديءَ تي ٿئي ٿو. هونءَ ته جپان ۾ هر شيءِ چين کان آئي پر يوڪائي (پکيءَ ذريعي شڪار) جي طريقي لاءِ هُو چون ٿا ته پهرين جپان ۾ شروع ٿيو ۽ اهو 1300 سال آڳاٽو آهي.
مڇيءَ جي شڪار لاءِ هي پکي سمنڊ تان ڦاسايا وڃن ٿا. خاص ڪري ننڍي عمر وارا. جيئن تتر به ٻچو آهي ته جلد پالتو ٿيو وڃي. نئين ڦاسايل ڪورمورنٽ جا هڪ پاسي جا ڪجهه کنڀ ڪتريا وڃن ٿا، ته جيئن بئلنس صحيح نه هجڻ ڪري هُو اڏامي نه سگهي. سندن تکي چهنب کي روات سان گَھَي ڪجهه لسو ڪيو وڃي ٿو، جيئن ٺونگا هڻڻ سان مالڪ زخمي نه ٿئي. هنن کي تيلن جي خاص پڃرن ۾ رکيو وڃي ٿو. جيڪي جپان ۾ ’يوڪاگو‘ سڏجن ٿا.
ڪورمورنٽ کي پاڻ سان هيرائڻ لاءِ سندس مالڪ هن کي روز درياهه جي پاڻيءَ سان وهنجاري ٿو، جيئن هُو ان پاڻيءَ جي سواد ۽ گرمائش جو عادي ٿئي ان بعد هن جي مٿي ۽ پيٽ جي مالش ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان هن جو سندس مالڪ سان ويجھڙائي ۽ پنهنجائپ جو احساس وڌي ٿو. مالڪ طرفان پکيءَ تي ٿوري ڪاوڙ به پکيءَ کي چيڙاڪ بنايو ڇڏي. ان ڪري هي پکي پالڻ وارو پکيءَ سان بيحد نازڪ مزاجيءَ سان پيش اچي ٿو. اهو ڪم ٻه هفتا جاري رکڻ بعد سندس ڳچيءَ ۾ ڌاڳو ٻڌي ڄاڻو ڪورمورنٽ پکين سان گڏ ڇڏيو وڃي ٿو، جيئن هن جي ٽريننگ ٿئي ۽ کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته هن کي اڳتي هلي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي. ماهر شڪاري ٿيڻ ۾ هن کي سال کن لڳيو وڃي.
گذريل سال باءِ ايئر هانگ ڪانگ ويو هوس ته اتان ڪولون مان باءِ ٽرين ڪئنٽن ۽ چين جي ٻن ٽن ٻين شهرن ۾ پنهنجي وطن جي شاگردن سان خبر چار ڪرڻ پڻ ويس. هو انٽر تائين ته موڳا مٽر هئا ۽ کين پنهنجي ملڪ جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ تعليمي ادارن ۾ به داخلا نه ملي سگهي ۽ هاڻ پنهنجي خرچ تي هتي چين ۾ پڙهي رهيا هئا، جتي ميڊيم آف انسٽرڪشن انگريزي ۽ چيني آهي يعني هنن کي پنهنجي سبجيڪٽ (ڊاڪٽري يا انجنيري) کان علاوه چيني ٻولي ۽ انگريزيءَ تي (جنهن ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ته هميشه گريس مارڪن سان مس مس پاس ٿيا ٿي) ڌيان ڏيڻو پوندو هوندو. بهرحال ان عنوان تي ڪنهن ٻئي هنڌ بحث ڪبو، هتي اهو لکڻ ٿو چاهيان ته آئون هنن سان گڏ سالن بعد هڪ دفعو وري لينديءَ تي هليو ويس، جتي ڪنهن زماني ۾ ٻن چيني ڀائرن مون کي ماهيخور پکي (Cormorant) ذريعي لينديءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڏيکاريو هو. حيرت جي اها ڳالهه ته وڏي عرصي بعد هو مون وانگر وڌيڪَ پوڙها ضرور ٿي ويا هئا، پر مڇيءَ جي شڪار ۾ چست هئا. بقول هنن جي اهو ڪم هنن لاءِ وندر آهي يعني جيئن اسان لاءِ اخبارن لاءِ ڪالم لکڻ ٿي پيو آهي. مون ان شڪار جا ڪيترائي فوٽو ۽ وڊيو Google ۾ اپ لوڊ ڪيا آهن، جيڪي منهنجي نالي Altaf Shaikh سان گڏCormorant Fishing لکڻ سان نظر اچي سگهن ٿا ته ڪيئن مڇين کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ هي چيني مهاڻا پاڻ سان گڏ گولو (گئسبتي) رکن ٿا. ڪورمورنٽ پکي لٺ تي ويٺا رهن ٿا يا ٻيڙيءَ وٽ ترندا رهن ٿا. جيئن ئي مڇين جو انبوهه گذري ٿو، ته هُو ٽٻي هڻي مٿي اچن ٿا. بک ۾ هجڻ ڪري هو ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ڳچيءَ ۾ سوڙهو ڌاڳو ٻڌل هئڻ ڪري هنن جي ڳچيءَ جو منهن ايترو کليل نٿو رهي جو مڇيءَ کي ڳڙڪائي سگهن. چهنب ۾ ڦاٿل مڇي ڏسي مهاڻو ڪورمورنٽ کي ڇڪيو وٺي ۽ سندس منهن مان مڇي ڪڍي پنهنجي بالٽيءَ ۾ وجھي ٿو. توهان ڏسندائو ته اها مڇي ڪا ننڍي نٿي ٿئي هٿ ڏيڍ کان ڪافي وڏي ۽ ٿلهي ٿئي ٿي. مڇي ڪڍڻ بعد پکيءَ کي اشارو ڪيو وڃي ٿو ته ٻيڙيءَ کان ٻاهر نڪتل بانس جي پوڇڙ تي ويهي هيٺ پاڻيءَ مان لنگهندڙ مڇين جي اچڻ جو انتظار ڪري يا کيس ٻيڙيءَ جي ڳن تان هيٺ ڌڪو ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ٻيڙيءَ وٽ ترندو رهي ۽ مڇين جي جانچ ڪندو رهي.