وچ ايشيا، جنگ طلاس، توران ۽ ڪاغذ جي ايجاد
751ع ۾ جنگ طلاس (Battle of Talas) ۾ عربن چينين کي شڪست ڏني ۽ ڪاشغر ’ملتِ اسلاميه‘ ۾ شامل ٿي ويو. اڄ به هتي مسلمانن جي اڪثريت رهي ٿي. هيءَ لڙائي طلاس نديءَ جي ڪناري تي لڳي هئي، ان ڪري هن لڙائيءَ کي ’معرڪن نهر طلاس‘ سڏجي ٿو. هيءَ ندي ’طلاس‘ ڪرغستان مان شروع ٿي سڄي قزاخستان ۾ وهي ٿي. هيءَ لڙائي چين جي تانگ (Tang) گهراڻي يعني سلطنت جي ستين شهنشاهه شوان زونگ اول جي ڏينهن ۾ لڳي. چين تي تانگ سلطنت 618ع کان 907ع تائين رهي ۽ هن شهنشاهه شوان زونگ سڀ کان وڏو عرصو (43 سال) 712ع کان 756ع تائين حڪومت ڪئي. نهر طلاس جي مٿين لڙائي 751ع ۾ لڳي جڏهن اسلامي دنيا تي عباسي گهراڻي جي پهرين خليفي ابوالعباس السفاح جي حڪومت هئي. عباسي سلطنت 570ع کان 1517ع تائين هلي، جنهن جو پهريون خليفو ابوالعباس 750ع کان 754ع تائين حاڪم رهيو. هن جنگ ۾ عباسي گهراڻي جو ساٿ تبت جي سلطنت ڏنو ۽ هوڏانهن چين جي تانگ گهراڻي سان گڏ سنڪيانگ جي آسپاس رهندڙ قارلوق ترڪ هئا. قارلوق ترڪ اڄ به بهترين غاليچا ٺاهڻ کان مشهور آهن. هيءَ لڙائي چار مهينا ڪا مس هلي جو جنگ دوران قارلوق ترڪ چيني حاڪم جو پاسو ڇڏي عباسي خليفي سان اچي مليا ۽ سڄي بازي پلٽجي وئي.
دراصل هن جنگ کان اڳ هڪ طرف عرب مسلمان مشرق يعني چين ڏي پئي وڌيا ته ٻئي پاسي چين جيڪو وڏي طاقت هو اهو مغرب طرف پئي آيو. طلاس جي لڙائي بعد چين جي تانگ سلطنت کي اڳتي وڌڻ کان ٻنجو اچي ويو ۽ هن علائقي (Transoxiana) تي مسلمانن جو اهڙو تهڙو نه پر يڪو 400 سال قبضو رهيو. هونءَ ته ڪو زمانو هو جو هن پاسي يعني بلخ، بصري، سمرقند توڙي ڪاشغر، مزار شريف، بخارا وغيره اسان جا سنڌي هندو، آيا ويا ٿي سي به فقط واپار لاءِ. هاڻ سفر جي سهولتن ڪري هرڪو مسلمان هندو ايندو رهي ٿو. نه فقط واپار لاءِ پر تعليم لاءِ پڻ. ان ڪري ٽرانس آڪسيانا جهڙآ لفظ سمجهائڻ چاهيان ٿو جيڪي هنن پٽن تي عام آهن. ٽرانس آڪسيانا جو مطلب آهيLand Beyond Oxur River جنهن کي عرب ’ماورا النهر‘ سڏين ٿا. هن پاسي ٻه درياهه مشهور آهن. هڪ درياءَ سيحون (Syr Darya) ۽ ٻيو امو ندي (Amu Darya) جنهن جو تاريخي لئٽن زبان جو نالو آڪسن (Oxus) آهي. ٽرانس آڪسيانا (ماورالنهر) وچ ايشيا جي هڪ حصي جو پراڻو نالو آهي جنهن ۾ اڄ جو ازبڪستان، تاجڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جا اترهان حصا قزاڪستان جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويو، اهو علائقو درياءَ سيحون ۽ امو درياءَ (Oxus) جي وچ ۾ اچي ٿو. فارسيءَ ۾ هي علائقو ’توران‘ سڏيو ويو ٿي، جيڪو نالو شاهنامي ۾ فردوسيءَ استعمال ڪيو آهي. فردوسيءَ جي شاهنامي مطابق شهنشاهه فريدون کي ٽي پُٽ هئا- سليم، تور ۽ ايرج، جن جي وچ ۾ هن دنيا ورهائي. ايشيا مائنر (اناطوليا) يعني ترڪيءَ وارو علائقو سليم حوالي ڪيو، توران ٻئي نمبر پٽ تور کي ڏنو ۽ ننڍي پٽ ايرج جي نالي ايران ڪيو. وڏن ڀائرن گڏجي ننڍي ڀاءُ ايرج کي ماري ڇڏيو جنهن جو بدلو هن جي پوٽي ورتو ۽ ايراني سڄي دنيا تي قابض ٿيا. شاهنامه فردوسي ۾ توران لفظ هڪ سئو کان به مٿي دفعا استعمال ٿيو آهي.
نه خاڪست پيدا نه دريا نه ڪوه
زبس تيغ داران توران گروه
]نه زمين نظر اچي ٿي، نه سمنڊ، نه جبل
توران جي تلوار بردارن جي ميڙ مان.[
-
تهمتن به توران سپه شد به جنگ،
بد انسان ڪه نخجير بيند پلنگ.
]پهلوان جسم جي رستم توران جي فوج سان جنگ جوٽي
انهن تي ائين ڪڙڪيو جيئن چيتو شڪار تي.[
جيئن اسان وٽ مهراڻ يا ڪشمير ماڻهن جو نالو آهي تئين هن علائقي توران جو نالو بحرين، ايران، بوزنيا ۽ ترڪيءَ ۾ اڄ به مردن تي رکيو وڃي ٿو. ايوبي سلطنت جي پهرين سلطان صلاح الدين يوسف بن ايوب جي وڏي ڀاءُ جو نالو پڻ توران شاهه هو جيڪو يمن، دمشق، بعلبق ۽ آخر ۾ سڪندريا جو شهزادو (Prince) رهيو، جتي هو گذاري ويو. هو پنهنجي ڀاءُ صلاح الدين کي طاقتور بڻائڻ کان مشهور آهي.
هن شهر ڪاشغر لاءِ ايئن نٿو چئي سگهجي ته ڪو پرسڪون رهيو. شاهراهه ريشم وٽ هجڻ ڪري هي شهر هر لنگهندڙ جي اک ۾ رهيو ٿي.انهن واٽهڙن کان انهن ڏي ڄاڻ پهتي ٿي، جيڪي گهر ۾ ويٺا رهيا ٿي. هن شهر ۾ بادشاهه فقير کان چور ڌاڙيل ۽ واپاري تائين پهچي پنهنجو پنهنجو فائدو ڳوليو ٿي. مٿين 751ع واري جنگ طلاس کان اڳ به اميه گهراڻي جي خليفن هن شهر ۽ اوس پاس تي رکي رکي حملا ڪيا ٿي پر انهن ۾ کين اهڙي ڪاميابي نصيب نه ٿي. ان وقت جي رواج موجب جيڪو فاتح آيو ٿي ان هن شهر کي ويران ڪيو ٿي ته ٺاهيو به ٿي. ان کان علاوه نادر شاهه ۽ سلطان غزنوي وانگر ڦر جو مال پنهنجي اصل وطن موڪليو ٿي. هي شهر ڪاشغر 1219ع ۾ چنگيز خان جي حملن ۾ هڪ دفعو وري تباهه ٿيو. 1273ع ۾ اٽليءَ جو مارڪو پولو هن شهر ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ هن شهر جو نالو ڪاسقر (Cascar) لکيو آهي ۽ هن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. 1389ع ۾ ڪاشغر امير تيمور جي عتاب جو پڻ نشانو بڻيو. مختلف دور گذرندا رهيا ۽ مخلف ماڻهن ۽ حڪومتن جي قبضي ۾ رهڻ بعد هي شهر 1759ع ۾ هڪ دفعو وري چين جو حصو ٿي ويو. هتي جي عيدگاهه مسجد چين جي وڏي ۾ وڏي مسجد آهي. هن شهر ۾ مائوزي تنگ جو 18 ميٽر اتاهون مجسمو پڻ آهي.
مٿين 751ع واري جنگ طلاس جي حوالي سان لکندو هلان ته لکائي پڙهائيءَ جي يعني ڪاغذ پني جي ايجاد جيڳالهه نڪرڻ تي يورپي ماڻهو هميشه هن جنگ طلاس جوذڪر ڪن ٿا ته هن جنگ جي طفيل يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ پني جي ايجاد ٿي. سڀ کان پهرين چينين پنو ٺاهيو. دنيا جا ٻيا ملڪ حيرتزده هئا ته چيني پنو ڪيئن ٿا ٺاهين. پوءِ هن لڙائيءَ ۾ جيڪي چيني قيدي هئا انهن کي عرب سپاهي عباسي سلطنت جي گادي واري شهر بغداد ۾ وٺي ويا. سڀني کي خبر هئي ته چيني هنرمند قوم آهي ۽ انهن ڏينهن جي عرب حاڪمن، عباسي گهراڻي جي خليفن توڙي اندلس (اسپين) ڪوچ ڪري ويل اميه خليفن/ حاڪمن جي اها خواهش پئي رهي ته ٻين کان علم ۽ هنر حاصل ڪجي. سو هنن به چيني قيدين ۾ جن کي ڪاغذ ٺاهڻ جو هنر آيو ٿي انهن کي ڪاغذ ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏيو جن کان مقامي عرب سکيا. ڏسندي ئي ڏسندي بغداد ۽ بصره ڪاغذ ٺهڻ کان مشهور ٿي ويو، اڳتي هلي اهو هنر عربن کان يورپين سکيو ۽ يورپ ۾ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿيو.