جتي سڀ ڪجهه کاڌو وڃي ٿو
سارس جو اثر چين جي ڏاکڻن صوبن، ملائيشيا، تائيوان، سنگاپور، ويٽنام، فلپين، ٿائلينڊ جهڙن ويهه پنجويهه کن ملڪن ۾ ٿيو پر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ. سڄي دنيا ۾ سارس ڪري ڪي 8000 ماڻهو مس شڪار ٿيا ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ماڻهن کي ڌيان ۾ ئي نه آيو ته چيني ڪهڙي ڪهڙي قسم جا جانور کائي رهيا آهن. انهن ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا به ڪو اهڙو طاقتور نه هو جو فوٽن ۽ وڊيو ذريعي ماڻهو ڏسي سگهن ته چين توڙي هانگ ڪانگ، جتي جتي چيني رهن ٿا، اتي جي گوشت ۽ مڇي مارڪيٽن (Wet Markets) ۾ ڪهڙن ڪهڙن جانورن جو ۽ ڪهڙي بي دردي ۽ گندگيءَ جي حالت ۾ ڪوس ٿي رهيو آهي.
هن دفعي چين جي شهر ’ووهان‘ مان هيءَ ڪورونا نالي وبا شروع ٿيڻ سان سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ته چين ۾ ڪهڙي قسم جون نانگ بلائون ۽ جهنگلي جانور کاڌا وڃن ٿا! هڪ ته هيءَ وبا اڄ کان سئو سال اڳ جي Spanish Flue وبا وانگر اٿندي ئي سڄي دنيا ۾ ايڏو ته پکڙيوئي آهي جو مهيني اندر مختلف ملڪن ۾ موت جو تعداد ٻه لک جي ويجهو وڃي پهتو آهي، جيتوڻيڪ سڀني ملڪن ۾ تقريبن لاڪ ڊائون جو عالم آهي. ڪيترن جو ته اهو ئي چوڻ آهي ته هيءَ وبا اڍائي ڪروڙ ماڻهن جي جان وٺي ختم ٿي وڃي ته به سودو مهانگو ناهي. اها ڳالهه ڪرڻ وارا شايد اهو سوچي ٿا ڪن ته اڄ کان سئو سال اڳ ’اسپيني فلو‘ جيڪا 1918ع کان 1920ع تائين هلي ان ۾ ئي پنج ڪروڙ ماڻهو مري ويا هئا، جيتوڻيڪ ان وقت دنيا جي آدمشماري تمام گهٽ هئي. هوائي جهاز، هوٽلون ۽ ٽوئرزم جو به ايڏو زور نه هو.
چين مان پکڙجندڙ هيءَ وبا ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ دنيا جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ بي خوف و خطر وڃي سگهندا، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر دنيا جا ماڻهو سوشل ميڊيا تي پنگولين، نوريئڙن، نورن، سانڍن ويندي جهنگلي سوئرن، ڀولڙن، بندرن، ڪتن ٻلن کي چين جي مختلف شهرن جي گوشت مارڪيٽن ۾ وڪامندو، ڪُسندو، رڌجندو ڏسي تعجب ۾ ضرور پئجي ويا آهن. چين به ان خواريءَ مان بچڻ خاطر اهڙن جانورن جي وڪري ۽ پالڻ تي في الحال بندش هڻي ڇڏي آهي. مون کي به ڪالهه اسان جي ڳوٺائي ڪئپٽن رشيد ابڙو ٻڌايو ته چين نانگ بلائن جي وڪري ۽ ڪوس تي به پابندي هنئي آهي ۽ پوءِ چين جي هڪ ڳوٺ سيسي شيائو (Zisiqiao) جو نالو وٺي چيو ته ”خبر ناهي اتي جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟“
”ٿيندو ويندو ڪجهه ڪونه،“ مون چيومانس،”چيني ماڻهو ٻين جانورن کان کڻي ڪجهه عرصي لاءِ پاسو ڪري سگهن ٿا، پر دنيا ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچي پر چيني ماڻهو نه نانگ بلائون کائڻ ڇڏيندا ۽ نه انهن جو دوائن ۽ گوشت لاءِ وڪرو بند ڪندا.“
ڪئپٽن رشيد ابڙو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو توڙي مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ مون کان چار پنج سال جونيئر هو پر جهاز هلائڻ دوران چار سال اهڙا به آيا جو جيتوڻيڪ اسان جا جهاز مختلف هئا پر هئا ساڳي ڏور اوڀر واري روٽ تي. يعني هِتان هُتان ٿي ڪوريا، جپان، چين، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ پاسي جي بندرگاهن ۾ گڏ اچي بيٺا ٿي. هڪ دفعي اسان ٻنهي جا جهاز شنگهائيءَ ۾ لنگر انداز هئا. چين ۾ موڪلون هجڻ ڪري اسان جي جهازن تي چاڙهڻ وارو سامان اڃان نه پهتو هو سو اسان جي مڪاني آفيس جو ايجنٽ ٻنهي جهازن جي اڌ آفيسرن ۽ اڌ خلاصين کي بس ذريعي شنگهائيءَ کان هنگزو (Hangzhou) گهمائڻ لاءِ وٺي هليو. شنگهائيءَ کان هنگزو ايترو پري آهي جيترو موري کان سکر- يعني 170 کن ڪلوميٽر. اسان ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچي وياسين. رستي تي جياشنگ شهر ۾ بيٺي بيٺي چانهه به پيتيسين. يعني گمبٽ/ راڻيپور ۾ چانهه پيتيسين.
ڪئپٽن رشيد ابڙي جنهن چيني ڳوٺ سيسي شيائو (Zisiqiao) جي ڳالهه ڪئي، اهو دراصل سنڌو نديءَ جي ڪناري واري سکر جهڙي شهر هنگزو (Hangzhou) کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي جتي اسان جو چيني ايجنٽ واپسي تي وٺي آيو هو ۽ اهو ڳوٺ ’نانگن جو ڳوٺ‘ سڏجي ٿو. هونءَ هنگ زو شهر نه فقط سکر شهر وانگر آهي پر سنڌونديءَ وانگر چين جي هڪ مشهور ندي قيانتانگ (Qiantang) جي ڪناري تيآهي، جيڪا ندي (اٽڪل 460 ڪلوميٽر ڊگهي) چين جي زهي جيانگ صوبي جي گادي واري هنشهر هنگ زو مان ٿي اوڀر چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هونءَ هن نديءَ جو نالو Zhe ندي يعني Zhe Jiang هو. جنهن تان هن صوبي جو Zhejiang نالو پيو، جيئن سنڌو نديءَ تان سنڌ ۽ هند نالا جڙيا. چيني ٻولي ۾ Jiang نديءَ کي سڏجي ٿو، جيئن جپانيءَ ۾ ڪاوا ۽ ملئي ۾ سُنگائي.چيني لفظZheجي معنيٰ آهي چٻي سِٻي (Crooked).
هنگ زو چين جي خوبصورت شهرن مان هڪ آهي. ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هنگ زو جهڙو هڪ ٻيو شهر سوزهو Suzhou آهي. سوزهو چين جو تمام آڳاٽو شهر آهي، جنهن جو بنياد سڪندراعظم جي ڄمڻ کان به ٻه صديون اڳ 514 ق. م ڌاري رکيو ويو. هن شهر مان وهندڙ ڪئنال، پٿرن جون پليون، پگوڊا، باغ، باغيچا، ڪهڙي ڳالهه ڪجي! حق تي هن شهر کي ’اوڀر جو وينس‘ ۽ ’چين جو وينس‘ سڏين ٿا.
سوزهو جي ريشم۽ پَٽَ (Silk) جو ڪپڙو دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. هن شهر جا قابل ماڻهو سارجن ته انيڪ ٿيندا هر فيلڊ ۾. سياست، آرٽ، تعليم، سائنس، ڳائڻ وڄائڻ، راندين، ميوزڪ ۾ هتي جي ماڻهن نالو پيدا ڪيو آهي. چين جي هنن شهرن سوزهو ۽ هنگ زو جو نالو اڪثر گڏ گڏ ورتو وڃي ٿو. هنن شهرن نالي هڪ چيني چوڻي مشهور آهي ته: Paradise above, Suzhou & Hangzhou below يعني مٿي جنت آهي ته هيٺ ڌرتيءَ تي سوزهو ۽ هنگ زو. هي ايئن آهي جيئن پاڻ ڪنهن علائقي لاءِ چوندا آهيون ڌرتيءَ تي جنت جو ٽڪرو آهي. مارڪو پولو پنهنجي سفرنامي ۾ هنن شهرن لاءِ لکي ٿو ته،Suzhou is the city of Earth while Hangzhou is the city of Heaven. هنگ زو بابت هڪ ٻي چوڻي مشهور آهي ته: "Be born in Suzhou, live in Hangzhou, eat in Guangzhou, die in Liuzhou."اهو ان ڪري چيو ويو ٿي ته سوزهو تهذيب يافته ۽ اعليٰ تعليم وارن کان مشهور رهيو آهي. هنگ زو خوبصورت نظارن کان، گنگ زو کاڌي خوراڪ کان ۽ ليوزو ڪاٺ جي ڪفن وارين پيتين کان جيڪي ڪافور جي ڪاٺ مان ٺهيل هجڻ ڪري انهن کي ڪيڙو نٿو لڳي ۽ مُردو ڳري سڙي نٿو.
شروع جي ڏينهن ۾ ته هن پاسي ورلي ڪو هم وطن نظر ايندو هو -وڌ ۾ وڌ شنگهائي يا ڪئنٽن پاسي سفارتخاني ۽ هوائي جهاز ڪمپنين سان واسطو رکندڙ پاڪستاني ڪڏهن نظر آيا ٿي، پر هاڻ گذريل ويهارو سالن کان چين جي هر وڏي شهر ۾ اسان جي ملڪ جا ته ڇا سنڌ صوبي جا ئي ڪيترا ملن ٿا، جن کي آئون مٿين شهرن جهڙا تاريخي شهر گهمڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. هي ڪورونا بيماري ته پوءِ شروع ٿي، ان کان گهڻو گهڻو اڳ هبيئي (Hubai) صوبي جي گادي واري شهر ووهان (Wuhan) ۽ جنگ زو (Jingzhou) ۾ فقط سنڌ جا ئي سوين شاگرد مليا جن مان ٽي ته اسان جي ڳوٺ هالا جا هئا جيڪي جنگ زو شهر جي ينگ تسي Yangtze يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا هئا. هاڻ ته هو ڊاڪٽر ٿي ويا آهن. مون کي ياد آهي ته ڊاڪٽر شهزاد جاويد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ناصر سلمان کي چيو هوم ته اهي خوش نصيب آهن جو Jingzhou شهر جيYangtze University مان پڙهي رهيا آهيون جتي ليڪچر انگريزيءَ ۾ ئي ڏنا وڃن ٿا. ساڻن گڏ گمبٽ جو عمران ڄامڙو، حيدرآباد جو ارشاد لغاري ۽ ميرپورخاص جو حزب الله ٽالپر شاگرد به ياد اٿم. اهي سڀ خوش نصيب چئبا نه ته مون کي انهن لاءِ ڏک ٿيندو آهي، جن کي اسان وٽ چين کان ايندڙ پاڪستاني ايجنٽ ردي قسم جي يونيورسٽين ۾ ڦاسائين ٿا. اهڙيون بيڪار يونيورسٽيون جن جو ڪم فقط فيون وٺي ڊگري ڏيڻ آهي، پوءِ ڀلي اهو شاگرد غير حاضر رهندو اچي. اهڙا ردي تعليمي ادارا ملائيشيا، مڪائو کان انگلينڊ آمريڪا ۾ به آهن. ان ڪري شاگردن کي هميشه ڪا مانَ واري (Reputable) يونيورسٽي ڳولڻ کپي، جتي هنن کي محنت ضرور ڪرڻي پوي، پر ان يونيورسٽي جي ڊگريءَ جي Value هجي. شاگردن کي کپي ته پنهنجي ميڊيڪل، انجنيئرنگ يا سائنس جي سبجيڪٽ سان گڏ مڪاني چيني ٻوليءَ ۾ به ماهر ٿي وڃن. اهڙي صورت ۾ هُو چين وارن لاءِ وڏو ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا. ڇو جو چين کي پوءِ هڪ اهڙو انجنيئر يا ڊاڪٽر مليو وڃي، جيڪو چيني ۽ انگريزي ٻولين کان واقف آهي. چيني کڻي جپاني يا ملئي ٻوليءَ کان ڏکي آهي، پر ننڍي عمر واري لاءِ ان ۾ ماهر ٿيڻ ۾ ڇا مشڪل آهي. هينئر به ٻه نوجوان انجنيئر ياد اچي رهيا آهن، هڪ ٽنڊي ڄام پاسي جي رٽائرڊ ايڊيوڪيشن آفيسر آفتاب رند جو پٽ راحيل احمد رند ۽ ٻيو حيدرآباد جي گاڏي کاتي جي فواد احمد بلوچ جو پُٽ سالار فواد بلوچ (سندس والده ڊاڪٽر فرزانه بلوچ سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڪستان اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۾ آهي) جن کي سٺي چيني ٻولي اچڻ ڪري، هنن کي يڪدم چين ۾ نوڪري ملي وئي جنهن کي به ٽي سال کن ٿي ويا هوندا.
جپان ۾ ته تمام گهڻيون يونيورسٽيون آهن. منهنجي خيال ۾ 55 اسلامي ملڪن جون سڀ يونيورسٽيون گڏجن ته به جپان ۾ انهن کان به وڌيڪ يونيورسٽيون ٿينديون. چين ۾ به ڏسان پيو ته ملائيشيا وانگر وڃن يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا وڌندا ۽ اسان پاسي يعني ووهان، جنگ زو، نانجنگ، شنگهائي، سوزو، هنگ زو پاسي ته ڪي بيحد اعليٰ معيار جون يونيورسٽيون آهن. ينگ زي يونيورسٽي جنهن مان هالا جي نوجوانن MBBS ڪئي، ان شهر جنگ زو ۽ ووهان ۾ ان يونيورسٽي کان علاوه ووهان يونيورسٽي هئازهانگ يونيورسٽي، هئازهانگ ايگريڪلچر يونيورسٽي، هيبئي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، زهانگ نان يونيورسٽي، جيانگ هان يونيورسٽي وغيره اعليٰ قسم جون آهن. پاڪستان جي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ پنج سال ڊاڪٽري پڙهڻ تي خبر ناهي ڪيترو خرچ ٿو اچي پر چين ۾ پڙهندڙ شاگردن ٻڌايو ته هنن جي رهائش، کاڌي پيتي، پڙهائي، فين ۽ هر سال ڳوٺ اچڻ جو خرچ ۽ ڪتاب ڪپڙن تي 5 سالن ۾ اٽڪل 50 لک رپيا خرچ اچي ٿو. ڪن شاگردن کي اتي جي ڪاليجن ۾ ٽيوشن پڙهائڻ ڪري بچت به ٿئي ٿي. جپان ۽ يورپ ۾ ته تمام وڏو خرچ آهي. ٻڌو اٿم ته ايسٽونيا، فنلينڊ ۽ روس جهڙن ملڪن ۾ وري به گهٽ خرچ آهي.