مُهاڳ: الطاف کي چِين ڇو ٿو بي چَين ڪري؟
الطاف، جپان تي چار ڪتاب شايع ڪيا آهن. منهنجو خيال هو ته هن کي جپان جي تڪليف مڙيئي وڌيڪ آهي، پر موجوده ڪتاب ۾ هن کي چِين بي چَين ڪيو ٿو ڏسجي. چين ۽ جپان جو لاڳاپو به پراڻو آهي. زبان ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ ٻئي ملڪ گهڻو ڳنڍيل رهيا آهن. چينين ۽ جپانين ۾ رڳو چُونچيون اکيون هڪجهڙائي ڪونه ٿيون ڏيکارين، پر ريتون رسمون ۽ ڪيتريون ئي ٻيون عادتون هڪ جهڙيون اٿن. چين جي تصويري لفظن (ڪانجي) جو به جپان تي قديم زماني کان اثر آهي. بنيادي طور چيني تصويري لفظ جپاني زبان ۾ ڪم اچن ٿا ۽ ڪي اشارا جپانيءَ ۾ واڌو اچن ٿا، جن جي چيني زبان ۾ گنجائش نه آهي. مثال طور آئون جيڪڏهن جپان وڃان ته اکين سان نوي سيڪڙو لفظ پڙهي ويندس، پر زبان سان انهن جو اچار جپانيءَ ۾ ٻيو ٿيندو. جيئن جپان کي 日本 (رپن) چيني اچار موجب چئبو، پر جپاني اچار موجب ’نِپان.‘ تحريري صورت ساڳي آهي. ٻنهي لفظن جي معنيٰ آهي ’سج جي نڪرڻ جو هنڌ.‘
منهنجي خيال ۾ الطاف کي چين جي زبان ۽ ثقافت، جپان جي ڪري بي چين ڪري ٿي. جيئن اڪثر مون کي جپان جي ڪن رنگن ۾ چيني تصوير نظر ايندي آهي.
سفرنامي يا ڪنهن ٻِي طرز جي تحرير مان ڪنهن جي رهڻي ڪَهڻي، عادتن ۽ ادبي ورثي کان واقف ٿيڻ سان اسان کي خوشي حاصل ٿئي ٿي. الطاف اسان کي پنهنجن ڏيڍ ڊزن سفرنامن وسيلي مختلف قومن سان سڃاڻپ ڪرائي آهي. ليکڪ هتي به پنهنجي مخصوص انداز ۾ گفتگو ڪري ٿو.
چين، هڪ قديم ملڪ آهي، جنهن کي پنهنجي هڪ مخصوص طرزِ زندگي ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ هڪ طرف آهي ته ادب ۽ آرٽ جو سرمايو ٻئي طرف. 1949ع واري انقلاب کان پوءِ اهو ڏکوئيندڙ باب بند ٿيو ۽ زندگيءَ جو هڪ نئون عوامي دور شروع ٿيو. هن نئين دور ۾ چيني عظيم ديوار وري جوڙي نٿا سگهن، پر انسان جي عظمت جا گيت ڳائين ٿا. وقتي سياسي اٿل پاٿل يا پرولتاري ثقافتي انقلاب يا چئن جي ٽولي تي ڪتاب وارو سياسي سلسلو هلندو رهندو. پر هاڻي ڪو شهنشاهه يا جنگباز جاگيردار، انسان جي توهين نٿو ڪري سگهي.
چين ۾ آزاديءَ کان اڳ جو ادب ۽ آرٽ گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي. گذريل ٽيهن سالن ۾ ان ۾ پرولتارين جي نالي ۾ به وقت وقت تبديلي ايندي رهي آهي. مصوري ۽ ٻين فنن تي آءٌ راءِ ڏيڻ کان قاصر آهيان، پر ادب جي سلسلي ۾ مون ڏٺو آهي ته چين هڪ عظيم ادبي ورثي سان دنيا اڳيان موجود آهي. ’لي پاءِ‘ ۽ ’توفو‘ جهڙا شاعر قديم دور جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺا آهن. موجوده صديءَ ۾ ’لُوشُن‘، ’مائوزي تنگ‘ ۽ ’ڪومورو‘ کان قداور شخصيت ٻي نه آهي. مختلف ٻولين ۾ خاص طور لُوشُن جو ترجمو به ڪيو ويو آهي.
ڪنهن ملڪ جي تاريخ، ثقافت ۽ زبان ڪنهن وسيلي سان معلوم ٿئي، اها هڪ مستقل معلومات آهي، پر هڪ شخص جو طريقو ٻئي کان مختلف آهي. هر سياح ساڳي ڳالهه نٿو ڪري. هر ماڻهو ٻي طبيعت جو آهي. ڪو هانگ ڪانگ جو پاڻي پي، آئيس ڪريم کائي ۽ فلمون ڏسي موٽي اچي ٿو ته ڪو پاگوڊا، تاريخي مقامات ۽ عجائب ڏسي ٿو اچي.
اسين جيڪڏهن آئيس ڪريم واري کي ننديون ته ڇو؟ هن پنهنجي دلچسپيءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ ٻيو جيڪڏهن اهم آهي ته ان به پنهنجي دلچسپيءَ جي ڳالهه ڪئي. منهنجي خيال ۾ ٻنهي کي خاطر دماغيءَ سان پڙهجي ۽ ڪنهن جو به ڪتاب کڻي غير ملڪي سفر تي نه نڪرجي. ڇو جو انهن ملڪن ۾ ان ڪتاب کان گهڻو گهڻو وڌيڪ موجود آهي.
چيين ۾ آئون پيڪنگ، شنگهائي، ڪئنٽن، هانگ چو، نانڪنگ، اوشي ۽ تئن چن ۾ گهميو آهيان. عظيم ديوار ۽ ڪي ٻيا اهم هنڌ گهميو آهيان. ته به چين جون سوين ڳالهيون مون کي اڃان سِکڻيون آهن. الطاف کان، ٻين سياحن کان، توڙي تاريخ ۽ ثقافت تي لکيل ٻين ڪتابن ۽ مضمونن مان.
مون سمجهيو هو ته ’جپان جن جي جيءَ سان‘ آهي، انهن کي چِين جي بي چيني نه هوندي. هن ڪتاب مان خبر پوندي ته بي چيني آهي... ته پوءِ اچو ته وڌيڪ بي چين نه ٿيون. ڪتاب جا ورقَ ورايون ۽ چِين جي حسن جو جلوو پَسون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
پروفيسر ۽ چيئرمين سنڌي ڊپارٽمينٽ
سنڌ يونيورسٽي- ڄامشورو
12 آڪٽوبر 1982ع