چِين ۾ عرب سوداگرن جي آمد
عرب ٻين ڳالهين ۾ جاهل کڻي هئا پر هو بزنيس ۽ سمنڊ تي رستو ڳولڻ (Navigation) ۾ وڏا قابل هئا. هنن جو بنگال ملاڪا ۽ چين ڏي اچڻ وڃڻ اسلام کان به اڳ جو هو ۽ ڪيترا چين جي ڪئنٽن جهڙن بندرگاهن ۾ رهيا ٿي. اسلام اچڻ تي اهي ۽ ڪيترا مڪاني چيني به مسلمان ٿيا ۽ ڪيترائي اصحابي، جعفر ابن ابي طالب، جهاش ۽ خاص ڪري سعدابن ابي طالب ته اسلام کان اڳ ۽ بعد ۾ سمنڊ رستي ينبوع (مديني) ۽ حبش (Abyssinia) کان چين ايندا رهيا. حضرت سعد ابن ابي وقاص لاءِ ته چون ٿا ته هو اسلام جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غني رضه جي ڏينهن ۾ 615ع ڌاري ٽيو دفعو (هن دفعي سفارتڪار جي حيثيت ۾) هتي آيو ۽ ڪئنٽن جي مسجد هڪ پراڻي ترين مسجد آهي.
عرب واپاري چٽگانگ، منيپور ۽ ملاڪا کان ڪئنٽن تائين ته آيا ويا پئي جيڪو بندرگاهه هانگ ڪانگ ڀرسان آهي پر هو اڃا به مٿي سمجهو ته جپان جي اوڪيناوا ٻيٽن جي سامهون واري هن بندرگاهه هنگ زو (Hangzhou) کان به اچي نڪتا ٿي جيڪو چين جي صوبي زي جيانگ (Zhejiang) جي گاديءَ جو شهر آهي ۽ جنهن شهر کي ڏيکارڻ لاءِ اسان جو لوڪل چيني ايجنٽ اسان کي بس ذريعي شنگهائيءَ کان وٺي آيو هو. هو اسان کي هنگ زو وٺي ئي ان ڪري آيو جو هن شهر سان اسلام جو پراڻو واسطو رهيو آهي.
هنگ زو (Hangzhou) چين جي هن شهر توڙي ٻين جا نالا هر هر انگريزيءَ ۾ ان ڪري لکي رهيو آهيان جيئن پڙهندرن جي ذهن تي چڱي طرح رهن. چين جي مقابلي ۾ جپان جي شهرن جا نالا اُچارڻ ۾ به آسان آهن ته ٻڌڻ ۾ به. جيئن ته ٽوڪيو، اوساڪا، يوڪوهاما، هيرو شيما، ناگا ساڪي، ڪوبي، نگويا، موجي، چيبا، وَڪاياما، ڪوڪورو، ڪيوٽو، سَپورو، ڪواساڪي، نارا، نِگاتا، سڪورا، ڪاگوشيما، فڪوشيما، فڪوياما، هميجي، ڪماڪورا، ڪهڙو نالو کڻي ڪهڙو کڻجي! جپاني هر لفظ جي هر اکر (consonant) بعد Vowel آهي. ان ڪري جپانيءَ جو هر لفظ اُچارڻ ۽ سمجهڻ سولو آهي. چين جي ڪن شهرن جا نالا سولا لڳن ٿا، خاص ڪري اهي جن سان انگريزن، عربن ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جو واسطو رهيو، جن انهن نالن کي ڪجهه پنهنجي حساب سان بدلايو، جهڙوڪ پيڪنگ، ڪئنٽن، شنگهائي، چنگ ڪنگ وغيره جن جا اصل نالا بيئجنگ، گئانگ زو، Chongqing آهن. ويندي چين جي ندين جا انگريزي نالا زنگزي (Yangtse)، ييلو ندي ۽ پرل نديءَ جو اصل چيني نالو چانگ جيانگ، Huanghe ۽ زو جيانگ آهي. وڏي ڳالهه ته ترڪ ۽ جرمن ٻولين وانگر لکيل نالا اُچارڻ به ڏکيو ڪم آهي، پر جيئن ته چين ملڪ اسان لاءِ اهم ملڪ ٿيندو وڃي، خاص ڪري سستي تعليم جي ڪري، هر سال اسان جي ملڪ جي شاگردن جو چين وڃڻ وڌندو رهي ٿو، ان ڪري اسان جي ماڻهن کي ڪوشش ڪري چين جي شهرن سان وابستگي رکڻي پوندي. سنڌ جي هڪ ٻن سڃاڻن کان پڇيم ته هنن جي پُٽن ڪهڙي شهر مان تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ ڪلهه ڪهڙي شهر ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن ته ڪو هڪ به نه ٻڌائي سگهيو. هر هڪ اهو ئي چيو ته آئون نينگر کي فون ٿو ڪريان ته توهان سان ڳالهائي.
بهرحال هانگ زو (Hangzhou) نالي هي شهر نه فقط تعليمي ادارن ۽ خوبصورت عمارتن کان مشهور آهي پر اسلام جي حوالي کان به مشهور آهي، جتي اڄ به ڪيترائي چيني ۽ عرب نسل جا مسلمان رهن ٿا ۽ مسجدون آهن جن ۾ هڪ ٻه پراڻيون تاريخي مسجدون به آهن. اسلامي قديم آثار ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ٽوئرسٽ هن شهر جي مسلم ڪميونٽي اسٽريٽ ۽ Qinghe لين ۾ اچن ٿا. پهرين واري گهٽيءَ جي آس پاس فونيڪس مسجد آهي جيڪاFeng Huang مسجد به سڏجي ٿي. هن مسجد واري علائقي Shangcheng ۾ هزارين مسلمان رهن ٿا. هنن مسلمانن جا وڏا تڏهن کان هتي رهن ٿا جڏهن ٽئنگ (Tang) گهراڻي جي سلطنت ۾ هيءَ مسجد ٺهي هئي. چين جي ٽئنگ گهراڻي 618ع کان 907ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سئنگ (Sang) گهراڻو مشهور ٿيو جنهن جي چين تي حڪومت 960ع کان 1279ع تائين رهي.
مٿين مسجد- فونيڪس مسجد ايراضيءَ ۾ 2600 چورس ميٽر چون ٿا جنهن جي آسپاس ڪيترائي حلال کاڌن جا دڪان ۽ اسلامي ريسٽورنٽون آهن جن تي چيني ۽ انگريزي کان علاوه عربي ٻوليءَ ۾ به عبارتون لکيل آهن. ٻه اُن قسم جون وڏيون هوٽلون: Mutton Souo Restaurant ۽ Ain Xibei Renja ته شهر جي اهم روڊ Zhongshan تي به آهن.
Zhang Xiaoquan Scissors Shop جي پٺيان ڊانگ يي شُن (Dong Yi Shun) ريسٽورنٽ آهي جتي عربي کاڌا ملن ٿا ۽ جتي اسان جهاز وارن لئمب شاشلڪ کاڌي.
هي شهر هنگ زو جيئن ته نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي ان ڪري هن شهر ۾ پاڻيءَ جي ڪا کوٽ ناهي، معنيٰ هن علائقي مان ملايا، سنگاپور، انڊونيشيا ڏي لڏپلاڻ نه برابر ٿي هوندي. هونءَ چين جا ڪيترائي صوبا آهن خاص ڪري ڏکڻ وارا جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. يا گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ ۾ تمام گهڻي رهي، ايتري قدر جو انهن علائقن جا ماڻهو لڏپلاڻ ۾ لڳا رهيا ٿي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ڪيترن چينين کان جڏهن پڇندو آهيان ته توهان جا وڏا چين کان هتي ڇو آيا ته نوي سيڪڙو ماڻهن جو اهو ئي جواب هوندوآهي ته هو سنگاپور ۽ ملائيشيا ان ڪري آيا جو هنن ٻڌو ته هتي تمام گهڻو پاڻي آهي.
سو گهٽ ۾ گهٽ هنگ زو شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ناهي. شهر جي وچ ۾ تمام وڏي ڍنڍ به آهي جنهن ۾ هلندڙ لانچن ۽ فيرين ۾ توهان سير ڪري سگهو ٿا. هونءَ به گلن ڦُلن ۽ خوبصورت وڻن وارن ڪنارن واري هي ڍنڍ هتي جي مڪاني ۽ ڌارين اديبن ۽ شاعرن لاءِ Inspiration رهي آهي. هتي نه رڳو مسلمان پر عيسائي، ٻُڌ ۽ يهودي به سالن کان رهندا اچن جن جا عبادت گهر: گرجا گهر، پگوڊا، مندر ڏسڻ وٽان آهن. هتي جو ريشم (Silk) دنيا ۾ مشهور رهيو آهي، جيڪا شيءِ عرب واپارين لاءِ پڻ ڪشش جو سامان هو.
ائين به نه آهي ته عرب چين ۾ فقط هن شهر هنگ زو ۾ آيا. بلڪل نه! هي شهر هنگ زو ته تمام گهڻو اتر ۾ آهي. سڀ کان پهرين ۽ تمام گهڻا گئانگ زو ۾ آيا جيڪو شهر ڪئنٽن به سڏيو ويو ٿي ۽ بلڪل هانگ ڪانگ جي ڀرسان آهي. بلڪه ڪولون مان باءِ ٽرين ڪئنٽن پهچي سگهجي ٿو، جنهن جو احوال هانگ ڪانگ وارن شروعاتي سفرنامن ’وايون وڻجارن جون‘ ۽ ’بندر ديسان ديس‘ ۾ لکي چڪو آهيان. بهرحال گئانگ زو (ڪئنٽن) بندرگاهه هنگ زو کان کڻي ويجهو آهي پر اهڙو به ويجهو ناهي. سنگاپور کان هوائي جهاز رستي سڌو گئانگ زو اچجي ٿو ته به 2600 ڪلوميٽر ٿين ٿا پر پاڻي واري جهاز ۾ توڙي انهن ڏينهن جي عربن جي ڪاٺاڻن ٻيڙن (Sailing Ships) لاءِ ان کان به وڌيڪ مفاصلو ٿيو ٿي، ڇو جو سنگاپور وٽان هوائي جهاز وانگر سڌو پهچڻ بدران ويٽنام وٽ ڦرڻو پوي ٿو. سو سمجهو ته پاڻي واري جهاز لاءِ 3000 کن ڪلوميٽر ٿيو وڃن ۽ هانگ زو بندرگاهه لاءِ ته اڃان به هڪ هزار ڪلوميٽر وڌيڪ فاصلو لڳايو. هتي اهو به لکندو هلان ته انهن ٻن بندرگاهن جي وچ ۾ عرب ۽ ايراني سوداگرن (جهاز رانن) لاءِ هڪ ٻيو به اهم چيني بندرگاهه قئان زو (Quanzhou) پڻ هو، جيڪو عربي نالي زيتون (Zaitun) سان سڏيو ويو ٿي. فيوجين صوبي جو هي شهر هوائي جهاز رستي سنگاپور کان 3000 ڪلوميٽر آهي پر سمنڊ رستي پهچڻ ۾ پاڻي جي جهاز کي 3500 کن ڪلوميٽر ڪرڻا پون ٿا. شاباس هجي انهن ڏينهن جي عرب يا ايراني واپارين کي جن واپار خاطر عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال وارا سمنڊ اُڪري، ملاڪا نار مان ٿي چين لاءِ ڏکڻ ۽ اوڀر چيني سمنڊ ۾ پنهنجا ڪاٺ جا جهاز ٿي هاڪاريا. اڄ جي آفت جهڙن ڪل تي هلندڙ جهازن تي به اسان کي پگهر اچيو وڃن. انهن ڏينهن ۾ ته سنگاپور جو نالو نه هو. ملاڪا ڳچي سمنڊ مان نڪري چيني سمنڊ ۾ اڄ به داخل ٿجي ٿو ته اسان جا ٽيهه چاليهه هزار ٽن وزن جا طاقتور انجڻين تي هلندڙ جهاز به ڇوڏي وانگر لهرن جي رحم و ڪرم تي رهن ٿا سو انهن ڏينهن ۾ سڙهن تي ڪاٺ جا جهاز هلائڻ ۽ صحيح منزل تي پهچڻ ڪو آسان ڪم نه هو.
گئانگ زو يعني ڪئنٽن شهر جنهن ۾ تمام گهڻا مسلمان ۽ مسجدون آهن اتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اتي اسلام کان متعارف سعد ابن ابي وقاص، وهاب ابن قباچا ۽ ٻين صحابين 616ع ۽ 618ع جي وچ ۾ ڪيو. يعني هي وقت حبش ڏي 615ع ۾ وڃڻ کان پوءِ جو آهي. هجري سال به پوءِ شروع ٿيو جيڪو 622ع ۾ مديني هجرت کان شروع ٿيو. عرب سوداگرن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو سُٺا جهاز ران (Navigators) هئا ۽ اسلام کان به اڳ هنن جو چين ۾ اچڻ وڃڻ هو. هونءَ اسلام چين ۾ ٻن رستن کان آيو. هڪ مٿان خشڪي رستي افغانستان کان اتر اولهه واري شاهراهه ريشم (Silk Route) کان ٻيو ڏکڻ اوڀر پاسي کان سامونڊي رستي.
سعد ابن ابي وقاص اصحابي لاءِ چون ٿا ته هو 637ع ۾ به ٽن اصحابين سهلا ابوئرجا، اويس القرني ۽ حسن ابن ثابت سان گڏ منيپور چٽگانگ واري روٽ کان ڪئنٽن آيو هو. ان جو ثبوت بنگلاديش ۾ ابي وقاص نالي مسجد آهي. چين جي ڪجهه ذريعن مطابق سعد ابن ابي وقاص 650ع ۾ حضرت عثمان ٽئين خليفي جي ڏينهن ۾ هڪ ڊپلوميٽ جي حيثيت ۾ پڻ چين جي شهنشاهه گائو زونگ (Gaozong) جي درٻار ۾ آيو هو. هي ٽئنگ گهراڻي جو بادشاهه هو. جنهن گهراڻي جي چين تي 618ع کان 907ع تائين حڪومت رهي. ڪئنٽن جي سڀ کان آڳاٽي مسجد ”هئائي شينگ“ لاءِ چون ٿا ته 627ع ۾ ٺهي. يعني مڪي جي فتح کان ٻه سال اڳ. يا کڻي چئجي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وفات کان 5 سال اڳ. ان وقت هن مسجد جي عمارت سازي نج چيني نموني جي بنا مينار هئي. هن وقت جيڪو مينار نظر اچي ٿو ان لاءِ چون ٿا ته اهو ڏهين صديءَ ۾ ٺهرايو ويو هو.