الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

بدڪن جي کنڀن جي اهميت

منهنجي خيال ۾ هن مضمون کي هتي ختم ڪرڻ بدران پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ٻه چار ڳالهيون ٻيون به واڌارو ڪيان ٿو، جن جو پڻ چينسان واسطو آهي. هڪ ته بدڪن جي جسم تي لڳل کنڀن (Down) بابت جيڪي دنيا جي مهانگين جئڪيٽن، سَوڙهن ۽ گرم پائجامن ۾ استعمال ٿين ٿا. اهي کنڀ 70 سيڪڙو چين سپلاءِ ڪري ٿو. هونءَ ته انگريزي لفظ ’Down‘ جي معنيٰ اها ئي هڪڙي ’هيٺ‘ آهي پر بدڪن جي ڪاروبار ۾ هن لفظ جي معنيٰ بدڪن جي سيني تي لڳل سنهن کنڀن لاءِ به استعمال ٿئي ٿي جيڪي کنڀ اتر يورپ (اسڪئنڊينيويا جي ملڪن: ناروي، سئيڊن، فنلينڊ، آئس لئينڊ)، ڪئناڊا، ۽ روس جي برفاني اوڀر سائيبيريا ۾ رهندڙ بدڪن (Eider Ducks)، قازن، هنجن جي جسم کي گرم رکن ٿا. پنهنجي ناروي، سئيڊن پاسي جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته ان پاسي هڪ ته سيارو ڊگهو ٿئي ٿو- ست اٺ مهينا ۽ ٻيو ته ٿڌ برف کان به گهڻي ٿئي ٿي. ٿڌ جي وڌڻ تي اتي جون هي بدڪون، هنج، قاز ۽ ٻيا پکي پنهنجو وطن ڇڏي ڏکڻ ڏي هليا وڃن. پوءِ ڪي اسپين فرانس تائين ته ڪي موراڪو، الجيريا تائين ته ڪي ڪڇ ۽ گجرات تائين، سخت سيءَ ۾ هزارين ميلن جو سفر ڪن ٿا. انهن لاءِ اهو فقط انهن سنهن کنڀن (Down) جي ڪري آهي. دراصل بدڪن جي انهن کنڀن جو نالو ڊائون (Down) انگريزي ٻوليءَ جو نه پر ناروي پاسي جو Dunn آهي معنيٰ سنها کنڀ جيڪو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ Down ٿيو.
هماليه جبلن جي اتاهين چوٽي ايوريسٽ تي 1953ع ۾ ايڊمنڊ هِلري ۽ تنزنگ سڀ کان پهرين پهتا جيتوڻيڪ ان کان اڳ سالن جا سال ڪيترائي ڪوهه پيما سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. انهن ۾ جارج نالي به ٻه ڪوهه پيما مشهور آهن: هڪ جارج مئلوري ۽ ٻيو جارج فنچ جن 1922ع ۾ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ڪامياب نه ٿيا پر هي پهريون دفعو هو جو انهن مان هڪ جارج فنچ پاڻ سان آڪسيجن گئس جو سلينڊر کنيو جو هو ڪيمسٽري جو پروفيسر هو ۽ هن اها ڳالهه سمجهي اڳواٽ اندازو لڳايو ته ايوريسٽ جي چوٽي ايتري ته مٿاهين آهي جو اتي جي پهچي وياسين ته ايڏي اتاهين Altitude تي هوا جي بلڪل سنهي هجڻ ڪري ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ٻيو ته هن کان اڳ مٿي وڃڻ وارا پاڻ سان اُن جا گرم ڪوٽ، بستر (Sleeping Bags) ۽ پتلون هيٺان ٻه ٻه گرم پجاما (لانگ جان) پائي مٿي ويا ٿي. جارج فنچ پنهنجي جئڪيٽ توڙي پجامي ۾ بدڪن جا اهي کنڀ (ڊائون) ڀرائي اهي استعمال ڪيا. هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته هڪ رات ايڏي ته ٿڌ ٿي ۽ هوائن جو طوفان لڳندو رهيو جو منهنجي ساٿيءَ جي حالت خراب ٿي وئي پر هو بدڪن جي کنڀن مان ٺهيل ڪپڙن ڪري پاڻ کي بهتر سمجهڻ لڳو. بعد ۾ تجربو ڪيو ويو ته بدڪن جي کنڀن سان ڀريل پائجامو ڪپڙي جي ڏهن پجامن جيتري گرمائش ڏئي ٿو. ان بعد جبل تي چڙهڻ وارا بدڪن جي کنڀن جا ڪپڙا استعمال ڪرڻ لڳا.
دنيا ۾ بدڪون کائڻ جا شوقين چيني آهن ۽ چين ئي سڀ کان گهڻا کنڀ ايڪسپورٽ ڪري ٿو. چون ٿا ته هر بدڪ جي جسم تي ٻن کان چئن هزارن تائين کنڀ ٿين ٿا جن ۾ 100 کن وڏا کنڀ آهن جن ذريعي هوءَ اڏامي ٿي باقي سنها، بلڪل هلڪا ۽ ننڍا کنڀ آهن جيڪي ڊائون سڏجن ٿا ۽ بدڪ ۽ بدڪ جهڙن پکين کي گرمائش رسائين ٿا. اهي ڊائون کنڀ ئي ته آهن جن جي گرمائش ڪري ڏکڻ قطب ۾ رهندڙ پينگوئن پکي آنا ڦوڙي ٿي، فِنچ پکي ڪئناڊا جي سياري ۾ جيئرا رهن ٿا ۽ ڪونجون پنهنجو سفر بيحد مٿاهين Altitude تي اڏامي پورو ڪن ٿيون جتي ٿڌ ڪاٽو 50 ڊگريون سيلسئس به رهي ٿو. ڊائون کنڀ بلڪل هوا جهڙا هلڪا ٿين ٿا جن جي مقابلي ۾ اُن (Wool) يارڍن ۽ ٻين جانورن جي بَج (Fur) تمام وزني ٿئي ٿي.
چيني ماڻهو بدڪون وڏي شوق سان کائين ٿا. حلال هجڻ ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ به جتي چيني رهن ٿا، هوٽلن تي سڄيون سڄيون بدڪون تريل، اوٻاريل، باربي ڪيو ٿيل نظر اچن ٿيون. شروع جي سالن ۾ چين ۾ هڪ اهڙي فئڪٽري جنهن بدڪن جا کنڀ گڏ ڪري ايڪسپورٽ ڪيا ٿي، ان جي هڪ انچارج ٻڌايو ته بدڪن جي سيني وارا هي ڊائون (سنها ۽ هلڪا کنڀ) سڀ ۾ قيمتي ٿين ٿا جن جو هول سيل ۾ ڪارخاني جو اگهه 50 ڊالر في ڪلو آهي. يعني گوشت جي اگهه کان اٽڪل ڏهوڻو آهي پر هڪ پکي جتي اڍائي ڪلو گوشت ڏئي ٿو اتي هن مان هي سنها کنڀ فقط 15 گرام نڪرن ٿا. يعني تولو کن مس. هڪ تولي ۾ پوڻا ٻارنهن گرام ٿين ٿا. يعني هڪ ڪلو انهن کنڀن جو 66 پکين مان نڪري ٿو.
جنهن فارم هائوس/ فئڪٽري ۾ بدڪن کي گوشت ۽ جسم تي لڳل سنهن کنڀن لاءِ ڪسندو ڏٺو، اتي مون ان جي مئنيجر کي چيو ته جيئن توهان وٽ چين ۾ بدڪن جي کپت گهڻي آهي تيئن اسان وٽ ڪڪڙين جي آهي پوءِ انهن جا سنها کنڀ توهان اسان وٽان ڇو نٿا گهرايو جيئن ڪيترائي ملڪ چمڙي جون شيون (بوٽ، جئڪيٽون، بئگون وغيره) ٺاهڻ لاءِ اسان کان ڍڳين، رڍن جون کلون گهرائين ٿا.
”ها، انهن جا به سنها کنڀ آهن ۽ اسان وٽ چين ۾ به ڪافي ڪڪڙيون کاڌيون وڃن ٿيون، پر انهن جي کنڀن مان ٺهيل شيون سيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪارآمد نه آهن. قدرت طرفان اهي کنڀ ڪڪڙين کي ٿڌو ته رکي سگهن ٿا پر بدڪن جي کنڀن جهڙو گرم نه.“ هن ٻُڌايو.
ظاهر آهي بدڪن کي ته ٿڌن ملڪن ۾ رهڻو پوي ٿو ۽ هر سال لڏپلاڻ لاءِ هزارين ميل تمام مٿاهين Altitude تان اڏامڻو پوي ٿو، سو قدرت ان حساب سان هن کي اهي سنها کنڀ Down ڏنا آهن، جن ۾ گرمائش قائم رکڻ جي سگهه آهي ۽ اُڏامڻ لاءِ به اهڙا مضبوط کنڀ (Feathers) آهن جو Non-Stop ميلن جا ميل پيون اڏامن. اسان جون ڪڪڙيون ڀر واري کڏ تي ئي نٿيون ٽپيو سگهن. سائيبيريا يا ناروي ۽ آئس لينڊ جي ٿڌ ۾ ته اهي فريز ٿي وڃن.
چين جي هن فيڪٽري وارن ٻڌايو ته هو ٿڌن ملڪن جي Eider نسل جي بدڪن کي پالين ٿا. اهي آني مان ڦٽڻ بعد هنن وٽ چاليهه ڏينهن جو مدو گذارين ٿيون، جنهن ۾ هنن جي مٿان ڏينهن رات بلب ٻاري رکڻا پون ٿا جيئن هو گهڻي کان گهڻو کائي جلد ان قد بت تائين پهچي وڃن. چالهين ڏينهن تي هنن کي ڌڪي هڪ وڏي پائيپ (Chute) مان گذارڻو پوي ٿو. ان پائيپ ۾ انهن جي پيرن ۾ ڪلئمپ لڳائي ابتو ڪيو وڃي ٿو، ان بعد اليڪٽرڪ ڪرنٽ واري پاڻيءَ مان جهٽڪو ڏياري بيهوش ڪيو وڃي ٿو. ٻاهر ڪڍڻ تي هڪ هڪ جي ڳچيءَ تي ڇُري ڦرندي وڃي ٿي ۽ پوءِ هن کي واشنگ مشين جهڙي Dryer جهڙي وڏي مشين ۾ وجهي ان ۾ لڳل طاقتور وئڪيوم ڪلينر ذريعي سڀ کنڀ سويا وڃن ٿا جيڪي لانڊري مشين ۾ ڌوپي، خشڪ ٿي، سائيز مطابق الڳ الڳ پئڪ ٿين ٿا. بدڪن جي سيني (Breast) تي سنها کنڀ (Down) سڀ کان هلڪا هجڻ ڪري اهي ڪمري جي مٿاهين حصي ۾ رهن ٿا ۽ جيتوڻيڪ هوا جهڙا هلڪا ٿين ٿا پر سڀ کان گرم ۽ مهانگا ٿين ٿا.
هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته هيڏانهن ناروي، سئيڊن پاسي جتي منهنجو تعليم لاءِ رهڻ ٿيو يا سامونڊي زندگي ۾ جهازن کي وٺي ايندو هوس، اتي به هنن کنڀن جو وڪرو ٿئي ٿو ۽ اِڪِيئا (Ikea) جهڙيون اعليٰ ڪمپنيون جيڪي فرنيچر سان گڏ نرم ۽ گرم وهاڻا، بستر ۽ ڪوٽ جئڪيٽون ٺاهين ٿيون، هن پاسي يعني سئيڊن جون آهن جيڪي بدڪن جا اهي کنڀ پنهنجي ملڪ ۽ گهڻي ڀاڱي چين مان گهرائي پنهنجين تيار ڪيل شين ۾ استعمال ڪن ٿيون. اسڪينڊي نيويا جا ملڪ توڙي اتر روس جا ماڻهو گرمائش خاطر اهي سنها کنڀ صدين کان استعمال ڪندا اچن پر انهن اهي کنڀ سنئون سڌو پکين مان حاصل ڪرڻ بدران انهن جي آکيرن مان کنيا ٿي. ڇاهي جو ههڙي سرديءَ ۾ آنا ڦوڙڻ واري پکيءَ جو گذارو ٺلهن ڪکن پنن جي آکيري ۾ نٿو ٿي سگهي. هو پنهنجي آکيري کي گرم رکڻ لاءِ، جيئن آنن مان ڦٽل ٻچا ٿڌ ۾ فريز نه ٿي وڃن، پنهنجي ڇاتيءَ تان اهي کنڀ روڙي سڪل ڪکن پنن سان گڏ آکيرو ٺاهي ٿو. پوءِ اهي کنڀ گڏ ڪرڻ وارا آکيري ٺهڻ دوران هڪ ٻه دفعو پکين جا کنڀ چورايو وٺن ۽ پکي انهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم مان وڌيڪ کنڀ پٽي آکيري کي ٿلهو ڪري ٿو. آخر ۾ آنن جي ڦٽڻ ۽ ٻچن جي وڏو ٿي آکيرو ڇڏڻ تي هو سڄو آکيرو کڻيو وڃن ۽ پوءِ ٻئي سال پکين کي نئون آکيرو ٺاهڻو پوي ٿو. ائين ٽن چئن سئو آکيرن مان ڪافي کنڀ مليو وڃن. بهرحال اڄ ڪلهه ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ مشينري ڪري هر شيءِ وڏي پئماني ۽ گهٽ وقت ۾ ٿئي ٿي. انڪوبيٽر ۾ بيضن مان گهڻي کان گهڻا ٻچا ڦٽن ٿا ۽ خاص قسم جي فيڊ ڏيڻ ڪري اهي جلد بالغ ۽ ٿلها ٿين ٿا ۽ ڪُسڻ بعد طاقتور وئڪيوم مشينن ذريعي انهن جي جسم تان سمورا کنڀ ڇڪيا وڃن ٿا ۽ ماڊرن لانڊري مشينن ۾ اهي وجهي، خشڪ ڪري وڪرو ڪيا وڃن ٿا.
چين لاءِ اهو مشهور آهي ته اتي ڪن فئڪٽرين ۾ بدڪن جا کنڀ، کين ڪهڻ بدران سندن جيئري هٿ سان روڙيا وڃن ٿا جنهن ڪري هنن جو سينو زخمي ٿيو پوي ۽ ظاهر آهي پکين کي سخت تڪليف ٿي رسي. پکين سان ٿيندڙ ان ظلم خلاف آمريڪا ۽ يورپ وارن نه رڳو آواز اُٿاريو پر ان قسم جون ورتل وڊيو به عام ڪيون جنهن ڪري هاڻ Ikea، اسٽينلي ۽ هوڪر جهڙين ڪمپنين چين مان اهي کنڀ گهرائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن.