اصحابي حضرت سعد بن ابي وقاص جو چِين سان واسطو
ڪئنٽن ۾ شاپنگ ۽ گهمڻ ڦرڻ پنهنجي جاءِ تي پر هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ هن شهر جون مسجدون ڏسي ۽ مسلمان چينين سان ملي هڪ روحاني خوشي ٿيندي هئي جن مان ڪيترا چيني انهن عربن جو اولاد آهن جيڪي تجارت خاطر اسلام کان اڳ ۽ پوءِ هن بندرگاهه ۾ ايندا رهيا ۽ ڪيترن هِتي هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪَئي. هن بندرگاهه ۾ ايندڙ عرب مسلمانن ۾ ڪجهه اصحابي سڳورا به هئا جن مان حضرت سعد بن ابي وقاص جن جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
چين ۾ اسلام اچڻ جي تاريخ تي نظر ٿي ڪجي ته چين ۾ اسلام کان اڳ به عرب هن بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) ۾ ايندا رهيا ٿي پر انهن جي اسلام قبول ڪرڻ بعد چين سان واپار وڙو تمام گهڻو وڌي ويو. اتي رهندڙ عربن ۽ مڪاني چيني ماڻهن کي مسلمان بنائڻ ۾ ڪجهه اصحابين جون به خذمتون آهن خاص ڪري حضرت سعد بن ابي وقاص ۽ حضرت جعفر ابن ابي طالب جون.... جيڪي پهريون دفعو سن 616 ۾ حبش (Abyssinia) جي بندرگاهه کان سري لنڪا، چٽگانگ ۽ منيپور کان ٿيندا هِتي گئانگ زو (ڪئنٽن) بندرگاهه ۾ پهتا هئا.
حضرت سعد بن ابي وقاص ته هِتي ٻيو دفعو ۽ ان بعد ٽيون دفعو حضرت عثمان رضه جي ڏينهن ۾ 651 ۾ خليفي پاران هڪ سفارتڪار جي حيثيت ۾ پڻ آيو ۽ چين جي ان وقت جي شهنشاهه طرفان سندن گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو هو. چين ۾ مختلف حڪومتون اينديون رهيون ۽ هوڏانهن عربن ڏي به مختلف گهراڻا ۽ انهن جا خليفا حڪومتون ڪندا رهيا پر چين ۽ عرب ملڪن جا هڪ ٻئي سان تعلقات هميشه سٺا رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن گرمي ۽ ٿڌائي ايندي رهي، جيئن 751 ۾ ٽئنگ ۽ عباسي گهراڻن جي حاڪمن جي وچ ۾ طلاس جي جنگ لڳي جيڪا عرب تاريخ ۾ ’معرکة نهر طلاس‘ نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ ڪيترا چيني سپاهي عربن وٽ قيد ٿي ويا. انهن مان هڪ قيدي عراق کان 12 سالن بعد جنهن جهاز ۾ واپس وطن آيو ان جي گئانگ زو تائين ڊئريڪٽ روٽ هئي. يعني اٺين صدي تائين عرب ۽ چين جي وچ ۾ جهازن جي اچ وڃ ڪافي وڌي وئي هئي. اهو احوال چين جي ٽئنگ سلطنت تي لکيل پهرين جامع تاريخ جي ڪِتاب ۾ پڻ آهي. هن ڪِتاب ’The Old Book of Tang‘ ۾ 200 چئپٽر آهن.
زميني ۽ سامونڊي سلڪ روٽن کان اڻ واقف ماڻهو اهو ضرور سوچيندا هوندا ته هيءَ طلاس جي جنگ عربن ۽ چينين جي وچ ۾ ڪٿي لڳي! ڪٿي چين ۽ ڪٿي عربستان! ڇا عرب فوجي جهاز ڀري چين وڃي وڙهيا يا چيني هلي ملي عباسي سلطنت سان بصري ۽ بغداد ۾ اچي وڙهيا! دراصل ڳالهه اها آهي ته ان دور ۾ عرب ۽ چيني (ٽنگ سلطنت) وارا پنهنجي پنهنجي سلطنت وڌائي رهيا هئا ۽ خشڪي واري سلڪ روٽ رستي چيني ۽ عرب وچ ايشيا تائين پهچي ويا هئا. چين جي انهن ڏينهن جي حاڪم اوسي پاسي جي ٻين ملڪن ۽ قومن سان ملي هاڻ وچ ايشيا مان وهندڙ ’سير‘ (Syr) دريا تي قبضو ٿي ڪيو، هن درياهه کي ايران وارا ’سير درياهه‘ سڏين ٿا ۽ عرب ’سيحون‘. سير درياهه ۽ ان پاسي وهندڙ هڪ ٻي ندي ’آمُو درياهه‘ (Amu Darya) ڀينر نديون سڏجن ٿيون. سير دريا لاءِ ته وچ ايشيا جا ماڻهو چوندا آهن ته جنت مان جيڪي چار نديون نڪرن ٿيون ’سير دريا‘ انهن مان هڪ آهي ۽ باقي ٽي آهن: آمو دريا، نيل ۽ الفرات (Euphrates). سير دريا ندي ڪرغستان جي جبلن ۽ اوڀر ازبسڪتان مان نڪرندڙ ٻه نديون ٺاهين ٿيون جيڪي پوءِ هڪ ٿي ٻه هزار کن ڪلوميٽرن بعد قزاخستان مان ٿيندي ارل (Aral) سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
نهر طلاس واري لڙائيءَ ۾ چينين جي هار ٿي. ان کان پوءِ چيني اڳتي نه وڌيا. هن لڙائي دوران عرب دنيا ۾ عباسي سلطنت جو پهريون خليفو عبل عباس الصفا حاڪم هو ۽ 4 سالن بعد المنصور خليفو ٿيو جن جي ڏينهن ۾ چيني قيدي واپس وريا هئا. انهن قيدين مان عربن کي اهو پڻ فائدو ٿيو جو پني ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي عرب ملڪن ۾ آئي جِتان پوءِ يورپ ٽرانسفر ٿي نه ته طلاس نهر واري لڙائي کان اڳ دنيا ۾ ڪاغذ فقط چين ۾ ٺاهيو ويو ٿي.
بهرحال چين جي هن بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) ۾ لنگر انداز ٿيڻ سان ڪيتريون ئي ڳالهيون دماغ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪن ڳالهين ۾ پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو ته حيرت به ٿئي ٿي ته 1300 سال کن اڳ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هِتي ڪيئن عرب پهتا ۽ هنن پَٽن تي اسلام پکيڙيو. خاص ڪري هن شهر ڪئنٽن ۾، جِتي حضرت سعد بن ابي وقاص جهڙو اصحابي رهيو ۽ هن جو هن شهر جي خبر ناهي ٻين ڪهڙين گهٽين مان گذر ٿيو هجي پر هن مسجد، هئائي شينگ (Huaisheng) ۾ ته ضرور اچڻ ٿيو هوندو جيڪا حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ 627 ۾ ٺهي.
ائين به نه آهي ته اصحابي سڳورا رڳو هِتي چين جي هن شهر ڪئنٽن ۾ آيا. اسان وٽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به آيا. عربن جي سنڌ تي حڪومت کڻي محمد بن قاسم جي حملي بعد ٿي پر واپار وڙي جي سلسلي ۾ هو هر سال سنڌ ۽ بلوچستان جي ننڍن وڏن بندرگاهن ۾ ايندا رهيا ٿي ۽ اسلام کان اڳ توڙي پوءِ به ڪيترا عرب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هميشه لاءِ ٽِڪي پيا هئا، جيئن اڄ ڪلهه اسان جا ماڻهو مختلف ملڪن ۾ اتي جي پي آر (Permanent Residency) ’شهريت‘، ’ورڪنگ ويزا‘، ’اگاما‘ يا ’سيڪنڊ هوم‘ جي اجازت وٺي رهي پون ٿا. پر ايترو آهي جو ان وقت اسان وٽ ايترا عرب نٿي رهيا جو هِتان عربستان ويجھو هو ۽ ڪم ڪاريون لاهڻ بعد هو هليا ويا ٿي پر ڪالم (ملائيشيا وارو اڄ ڪلهه جو ملاڪا وارو علائقو) ۽ گئانگ زو (ڪئنٽن) ۾ گهڻا رهي پيا ٿي. منهنجي خيال ۾ ’مخدوم محمد هاشم ٺٽوي‘ جي فقهي جي لکيل ڪِتاب ’بياضِ هاشمي‘ ۾ پڙهيو هوم ته هن ’جعفر بوبڪاڻيءَ‘ جي حوالي کان لکيو آهي ته اسان جي رسول پاڪ صلعم جن پنج اصحابين کي سنڌ موڪليو، جيڪي نيرون ڪوٽ (اڄ جي حيدرآباد واري علائقي) ۾ اچي رهيا جن مان پوءِ ٻه يا ٽي واپس وڃڻ وقت پاڻ سان ڪيترن سنڌين کي به مڪي شريف/مديني منور وٺي ويا هئا. حضور صلعم جن جي سنڌ بابت ڄاڻ ان روايت مان به پوي ٿي ته پاڻ ڪريم صلعم جن سنڌ ڏي منهن مُبارڪ ڪَري چوندا هئا ته، ”اتان مون کي جنت جي خوشبوءِ اچي ٿي.“ بلوچستان جي شهر ’پنجگور‘ لاءِ چون ٿا ته اتي پنجن اصحابين جون قبرون آهن. اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي منهنجي انجنيئر دوست ’عبدالوهاب سهتو‘ صاحب ٻڌايو ته: ٺٽي جي عبدالله شاهه جي مقبري لاءِ به چون ٿا ته اهو هڪ اصحابي سڳوري جو آهي.
ڪنڊياري جي عالم دين، ليکڪ ۽ ڊاڪٽر ادريس سومرو صاحب ٻڌايو ته سکر جي ڀرسان، مين روڊ تي جيڪو شڪارپور ڏي وڃي ٿو، اتي جَهانو ڳوٺ کان اڳ هڪ ننڍڙو ڳوٺ محبوب نالي اچي ٿو اتي جي قبرستان ۾ ٻن قبرن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي پڻ اصحابين جون آهن. ادريس صاحب ٻڌايو ته هنن قبرن تي فاتح پڙهڻ لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي هلي ايندو هو.
بهرحال چين عربستان کان تمام پري آهي پر جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته عربن جو چين ڏي اچڻ وڃڻ اسلام کان به اڳ جو هو. انهن ڏينهن جو چين دنيا جي ڪيترن ملڪن کان اڳڀرو هو. مختلف هنرن ۾، وڻج واپار ۾، ويندي پني جي ايجاد ۽ ڇپائي ۾. ڪيترن ڪِتابن ۾ اها روايت آهي ته پاڻ سڳورن علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ فرمايو هو ته:
اطلبو! العلم ولو ڪان في الصين
(علم سکو ڀلي اوهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي)
چين ۾، خاص ڪري ڪئنٽن شهر ۾، جنهن اصحابي سڳوري جي رهائش ۽ مڪاني ماڻهن کي اسلام جي تبليع ذريعي معلومات ڏيڻ جو گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو اهو حضرت سعد بن ابي وقاص آهي جن سڀ کان اڳ اسلام قبول ڪيو. پاڻ 11-610 ڌاري مسلمان ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ سندن سترهون نمبر هو. 636 ۾ ايران جي فتح ۾ سندن اڳواڻي، ان بعد اتي گورنر ٿي رهڻ ۽ چين ۾ سفارتڪار جي حيثيت سان اچڻ ڪري پاڻ گهڻو مشهور آهن.
حضرت سعد بن ابي وقاص اصحابي مڪي شريف ۾ 595 ۾ ڄائو. سندن تعلق قريش قبيلي جي بنو ظهرا گهراڻي سان هو. پاڻ حضور صلعم جن جي والده بيبي آمنا بنت وهب جو سوٽ هو. سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هن اسلام قبول ڪيو هو.
حضرت سعد بابت ڪِتابن ۾ روايت آهي هن جي ماءُ کي جڏهن اها خبر پيئي ته سندس پٽ اسلام قبول ڪيو آهي ته هن کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس چيو: ”سعد! هي تو ڪهڙو مذهب اختيار ڪيو آهي جنهن توکي تنهنجي ماءُ پيءُ جي ڌرم کان پري ڪري ڇڏيو آهي؟؛ آئون قسم کڻي ٿي چوان ته توکي اهو مذهب ڇڏڻو پوندو ٻي صورت ۾ آئون نه کائينديس نه پيئنديس ڀلي موت مونکي توکان جُدا ڪري ڇڏي“.
”مُنهنجي امڙ ايئن نه ڪر“ حضرت سعد چيو: ”ڇو جو دنيا جي ڪا به شيءِ مون کي اسلام کان الڳ نٿي ڪري سگهي.“
ماءُ پنهنجو دڙڪو قائم رکيو ۽ پاڻ کي بکيو ۽ اڃيو رکڻ ڪري ڪمزور ٿي وئي. حضرت سعد هن کي کائڻ لاءِ چوندو رهيو. آخر پنهنجي ماءُ کي چيو ته ”منهنجي ماءُ! منهنجو توسان گهڻو پيار هجڻ جي باوجود منهنجو جيڪو الله ۽ ان جي رسول سان آهي اهو تمام گهڻو آهي ۽ آئون ڪنهن به صورت ۾ اسلام ڇڏي نه سگهندس.“
آخرڪار ماءُ جڏهن ڏٺو ته سندس پٽ ضد تي قائم آهي ته هن بي دلي سان کائڻ پيئڻ شروع ڪيو.
حضرت سعد بن ابي وقاص ڪيترين اسلامي لڙائين ۾ حصو ورتو. حضور صلعم جن تي سن 611 ۾ وحي نازل ٿيو ۽ ان ئي سال حضرت سعد اسلام قبول ڪيو هو. ان بعد 5 سال رکي هو پهريون دفعو چين جي هن شهر ڪئنٽن ۾ آيو. ان بعد عربستان واپس وڃڻ تي سن 624 ۾ بدر جي لڙائي لڳي جنهن ۾ حضرت سعد پنهنجي ننڍي ڀاءُ عُمير سان گڏ ڪافرن سان وڙهيو. چون ٿا ته عمير جي ننڍي عمر هجڻ ڪري کيس جنگ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو پر گهڻي ضد ۽ روئڻ تي حضور صلعم جن کين اجازت ڏني. لڙائي ختم ٿيڻ تي حضرت سعد کي اڪيلي مديني موٽڻو پيو. سندس ڀاءُ عُمير انهن 14 مسلمانن مان هڪ هو جيڪي هن جنگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
حضرت سعد احد جي جنگ ۾ به حصو ورتو. پاڻ بهترين تير انداز هئا. حضور صلعم جي الوداعي حج جي موقعي تي حضرت سعد جنهن کي اڪيلو ڌيءَ ٻار جو اولاد هو تنهن حضور صلعم جن کي عرض ڪيو ته هن کي هڪ ئي ٻار آهي جنهن لاءِ هن جي ملڪيت جو هڪ حصو ڪافي آهي. باقي ٻه حصا هو صدقي ۾ ڏيڻ ٿو چاهي. حضور صلعم جن کين انڪار ڪيو. ان تي حضرت سعد اڌ ملڪيت لاءِ چيو. ان تي به حضور صلعم جن انڪار ڪيو. ”ڀلا ٽن حصن مان فقط هڪ حصو صدقي ۾ ڏئي سگهان ٿو؟“ حضور صلعم جن هائوڪار ڪئي ۽ فرمايو ته ”ٽيون حصو ڪافي آهي ۽ پنهنجي اولاد کي ٻئي جو گُهرجائو ٿيڻ بدران هن کي بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃجي.“
حضرت سعد بن ابي وقاص حضرت عمر جي خلافت وارن ڏينهن (644 ــ 634) ۾ به ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو خاص ڪري ’جنگ قادسيه‘ ۾ (جيڪا فارسي ٻوليءَ ۾ ’نبرد قادسيه‘ جي نالي سان مشهور آهي) ۾ جيڪا 636 ۾ عرب فوج ۽ ايران جي ساساني حاڪمن جي فوج ۾ لڳي. هن ۾ پرشيا (ايران) جي آخري ساساني حاڪم ’يزدگرد سوم‘ شڪست کاڌي ۽ ايران عربن حوالي ٿي ويو. هن لڙائيءَ ۾ بازنطانيا (روم) جي شهنشاهه ’هيراڪلس ساساني‘، ’شهنشاهه يزدگرد سو‘م جو پاسو کنيو جنهن جي زال ’مانيانح‘، هيراڪلس جي پوٽي هئي. هيراڪلس (فلئوس هيرا ڪلس آٽس 641 - 575) سن 610 کان 641 تائين اوڀر روم جو شهنشاهه رهيو.
جنگ قادسيه بعد حضرت سعد بن ابي وقاص کي ڪوفي ۽ نجد جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ٽئين خليفي جي چونڊ جن ڇهن ڄڻن مان ٿي، ان مان هڪ حضرت سعد بن ابي وقاص به هو. اسلام جي ٽئين خليفي حضرت عثمان جي خلافت وارن ڏينهن (654-644) ۾ جڏهن چين ۾ ٽئنگ گهراڻي جو ٽيون شهنشاهه گائوزانگ (683-628) حاڪم هو. حضرت سعد کي 650 ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ چين جي هن شهر ڪئنٽن ۾ موڪليو ويو. چين جا مسلمان اسلام جي دائري ۾ اچڻ جو ڪريڊٽ اڄ به حضرت سعد بن ابي وقاص کي ڏين ٿا. پاڻ حضرت معاويه جي حڪومت (664-661) بعد به ڏهه سال کن حيات رهيا ۽ 80 ورهين جي ڄمار ۾ 674 ڌاري وفات ڪيائون.
سئيڊن جي شهر مالمو جي مسجد جو ترڪ امام ٻڌائيندو هو ته حضرت سعد بن ابي وقاص انهن ڏهن اصحابي سڳورن ’العشرة المبشرون بالجنة‘ مان هئا، جن کي هن دنيا ۾ ئي جنت جي بشارت ملي. ان کان علاوه ٻين اصحابين ۾ چار خليفا، حضرت طلحا، حضرت زبير، حضرت عبدالرحمان بن عوف ۽ حضرت عبيد بن الجراح هئا.