الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

يورپين کي چِين جي ڄاڻ مارڪو پولو ڏني

مٿي يورپي سياح مارڪو پولو جو ذڪر ڪيواٿم جيڪو نه فقط چين جي هن شهر ڪاشغر ۾ آيو پر هنگزو ۽ ٻين ۾ پڻ آيو. چين بابت شروع جي معلومات مارڪو پولو جي سفرنامي مان يورپين کي ملي. اهو زمانو (تيرهين صدي) جنهن ۾ نه پڪا رستا هئا نه لاريون موٽر ڪارون. هوائي جهاز جو ته ڪو تصور به نه هو. ماڻهو باءِ روڊ پنڌ يا گڏهن، خچرن ۽ اُٺن تي يورپ، ترڪي ۽ مصر کان شاهراهه ريشم ذريعي وچ ايشيا ۽ ٽرانس آڪسيانا مان ٿيندا چين ۽ انڊيا پهتا ٿي. اٽليءَ جو مارڪو پولو ۽ موراڪو جو ابنِ بطوطا پهريان ماڻهو آهن جن جي سفرنامي مان يورپين کي چين جي تفصيلي ڄاڻٿي. ابنِ بطوطا به وڏو عرصو سفر ڪيو ۽ چين ۾ به گهميو ڦريو پر مارڪو پولو چين ۾ تمام وڏو عرصو رهيو ۽ ابنِ بطوطا کان اڌ صدي اڳ چين جي سفر تي آيو هو. ابنِ بطوطا 1304ع ۾ موراڪو جي شهر طنج ۾ ڄائو ۽ ويهن سالن جي ڄمار ۾ يعني 1325ع ۾ حج لاءِ روانو ٿيو. حج ڪري موٽڻ بدران هو اڳتي وچ ايشيا، انڊيا ۽ چين ۾ ڦرندو رهيو. ان بعد هو يورپ ۽ آفريڪا جي به ملڪن ڏي روانو ٿيو ۽ 25 سالن کان مٿي جي سفر بعد هو 1354ع ۾ واپس وطن آيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي مارڪو پولو فقط 12000 ڪلوميٽر سفر ڪيو ۽ مسلمان چيني سياح زهينگ هيِ (Zheng He) جيڪو جهازران، ڊپلومئٽ، چيني ٻيڙي جو ائڊمرل، چين جي منگ سلطنت جو مشهور کدڙو هو 50000 ڪلوميٽر سفر ڪيو،اتي ابن بطوطا 117000 ڪلوميٽر سفر ڪيو. پر جيستائين چين جو سوال آهي، ان جي يورپ جي ماڻهن کي گهڻي ڄاڻ مارڪو پولو جي سفر نامي مان پئي، ڇو جو مارڪو پولو چين ۾ تمام وڏو عرصو رهيو ۽ هن اتي جو وڌيڪ احوال لکيو آهي.
مارڪو پولو، ابن بطوطا کان پورا 50 سال اڳ 1254ع ۾ اٽليءَ جي شهر وينس ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي پيءُ نڪولو پولو ۽ چاچي سان گڏ 1271ع ۾ چين جي سفر تي روانو ٿيو ۽ 24 سالن بعد وطن واپس ٿيو. ائين به ناهي ته ڪو مارڪو پولو کان اڳ چين جي سفر تي ڪو يورپي نه نڪتو هو. شاهراهه ريشم ذريعي پيرين پنڌ ۽ اُٺن، گهوڙن تي ڪيترائي ويندا رهيا. سمنڊ رستي يورپي چين پهچي نٿي سگهيا جو انهن کي نه رستي جي پڪ هئي ۽ نه ڪيپ آف گڊ هوپ (آفريڪا کنڊ کي هيٺيان ڦيرو ڪرڻ) ٽپڻ جي همت! پورچوگالي واسڪو ڊاگا 1498ع ۾ انڊيا پهچڻ جو رستو ڳولڻ بعد ٻيا يورپي هڻ هڻان ۾ لڳا ۽ انگريزن کي ته سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ ۾ وڌيڪ سئو سال لڳي ويا پر اهو آهي ته عرب ۽ ايراني ته انڊيا ۽ چين صدين کان پئي ويا جو اهي بحر هند جي ڪناري تي ئي رهيا ٿي ۽ اهي هڪ طرف خشڪي وري شاهراهه ريشم ذريعي چين جي اولهه واري علائقي سِنڪيانگ تائين پهچي ويا ٿي ته ٻي طرف هو سامونڊي شاهراهه ريشم ذريعي ٻيڙين جهازن ۾ بنگال، ملايا کان ٿيندا چين جي اوڀر وارن بندرگاهن تائين پهچي ويا ٿي.
بهرحال خشڪي رستي نه رڳو ٻيا يورپي پر مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو به چين ۾ رهي آيو پر يورپي ماڻهن کي چين جي تفصيلي معلومات مارڪو پولو جي سفر بعد ٿي جو هن سفر نامو لکيو. هونءَ ته چين کان موٽندڙن جون زباني ڳالهيون به ڪجهه ماڻهن ٻڌيون ٿي پر مارڪو پولو جي سفر نامي ڇپڻ بعد سفر جون ڳالهيون ملڪ جي گهڻن ماڻهن پڙهيون ۽ کين ٻاهر جي دنيا ڏسڻ جو شوق ٿيو. مارڪو پولو جو سفر نامو انگريزي ۽ يورپ جي ٻين ٻولين ۾ ته بعد ۾ ڇپيو پر سڀ کان پهرين سندس مادري زبان اطالوي (Italian) ۾ ڇپيو. چون ٿا ته آمريڪا کنڊ جو رستو ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس کي به مارڪو پولو جو سفرنامو پڙهي پوءِ ٻاهر نڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪولمبس 1451ع ۾ اٽليءَ ۾ ڄائو هو يعني مارڪو پولو جي وفات کان سوا صدي بعد. سندس مادري ٻولي مارڪو پولو واري اطالوي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو وڏو ٿي نوڪريءَ لاءِ اسپين وڃي رهيو، جتي هن کي جهاز ڏئي سفر تي روانو ڪيو ويو هو. ان ڳالهه ۾ صداقت ٿي سگهي ٿي ته ڪولمبس کي ٻاهر نڪرڻ جو شوق مارڪو پولو جو سفرنامو پڙهي ٿيو. مون کي به ان ڳالهه تي يقين نه اچي ها پر مون ڏٺو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ٻاهر مون کي ڪيترا ماڻهو ملندا آهن جيڪي چوندا آهن ته هنن کي ٻاهر نڪرڻ جو شوق منهنجا سفرناما پڙهي ٿيو. سامونڊي نوڪري ڏي ته اسان جي ماڻهن جو بلڪل رجحان نه هو پر پوءِ مون ڏٺو ته منهنجو اهو مقصد واقعي پورو ٿيو ۽ منهنجا سفرناما پڙهي نوجوانن کي نيوي ۽ مرچنٽ نيويءَ ۾ اچڻ جو شوق ٿيو ۽ تمام گهڻن هن طرف جو رخ رکيو. اڄ ڪلهه اها ٻي ڳالهه آهي ته مرچنٽ نيويءَ جو هاڻ مستقبل نه رهيو آهي ۽ پاڻيءَ جا جهاز ٿورا هجڻ ڪري انهن تي نوڪري ملڻ محال ٿي پئي آهي، پر تڏهن به سفرنامن مان انهن کي ته فائدو رسي ٿو جيڪي تعليم، واپار، گهمڻ ۽ نوڪري وغيره لاءِ ٻاهر وڃن ٿا. هو ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ کان اڳ مختلف ليکڪن جا ان ملڪ بابت سفرناما پڙهن ٿا ۽ انهن کي ان ملڪ ۾ رهڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿئي ٿي. يا اهي نوجوان جيڪي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ گهٻرايا ٿي انهن کي ٻين ملڪن جا سفرناما پڙهي پاڻ ۾ همت ۽ اتساهه ٿئي ٿو.هي سفرناما پڙهي ٻاهر ويندڙن کي ٻاهر رهڻ جي طريقن جي خبر پوي ٿي. ٻاهر ٿيندر ٺڳين کان آگاهي ملي ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي رکن ٿا ۽ غلط حرڪتون ڪرڻ کان پاسو هڪ طرف ڪن ٿا ته ڦورو ۽ ٺڳ ايجنٽن جي ڏسيل غلط راهن کان پاڻ بچائي رکن ٿا.
ڪرسٽافر ڪولمبس مارڪو پولو جي سفرنامي ‘The Travels of Marco Polo’ ۾ لکيل ڳالهين مان متاثر ٿي پاڻ ۾ سفر جو شوق پيدا ڪيو. اهڙي طرح مارڪو پولو کي وري پنهنجي والد ۽ چاچي جون ڳالهيون ٻُڌي، هِنن جي ٻئي سفر ۾ هنن سان گڏ نڪرڻ جو شوق ٿيو. مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو شاهراه ريشم ذريعي تجارت جي سلسلي ۾ چين جو چڪر هڻي هاڻ ڪافي سالن بعد وطن موٽيا هئا. هنن اهو به ٻڌايو هو ته چين ۾ هڪ دفعي هنن جي ملاقات ڪيئان گهراڻي جي شهنشاهه قبلائي خان سان به ٿي هئي. قبلائي خان منگول سلطنت جو پنجون حاڪم (خاقان) هو. منگول حڪومت جو پهريون خان ’چنگيز خان‘ هو جنهن منگول سلطنت جو 1206ع ۾ بنياد رکيو ۽ 1227ع ۾ وفات ڪيائين. قبلائي خان 1260ع ۾ خاقان (حاڪم) ٿيو ۽ 34 سال 1294ع تائين حڪومت ڪيائين جنهن دوران مارڪو پولو جي پيءُ ۽ چاچي جي هن سان ملاقات ٿي. قبلائي خان چنگيز خان جو پوٽو ۽ چنگيز خان جي ننڍي پُٽ تولوئي خان جو پٽ هو. ايران واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته 1221ع ۾ چنگيز خان جي لشڪر ايران جي صوبي خراسان تي حملو ڪيو. اتي نيشاپور جي ماڻهن پنهنجي بچاءُ دوران چنگيز خان جي ناٺيءَ کي قتل ڪري وڌو. ان جو بدلو وٺڻ لاءِ چنگيز خان پنهنجي هن ننڍي پٽ تولوئي خان (قبلائي خان جي پيءُ) کي نيشاپور موڪليو جنهن نيشاپور ۽ مرو (Merv) شهرن جي سڄي آبادي نيست و نابود ڪري ماڻهن جي کوپڙين جو کڻي احرام (Pyramid) ٺاهيو.
قبلائي خان 1271ع ۾ يئان گهراڻي جي سلطنت پنهنجي قبضي ۾ آڻي پاڻ ان جو پهريون شهنشاهه ٿيو. مارڪو پولو پنهنجي سفر نامي ۾ قبلائي خان جي زالن جو به لکي ٿو ته هن کي چار زالون ۽ ڪنيزائن (Concubines) جو لشڪر هو. سندس اولاد ۾ هڪ پُٽ زين جين (Zhenjin) به هو جنهن کي قبلائي خان وليعهد مقرر ڪيو پر اڳواٽ وفات ڪري قبلائي خان زين جين جي پُٽ تيمور خان کي شهنشاهه بڻجڻ لاءِ مقرر ڪيو. مارڪو پولو جي ڏينهن ۾ قبلائي خان ئي چين جو شهنشاهه رهيو. 1294ع ۾ جڏهن مارڪو پولو وطن موٽڻ لاءِ رستي تي هو ته قبلائي خان گذاري ويو ۽ تيمور خان (سندس پوٽو) يئان گهراڻي جو ٻيو شهنشاهه ٿيو. ياد رهي ته هي ’تيمور خان‘ اهو تيمور نه آهي جنهن کي پاڻ ’تيمور لنگ‘ سڏيون ٿا، جنهن جو پٽ شاهه رخ مرزا ايران جو بادشاهه بڻيو ۽ شاهه رخ جي زال گوهر شاد نالي مشهد (ايران) ۾ امام علي رضا جي روضي ڀرسان ’مسجد گوهر شاد‘ آهي ۽ هنن جو پٽ مرزا الغ بيگ حاڪم ٿيڻ تي سلطنت هلائڻ ۾ کڻي ايڏو قابل نه هو پر هن کي دنيا ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ حسابدان (Mathematician) مڃي ٿي. تيمور لنگ 1336ع ۾ اڄ واري ازبڪستان ۾ ڄائو ۽ 1405ع ۾ قزاخستان جي شهر اوترار (فاراب) ۾ وفات ڪيائين. هو سمرقند جي قبرستان گورِ امير ۾ دفن ٿيل آهي. تيمور لنگ يئان سلطنت جي ٻئي شهنشاهه تيمور خان کان 70 سال کن ننڍو هو. تيمور خان 1265ع ۾ ڄائو هو ۽ 1307ع ۾ بيجنگ (Beijng) ۾ وفات ڪيائين، جيڪو يئان گهراڻي جي گاديءَ جو شهر هو. پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته هي شهر قبلائي خان يا تيمور خان جي ڏينهن ۾ خان بالق سڏبو هو. بعد ۾ گهڻو پوءِ هن شهر جو نالو دادو (Dadu) پڻ رکيو ويو. هاڻ بيجنگ آهي ۽ اڄ به هي شهر چين جي گاديءَ جو شهر آهي.