چِين بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون
• اهڙيءَ طرح چين تي به صدين کان شهنشاهي راڄ رهيو ۽ تاريخ جا لکت ۾ ڪِتاب شانگ گهراڻي (1700 ق م) کان آهن جنهن کان اڳ زيا (xia) گهراڻي جي حاڪمن چين تي 2070 ق.م کان 1600 ق.م تائين راڄُ ڪيو ۽ مختلف گهراڻن جي شهنشاهن جي چين تي لڳاتار حڪومت رهي. آخري گهراڻو ’قنگ‘ (Qing Dynasty) هو جنهن 1644ع کان 1911ع تائين راڄُ ڪيو جنهن جو ٻارهون ۽ آخري شهنشاهه پُوئي (Puyi) هو جنهن کي 1908ع ۾، جڏهن هو ٽن سالن جو هيو، ته تخت تي وهاريو ويو هو. هن شهنشاهه پوئيءَ تي ڪيترائي ڪِتاب، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهيل آهن. قنگ حاڪمن جي درٻاري راڄ مان بيزار ٿي ملڪ جي نوجوان آفيسرن، فوجين ۽ شاگرد 1911 ۾ هل هنگامو برپا ڪيو جنهن جي ڪاميابيءَ تي 1912 ۾ نئين حڪومت ٺاهي وئي جنهن جو نالو ’ريپبلڪ آف چائنا‘ رکيو ويو. پهرين آڪٽوبر 1949ع تي مائوزي تنگ انقلاب آڻي نئين ملڪ جو نالو ’پيپلز ريپبلڪ آف چائنا‘ نالو رکيو ۽ شروع جا ڏينهن مائو جي هن ملڪ کي ماڻهو ’ڳاڙهو چين‘ ۽ ’ڪميونسٽ چين‘ به سڏڻ لڳا.
• چين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي.... لڳ ڀڳ آمريڪا (USA) جيڏو. سندس هڪ ڇيڙو پاڪستان جي اتراهين حصي سان لڳي ٿو ته ٻيو اوڀر ۾ هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا سان وڃيو لڳي. هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز ۾ ان ٻئي ڇيڙي يعني ڪئنٽن تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، برما، ٿائلنڊ، ملائيشيا، لائوس ۽ ڪمبوڊيا لتاڙڻو پوي ٿو. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته چين جي هيڏي ساري ملڪ ۾ هاڻ فقط هڪ ٽائيم رکيو ويو آهي نه ته چين ۾ هميشه ائين نه رهيو آهي. قنگ گهراڻي جي خاتمي بعد 1912 ۾ ”ريپبلڪ آف چائنا“ ٿيڻ تي چين کي پنج ٽائيم زون ۾ ورهايو ويو هو جيڪي گرين وچ مين ٽائيم (GMT) کان ساڍا پنج کان ساڍا اٺ رهيو. ياد رهي اسانجي ملڪ جو 5+ (واڌو پنج) آهي يعني لنڊن ۾ جنهن وقت منجند جا 12 ٿين ٿا ته اسان وٽ شامَ جا پنج ٿين ٿا. اهڙي طرح انڊيا ۾ ساڍا پنج ۽ بنگلاديش ۾ ڇهه وڳا. ملائيشيا 8+ (واڌو اٺ) ٽائيم زون ۾ هجڻ ڪري اتي جو وقت انگلنڊ کان 8 ڪلاڪَ ۽ اسان کان 3 ڪلاڪَ اڳتي آهي يعني واڌو آهي. 1949ع ۾ مائوزي تنگ ملڪ ۾ انقلاب آڻي ملڪ جو نالو ”پيپلس ريپبلڪ آف چائنا“ رکيو ۽ سڄي ملڪ جو وقت هڪ ڪري ڇڏيو جيڪو اڃان تائين هلندو اچي. هونءَ ته هڪ ئي ملڪ جو هڪ وقت بهتر آهي جيئن اسان جي ملڪ جو آهي. پر جيڪي وڏا ملڪ آهن. روس ۽ آمريڪا جهڙا انهن کي مجبورن مختلف ٽائيم زون ٺاهڻا پون ٿا. نه ته نيو يارڪ ۾ سج اڀرڻ وقت ٽائيم 7 هوندو ته لاس اينجلس ۾ به اهو ٽائيم هوندو پر اتي سج چئن ڪلاڪن بعد 11 بجي اڀرندو. هي ائين آهي جيئن ملائيشيا، ٿائلنڊ، انڊيا، بنگلاديش، برما وغيره گڏجي اسان چئون ته پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ٽائيم زون ٿا ٺاهيون ۽ سڀني ملڪن ۾ هڪ وقت هوندو پر پوءِ ڇا ٿيندو جو ڪراچي ۾ منجھند جي ماني جي 2 بجي رکيل دعوت لاءِ ملائيشيا جي ماڻهوءَ کي چوڻو پوندو ته بابا تون يارهين بجي پهچي وڃجانءِ. ڇو ته هن وٽ سج 3 ڪلاڪ اڳ ٿو اڀري ۽ وقت هن وٽ اسان واري منجھند جي 2 بجي واري ٽائيم تي شامَ هوندي. اهو ئي مسئلو چين ۾ آهي جِتي ڪئنٽن جا ماڻهو ته پنهنجي شهر ۾ 9 بجي آفيس ۾ پهچي سگهن ٿا پر 3000 ڪلوميٽرن کن پري پاڪستان جي بارڊر واري چيني شهر ڪاشغر جا ماڻهو پنهنجي شهر جي آفيس ۾ 9 بجي ڪيئن ٿا پهچي سگهن جِتي 9 بجي اڃان سج به نٿو اڀري!
• چين جي هر شهر ۾ ڪارخانا ۽ گهرو هنر جا آڏاڻا نظر اچن ٿا جن ۾ گنجيون، رومال، ڀرت جا ڪم، ٿيلها، پرس ۽ ٻيو سامان ٺهندو نظر اچي ٿو. چين جو هڪ شهر وهاڻا ٺاهڻ کان مشهور آهي. هن شهر ۾ ڪو خاص ڪارخانو نه هو. ماڻهن سان روزگار جو مسئلو هو. حڪومت سڄي شهر جي بيروزگارن کي چيو ته بدڪون پاليو. ساڳي وقت ان شهر ۾ وهاڻن جا ڪارخانا لڳرائي انهن چيني ماهرن کي وڏي پگهار تي گهرايو جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي ’پِلو انڊسٽري‘ ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هو ان کان واقف آهن ته بدڪن جي کنڀن کي ڪيئن حاصل ڪجي ۽ انهن کي Process ڪري انهن مان وهاڻا ڪيئن ٺاهجن. دراصل بدڪ جهڙن پاڻي ۾ ترندڙ پکين کي قدرت طرفان جيڪي سَنها پَرَ مليل آهن اهي نرم، هلڪا ۽ گرم ٿين ٿا. اهي پَرَ پکين جي مٿين کنڀن جي هيٺان جسم تي لڳل ٿين ٿا. اڄ چين جا وهاڻا ٺاهڻ جا ڪارخانا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ چين جي هن شهر ۾ جِتي ڪٿي توهان کي مڪاني ماڻهن جون پاليل بدڪون نظر اينديون. هن وقت هن شهر جو نالو ياد نه پيو اچي پر اهڙي طرح چين جو هڪ ٻيو شهر ’داتانگ‘ نالي آهي جيڪو دنيا ۾ جوراب ٺاهڻ کان مشهور آهي ۽ مغرب ۾ هن شهر کي Sock City سڏين ٿا.
داتنگ شهر ۾ جوراب ٺاهڻ جو ڪم 1980ع کان شروع ٿيو ۽ هن شهر بلڪه ڳوٺ جي ان وقت آدمشماري فقط هڪ هزار هئي. اڄ هي ڳوٺ شهر ٿي ويو آهي. جنهن ۾ هڪ لک ماڻهو رهن ٿا ۽ چوڌاري جوراب ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. روزانو دنيا جا واپاري هن شهر ۾ جورابن جا آرڊر ڏيڻ اچن ٿا. سرڪاري انگ اکرن موجب داتانگ ۾ هر سال 8 بلين جورابن جون جوڙيون ٺهن ٿيون، پر ڪنهن ڪنهن سال اهو تعداد ٻيڻو به ٿيو وڃي. سڄي شهر ۾ هڪ هزار کان مٿي ڪارخانا آهن.
• چين ۾ جيڪي رانديون گهڻيون کيڏيون وڃن ٿيون انهن مان ’پنگ پانگ‘ راند هڪ آهي. هيءَ راند چين ۾ نه پر انگلنڊ ۾ ايجاد ٿي، جِتي اها راند ’ٽيبل ٽينس‘ سڏجي ٿي.
• چين ۾ پهرئين نمبر تي هابي (Hobby) پوسٽ جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ آهي.
• چيني ماڻهو موت جي مجلس ۾ ڪارا نه پر اڇا ڪپڙا پائي وڃن. شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳاڙهو رنگ وڌيڪَ بهتر سمجھيو وڃي ٿو.
• چين جي گادي واري شهر جو نالو مختلف دورن ۾ تبديل ٿيندو رهيو آهي، جيئن ته بيجنگ، پيڪنگ يا نجنگ ۽ بائپنگ وغيره. ڪنهن زماني ۾ هن شهر کي دادو پڻ سڏيو ويو ٿي.
• چين جي آدمشماري، دنيا جي ماڻهن لاءِ هميشه حيرت جو سبب رهي آهي. ائين ته ڏٺو وڃي ته چين ملڪ بيحد وڏو آهي ۽ هاڻ ته خوشحال به ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ سرڪار طرفان هر ماءُ کي فقط هڪ ٻار ڄڻڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. نه ته گذريل صديءَ جي اڌ تائين جڏهن چيني پورهيو ڪرڻ بدران چرسي موالي ٿيو ويٺا هئا ۽ هر هڪ جو زور رڳو ٻار ڄڻڻ تي هو... بقول هڪ پوڙهي چينيءَ جي جنهن کان چين جي بندرگاهه سئم ڪانگ ۾ اسان جهاز وارن 1968ع ۾ گهڻن ٻارن ڄڻڻ جو سبب پڇيو هو ته هن ٻڌايو هو ته، ”غريب ۽ سست ماڻهوءَ لاءِ ٻي ڀلا ڪهڙي وندر آهي؟“
مون کي 1960ع وارا ڪاليج جا ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهن اسان شاگردن کي چين جي حيرت انگيز آدمشماري بابت ڪنهن ڪِتاب جي مصنف جو هي جملو ياد هوندو هو ته، ”چين جي ماڻهن کي جيڪڏهن هڪ قطار ۾ ڪنهن Point تان لنگهڻ لاءِ چيو وڃي ته آخري ماڻهوءَ جي گذرڻ کان گهڻو گهڻو اڳ ايترا ٻار پيدا ٿي چڪا هوندا، جو اها قطار کٽڻ جو نالو ئي نه وٺندي...“
بهرحال آدمشماري ته انڊيا ۽ پاڪستان جي به گهٽ ناهي ۽ غربت ۽ بيروزگاري سان گڏ وڃي ٿي ڏينهون ڏينهون وڌندي. جيتوڻيڪ انڊيا لاءِ هاڻ اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو جو گذريل ٻن ڏهائين کان انڊيا بزنيس ۽ ڪامرس ۾، انڊسٽري ۽ ائگريڪلچر ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ هر دفعي انڊيا وڃڻ تي مون کي توڙي ٻين کي به ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو. اهڙي طرح اڄ جي چين ۽ انهن جي ماڻهن جي خوشحالي کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي پر البت حڪومت طرفان هر فئمليءَ کي فقط هڪ ٻار ڄڻڻ جي سختي ڪري، هڪ طرف Infanticide وڌي وئي آهي يعني ابارشن جو رجحان گهڻو آهي، جو هنن کي اهو ڊپ ٿو ٿئي ته سرڪار طرفان معاوضو فقط هڪ ٻار لاءِ ملي ٿو. هڪ کان وڌيڪَ ٻار ٿيڻ تي وظيفو هڪ جو به نه ملندو يعني پهرئين ٻار جو به بند ٿي ويندو. ان کان علاوهGener Imbalance جو به وڏو مسئلو ٿي پيو آهي. ڇو جو هر هڪ اهو سوچي ٿو ته جڏهن ٻار فقط هڪ رکڻو آهي ته ڇو نه پٽ ٻار رکجي ۽ جيئن ئي ماءُ پيءُ کي C.T Scan ذريعي خبر پئي ٿي ته پيٽ ۾ ڌيءَ آهي ته يڪدم ابارشن ڪرائي ٻئي ٻار جو انتظار ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ هن وقت چين ۾ ڇوڪرين جي تعداد کان ساڍا ٽي ڪروڙ ڇوڪرا وڌيڪَ آهن، يعني ايندڙ مستقبل ۾ چين جي لکين ڇوڪرن کي شاديءَ لاءِ ڇوڪريون نه ملي سگهنديون ۽ ڪيترن ڏاهن جو اهو خيال آهي ته اهو مسئلو دنيا جي سڪيورٽي ۽ امن لاءِ پڻ خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.
• جيئن جپان ۾ ڪونج پکي وڏي عمر ۽ سٺي ڀاڳ جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو. تيئن چين ۾ اهو رتبو ۽ مانُ چَمڙي (Bat) کي نصيب آهي. چين ۾ ٺهندڙ چينيءَ جي ٿانون، رومالن، لاڪيٽن، ڪپڙن ۽ ٻين شين تي توهان کي چمڙو نظر ايندو. هڪ چينيءَ کان پڇيم ته، ”توهان جي نظر ۾ چمڙو هڪ اهم پکي ڇو آهي؟“
”اسان جي خيال ۾ ڇو، هر هڪ کي سمجھڻ کپي ته هي اونڌو لٽڪي سمهڻ وارو پکي واحد پکي آهي، جيڪو پنهنجن ٻچن کي انسانن وانگر ٿڃ ٿو پياري.“ ياد رهي ته مادي چمڙن کي ٿڻ ٿين ۽ هو پنهنجن ٻچن کي کير پيارين.
• دنيا ۾ سڀ کان گهڻو سائيڪل جو استعمال چين ۾ آهي. مائوزي تنگ جي ڏينهن ۾ ته چين جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ سائيڪلون ئي نظر اينديون هيون. ورلي ڪا بس يا ڪار نظر آئي ٿي. اڄ جڏهن چين ۾ پئسو اچي ويو آهي ته به ڪيترا چيني سائيڪل تي سواري ڪندي نظر اچن ٿا. ويندي چين جي آخري شهنشاهه ٽنگ گهراڻي جي پوئيءَ (Puyi) پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال بيجنگ شهر ۾ سائيڪل هلائيندي گذاريا. سائيڪل کي چين ۾ 1891 ۾ ٻن آمريڪن متعارف ڪرايو.
• پهرين چيني عورت جنهن کي نوبل پرائيز مليو اها هئي پرلس. ايس. بَڪ، جيڪا 1892 ۾ آمريڪا جي ’مغربي ورجينيا‘ رياست ۾ ڄائي. هن جا والدين آمريڪا جا هئا، جيڪي عيسائيت جي تبليغ لاءِ پرلس جي ڄمڻ کان 12 سال اڳ چين ۾ اچي رهيا. پرلس جي ڄم وقت هو ٽي چار مهينا آمريڪا ويا جنهن بعد پنهنجي ڌيءَ پرلس کي واپس چين وٺي آيا ۽ نانڪنگ شهر جي ڀرسان سنگڪيانگ ڳوٺ ۾ اچي رهيا. پرلس پنهنجي چيني نالي ’سائي زينزو‘ سان سڏي وئي ٿي. 1917 ۾ شادي بعد هوءَ ڪجهه سال هوئائي (Huai) ندي جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ سُوزو ۾ رهڻ بعد نانجنگ شهر ۾ نانڪنگ يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ اچي رهي، جِتي زال مڙس ٻنهي پڙهايو ٿي. پرلس ايس بڪ، نانڪنگ يونيورسٽي کان علاوه گنلنگ ڪاليج ۽ نئشنل سينٽرل يونيورسٽي ۾ پڻ انگريزي پڙهائي. 1935ع ۾ جڏهن هوءَ 43 سالن جي هئي ته هن جي طلاق ٿي. ان بعد ٻي شاديءَ کان پوءِ هن زندگيءَ جا باقي ڏينهن 1973 تائين، آمريڪا ۾ اچي گذاريا.
هِتي پرلس ايس بڪ تي ڪجهه سِٽون ان ڪري لکي ويٺو آهيان، جو هوءَ منهنجي دلپسند ليکڪا آهي. مون هن جا ڪِتاب تڏهن پڙهيا جڏهن آئون مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ شاگرد هوس. سندس ان وقت جو پڙهيل يعني اڄ کان اڌ صديءَ اڳ جو پڙهيل هڪ ناول ’دي گڊ ارٿ‘ اڄ به دماغ ۾ تازو آهي. هُنَ هِنَ ناول ۾ چين جي ڳوٺن (ڳوٺ سوزو سميت) ۽ اتي جي ماڻهن جي غربت ۽ بيوسيءَ جو جيڪو نقشو چٽيو آهي اهو پڙهي مون کي سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن جو حالُ اکين اڳيان آيو ٿي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جڏهن چين جا اهي ڳوٺ ۽ ٻهراڙي يورپ جي سونهن ۽ خوشحاليءَ سان مقابلو ڪن ٿا پر اسان وٽ سنڌ ۾، ايڪهين صديءَ ۾ به اها ئي حالت آهي جيڪا اڄ کان اڌ صدي اڳ هئي بلڪه ان کان به وڌيڪَ ڏکوئيندڙ ٿي وئي آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جا مجبور، ظلمن ۾ دٻيل، بيمارين ۾ ڦاٿل ۽ خوف جي زندگي گذاريندڙ ماڻهو هر وقت پنهنجي وطن ۾ چين جي ’مائوزي تنگ‘، ملائيشيا جي ’مهاتير‘ يا سنگاپور جي ’لي ڪئان يُو‘ جهڙي سياستدان جي پيدا ٿيڻ لاءِ دعائون گهرن ٿا جيڪو اسان جي ڌرتي ۽ ان تي رهڻ وارن جي پڻ قسمت بدلائي سگهي.
پرلس ايس بڪ آمريڪا ۾ به رهي چين تي تمام گهڻو لکيو. سندس ويهارو کن ناول، اٺ ڪهاڻين/افسانن جا ڪِتاب، سورهن کن ٻارن لاءِ ڪِتاب ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه لکيو. جن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز ذريعي چين تمام گهڻو وڃڻ ٿيندو هو يعني ستر واري ڏهي ۾، مون کي ياد آهي ته تڏهن هڪ دفعي اتي جي وزيراعظم زو اين لائي (Zhou-Enlai) هن ليکڪا لاءِ چيو هو ته ”سائي زينزو (پرلس ايس بڪ) چيني ماڻهن جي سچي دوست آهي.“ آمريڪا جي نڪسن جي اها چوڻي به مشهور آهي ته:
“Pearls S. Buck is a bridge between the civilization of East and West”