الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

سنڌ ۽ هند کان اڳ چِين ۾ مسجد ٺهي

چين ۾ بئنڪ جي ڦُر جو احوال لکندي، اهو شهر ڪئنٽن جيڪو هاڻ وري پراڻي نالي گئانگ زو (Guangzhou) جي نالي سان سڏجي ٿو اکين اڳيان ڦِري آيو جنهن سان سامونڊي نوڪري شروع ڪرڻ وارن ڏينهن يعني سٺ واري ڏهي کان ويجھڙائي وارن سالن تائين واسطو رهندو اچي. شروع وارن سالن ۾ جڏهن مائوزي تنگ جيئرو هو ۽ ڏنڊو کڻيو ويٺو هو ان وقت به هن شهر ڪئنٽن جو پنهنجو چارم هو، ان جي پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجو حسن هو ۽ هاڻ جڏهن سڄو چين معاشي توڙي سماجي طرح هڪ وڻندڙ ۽ ماڻهن جو دلپسند ملڪ ٿي پيو آهي ته به ڪئنٽن جو مانُ سڀ کان مٿانهون آهي. دراصل هي شهر ’گئانگ زو‘ جنهن کي آئون بار بار سندس ان نالي ڪئنٽن سان سڏي رهيو آهيان، جيڪو اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مشهور هو ۽ ان تي زبان هري وئي آهي، سنگاپور، سرانديپ (سريلنڪا)، عدن ۽ جبرالٽر جهڙن بندرگاهن وانگر آهي، جنهن جي اهميت سندس جاگرافيائي پوزيشن ڪرَي آهي.
هُونءَ کڻي هن بندرگاهه بابت ڪجهه نه لکان، جو هن سان اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو ايڏو واسطو نه رهيو آهي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪئنٽن بندرگاهه ۾ ايندو هو يا هانگ ڪانگ ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي اسان هانگ ڪانگ جي ريلوي اسٽيشن ڪولون تان ريل ۾ چڙهي، ڪئنٽن جو چڪر هڻڻ ايندا هئاسين ته هن شهر ڪئنٽن (گئانگ زو) ۾ ته ڇا پر سڄي صوبي گئانگ ڊانگ (Guangdong) ۾ اسان کي ڪو هم وطني ورلي نظر ايندو هو. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفارتخاني، PIA يا اسان جي جهازران ڪمپني جو هانگ ڪانگ آفيس کان آيل همراهه ئي ڏسڻ ۾ ايندو هو. پر هاڻ آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو نه رڳو هِتي ڪئنٽن ۾ پر چين جي هر شهر ۾ نظر اچن ٿا جن ۾ وڏو انگ ننڍن وڏن بزنيس ڪرڻ وارن جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي شاگردن جو آهي جيڪي هِتي جي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا. ٿورا گهڻا ٽوئرسٽ به نظر اچن ٿا. ان ڪري هن شهر بابت ڪجهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
هونءَ چين اهڙو ملڪ ناهي جيڪو هڙ مان خرچ ڪري گهمڻ لاءِ اچجي. اسان جي ملڪ جا گهڻا تڻا ماڻهو ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ دبئي جو رُخ رکن ٿا. جيتوڻيڪ سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسانجي ملڪ ۽ ان جي ناڻي جو قدر ايڏو ڪري پيو آهي جو فقط کل جو پڪو ماڻهو، جيڪو جِتي ڪٿي پنهنجي بي عزتي برداشت ڪندو رهي يا هن وٽ حرام جو پئسو هجي يا وري سخت بيوقوف هجي جو گهمڻ لاءِ پنهنجو پئسو ڌارين ملڪن جي مهانگين هوٽلن، کاڌي پيتي ۽ ٽئڪسي ٽرامن جي ڳرن اگهن پٺيان اچي ڦُوڪي. فقط انڊيا ۽ ايران اهڙا ملڪ وڃي بچيا آهن جن ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي هوائي جهاز جي ڳري ڀاڙي کان بچت ٿئي ٿي. رهائش ۽ کاڌي پيتي جا اگهه به گهٽ آهن ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته انهن ملڪن ۾ هر مزاج جي ماڻهوءَ جي ڏسڻ لاءِ هر قسم جي شيءِ آهي. ڪجهه سال اڳ تائين جڏهن اسانجي ملڪ ۽ انڊيا جو رپيو هڪ برابر هو ته گهمڻ لاءِ انڊيا جهڙو ڪو ٻيو ملڪ نه هو. اسان وٽ ڪوڪا ڪولا جو دٻو 30 رپين ۾ مليو ٿي ته انڊيا ۾ 5 رپيا سستو 25 رپين ۾ مليو ٿي، پر هاڻ جڏهن اسان جو رپيو هنن جي 50 پئسن برابر وڃي ٿيو آهي ته اهو 25 رپئي وارو دٻو اسان کي 50 رپين ۾ پوي ٿو. اهڙي طرح ريل گاڏين ۽ ٽئڪسين جا ڀاڙا ۽ ٻين شين لاءِ اسان کي ٻيڻ ڏيڻي پوي ٿي.
چين جو هي شهر ڪئنٽن (پڙهندڙ مون کي معاف ڪن جو بمبئي ۽ بنارس وانگر منهنجي لاءِ اڄ به هي شهر ڪئنٽن نالي وارو آهي) ۽ منهنجو هي مضمون پڙهي توهان مان ڪنهن کي هن شهر ڏي اچڻ جو ارادو ٿئي ته ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻ يا هانگ ڪانگ مان فيري يا ٽرين جي ٽڪيٽ وٺڻ مهل، توهان هن شهر جو نالو گئانگ زو ئي ٻڌائجو ڇو جو ٽڪيٽ ڏيڻ وارو جي ننڍي عمر جو هوندو ته هو منجھي پوندو ته ڪئنٽن ڪهڙي شهر جو نالو آهي. هونءَ جيئن بنارس شهر هاڻي پراڻي نالي ’وراڻاسي‘ سان سڏجي ٿو ۽ ان جو ٽيون نالو ’ڪاشي‘ به آهي، تيئن هن شهر ڪئنٽن جو هڪ ٻيو نالو به عام رهيو آهي اهو آهي ’ڪوانگ چَو‘ (Kwangchow) ۽ قهانخو هن جو عربي نالو آهي جيئن جرمني کي عرب المانيا ٿا سڏين.
هي شهر ڪئنٽن، جنهن جي آدمشُماري ڪراچي کان ٿوري گهٽ ڏيڍ ڪروڙ کن آهي، چين جي بيجنگ ۽ شنگهائي شهرن بعد ٽين نمبر تي آهي. هِتي اهو به لکندو هلان ته 1980ع تائين بيجنگ ’پيڪنگ‘ سڏبو هو. جنگ اخبار جو سابق ايڊيٽر محمود شام انهن ڏينهن ۾ چين آيو هو ۽ پنهنجي سفرنامي جو نالو ’لاڙڪاڻي کان پيڪنگ‘ رکيو هئائين. بهرحال پيڪنگ، بمبئي، سلون، بڙودا جهڙا نالا انگريزن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ پنهنجي سهولت لاءِ رکيا جيڪي سندن وڃڻ بعد مڪاني حڪومتن وري ساڳيا پراڻا ڪيا. هونئن هن شهر جو نالو ڪئنٽن انگريزن نه پر پورچوگالين رکيو، جيڪي پهريان يورپي هئا ۽ پوءِ چين ۾ آيا ۽ هن بندرگاهه تي قبضو ڪيائون.
نيويگيشن (جهازرانيءَ) ۾ پورچوگالي ٻين يورپين کان تيز هئا ان ڪري سنڌ (ٺٽي)، گوا (انڊيا) ڪولمبو (سري لنڪا) توڙي ملايا ۽ چين ۾ پهرين پورچوگالي پهتا. آئون عربن ۽ ايرانين جي ڳالهه نٿو ڪريان. عرب ته نيويگيشن ۾ سڀ کان گهڻا ماهر هئا. آفريڪا، انڊيا توڙي چين ۾ اهي پورچوگالين کان به صديون اڳ پهتا. پورچوگالي 1514 ۾ ڪئنٽن پهتا ۽ 1517 کان هنن هن بندرگاهه کان ٻاهر جي دنيا سان واپار قائم ڪيو. هنن هن ننڍڙي فشنگ ڳوٺ گئانگ زو جو پورچوگالي زبان جو نالو Cantao رکيو. کين پوءِ سگهوئي چينين اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ 1557 ۾ هنن مڪائو ٻيٽ تي پنهنجي ٽريڊنگ پوسٽ ٺاهي. مڪائو ٻيٽ هانگ ڪانگ ٻيٽ کان سڏ پنڌ تي آهي، ان جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پورچوگالي پڙهائي وڃي ٿي. چين ۾ ڊچ سؤ سالن بعد پهتا ۽ ان بعد انگريز.
جيئن اسان وٽ زميني ’سِلڪ روٽ‘ مشهور آهي جنهن ذريعي ترڪ ۽ عرب ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا کان ٿيندا چين پهتا ٿي. تيئن سامونڊي ريشم روٽ (Maritime Silk Route) پڻ مشهور ۽ آڳاٽي آهي جنهن جو هڪ پاسو گئانگ زو بندرگاهه هو جِتان جهاز ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن مان ٿيندا انڊيا پهتا ٿي، پوءِ ايران ۽ عرب ملڪن مان ٿيندا آفريڪا جي بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيا ٿي. عرب ته هنن پَٽَن تي نه فقط سمنڊ رستي پر باءِ روڊ به پهتا ٿي. محمد بن قاسم پنهنجن جن جهازن جي ڦر جو بدلو سنڌ جي حاڪمن کان وٺڻ آيو، اهي جهاز نه فقط ڪولمبو (سلون) کان آيا ۽ اوڏانهن ويا ٿي پر انهن ئي ڏينهن ۾ اهي ٻيڙا منزلون لتاڙي ملاڪا جي ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) مان لنگهي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن جي بندرگاهن تي ترسندا، ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ پڻ آيا ٿي ۽ اڳيان بورنيو ٻيٽ ۽ هاڻوڪي ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جي ننڍن ننڍن بندرگاهن مان ٿيندي چين جي هن بندرگاهه گئانگ زو (ڪئنٽن) ۾ اچي لنگر ڪيرايائون ٿي.... هي حضور صلعم جن جي ڏينهن جي ڳالهه آهي، نبوت ۽ هجرت بعد ڪجهه عربن جن اسلام قبول ڪيو، تن گئانگ زو ۾ اڳ جي رهائش پذير عربن سان اچي اسلام جي ڳالهه ڪئي ته اهي به مسلمان ٿيا. تن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جو سفر ڪندڙ وڻجارا ـــ خلاصي، ناکئا، سوداگر عورتن بنا سفر ڪندا هئا. گئانگ زو ۾ به جيڪي عرب Settle ٿيندا ويا انهن مڪاني چيني عورتن سان شادي ڪئي جن جو اولاد نه فقط عربي کان علاوه چيني ڳالهائيندو هو پر اهي عرب جيڪي ايندا ويندا رهيا ٿي اهي رستي جون ٻوليون هندي ۽ ملئي به ڳالهائي سگهيا ٿي. انهن اسلام بابت گئانگ زو ۾ اچي، پنهنجن عربن ۽ انهن جي چيني زالن ۽ ٻارن کي ٻڌايو ته پنهنجي وطن جي سرزمين تي هڪ امين، نيڪ ۽ صادق انسان پيدا ٿيو آهي جيڪو الله جا ڏسيل احڪام ٻڌائي ٿو. ان بعد چين ۾ رهندڙ ڪيترن عربن ۽ مڪاني ماڻهن اسلام قبول ڪيو.
ڪئنٽن شهر جي وچ علائقي ۾ ’گئانگ تا‘ روڊ جي بس اسٽاپ وٽ ۽ Ximen Kou سب وي اسٽيشن کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي) جيڪا ’هُئائي شينگ‘ مسجد آهي اها هِتي جي رهواسي عربن ۽ چيني مسلمانن 627 ۾ ٺهرائي جڏهن چين تي ٽئنگ (Tang) گهراڻي جي حڪومت هئي. هيءَ مسجد حضور صلعم جن جي ياد ۾ ٺاهي وئي ان ڪري هن مسجد کي ان وقت جا هي گئانگ زو جا رهاڪو ’هئائي شينگ‘ مسجد سڏڻ لڳا. جن چيني لفظن جي معنيٰ آهي ’ڀلاري کي ياد ڪريو‘ (Remember the Sage). هونءَ به چين جي ڪيترن مسجدن جا نالا ان نموني جا آهن: ڀلي پاڪ جي مسجد، سچي دين جو عبادت گهر، وغيره. توهان کان هن شهر ۾ هن مسجد جو هي چيني نالو ’هُئائي شينگ‘ وسري وڃي ته توهان ٽئڪسي ڊرائيور يا مڪاني ماڻهن کان ’لائيٽ هائوس مسجد‘ جو پڇي سگهو ٿا. هن مسجد ٺهڻ بعد هن جو جيڪو هڪڙو منارو ٺاهيو ويو ان ۾ لالٽين (هاڻي اليڪٽرڪ بلب) ۽ آرسيون لڳايون ويون جيئن ڀر ۾ لنگهندڙ پرل ندي ۽ سمنڊ تي هلندڙ ٻيڙين کي هن شهر ڳولڻ لاءِ هي منارو لائيٽ هائوس جو ڪم ڏئي سگهي. ان کان علاوه هن ٽاور (مينار) لاءِ مشهور آهي ته ناکئا لنگر کڻڻ کان اڳ هن مينار جي چوٽي تي چڙهي موسم جو اندازو لڳائيندا هئا.
هن مسجد جي ڊيزائين ان دور ’ٽئنگ سلطنت‘ جي عمارتسازي سان تعلق رکي ٿي جيئن ملائيشيا جي ملاڪا شهر جون آڳاٽيون مسجدون چيني مندرن ۽ گجراتي گهرن جهڙيون آهن. پر هن مسجد جو هي اڪيلو منارو عرب آرڪيٽيڪٽ سان تعلق رکي ٿو. هيءَ مسجد ساڍا ٽي هزار والن تي آهي ۽ چين جي چئن اهم مسجدن مان هڪ آهي. باقي ٽي مسجدون هن ريت آهن: هانگ زو شهر واري مسجد جيڪا پهريون دفعو 1275 ۾ ٺهي. ايستائين عربن جو چين ۾ تعداد ايترو ته وڌي ويو هو جو هن مسجد جي ضرورت پئي. هي عرب گهڻي ڀاڱي سوداگر ۽ ٻيڙا هلائيندڙ ناکئا هئا. انهن ڏينهن ۾ سمورا جهاز سڙهن تي هليا ٿي. نه ڪوئلو نه ئي تيل ايجاد ٿيو هو ۽ نه وري ڪا انجڻ، جو اسان جهڙا مئرين انجنيئر به ان وقت جي جهازن تي هجن. تن ڏينهن به سمورا جهازي (جهاز هلائيندڙ) نيويگيٽر هئا يعني هنن جو ناٽيڪل برانچ سان واسطو هو. سمنڊ تي چنڊ تارن ذريعي رستو ڳولڻ، هوائن ۽ ڇولين جو رخ ڏسي ان مُطابق سڙهن کي سيٽ ڪرڻ، سامان کي جهازن جي گدامن ۾ صحيح طرح ڀرڻ جيئن سڄي جهاز جي stability بهتر رهي ۽ جهاز لڏڻ جي باوجود ٻڏي نه.... اهي هئا ڪم ان وقت جي Navigators جا. ان سان گڏ هو سُٺا بزنيس مين به هئا جو واپار وڙو به اهي ئي ڪندا هئا. هو سٺا هاري، واڍا، لوهار ۽ رازا پڻ هوندا هئا جو هنن کي ڪڏهن ڪڏهن ڌارئين ڏيهه ۾ هوا جي بدلجڻ جي انتظار ۾ ڇهه ڇهه مهينا انتظار ڪرڻو پوندو هو جيڪو وقت هو زمين تي پوک ۽ ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪري چار پئسا ڪمائيندا هئا. اهو ئي وقت هوندو هو جنهن ۾ هنن جون مڪاني ماين سان نظرون چار ٿي ويون ٿي ۽ واپس وطن ورڻ کان پڙ ڪڍي هميشه لاءِ انهن ڌارين ملڪن ۾ ئي رهي پيا ٿي.
هيءَ مسجد 1275ع ۾ پهريون دفعو ٺهڻ بعد منگ گهراڻي جي حڪومت ۾ ٻه دفعا وري ٺهي ۽ پهرين کان بهتر بنائي وئي. هِتي اهو به لکندو هلان ته هن مسجد جي عمارت جي شڪل ڪونج جهڙي هجڻ ڪري انگريزي ڳالهائڻ وارن ۾ هيءَ مسجد ’ڪرين ماسق‘ جي نالي سان وڌيڪَ مشهور آهي. مسجد ۾ داخل ٿيڻ وارو هنڌ ڪونج جي چهنب ۽ منهن جهڙو آهي. پاسن کان ٺهيل پراڻي زماني جا ٻه کوهه ڪونج جون اکيون لڳن ٿيون. کاٻي پاسي وارو ورانڊو سندس ڳچي لڳي ٿو ۽ نماز وارو هال ڪونج جي باڊي آهي ۽ اتر ۽ ڏکڻ وارا هال هِنَ جا پَرَ لڳن ٿا. مڪاني ماڻهو هن مسجد کي ’مسجد لِبائي‘ به سڏين ٿا. مسجد ۾ لڳل صنوبر ۽ بلڪواري (Ginkgo) جي وڻن لاءِ مڪاني ماڻهو ٻڌائين ٿا ته 800 سال پراڻا آهن.... يعني هيءَ مسجد جڏهن ٺهي هئي تڏهن پوکيا ويا هئا. هيءَ مسجد ’يانگ زو‘ شهر جي ’نان مين‘ اسٽريٽ تي آهي. هن شهر ۾ مسلمانن جو تعداد 4000 کن آهي. جمعي نماز تي 50 کن نظر اچن ٿا.
چين جي ٽين مشهور مسجد هانگ زو شهر ۾ ’زهانگ شان‘ روڊ تي ’فينگ هئانگ‘ نالي آهي، جيڪا انگريزي ۾ Phoenix مسجد به سڏجي ٿي. چوٿين مسجد فجيان صوبي جي شهر ’ڪئان زو‘ ۾ قنگ جنگ (Qingjing) نالي آهي. هيءَ مسجد ’تُو مين‘ اسٽريٽ تي آهي ۽ بلڪل عرب اسٽائيل جي آهي. چون ٿا ته هيءَ مسجد دمشق (شام) جي هڪ مسجد جي هوبهو ڪاپي آهي ۽ سن 1009 ۾ ٺهي. جڏهن بغداد ۾ عباسي خليفي القادر (1031 ــ 991) جي حڪومت هئي ۽ هوڏانهن اسپين ۾ اميه گهراڻي جي خليفي محمد دوم بعد سليمان خليفو ٿيو هو.
بهرحال انهن مشهور ۽ آڳاٽين مسجدن ۾ ڪئنٽن واري ’هوئي شينگ‘ مسجد جيڪا 627 ۾ ٺهي سڀ ۾ پُراڻي آهي. هونءَ ته سنڌ کي باب الاسلام سڏيو وڃي ٿو، جو ننڍي کنڊ ۾ اسلام پهرين سنڌ ۾ آيو پر پنهنجي هندستان واري سفرنامي ’بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾‘ ڪيرالا جي هڪ شهر ’ڪوڊ غلور‘ جي هڪ مسجد ’چيرامن پيرومل جامع مسجد‘ جو تفصيلي احوال لکي چڪو آهيان ته اُها مسجد ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد آهي، جيڪا پاڻ ڪريم صلعم جي ڏينهن ۾ سن 629 ۾ ٺهي. حضور صلعم جن تي وحي 611 ۾ نازل ٿيو. مڪي کان مديني سن 622 ۾ هجرت ٿي. سال 630 ۾ مڪو فتح ٿيو ۽ ان کان سال اڳ 629 ۾ خيبر جي جنگ لڳي. هي اهو سال آهي جنهن ۾ انڊيا ۾ ’چيرامن پيرومل‘ مسجد ٺهي. ان کان 82 سال پوءِ سن 711 ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ تي عربت جي حڪومت ٿي. ۽ هيڏانهن ڪئنٽن شهر جي هن مسجد ’هئائي شينگ‘ کي ٿو ڏسجي ته اها هن انڊيا واري مسجد کان به 2 سال اڳ 627 ۾ ٺهي. هي اهو سال آهي جنهن ۾ حضرت امام حسن رضه جن جنم ورتو يعني بدر جي جنگ جيڪا 624 ۾ لڳي ان کان 3 سال کن پوءِ. انهن ڏينهن ۾ ايران جو بادشاهه ’اردشير سوم‘ تخت تي ويٺو هو ۽ سنڌ ۾ ٻُڌ بادشاهه ’راءِ سهارس دوم‘ جي حڪومت هئي جنهن بعد ’راءِ سهاسي دوم‘ تخت تي ويٺو جنهن جي زال ’سهندي‘ جو هندو برهمڻ ڪلارڪ ڇوڪري ’چچ‘ سان عشق ۽ پوءِ شادي ٿي وئي ۽ 643 کان 671 تائين هو سنڌ جو حاڪم ٿي ويٺو جنهن بعد 9 سال کن سندس ڀاءُ چندر ۽ پوءِ 679 ۾ چچ جو پٽ ’راجا ڏاهر‘ تخت تي ويٺو، جنهن تي 711 ۾ محمد بن قاسم حملو ڪيو ۽ مارجي ويو.
ڪئنٽن (گئانگ زو) شهر ۾ جيڪڏهن ڪو ٽوئرسٽ هن مسجد جي ويجھو رهڻ چاهي ته هن لاءِ هي هوٽلون هڪ ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ فاصلي تي آهن:
• هوٽل لئنڊ مارڪ ـــ قيائو گئانگ روڊ تي.
• هوٽل ڪئنٽن ـــ بيجنگ روڊ تي
• بائو هينيا هوٽل ـــ جائي فانگ روڊ تي.
هنن هوٽلن جي هڪ ڏينهن جي مسواڙ اٽڪل 4 کان 5 هزار رپين تائين آهي. بهرحال هي اگهه تن ڏينهن جا آهن جڏهن آمريڪن ڊالر اسان جي 60 رپين برابر هو، جيڪو هاڻ 100 تي وڃي پهتو آهي.