الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

مارڪو پولو جو قبلائي خان وٽ پهچڻ

1271ع ۾ جڏهن مارڪو پولو پنهنجي پيءُ ۽ چاچي سان گڏ چين جي سفر تي نڪتو ته ان وقت هن جي عمر 17 سال هئي. هو پنهنجي ڳوٺ وينس کان پاڻيءَ جي جهاز ذريعي يروشلم ڏي نڪتا. پاڻيءَ جو جهاز معنيٰ اڄ جهڙو ڪو وڏو لوهي پئسينجر يا ڪروزو جهاز نه پر ڪاٺ جي سڙهن واري وڏي ٻيڙي سمجهڻ کپي. ان ۾ سفر ڪرڻ ڇا ته تڪليف وارو ٿئي ٿو جڏهن اڄ جا ماڊرن، آفت جيڏا، لوهَي ۽ ڪَل تي هلندڙ جهاز به سمنڊ جي بگڙڻ تي رت ٿا رئاڙين ۽ طوفانن ۽ وڏين ڇولين ۾ اهي ڇوڏي وانگر لڳن ٿا۽ ڪڏهن هيڏانهن پيا اُڇلجن ته ڪڏهن هوڏانهن. اهڙي حالت ۾ اڄ کان ساڍا ست سئو سال اڳ جنهن ڪاٺ جي سڙهن واري جهاز ۾ مارڪو پولو وارن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هفتو ٻه کن سفر ڪيو هوندو اهو ڪو مزيدار نٿا چئي سگهون. انهن ڏينهن ۾ مائٽن مٽن دوستن يارن کان موڪلائي، بخشي بخشرائي سفر ڪرڻو پوندو هو. وينس (اٽلي) کان ايران باءِ روڊ به پهچي سگهجي ٿو- ترڪي مان ٿيندو. پر انهن ڏينهن ۾ خشڪيءَ جو سفر به ته ڪو سولو نه هو، ڦُرون لٽون، گرمي سردي، جهنگل جبل اُڪرڻ، پيدل پنڌ -توڙي اُٺ يا گڏهه تي ڏينهن رات سواري، جهنگلي جانورن ۽ وبائن جو خوف، هڪ وڏو ائڊوينچر هوندو هو. جنهن ۾ انسان موت جي ويجهو رهيو ٿي. مارڪو پولو وارا جهاز رستي وينس کان عڪا (Akka)بندر گاهه پهتا. هي هڪ آڳاٽو شهر آهي جيڪو اڄ جي اسرائيل ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ هن علائقي جو هي مشهور بندرگاهه هو جيڪو Acre جي نالي به سڏجي ٿو. اتي ٻه ٽي مهنا رهي پوءِ خشڪي رستي ساڳيو ترڪي ۽ پوءِ ايران مان ٿيندي شاهراهه ريشم ذريعي چين پهتا. انهن ڏينهن ۾ چين ڪئٿي (Cathy) سڏبو هو، جنهن نالي سان ’ڪئٿي ايئر لائين‘ آهي. هو ايران بعد هندوڪش جبلن وٽان ٽپندا، سمرقند، بخارا وٽان ٿيندا، تاجڪستان وٽان پامير جبل (سلسله ڪوه پامير) ٽپندا ڪاشغر، خوتان، لان رهو، شوزهو ۽ ننگزيا مان ٿيندا شانگدو (Shangdu) پهتا، جتي قبلائي خان رهيو ٿي. سفر جي اڻانگائي جو ان مان اندازو لڳايو ته سانگدو پهچندي پهچندي مارڪو پولو 21 سالن جو ٿي ويو جيڪو جڏهن گهران، يعني وينس مان نڪتو هو ته 17 سالن جو هو.
چين جو صوبو سِنڪيانگ جيڪو مغرب کان ايندڙ قافلن کي پهرين ٿو پوي ان جي وڏي ۽ مرڪزي شهر ڪاشغر ۾ پهچڻ بعد اڳتي چين يا مغولستان داخلي يعني اندروني منگوليا ۾ پهچڻ لاءِ تاڪلا مڪان (Taklamakan) نالي هڪ وڏو بيابان (ريگستان) لتاڙڻو پوي ٿو. چين ۾ ٻه رڻ پٽ (صحرائون) مشهور آهن. هڪ هيءَ تاڪلامڪان ڊيزرٽ (ريگستان) ٻيو ان جي ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ ان کان به وڏو ريگستان گوبي (Gobi) آهي.
مارڪو پولو وارا ٽئي همراهه ايران ۽ تاجڪستان پهچي پامير جبل لتاڙي ڪاشغر پهتا، ان بعد تاڪلامڪان رڻ پٽ مان ٿيندا دُن هئانگ (Dunhuang) شهر پهتا، جتي هي سال کن رهي پيا. هي شهر اڄ جي گانسو صوبي ۾ آهي جنهن جي گاديءَ جو شهر لان زهو آهي. دون هوانگ شهر شاهراهه ريشم تي هجڻ ڪري واپار وڙي جو وڏو مرڪز هو. هن شهر مان چين جي مختلف علائقن ڏي رستا ڦٽيا ٿي. انڊيا پاسي کان ٻوڌي ٻاوا به پهرين هن شهر ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ هتي سندن ڪيترائي تاريخي ٻُڌ عبادت گهر آهن. 1227ع ۾ قبلائي خان جي منگول لشڪر هن شهر دون هوانگ کي تاراج ڪري ڇڏيو پر پوءِ قبلائي خان پنهنجي دور ِ حڪومت ۾ هن کي ٺاهيو ۽ پنهنجي سلطنت جو اهم حصو بنايو. هونءَ اڄ جي هن چيني صوبي گانسو (Gansu) ۾ دون هوانگ شهر کان علاوه ٻيا مشهور شهر آهن: لان زهو (گادي وارو شهر) Xiahee (شهرستان شياهه) زهانگي (Zhangye) جيڪو شهر ڪان چو (Kanchow) به سڏجي ٿو ۽ شاهراهه ريشم تي هجڻ ڪري واپار جو مرڪز هو. چون ٿا ته قبلائي خان هن شهر جي هڪ مندر ’دافو مندر‘ ۾ ڄائو هو. اڄ ڪلهه هن ۾ گوتم ٻُڌ جو ڪاٺ مان ٺهيل هڪ تمام وڏو مجسمو رکيل آهي. چين جي هن صوبي گان سُو (Gansu) ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا ڪافي شاگرد نظر اچن ٿا جو هنن لاءِ چين جو هي حصو ويجهو آهي ۽ لان زهو يونيورسٽي، نارٿ ويسٽ يونيورسٽي، گانسو زرعي يونيورسٽي، لان زهو سٽي يونيورسٽي جهڙن تعليمي ادارن ۾ يورپ جي ملڪن کان گهٽ خرچ اچي ٿو.
بهرحال مارڪو پولو ورا وڏو سفر طئي ڪري نيٺ شانگدو- جيڪو زانادو (xanadu) به سڏيو وڃي ٿو، اتي پهتا. جيئن انگريزن انڊيا تي حڪومت ڪرڻ دوران اونهاري ۾ گاديءَ جو شهر شمله ٺاهيو هو تيئن هنن منگولن پنهنجو Summer Capital شانگدو شهر ۾ ٺاهيو هو جتي هنن جا وڏا محل ۽ درٻار هئي. بعد ۾ قبلائي خان پنهنجو تختگاهه زانگدو (Zhongdu) شهر ۾ شفٽ ڪيو جنهن جو نالو رکيائون ’خان بالق‘ جيڪو هاڻ بيجنگ سڏجي ٿو ۽ اڄ به چين جي گاديءَ جو شهر آهي.
مارڪو پولو شانگدو ۾ 1275ع ۾ آيو هو ۽ هن پنهنجي سفرنامي ۾ هن شهر جي اسپيلنگ Ciandu لکي آهي. سئو سال بعد، 1369ع ۾ هي شهر چين جي منگ گهراڻي جي فوج تباهه ڪري ڇڏيو. اڄ ان جو اهو اڳيون اوج نه رهيو آهي. بهرحال قبلائي خان، مارڪو پولو سان ملي بيحد متاثر ٿيو ۽ هن جي اخلاق ۽ ذهانت کي ڏسي کيس انڊيا ۽ برما لاءِ سفير مقرر ڪيو ته هو ڪمن ڪارين ۽ نياپن لاءِ اوڏانهن ويندو رهي. نه فقط انڊيا ۽ برما پر سفارتي ڪمن لاءِ هن کي ڏکڻ اوڀر ايشيا (اڄ جي انڊونيشيا، سري لنڪا ۽ ويٽنام) به وڃڻو پيو ٿي. ٻاهرن ملڪن مان ٿي مارڪو پولو قبلائي خان کي اتي جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون ٿي ته اتي ڇا وهي واپري رهيو آهي، ڇا رسم و رواج ۽ کاڌا پيتا آهن. قبلائي خان نوجوان مارڪو پولو کان ڏورانهن ڏيهن جون خبرون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ٿي. قبلائي خان جي نوڪري مطابق، مارڪو پولو کي نه فقط ڀر وارن ملڪن ڏي وڃڻو پيو ٿي پر چين جي به هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪرڻو پيو ٿي. سفارتڪار هجڻ جي ناتي هن کي چين گهمڻ جو سٺو موقعو مليو. مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پنهنجو پراڻو ڌنڌو- واپار ڪندا رهيا. ان ڪري انهن کي ڪو ايترو گهمڻ جو موقعو نٿي مليو جيترو مارڪو پولو کي. ان گهمڻ ڦرڻ جو تفصيلي احوال مارڪو پولو جي سفرنامي مان ملي ٿو ته هڪ يورپي باشندي جي حيثيت ۾ هن کي مشرق جي دنيا، خاص ڪري چين ڪيئن لڳو. ظاهر آهي انهن ڳالهين سندس ملڪ (اٽلي) جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن مان ڪيترن کي ٻاهر نڪرڻ جي همت ۽ ٻاهر جي دنيا سان واپار ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ نه ريڊيو، ٽيليويزن هئي نه ولايت کان ايندڙ اخبار، ان ڪري ماڻهن کي مارڪو پولو جون ڳالهيون پڙهڻ ۾ وڏو مزو اچڻ لڳو. منهنجي خيال ۾ هي ائين هو جيئن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ڪيل سامونڊي سفرن جي احوال نوجوانن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي. انهن ڏينهن ۾- بلڪه گذريل صديءَ جي آخر تائين نه هئي انٽرنيٽ ۽ نه گوگل ۽ وڪيپيڊيا جو تيز بندوبست سو پڙهندڙ منهنجي لاس پاماس، ڪنري ٻيٽن، برمودا، ڪيوبا، ڪئناڊا، جپان ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن جو احوال ۽ اتي ڪئين سالن کان رهندڙ اسان جي سنڌي واپارين جون ڳالهيون پڙهي محظوظ ٿيا ٿي.