الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

اظھار: سفرنامن جو بااسڪوپ

هڪ حيرت انگيز مُسوِدو ملاحظه ڪريو.
شروعات ۾ اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو، ته ’امرتا ڇاپ گهر‘ کي مليل ادا الطاف شيخ جي مُسوِدن جي هڪ ٻئي پويان ڇپائي، پذيرائيءَ جو هڪ الڳ مثال پيش ڪيو آهي. هُنن پنهنجين محبتن جا وَڙَ اسان جي مٿان اظهاريا آهن ۽ ’زنجبار جهنگٻار‘، ’نڪري ويا ناکُئا‘ ۽ هاڻي ’چِين ڪيو بي چَين‘ امرتا سَٿَ لاءِ ڪنهن بي بها تحفي کان گهٽ ناهن.
مئي 2021ع کان فيبروري 2022ع تائين جي ڏهن مهينن اندر ڪنهن اداري کي ادا الطاف شيخ جهڙي ليکڪن جا لڳاتار ٽي مُسوِدا ملڻ سَرهائيءَ جي نشاني آهي. اسين هن ڊوڙ ۾ الڳ ۽ اڪيلا ڊوڙندڙ آهيون. اسان جو ڪنهن سان به ڪو مقابلو ڪونهي. ’امرتا جو مقابلو صرف امرتا سان آهي.‘ اهو لوگو کڻي اسين هر نئين پروجيڪٽ جي شروعات ڪندا آهيون. ان گهٽ عرصي ۾ اسان جي پاران ڇپيل ۽ ادا الطاف شيخ پاران ڏنل هنن ٽنهي مُسوِدن ڪمال ڪيو آهي. ’زنجبار جهنگٻار‘ ۽ ’نڪري ويا ناکُئا‘ جيڪا محبت ماڻي آهي، دل جو حُضور چوي ٿو ته هي ڪتاب به، محبتن جي موٽ ۾ پوئتي ڪونه رهندو. اها به عجيب ڳالهه آهي جو وڏن وڏن اشاعتي ادارن ’امرتا‘ پاران ادا الطاف شيخ جي ڪتابن ڇپجڻ تي ورهين کان وساريل، پاڻ وٽ رکيل مُسوِدا ياد ڪيا ۽ اُهي ڪتابَ به خيرن سان پڙهندڙن وٽ پهتا آهن.
انهن ڏهن مهينن جي سفر ۾. مان محمود مغل، ذاتي طور ان حوالي کان به ڀاڳوند آهيان جو محترم ادا الطاف شيخ جي ٻن ڪتابن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهان. ’چِين ڪيو بي چَين‘ هٿ ۾ کڻندئو ته احساس ٿيندوَ ته سفرنامي لکڻ جي هن سفر ۾ اڌ صدي، ادا الطاف جي ڀاڪُر ۾ ڀريل آهي. هاڻي ايڏي وڏي ليکڪ بابت اظهارِ خيال ڄڻ ته چنڊ کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. سندن حُڪم آهي، جنهن پٽاندڙ، هي فقير، ٻيو ڀيرو سندن ڪنهن تحرير تي لکڻ جي جرئت ڪري رهيو آهي.
مان جيئن جيئن ادا الطاف جي مُسوِدن کي پڙهندو وڃان پيو، تيئن تيئن حيرت ان ننڍي ٻار جيان ڀاڪُر ۾ ڀري رهي آهي، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ اکين تي بااسڪوپ جو ڪارو چشمو چاڙهي، بدلجندڙ شٽرن سان، نوَن نوَن منظرن کي ڏسي حيران ٿيندو هو. زمانو ڪيڏي به ترقي ڇو نه ڪري ويو هجي، لکڻ جي هي هُنر پڙهڻ واري کي حيران ڪرڻ جي پوري طاقت رکي ٿو. هي سفرناما رڳو سفرناما ناهن، پر ماڳن مڪانن، ريتن روايتن ۽ حسب نسب، شجرن، خاندانن ۽ سندن خانداني پير ڀرڻ، هنن سفرنامن کي ’تحقيقي‘ ۽ ’تاريخي‘ بڻائي ٿو. هڪ ننڍڙو مثال عرض ڪرڻ چاهيان ٿو. چيپٽر آهي ’مڇين جي شڪار جا نرالا طريقا‘ صفحو نمبر 58:
برازيل جي ڏاکڻي حصي واري رياست ’سئنٽا ڪيترينا‘ جي بندرگاهن: اتاجائي، جئائن ويلي ۽ سائويوزي (Sao Jose) وٽان لنگهندي لاگونا (Laguna) واري سامونڊي علائقي ۾ ڪناري وٽ ڊولفن ۽ مهاڻا گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هي ڊولفنون پنهنجي مهانڊي ڪري ’Bottle Nose‘ ڊولفن سڏجن ٿيون، جيڪي مهاڻن کي هن تر جي Mullet نالي مقامي ننڍين مڇين کي ڦاسائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. جيئن ئي مليٽ مڇين جو ڌڻ آسپاس کان لنگهڻ شروع ٿئي ٿو ته ڊولفنون هن کي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ کان بچائي انطرف ڏي ڌِڪين ٿيون، جنهن طرف مهاڻا بيٺا آهن يا جنهن طرف هنن ڄاريون لڳايون آهن. ان سان گڏ هو پاڻيءَ مٿان پنهنجو مٿو ۽ پڇ هڻي پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل ڪن ٿيون ته جيئن مهاڻا سمجھي وڃن ته شڪار هنن ڏي اچي پيو- يڪدم ڄاريون هيٺ ڇڏيو، جيئن انهن ۾ لڳي هي Mullet مڇيون (جن کي سنڌيءَ ۾ بوئي مڇيون ۽ اڙدو ۾ شاهه موبي يا شاهه مڇيون سڏين) ڄار ۾ سوگھيون ٿي سگهن.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ڪم سندن ابن ڏاڏن کان هلي رهيو آهي نه فقط کين پر سائنسدانن کي به ان ڳالهه تي حيرت آهي. ”اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن تر جون ڊالفن مڇيون اسان مهاڻن کي ننڍيون مڇيون ڦاسائڻ ۾ ڇو ٿيون مدد ڪن. سندن ان رهنمائي ۽ سهڪار ڪري اسان جو ڪم آسان ٿيو پوي.“
سنتا ڪئترينا رياست جي مهاڻن ٻڌايو ته، بايولاجسٽ سائنسدانن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه آهي ته هنن مڇين (Dolphins) کي جيڪي هونءَ کڻي ڪيترائي ڪم سولائيءَ سان سکيو وڃن، پر هي ڪم ته هنن کي ڪنهن به نه سيکاريو آهي ۽ جهڙي طرح مهاڻن جي نئين ٽهيءَ وارا پنهنجن ابن ڏاڏن کان ڊولفن جا اشارا سکن ٿا، تيئن ڊولفن مڇين جا ٻچا پنهنجين مائرن کي ڏسي سکن ٿا ته بوئي مڇين (Mullet) جو ڌڻ نظر اچڻ تي انهن کي مهاڻن ڏي ڌڪڻو آهي ۽ ان بعد مهاڻن اڳيان ليٿڙيون پائي يا ڪنڌ ۽ پڇ ڌوڻي آگاهه ڪرڻو آهي ته شڪار توهان جي اڳيان پهچي ويو آهي پنهنجيون ڄاريون تاڻيو.
سائنسدانن اهو ضرور نوٽ ڪيو آهي ته برازيل جي هن علائقي لاگونا (Laguna) ۾ جيڪي ڏيڍ سؤ کن ڊولفن رهن ٿيون، انهن مان فقط پنجاهه کن هن ڪم ۾ مهاڻن جي مدد ڪن ٿيون باقي پاسيريون ٿيو وڃن ۽ ڪا دلچسپي نٿيون وٺن. هي پنجاهه کن ڊولفن جيڪي مهاڻن لاءِ رڍن جي سنڀال ڪندڙ ڪتن وارو ڪم ڪن ٿيون، اهي ڄاريءَ مان مڇيون ڪڍڻ تائين هنن مهاڻڻ جي آسپاس ڦرنديون رهن ٿيون. جيڪي مڇيون ڄاريءَ مان پاڻ مرادو ڇڏايو وڃن اهي هنن ڊولفنن جو کاڄ ٿين ٿيون. ان ڳالهه تي غور ڪرڻ وارن جو اهو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ مهاڻا پنهنجن هٿن سان ڊولفن کي مڇيون نٿا کارائين، پر هي سسٽم ائين سڪون سان هلندو اچي. شايد هي ڊولفن سمجھن ٿيون ته سندن لاءِ شڪار جو اهو ئي طريقو آهي. بهرحال ٻئي ڌريون خوش آهن خاص ڪري مهاڻا جن لاءِ هن حصي جي ميرانجھڙي پاڻيءَ ۾ مڇيون ڦاسائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هي ڊولفن ئي آهن، جيڪي مڇين کي پري کان ئي ڏسيو وٺن ۽ اهڙي پوزيشن ٺاهي کين ڌڪين ٿيون جو هو سڌو اچيو مهاڻن جي ڄارين ۾ ڦاسن. پنجاهه کن سالن کان ته آئون به ٻڌندو اچان. چون ٿاته هي ڪم سؤ سالن کان به مٿي کان هلندو اچي ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڊولفن ۽ مهاڻن جي گڏيل ڪوآپريشن دنيا جي فقط هن ملڪ برازيل جي هن رياست سئنتا ڪئترينا جي لاگونا واري علائقي ۾ ٿي آهي. مڇين مارڻ جا اڄ ڪلهه نوان طريقا ۽ اوزار به نڪري پيا آهن، پر لاگونا جا هي مهاڻا اهي ابن ڏاڏن وارا روايتي نمونا استعمال ڪندا اچن.
هاڻي رڳو اهو هڪڙو حصو پڙهي ڏسندئو ته اندازو ٿيندوَ ته تاريخ، جاگرافي ۽ وقت ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان سهيڙيو ويو آهي.
هي ڪتاب، اڌ صديءَ جي هڪ اهم ياد آهي، جنهن جا ٻه ٻيا اهم رُخ به آهن، ٺيڪ پنجاهه سال پهرين ادا الطاف شيخ جي ڪتاب جو مُهاڳ لکيو هو سائين عبدالجبار جوڻيجي صاحب، جنهن کي عبدالجبار ’شام‘ سڏيو ويندو هو. بدين ۾ آسودهءِ خاڪ پروفيسر ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وجود ۾ يگانو هو، جنهن خاموشيءَ ۽ نمرتا سان هن پنهنجي شعبي جي خدمت ڪئي ۽ سنڌي شعبي کي اڳيان کڻي آيو، اها ڪوشش به پنهنجو مَٽ پاڻ رهي. دورِ جديد جي هن مُسوِدي کي ڏسندي، اها به خوشي حاصل ٿئي پئي ته نئين نسل تائين اسان جي ماضيءَ جو ايڏو اهم حوالو، هڪ ڀيرو وري پهچي رهيو آهي. ٻي اهم ڳالهه هن ڪتاب جي ارپنا آهي، جيڪا منهنجي ڪلاس فيلو ڀاءُ شاهد پرويز ميمڻ جي والده صاحبه کي خراجِ عقيدت جي پيشڪاري آهي. امان سانئڻ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي ۽ يقينن پنهنجي دور جو هڪ مائل اسٽون ۽ جاڳرتا ۽ خدمتن جي حوالي کان هڪ مٿاهين پد تي بيٺل وجود هئي. ڪتاب جي شروعات ۾ اهي ٻئي نالا، ياد جو قد وڌائين ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي، ادا الطاف، ايترو گهڻو ڪيئن لکي ٿو؟ اهي سڀ حوالا ڪٿان ٿو آڻي ۽ سندس ذاتي حياتيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جو شيڊيول الاءِ ڪيئن آهي؟ ڳالهه ٺلهي ڪونهي، وزندار آهي ۽ پنهنجو وزن محسوس ڪرائي ٿي. هن ڪتاب تي لکڻ کان بهتر مون اهو ئي سمجهيو ته مان اوسي پاسي نهاريان ۽ پنهنجي سينئر کان، لکڻ جو لاڀُ حاصل ڪريان. سچي ڳالهه ته اها آهي ته مان الاءِ ڇو ’بزاز‘ جو لفظ گهڻو ڪَتب آڻيندو آهيان. هي اُهي گهورڙيا هوندا هيا، جيڪي گهر گهر ڪپڙو کڻي ايندا هئا ۽ ساڻن هڪ لوهي گز گڏ هوندو هيو، جنهن کي ’وال‘ سڏيو ويندو هو. اهو هڪ لحاظ کان ڪپڙي جو ماپو هوندو هو... پوءِ گهر جي اڱڻ تي تاڪيَن جا تاڪيا کُلندا هئا، وٺڻ وارو چونڊ ڪپڙو ان وال سان ماپي، ڪٽيو ويندو هو. ڪپڙن جا رنگَ، بَرَ ۽ ڇُهاءُ حيران ڪندڙ هوندا هئا. هڪ ننڍڙي جسارت ڪريان ٿو. الاءِ ڇو مون کي لڳندو آ ته ادا الطاف شيخ اُهو ساڳيو بزاز آهي، جيڪو اسان جي مَنَ اندر جي آڳر تي پنهنجي سفرنامن جا تاڪيا کوليندو آهي، جنهن جو ماپ جو وال صرف هُن وٽ ئي آهي. اها به سندس مهر آهي جو ايڏن اهم تجربن جي رنگن، يادگيرين جي بَرَ ۽ سدابهار تحرير جو ڇُهاءُ اسان کي ڏيئي وڃن ٿا، جيڪو احسان يقينن وسارڻ جهڙو ڪونهي.
ڪريم ربُّ جلشانه کين دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنهنجو محتاج رکي - آمين.
اسين دليَئون، سندن اهم تحريرن تي، سفرنامن جي هن بااسڪوپ تي سندس شاڪر آهيون.

محمود مغل
آچر 6 فيبروري 2022ع
امرتا ڇاپ گهر
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور،
باسم چيمبرس، حيدر چوڪ
گاڏي کاتو – حيدرآباد