پڙهيل ڳڙهيل ڌاڙيل وڌيڪ فائدي ۾ رهي ٿو
اها چوري چين جي ڏاکڻي صوبي ’گئانگ دانگ‘ جي مشهور شهر ’گئانگ زو‘ ۾ ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ جڏهن مائوزي تنگ جيئرو هو ۽ اسين پاڻيءَ جا جهاز هلائي، هن بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ’ڪئنٽن‘ هو... ڪي ماڻهو هن کي ’ڪوانگ چو‘ به سڏيندا هئا. دنيا جو مشهور بندرگاهه هانگ ڪانگ به ڪئنٽن جي ويجھو آهي ۽ مون پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي ’وايون وڻجارن جون‘ ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ کان فيريءَ ذريعي ڪولون پهچي، اتي جي ريلوي اسٽيشن تان ريل ۾ سفر ڪرڻ جو احوال پڻ لکيو آهي. جيڪا ٽرين اڄ به ڪولون کان ڪئنٽن يعني گئانگ زو رواني ٿئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين تي مائوزي تنگ جو اهڙو ڏنڊو هو، جو ڪو ننڍي پئماني جي چوريءَ جو به سوچي نٿي سگهيو. سڄو شهر ڇا، سڄي ملڪ چين جا ماڻهو بلو رنگ جا ڪپڙا پائي، پورهئي ۾ مشغول رهيا ٿي ۽ مجال آهي جو ڪو عيش آرام جي زندگي گذاري، پر هاڻ چين ۾ ڪافي آزادي اچي وئي آهي ۽ پئسي ڏوڪڙ توڙي فيشن جي خيال کان ڪافي اڳڀرو نڪري ويو آهي. ائين چوڻ ته چين ۾ ڪا ٺڳي يا چوري چڪاري نٿي ٿئي، بلڪل غلط ٿيندو. سچ ته اهو آهي ته هي شهر گوانگ زو هڪ بيحد بدنام شهر ٿي پيو آهي، جنهن جي ڪرائيم ريٽ چين جي ٻين شهرن کان تمام گهڻي ۽ مٿاهين آهي. هونءَ هي شهر، جنهن لاءِ منهنجي زبان تي هر وقت ان جو پراڻو نالو ’ڪئنٽن‘ پيو اچي. هڪ سهڻو ۽ تاريخي شهر پڻ آهي، جنهن جو هن وقت ذڪر ٿيڻ تي منهنجي دل ان ۾ گهاريل ڏينهن ۽ سفر جو احوال لکڻ چاهي ٿي، پر اهو ٻئي مضمون ۾ کڻي ڪنداسين. هِتي فقط هن شهر جي هڪ بئنڪ ۾ ٿيل ڦُر جي ڳالهه ٿا ڪريون، جيڪا ڪيترن ڏينهن کان جِتي ڪٿي ماڻهن جي زبان تي آهي ۽ هر ملڪ جا ماڻهو هن ڦر جي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي سياست ۽ معيشيت جي تناظر ۾ ڏسي رهيا آهن. هر ڪو پنهنجي اداري جي ڪارين رڍن جو به ذڪر ڪندو رهي ٿو ۽ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار آهي ۽ ڪهڙو ڪهڙو ماڻهو هڪ ڏوهه جي عمل کي پنهنجي فائدي جي لاءِ ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ ڪري رهيو آهي. ان بابت ٽيڪا ٽپڻي هلي رهي آهي. خبر نه آهي ته بئنڪ جي هيءَ چوري واقعي چين جي هن شهر گئانگ زو ۾ ٿي يا ڪهاڻي ٺاهيندڙ هن ڳالهه کي هن شهر سان کڻي ڳنڍيو آهي، جيئن اسان وٽ ڪيتريون ٺڳيءَ جون ڳالهيون دهليءَ سان ڳنڍيون وڃن ٿيون... پر خير ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ننڍيون وڏيون چوريون، ڌاڙا، ڦرون ۽ ٻيا ڏوهه چين جي هن شهر ۾ ايترا ته ٿين ٿا، جو ٻه چار سال اڳ هن شهر جي ميونسپالٽيءَ جي ڊئريڪٽر نيويارڪ شهر جي بهتر حالت ڏسي، پنهنجي شهر لاءِ روئڻ رنو هو ته:
“Robberies are still a big public security problem in Guangzhou”.
گذريل سال جي رپورٽ موجب هن شهر جي گهرن ۾ گهڙي چوريون ڪرڻ جي وارداتن جو انگ پڻ وڌيل ٻڌايو وڃي ٿو ۽ مڪاني ماڻهو هڪ قسم جي خوف جي زندگي گذارين ٿا، پر بقول اسان جي هڪ چيني دوست جي جيڪو ملائيشيا جو رهواسي آهي، ان قسم جي وارداتن مان دنيا جا ماڻهو چينين جي پيچيدي دماغ جو نه رڳو اندازو لڳائي سگهن ٿا، پر سبق پڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن واردات جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ٻه ڌاڙيل گئانگ زو شهر جي هڪ بئنڪ ۾ ڦر ڪن ٿا. وڏي عمر وارو ڌاڙيل جيڪو ليڊر هو فقط چار درجا پڙهيل هو ۽ ننڍي عمر واري ڇوڪراٽ MBA هو.
جيئن ئي هي ٻه ڌاڙيل بئنڪ ۾ داخل ٿيا ته ليڊر رڙ ڪري سڀني کي چيو: ”خبردار جو ڪو به پنهنجي جاءِ تان وڌيو آهي. اتي جو اتي فرش تي اونڌا ٿي ليٽي پئو. بئنڪ ۾ رکيل پئسو رياست جو آهي، پر زندگي توهان جي پنهنجي آهي.“
بئنڪ ۾ موجود هر ماڻهو، مرد توڙي عورتون هراس ۽ خوف ۾ اچي ويا ۽ زمين تي ليٽي پيا. ڪنهن ٻڙڪ نه ڪڇيو. هيءَ ڪهاڻي لکڻ وارو چوي ٿو ته ان رد عمل کي سوچ جي تبديلي سڏجي ٿو ۽ عام سوچ کان مختلف سوچڻ جو اهو ئي طريقو آهي.
هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت زمين تي ليٽڻ بدران ٽيبل تي واهيات نموني سان ليٽي پئي. ڌاڙيلن کي سندس اهڙي پوزيشن ۾ ليٽڻ پسند نه آيو. نوجوان ڌاڙيل کيس دڙڪو ڏيندي چيو: ”محترمه! مهرباني ڪري فضيلت اختيار ڪر. هيءَ بئنڪ آهي ڪا هوٽل ناهي. اسان هِتي پئسو لٽڻ آيا آهيون ۽ نه ڪنهن جي عزت.“
ڪهاڻي نويس جو چوڻ آهي ته ان کي ’پروفيشنلزم‘ سڏجي ٿو يعني فقط ان مقصد ڏي پنهنجو ڌيان ڌريو ۽ نظر رکو جنهن مقصد لاءِ توهان آيا آهيو.
ڌاڙيل ڪاميابيءَ سان بئنڪ جي ڦر ڪري گهر پهتا ته ننڍي عمر واري MBA پڙهيل ڌاڙيل نوٽن جي بندين تي هٿ ڦيري ٻي کي چيو: ”چاچا! اچو ته نوٽ ڳڻيون ته اسان ڪيڏي ڦر ڪئي آهي.“
چار جماعتون پڙهيل، وڏي عمر واري تجربيڪار ڌاڙيل هن جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو. ”هن وقت ٿڪل آهيون. نوٽ ڳڻڻ جي في الحال محنت نه ڪر. ان کي پوءِ آرام سان ڏسنداسين. هونءَ به شام تائين ريڊيو ۽ ٽي وي تان بريڪنگ نيوز اچي ويندي ته بئنڪ مان ڪيتري ناڻي جي ڦر ٿي آهي.“
ڪهاڻيڪار چوي ٿو ته ان کي ’تجربو‘ چئجي ٿو ۽ اڄ ڪلهه ڪاغذي ڊگرين کان وڌيڪَ تجربو ڪَم اَچي ٿو.
هوڏانهن بئنڪ ڦرجڻ ۽ ڌاڙيلن جي وڃڻ بعد بئنڪ مئنيجر پنهنجي سپروائيزر کي چيو ته، ”اسان کي جھٽ پٽ پوليس کي اطلاع ڪرڻو پوندو.“ سپروائيزر وڏو سياڻو ماڻهو هو، تنهن پنهنجي صاحب کي چيو: ”باس! ٿورو صبر ڪريو. اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ڊالر پاڻ لاءِ به ڪڍڻ کپن ۽ ان سان گڏ 70 لک ڊالر ٻيا شامل ڪرڻ کپن جيڪي توهان ۽ مون گذريل سال ٻن ۾ غبن ڪيا آهن.“
ڪهاڻيڪار چوي ٿو ته ان کي چئبو آهي ’موقعي کي هٿن مان وڃائڻ نه کپي.‘ ۽ خراب ڳالهه کي به پنهنجي فائدي ۾ موڙي ڇڏڻ کپي.
مئنيجر خوشيءَ مان کڳيون هڻندي سپروائيزر کي چيو ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي. ڪيڏو ته سٺو ٿئي جو هن قسم جو ڌاڙو پنهنجي بئنڪ ۾ هر مهيني لڳندو رهي. ان سان پنهنجي بوريت به ختم ٿيندي ۽ پنهنجي خوشي ۽ دولت ۾ به واڌارو ٿيندو رهندو.“
شامَ ڌاري ۽ ٻئي ڏينهن تائين ٽي وي جي هر چئنل تان بئنڪ جي ان ڦر بابت خبر ايندي رهي ته ٻه ڌاڙيل اسلح جي زور تي هڪ ڪروڙ ڊالرن (يعني سؤ لک ڊالرن) جي ڦر ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ڌاڙيل اهو ٻڌي پهرين ته ڏاڍو خوش ٿيا ته وڏي رقم سندن هٿ چڙهي وئي. هڪ ٻئي کي مُبارڪون ڏنائون ۽ پوءِ آرام سان ويهي پئسا ڳڻيائون ته اهي ته فقط ويهه لک ڊالر نڪتا. ٻنهي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
”هيءَ ڇا ته حرامپائي ٿي آهي!“ پوڙهي گهٽ پڙهيل ڌاڙيل چيو ”اسان پنهنجي جان جي بازي لڳائي هيڏو وڏو رسڪ کنيو ۽ هن مئنيجر بنا ڪنهن محنت جي چپٽي وڄائي اسان کان چئوڻو مال ٺاهي ورتو. ائين ٿو لڳي ته پڙهيل لکيل ڌاڙيل وڌيڪَ فائدي ۾ رهن ٿا.“
ڪهاڻي نويس ٻڌائي ٿو ته ان مان اهو ثابت ٿيو ته، ’علم سونَ کان وڌيڪَ قيمتي آهي.‘
بئنڪ جي مئنيجر مرڪندي پنهنجي پراڻي چوري ۽ اهي نقصان جيڪي هن جي بي ايماني ۽ غلط فيصلن ڪري بئنڪ کي رسيا، اهي سڀ ڪَور ڪَري ورتا. ڪهاڻي نويس لکي ٿو ته ان کي چئبو آهي. ’موقعي مان فائدو وٺڻ‘ ۽ پڙهندڙ کان پڇي ٿو ته اهي جن پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي 20 لک ڊالر حاصل ڪيا، ڪامياب ڌاڙيل چئبا يا بئنڪ وارا جن ويٺي ويٺي 80 لک ڊالر هضم ڪري ورتا ۽ جن تي ڪنهن آڱر به نه کنئي.
هيءَ ڪهاڻي فيس بڪ تي ڏيڻ بعد ڪيترن ئي ملڪن جي واقفڪارن ان تي پنهنجي پنهنجي نوعيت ۽ سوچَ جا تبصرا ڪيا آهن. ڪنهن هن ڪهاڻي کي هانگ ڪانگ جي چيني دڪاندارن سان مشابهت ڏني آهي ته منهنجي هڪ مصري دوست پنهنجي شهر قاهره جي ٽئڪسي ڊرائيورن سان. هڪ پاڪستان جي ڪالم نِگار لکيو آهي ته جيڪا گذريل پنج سال حڪومت هئي اها انهن ماڻهن جي هئي جيڪي بئنڪ ۾ اوچتو گهڙي آيا ۽ پنهنجو ڪَم ڪَري هليا ويا ۽ هاڻ جيڪا حڪومت آئي آهي، اها ان بئنڪ مئنيجر ۽ سپروائيزر وانگر آهي جن صورت حال سان پڄڻ لاءِ علم جو استعمال ڪيو آهي. تجربو ان شيءِ جو نالو آهي.
سنڌ جي دوستن مان ڪيترن ان situation کي يعني انَ ڌاڙي جي ڀيٽ سنڌ يونيورسٽي، واپڊا کاتي ۽ تعليم کاتي سان به ڪئي آهي.