پنهنجي پاران: چِين پنجاهه سال پهرين ۽ پوءِ
اڄ 50 سال گذرڻ بعد جڏهن چين تي تازو لکيل ڪتاب ڇپرائي رهيو آهيان ته ان پراڻي سفرنامي جو هڪ ٻه مضمون، جيڪو اعتراض جوڳو ناهي، اهو به هن ۾ شامل ڪري رهيو آهيان ۽ هن سفرنامي جو نالو ۽ پيش لفظ اهي ئي ساڳيا ڏئي رهيو آهيان، جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر سائين عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکيا.
هڪ ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ چين سان اسان جي ملڪ جي دوستي ضرور هئي ۽ هڪ ٻئي سان واپار وڙو هليو ٿي، پر اسان جي عام ماڻهوءَ جي چين ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽوئرزم نه برابر هئي. ڪو گهمڻ لاءِ به چين نٿي ويو. مائوزي تنگ جو راڄ هو. اسان جو جهاز چين جي جنهن به بندرگاهه ۾ ويو ٿي عوام بلو ڊريس ۾ پورهئي ۾ مشغول نظر آئي ٿي. جهاز وارا به چين جي بندرگاهه جو ٻڌي شڪل ٺاهيندا هئا. پر هاڻ ٽيهارو سالن کان چين جپان جو ڏيک ڏئي ٿو. اسان جي ملڪ جا ماڻهو نه فقط سياحت لاءِ چين وڃن ٿا پر واپار وڙي ۽ تعليم لاءِ به وڃن ٿا. اڄ کان 50 سال اڳ مون ته سوچيو به نه هو ته اسان جي هالا، سڪرنڊ ۽ دادو جهڙن شهرن جا ڇوڪرا توڻي ڇوڪريون چين جي مختلف شهرن ۾ تعليم حاصل ڪنديون ۽ چين ۾ مقامي يونيورسٽين کان علاوه يورپ ۽ آمريڪا جي تعليمي ادارن جون به هتي شاخون کلي پونديون. ان کان علاوه چين جي آفريڪا توڙي ايشيا جي ملڪن ۾ involvement ۾ پڻ وڌي وئي آهي ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ ’سي پيڪ‘ جهڙا وڏا پروجيڪٽ ٺاهڻ ڪري اسان جي هن سان وڌيڪ گهرائي ٿي پئي آهي.
اسان جا اڄ جا نوجوان توڙي والدين چين بابت گهڻي کان گهڻي معلومات چاهي ٿا. منهنجي خيال ۾ اسان جا نوجوان جيڪي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد چين ۾ ئي نوڪري ڪري رهيا آهن، انهن کي کپي ته هو پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا لکن جيئن پڙهندڙن جي رهنمائي ٿي سگهي.
الطاف شيخ
20 نومبر 2020ع